سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    اڙي سائين اوهان سمهون ٿا ته پوء ديون واري ننڊ ٿا ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري اوهان کي اٿارڻ مناسب ڪونه سمجهيو۔ ٻيو ته گاڏيء ۾ اسان ٽي ڄڻا هئاسون چوٿون سائين نثار کي کڻڻو ۽ سائينء جو سامان به هو، تنهنڪري اوهان کي اٿارڻ مناسب ڪونه سمجهيو۔ باقي سائين نثار سان اوهان جو ڪچهريون ته هاڻي روز پيون ٿين۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نثار ابڙو جن کي پنهنجي سنڌ ڌرتيء تي واپس ورڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪافي ڏينهن کان سندن ديدار لاء دل ۾ اتساهه هئي اميد ته هن ڀيري ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو ايڊوانس ۾ سائين جن کي عيد جون به مبارڪون هجن جو سڀاڻي کان اسان جي به ڳوٺ تياري آهي ۽ اتي انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ سبب سنڌ سلامت جي ساٿين سان ملاقات نه ٿي سگهندي ان ڪري وري ورڻ تائين الله حافظ۔پاڻ جيڪڏهن هن طرف سفر ڪن ته کين کي هن عاجز جي ايڊوانس ۾ دعوت پڻ عرض آهي۔
     
  3. dr:abdulqayyum al-sindi

    dr:abdulqayyum al-sindi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    ادا الله جي امان
    شل ورندين خير سان
    پنهنجو خيال ڪجان
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نثار ابڙو صاحب کي اسان دل جي ًگهرائين سان پنهنجي اصلي ماڳ تي مّختصر ٻن ميهنن لائ آچڻ تي ڀليڪار ٿا چئون ۔ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائين جن هن محبتي اڳڻ جا روح روان آهن ۔آنهن کان سواء هيئي محفل اڪيلي اڪيلي محسوس ٿيندي آهي۔اسان کي به نثار صاحب سان ملڻ جو اشتياق آهي ۔آنشاالله موقعي جو فائدو وٺي ملاقات ڪبي۔آلله سائين شل نثار صاحب جو مّختصر دورو خير خيريت سان پورو ڪري ۽ انهن کي پنهنجي امن ۽ حفاّظت ۾ رکي۔ (ڇا ڪاڻ ڪراچي جون حالتون ايتريون سٺيون نه آهن جو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهي)۔آمين
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نثار ابڙو صاحب جن کي اسان سنڌ پنھنجي ماڳ اچڻ تي دل جي گھرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔
    سليمان سائين جن جا به ٿورا جو سائين جن جو تازو درشن ڪرايائون۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين محترم ڊاڪٽر صاحب، اوهانجا لک لائق جو تمام سهڻي دعا جي نوازش ڪئي اٿوَ ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي به پنهنجي امان ۾ رکي، هون ته مڪي جي عبادتن جو جواب ناهي پر پنهنجن ديس واسين سان، مٽن مائٽن ۽ پرين پيارن سان ڀاڪرين پئي عيد مبارڪ ڏيڻ جو چس ئي پنهنجو آهي، انڪري آ ان ڏينهن جو ائين انتظار ڪندو آهيان جئين سمنڊ جو سپيون ابر جي آسري ۾ آسمان ڏانهن منهن ڪري انتظار ۾ هونديون آهن۔

    انشاء الله هن دفعي اچبو ته اوهانجي ديدار جو شرف ملندو،

    لک ٿورا

    .....................................

    محترم دوست، غلام مصطفى ميمڻ صاحب، لک ٿورا ڀليڪار جا ۽ اوهانجي قربن جا ڳڻي ڳڻبا ڪيترا ۔۔۔ ڪجهه دوستن سان ملڻ جو مونکي به تمام گهڻو اشتياق آهي، جنهن ۾ خاص ڪري اوهان سان ملڻ جي تمنا ته تمام گهڻي آهي ۔۔۔ انشاء الله سڀني دوستن سان واري واري ملاقات جو شرف نصيب ٿيندو، دلي ۽ روحاني ملاقاتون ته ٿيل ئي آهن بس سامهون ٿيون ته ڪي ڀاڪر پائي عقيدت جو اظهار ڪجي ۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادي رشيد ۽ سليمان کي عرض ڪيو اٿم ته عيد گذري ته هڪ عيد پارٽي رکجي سنگت جي ” سنڌ سلامت عيد گڏجاڻي“ جنهن ۾ سڀني دوستن کي نينڍ ڏجي ۔۔۔

    انشاء الله خئيرن جي عيد گذري ته ان گڏجاڻي جو انتظام ٿئي ۔۔۔

    رب العالمين اوهان سڀني دوستن کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ عيد جون حقيقي خوشيون عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين ! اوهان کي مڪي جي پاڪ سرزمين کان ٻي پاڪ سرزمين سنڌ تي پهچڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔۔ مست اوهان جي ڀليڪار ۾ دير ڪئي۔۔ جيترو اوهان جي سرزمين تي واپسي لاءِ سڪندا رهيا آهيو اوترو وري اسان اوهان جي ديدار لاءِ سڪندا رهيا آهيون۔۔ مولا ڪندو ته هن چڪر اوهان سان ملاقات ضرور ٿيندي۔۔۔۔ وڌيڪ رب کي پارت آهي۔ ڪراچي جا حالات اهڙا آهن جو هن چڪر هڪ ٻه انٽرويوز تي ئي مائٽن نه ڇڏيو هو۔۔۔۔​
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نثار ابڙو کي اڄ وري ڀنل اکين سان مرڪندي ڀليڪار ڪيو آهي۔ سائين اڄ شام ساڍي ڇهين وڳي واپس سنڌ ڌرتي تي قدم رکيا آهن۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سائين نثار ۽ مان اهو پروگرام طئي ڪيو هو ته هو جيئن ئي سعدي عرب کان ڪراچي ايئرپورٽ ايندا ته سڌا سائين شمشيرالحيدري جي طبيعت پڇڻ هلنداسين ۽ پوء سچل ڳوٺ پنهنجي گهر اينداسين پر الله کي ڪجهه ٻيو منظور هو،

    اسان کين ڀليڪار ڪيون ٿا۔

    [​IMG]
    اڄ شام ساڍي ستين وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي سائين نثار ابڙو سان ورتل تصوير​

    [​IMG]
    اڄ شام ساڍي ستين وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي سائين نثار ابڙو۽ عبدالحفيظ لغاري​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين سليمان صاحب مالڪ جي مرٍضي آڏو انسان بي بس آهي

    مان سائين کي سنڌ پهچڻ تي ڀليڪار ٿو چوان
    اسان سنڌ سلامت فورم جا ميمبر ۽ انتظاميه سائين سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهي

    الله سائين کي صبر عطا ڪري

    آمين


    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. نادر عباسي

    نادر عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    224
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سيلزمين ڪمپيوٽر ڪمپني
    ماڳ:
    دبئي
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ارادو هيو ته سائين کي ايئر پورٽ تي وڃي ويلڪم چئبو پر نه اچي سگهيس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار ابڙو کي پنهنجي ڌرتي اچڻ تي ڀليڪار چئي ٿو۔
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    افسوس جو 2 ڪلاڪ اڳ مون کي ايئرپورٽ ڇڏيندي هڪ ضروري ڪم جي ڪري واپس ٿيڻو پيو ۽ وري ڪوشش ڪري به ٻيهر اچي نه سگهيس...
    مان ڪو چهري شناس نه آهيان پر سائين نثار جي تصوير ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ پهچندي ئي کين سنڌ جا سمورا سور ياد اچي ويا ۽ سڀ کان وڏو درد جيڪو سنڌ ڌرتي کي ڇهندي ئي کين شدت سان محسوس ٿيو سو هو سائين شمشير الحيدري جن جو وڇوڙو ... اهو ئي سبب آهي جو سائين نثار ابڙو جي احساسن جي ابتڙ ادا سليمان وساڻ جي چهري مان ٻهڪندڙ خوشي جي احساسن کي ڀانپندي سائين نثار پنهنجي دردن کي وسارڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر صرف سليمان کي ڀاڪر پائڻ تائين محدود رهيو ... سندن ڪيفيت کي محسوس ڪندي ... اسان سندن دردن ۾ مڪمل شريڪ آهيون... رب پاڪ کين صبر عطا فرمائي...
     
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڀلي ڪري آيا ، مانواري سائين نثار ابڙي صاحب جن کي وطن ورڻ تي ڀليڪار !
     
  14. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    سائين نثار صاحب کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريان ٿو هو ٺيڪ هڪ سال کان پو واپس آيو آهي جنهن تي اسان کي خوشي ٿئي ٿي ته سال به سال دوستن جي حُب ۾ سنڌ اچڻ سائين جن سونهي ٿو ڇو جو سال جي سڪ ۾ محبت وڌندي آهي گهٽبي نه آهي باقي سليمان وساڻ کي اهو چوندو هلان ته سچل ڳوٺ هجي يا لطيف جي نگري هجي اتي به سائين نثار صاحب جون دوستن ملندڙ تصويرون هجن جيڪي دل ۾ سڪون ۽ يادون پيدا ڪنديون۔
     
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    آيا اڱڻ عجيب مون نصيب ڀلا
    اهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان


    منهنجا سهڻا سپرين سنڌ جي نقشي جهڙا سهڻا نقش رکندڙ من مهڻا سائين نهايت پاٻوهه ۽ سڪ منجهان ڀٽائي جي هن ڀلاري ڀون ۾ پير رکڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو، اميد ته سنڌ ڌرتي جي هوائن سان توهان جو وجود مهڪي اٿيو هوندو، ڏسو ته سهي سنڌ جي سڳنڌ اڳ ئي مو طر هئي ويتر توهان جي اچڻ جي اعلان کان پو جهومڻ لڳي آهي ته اهي مور موٽي آيا جن لا سنڌ جو هوائون منتظر هيون ته من اهي محب اچن ته ميلا ٿين ۽ هوائون جهومي پون۔ سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    واھ واھ! وري مور وريا پنھنجي ڌرتي ڏانھن، سائين نثار ڀلي دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊُ ۾ ھجي پر ڪڏھن لڳندو ئي نه آھي ته سائين ڪو اسان کان پري آ، ھر وقت سنڌ ۽ سنڌيت جي خوشبو سان سرشار سائين ھميشه سنڌ ۾ ئي محسوس ڪندو آھيان، جلد ئي سائين جن جو ديدار نصيب ڪنداسين۔
     
  17. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    نثار ابڙو کي سنڌ ڌرتي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔
    سليمان وساڻ ۽ نثار ابڙو جون گڏيل تصويرون تمام بهترين آيون آهن۔ ٻئي خوشي سان مهکي رهيا آهن۔
    الله پاڪ توهان کي هميشه ائين خوش ۽ آباد رکي
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ سلامت جي سرموڙ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي چاهت رکندڙ هن جوان کي اسان سڀ سنڌ سلامت جا ميمبر دل جي گهرائين سان سنڌ جي سرزمين تي پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔
    توڙي جو هن ڀيري سائين جن سان قسمت ڊرامائي انداز ۾ پيش آئي آهي، هڪ طرف سائين شمشير الحيدريءَ جو وڇوڙو ٻئي طرف سائين شمشير الحيدريءَ جي گهرواريءَ جي ناساز طبيعت جي ڪري اڃان مٿن ڏک جا ڪڪر هلڪا نه ٿيا آهن
    پر۔۔۔۔۔۔
    ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي۔۔۔
    بيشڪ ڏک انسان جي فطرت ۾ شامل آهن، انسان مضبوط تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڏک ڏسندو آهي۔۔۔۔
     
  19. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثارابڙو صاحب اسلام عليڪم۔توهان کي ديس مختصر ٽائيم لاء واپس ورڻ تي اسان به بليڪار چوان ٿا۔ هون ته هميشه ديس اوهان جي اچڻ جي وقت خوشين سان ٽمٽار هوندو آهي پر هن دفعي هڪ بهترين انسان (سائين شمشير الحيدري) جي وڇوڙي جي ڪري توهان کي هي ديس پويئن طريقي سان خوشين وارو ڀليڪيار ته نه چئي سگهندو پر توهان سان وچن ڪندو ته هن ڏک ؤ رانج واري ڪفيت ۾ اوهان سان پل پل گڏ آهي۔ اسان هميشه اوهان لاء دعاگو آهيون ته اوهان جي چپن جي مرڪ ڪڏهن به ميري نه ٿئي ۔الله پاڪ اوهان کي اها غيبي طاقت عطا فرمائي جو هن ڏک و رنج واري ڪفيت مان آساني سان گذري سگهو۔ آمين۔
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    دوستو! سنڌ ڌرتيءَ کان جدا ٿي پنهنجي حالت ائين آهي جيئن ڪو ننڍڙو ٻار ماءُ کان جدا ٿي ويو هجي، ڀلا جيڪا ڌرتي ايتري سهڻي ۽ جنهن ۾ سليمان وساڻ، رشيد سمون ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جهڙا هزارين دوست رهندا هجن ان ڌرتيءَ کان جدا ٿيندي ڪهڙو بدنصيب خوش رهي سگهي ٿو ... انڪري جڏهن ڌرتيءَ تي قدم ڌرجي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ وڇڙيل ڪونج اچي ولر سان ملي هجي.

    آءُ ٿورائتو آهيان مٺڙي قربائتي دوست بيڪس بيدل بيوس جو جنهن جده ائيرپورٽ تي اچي تمام سهڻ
    ي ڪچهري ڪئي سنڌ يوٿ وارن دوستن لاءِ ڪجهه مالي سهائتا پڻ ڪئي ... ۽ آخر ۾ ڀاڪر پائي سنڌ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ڪيو ...

    ڪولاچيءَ جي هوائي اڏي تي وري سهڻو پيارو، محبوب دوست سليمان وساڻ، عبدالحفيظ سميت اچي ڀاڪر پاتا ۽ چميون ڏنيو .... مونکي ساڻن ڀاڪر پائي ائين لڳو ته مون سنڌ کي ڀاڪر ۾ ورتو هجي ... سندس نرڙ تي ڏنل چميءَ مان سنڌ ڌرتيءَ جي مهڪ آئي ...

    سنڌ ۾ دوستن پيارن جو تعداد ايترو آهي جو هوند هي ٻن اڍائي مهينن جو پل پل دوستن سان ڪچهرين ۾ گذري سگهي ٿو، پر افسوس جو انسان گهڻن مامرن ۾ رڌل هجي ٿو ... انڪري اميد ته گهڻن دوستن سان ڀاڪرين پونداسون ...

    سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا ...

    منهنجي طرفان سعودي عرب جي دوستن ۽ سنڌ جي سمورن دوستن کي سڪ ڀريا سلام ۽ پيار پهتو ٿئي ... ۽ سڀني دوستن کي عيد جون کوڙ ساتريون واڌيون قبول پون ...

    منهنجي مداين جي ڪل پريان پئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا ڏوراپا ڏئي،
    ساجن سڀيئي، ڍڪج ڍول ڍلايون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو