قاضي عبدالمجيد عابد : عجز ۽ انڪساري جو ٻيو نالو (ورسيء جي حوالي سان)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    قاضي عبدالمجيد عابد : عجز ۽ انڪساري جو ٻيو نالو
    پروانو ڀٽي

    27 آگسٽ 1994ع جي تاريخ وسرڻ جهڙي نه آهي. هونئن به آگسٽ مهيني ۾ منهنجا ڪيترائي سڄڻ وڇڙي ويا جن کي سدائين ياد ڪري هنجون هاريندو آهيان. بابا سائين ۽ منهنجي امڙ جي انتقال جو مهينو به آگسٽ آهي ته ننڍڙي پوٽي پياري مهراڻ حسين جي جدائي به آگسٽ ۾ ٿي. مير راجا جهڙي دلبر انسان ۽ محب اهلبيت به آگسٽ مهيني ۾ موڪلايو. ان ڪري آگسٽ مهيني جو پويون هفتو نهايت پيرا پيار انسان ۽ دل گهريا دوست ياد ڏياريندو آهي..
    قاضي عبدالمجيد عابد کي صرف عبرت اخبار جو مالڪ چيف ايڊيٽر سمجهي ڳالهه ڪرڻ صحيح نه آهي. قاضي عابد تمام گهڻن پهلوئن واري شخصيت هو ۽ هر هڪ زاويه تي نه معلوم ڪيترا مضمون لکي سگهجن ٿا. ابتدائي تعليم کان وٺي آخري گهڙي تائين سندس چاهه، علم ۽ ظرف رهيو. اسان وٽ علم جو چاهه رڳو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ کي ئي تصور ڪيو ويندو آهي، پر پوري ڪائنات، انسان، جانور، پکي پکڻ، سڀني جي جيوت متعلق ڄاڻ رکڻ ۽ ان معلومات جا وسيلا موجود رکڻ به علم حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ شامل آهي. هي عبرت اخبار جو جاري ٿيڻ ڇا هو؟ اهو به تعليم کي حاصل ڪرڻ۽ ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هڪ موثر ذريعو هو، جنهن سلسلي کي قائم ڪرڻ لاءِ دامي ۽ درمي ۽سخني ۽ سخت تڪليفون برداشت ڪندي به جاري رکيو ويو.

    سائين قاضي عابد سان منهنجي نيازمندي جو واقعو به نهايت دلچسپ آهي. اڄ کان 54 سال اڳ جو زمانو اکين اڳيان تري ٿو اچي. 1953ع ۾ الهڏنو ساند اسڪول ۾ استاد هئس ۽ شام جو هڪ هوٽل تي هنڌ کٽولو ۽ لکڻ وارو منشي ! عبرت هفتيوار ۾ پروف پڙهڻ به شروع ڪيم. هڪ روز محترم سائين محمد عثمان ڏيپلائي وٽ دستور موجب ڪچهري جاري هئي، جنهن ۾ ان وقت مولانا غلام محمد گرامي، محمد خان غني، حڪيم عطا محمد (سکر وارو) مولانا مدني، خواجا شمس (بانگ درا اخبار وارو) مقبول ڀٽي ۽ ڪجهه ٻيا صاحب موجود هئا ۽ آئون هڪ ورڪر يا رضاڪار جي حيثيت ۾ ڪيفي راڪسي تان چانهه ۽ ڪيڪ کڻي اچڻ واسطي ڊوڙون پائي رهيو هوس ته هڪ نئون مهمان به اندرويٺل ڏٺم. شڪل صورت جو سهڻو جنهن کي 1948ع ڌاري مير گارڊن ۾ هندستان مان ايندڙ ڀائرن کي ماني کارائيندي ڏٺو هوم. اهو ويٺو هو، نالي جي خبر اتي پئي جڏهن گرامي صاحب بار بار پئي چيو ته عابد صاحب، پنهنجي ڪا اخبار ڪڍو ته ان ۾ ڪجهه لکجي ته عابد صاحب سڀني دوستن سان ڪچهري ۾ ايترو ته محو هو جو اسان جهڙن نوجوانن ۽ سيکڙاٽ پروف ريڊر ان کي اها همت ئي نه پئي ٿي ته اڳتي وڌي تعارف حاصل ڪجي يا پاسي ۾ ويهڻ جي همت به ڪجي. قاضي صاحب مون کي ڪم ۾ گهڻو مصروف ڏسندي نيٺ چيو ته هي نوجوان ڪير آهي (ان وقت منهنجي عمر 19-20 سال هئي) گرامي صاحب کيس ٻڌايو ته ماستر آهي. اڄ آچر جي ڏينهن سبب ڳوٺ وڃڻ بدران رات هتي رهي پيو ۽ خدمت پيو ڪري ۽ اها منهنجي سرسري ملاقات هئي. قاضي عابد جهڙي ناليواري شخصيت سان!! وقت گذرندو دير نه ٿي.

    مون هلال پاڪستان اخبار (جيڪا گول بلڊنگ جي ڀرسان) نڪرندي هئي ان ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هلال پاڪستان اخبار جي مالڪ منشي عبدالشڪور جا قاضي برادران سان سياسي اختلاف هئا، جيڪي نهايت چوٽ چڙهيل هئا. بار جون چونڊون هجن يا سرڪاري تقريبات منشي شڪور (مرحوم) مخالفت کان باز نه ايندوهو. 1956ع ڌاري هلال پاڪستان اخبار ۾ هڪ خبر شايع ٿي جنهن خبر ڏاڍو هنگامو ڪيو. ان وقت حيدرآباد مان هلال پاڪستان ۽ ڪاروان اخبارون شايع ٿينديون هيون. سخت احتجاج کان پوءِ هلال پاڪستان ترديد شايع ڪئي پر قاضي عابد صاحب کي اها اڻ تڻ اچي لڳي ته پنهنجي اخبار جو هئڻ ضروري آهي ۽ مولانا گرمي جي چار سال اڳ ڏنل صلاح تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو.شيخ علي محمد، مولانا گرامي، سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ۾ نيٺ هفتيوار عبرت اخبار کي وڪرو ڪرڻ، روزانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قاضي محمد اڪبر جهڙي دور انديش سياستدان قاضي عبدالمجيد جهڙي ڏاهي اديب، صحافي ۽ شاعر، قاضي محمد اعظم جهڙي نامور قانوندان جي ڪوششن سان عبرت اخبار روزاني ٿي وئي ۽ سنڌ موٽرز جي عمارت مان (جيڪا گاڏي کاتي ۾ هئي جنهن تي بعد ۾ هوٽل اورينٽ تعمير ٿي) شايع ٿيڻ لڳي. هن تمهيد لکڻ جو مقصد ڪهڙو آهي، ان جو اندازو اڳتي هلي ٿيندو.

    منشي عبدالشڪور مرحوم جڏهن ڏٺو ته منهنجو گهڻو اچڻ 23- سول لائين تي آهي ته هن ماهوار ايڊيشن بند ڪري مون کي نوڪري کان جواب ڏئي ڇڏيو. جڏهن قاضي صاحب کي ٻڌايو ته ماستري ڇڏيم صحافت جي عشق ۾ ۽ هلال پاڪستان وئي 23 سول لائين جي رهاڻين ۾ ته کلي چيائين. صفا ڪو چريو آهين عبرت اخبار ڪڍي ان ڪري اٿئون ته جيئن اوهان جهڙا ڪم جا برجستا نوجوان اچي ان سٿ ۾ شامل ٿين؟ ايئن آئون به انهي سٿ ۾ شامل ٿي پيس ۽ عبرت ماهوار ايڊيشن ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. هاڻي قاضي برادران سان ملاقات روزانو جو معمول هو. قاضي عابد ماهوار ايڊيشن جي مضمونن متعلق پڇا ڪندو هو ۽ شيخ عزيز توڙي آئون کيس سڀ مضمون ڏيکاري سندس صلاح سان هلائيندا هئاسون. پان هڪ انگريزي رسالي ۾ مشهور قاتل آئشميني جي باري ۾ مضمون پڙهيو هئائين، ان ڪري اهو شيخ عزيز کي ڏنائين ته اهو ترجموڪري ماهوار ايڊيشن ۾ هلائجي ۽ اهو شاهڪار مضمون صرف ان وقت عبرت ۾ ئي شايع ٿيو هو. سنڌ جي نامور اديبن کي اخبار ۽ رسالي جي لاءِ لکڻيون موڪلڻ واسطي هڪ خط جو ڊرافٽ تيار ڪري ڪمپوز ڪرائي شيخ علي محمد مرحوم جي صحيح سان روانو ڪيو ويو، جنهن سبب مخدوم طالب الموليٰ، مير محمد بخش (ميرپورخاص وارو) سيد ميران محمد شاهه، مولانا محمد گرامي، نور عباسي، غلام مستانو سيوهاڻي، سيد منظور نقوي، علي محمد خالدي وڪيل، رسول بخش پليجو وڪيل، رسول بخش انڙ وڪيل، عبدالڪريم گدائي، مسڪين جهان خان کوسو، فيض بخشاپوري جهڙا ناليوارا اديب ۽ شاعر اخبار توڙي رسالي ۾مختلف عنوانن هيٺ پنهنجا شاهڪار مضمون لکڻ لڳا جيڪا عبرت جي ابتدائي دور ۾ هڪوڏي ڪوشش ۽ڪاميابي هئي. سائين پير علي محمد راشدي به عبرت ۾ ـرند ۽ پنڌ“ جي عنوان سان ڪيترائي ڪالم ۽ مختلف موضوعن تي مضمون لکيا جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شامل ٿيا.قاضي عابد صاحب ابتدائي ڏينهن ۾ ”سفر يورپ جي ڊائري“ لکڻ شروع ڪئي. هي اهي خط هئا جيڪي يورپ جي دوري وقت پاڻ وقت بوقت شيخ علي محمدکي لکي هو ۽ اهي اخبار ۾ شايع ٿيندا هئا. قاضي عابد صاحب کي لکڻ پڙهڻ سان گڏوگڏ سير و سياحت جو به ڏاڍو شوق هوندو هو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي مضمون ذريعي انهن ملڪن جي سياسي، سماجي حالتن متعلق پنهنجي پڙهندڙن کي اگاهه ڪندو هو. ”ترڪي“ جو دورو ڪري آيو. مضمون لکيائين ۽ عنوان ڏنائين ”ترڪي ۾ گذاريل ڪجهه ڏينهن“ مون مضمون کي پڙهي، ڪمپوز لاءِ ڏنو ۽ عنوان لکيم ”زبان يار من ترڪي و من ترڪي نمي دانم“ ڊڄي ڊڄي آفيس جو دروازو کولي اندر ويس. پنهنجي مضمون جا فائينل پروف هميشه پاڻ ڏسندو هو. هيڊنگ تي نظر پيس ته کلي ڏنائين، پڇيائين ”ڪنهن لکي آهي؟“ ۽ مون ڊڄندي ۽ هٻڪندي چيو ته ”مون لکي آهي.“ آئون ڪيتروئي کڻي لفظن جو انبار لڳايان پر انهيءَ وقت جي ڪيفيت کي بيان ڪري نه سگهندس جڏهن نه رڳو مون کي آفرين ڏنائين پر کيسي مان ٻٽون ڪڍي هڪ سئو روپيا انعام به ڏنائين. ان وقت سئو روپيا جي ماليت جو اندازو انهي مان ڪري سگهجي ٿو ته منهنجي ماهوار پگهار چار سئو روپيا هو. هن يادگيرين لکندي ته نه معلوم ڪيترا ڀيرا اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن. عبرت ۾ پسند جي سياست مون کي ياد آهي ته ”سنڌ جا تعليمي ادارا“ سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي قديم آثارن متعلق يادگار تحريرون، عبرت جي صفحن تي اڄ به موجود آهي!!

    ضياءُالحق جي دور ۾ لوڪل ڪائونسل جي نالي سان هڪ انتخابي ادارو قائم ٿيو جيڪو اڄ ڪالهه جي ”گراس روٽ ڊيموڪريسي“ واري نظام جيان هو. ان ۾ هڪ عهدو نئون قائم ڪيو ويو. ڊويزنل رابطا ڪائونسل جنهن جو چيئرمين ڪمشنر هو پر وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪرڻي هئي. قاضي عابد صاحب اميدوار هو. سخت مقابلي کان پوءِ قاضي صاحب وائس چيئرمين چونڊجي ويوپر ٻڌائڻ جي ڳالهه اها ته پنهنجي سڄي پيريڊ ۾ گهڻيون سفارشون انهن رٿن تي ڪيائين جن کيس اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏنو هو. دوست کيس چوندا هئا ته هي ڇا ٿا ڪريو. انهيءَ همراهه ته دل کولي مخالفت ڪئي هئي ته جواب ڏيندو هو ته ”اهو مخالفت ڪرڻ وارو حق هن جو پنهنجو هو. هي منهنجو حق آهي ته آئون ان کي ناراض نه ڪريان“. هنن اکين اهي به تماشا ڏٺا ته چونڊ ۾ سخت مخالفت ڪرڻ وارا جڏهن به ايندا هئا ته پاڻ اٿي ڀاڪر پائي نه رڳو انهن سان ملندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن عمر ۾ وڏي معزز انسان کي دراوزي تائين ڇڏڻ به ويندو هو.

    صوبائي وزارت هجي يا مرڪزي سندس ڪراچي، اسلام آباد، حيدرآباد ۾ آفيسن توڙي رهائشگاهن جا دروازا ڪڏهن به بند نه ٿيا. ڪيترائي دوست اسلام آباد ويندا هئا ته انهن جي آڌرڀاءُ اهڙي ته ڪندو هو جو مهمان وڃڻ جو نالو به نه وٺندا هئا. ”يار ٻه ٽي ڏينهن ته ترسو ته ڪي ڪچهريون ڪريون“ اهو سندس تڪيه ڪلام هوندو هو.ڪڏهن وزارت کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏنائين. وزير جي حيثيت ۾ به عبرت اخبار واري آفيس کي نه وساريائين. ڳوٺاڻا يا شهري علائقن جا ماڻهوسون جي تعدا ۾ ايندا هئا جن سان نه رڳو ملاقاون ٿينديون هيون. ڪم ڪار ڪبو هو پر سندن چانهه شربت سان تواضح پڻ ڪئي ويندي هئي. هينئر ته وزير صاحبان سان ملڻ ايتروآسان ڪونه آهي پر جي حاتم سخي جي فيض کي هڻي ڪو وزير ، مشير پريس ترجمان عام ماڻهو سان ملي پيو اهو هڪ وڏو احسان پيو تصور ڪرائيندو. عبرت جي سامهون مير مراد علي جي بنگلي تي وزير صاحب ويٺو آهي ۽ سوين ماڻهو درخواستون هٿن ۾ کڻي بيٺل آهن ۽پاڻ سڀني کي اٿي بيهي هٿ به ملائي ٿو ۽ درخواست تي حڪم به لکي ٿو. عبرت جي نئين عمارت ۾ 1962ع ڌاري ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسين. شام جو عمارت جي تعميراتي ڪم جي نگراني ڪرڻ واسطي قاضي عابد صاحب پاڻ ڪرسي ٻاهر رکي اچي ويهندو هو. انهيءَ موقعي تي ڪڏهن مرحوم رسول بخش مستري وٽان چانهه پي ايندي هئي ته ڪڏهن مير مراد علي جي گهران مير راجا پڪوڙا ۽ ٻيو کائڻ جو سامان کڻي پيو ايندو هو. ٻاهر به ميلو لڳي ويندو هو. سائين الهه بخش نظاماڻي، رئيس خان محمد نظاماڻي آبڙي وارا، علي حسن قادري، سيد جمن شاهه موسوي، محمد بخش رند، غازي خان لغاري، الهه بخش ٽالپر (چکي وارو) ۽ ٻيا ڪيترائي راڄن ۽ پاڙن جا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيندا هئا. جن سان شهر توڙي ملڪ جي سياسي صورتحال تي پيو بحث هلندو هيو. ڪيترائي دوست بزرگ قاضي صاحب جي گفتگو ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سڄو وقت خاموش ويٺا هوندا هئا ۽ پيا ڳالهيون ٻڌندا هئا. قاضي صاحب ڪڏهن به پاڻ کي عالم اديب نه سمجهيو. هڪ وڏي خوبي اها هئي ته مون جهڙي جاهل انسان کي به چوندو هو ته مضمون لکيو اٿم ڏسي ڇڏجان، متان ڪا اجائي ڳالهه نه لکجي وئي هجي. هاڻي توهان اندازو ڪريو ته هي عجز ۽ انڪساري جوڪمال نه آهي. قاضي عابد صاحب شاعري به ڪئي جيڪا شايد 1972ع ڌاري عبرت ۾ روزانو يا هر ٽئين ڏينهن شايع به ٿيندي هئي. گهڻو ڪري بيت هوندا هئا جيڪي مرحوم قاضي محمد اڪبر جي انهن بيتن جو عجز ۽ انڪساري ۾ ڀريل جواب هوندا هئا جيڪي بيت ”سنڌ نيوز“ ۾ شايع ٿيندا هئا. اهي بيت شايع ٿيڻ لاءِ اخبار ۾ ڏيڻ کان اڳ ۾ حڪم هوندوهو ته انهن کي ضرور ڏسان ۽اصلاح ڪريان جنهن جي هر مهيني هڪ سئو روپيا خرچي جدا هوندا هئي.

    1978ع ۾مون کي عبرت ڇڏڻي پئي. پر سندس مهربانيون، نوازشون گهٽ نه ٿيون. 1981ع ۾ منهنجي نياڻي ۽ پٽ جون شاديون ٿيون، ٻنهي تقريبات ۾ موجود رهيو. پريس ڪلب ۾ ٿيل دعوت ۾ عبدالله ميمڻ (ان وقت جي ڪمشنر) کي چيائين ته همراهه جي پيرن کي آهي ڀڄڻ جي عادت، دل چوي ٿي ته سندس پيرن تي ٽـڦڻي تپائي ڏنڀ ڏجن. هڪ ڀيري هڪ نامور سياسي شخصيت جو انتقال ٿيو. خبر به پاڻ ٺاهي لکيائين پر تصوير هٿ نه پئي اچي. مرحوم يعقوب جويو کي چيائين ته مير واري بنگلي تي ڏس ته پروانو آهي ۽کيس وٺي اچ. آئون پهتس حڪم ٿيو ته يارن کان تصوير نٿي لڀي ڳولي ڏي. مون هڪ لفافي ۾ هٿ وجهي هڪ فلم قاضي صاحب جي اڳيان رکي. سگريٽ جو ڪش هڻي چيائين. اڙي ڇوڪرا. ٽـڦڻي کڻي اچ ته اڄ سچ پچ سندس پير ڏنڀيان. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هر وقت اکين ۾ آب موجود هو. هڪ ڀيري ڪار ۾ ويهي مختلف هنڌن تي وياسين جتي انهن معزز شخصيتن کان معافيون ورتائين جن سان ڪڏهن، سياسي يا سماجي معاشري ۾ ڪجهه ڏک رسيا هئا. بار بار هڪڙو ئي جملو ادا ڪندو هو ته يار موت کي اکين سان ڏسان پيو. مون کي دل سان معاف ڪريو ۽ ائين چوندي سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي اينديون هيون.

    موت برحق آهي. هڪ ڏينهن سڀني کي هلڻوآهي، ڪي اڳي ڪي پوءِ 23- سول لائين تان سندس جنازي کڄڻ جومنظر به لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. هزارن جي تعداد ۾ سوڳوار هئا جن سڏڪن، لڙڪن ۽ آهه و بڪا ڪندي سندس جنازي کي ڪلهو ٿي ڏنو. سيد عبدالله شاهه جيڪو سنڌ جو وڏو وزير هو اهو به ڪلهي ڪانڌي اچي ٿيو ۽ ائين عجز ۽ انڪساري جي مجسمي، نامور اديب، ڪيترن ئي مضمونن جي خالق، اي پي اين ايس جو مسلسل سيڪريٽري رهندڙ بلڪ عظيم انسان کي سنڌ جي مٺڙي ۽ ٿڌڙي مٽي ۾ سمهاري سڀ واپس هليا آيا.

    ”حق مغفرت ڪري عجب آزاد مرد هو“

    هي نهايت مختصر يادگيريون آهن. 1953ع کان 1996ع تائين مسلسل ملاقات جا 43 سال ۽ انهن جون يادگيريون صرف هي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ٿي نه ٿيون سگهن. سياسي ميدان ۾ سندس ڪردار جو تذڪرو به ٿيڻ کپي. سندس تقرير جي انداز تي به لکڻ کپي، حياتي آهي ۽ زندگي توڙي صحت ساٿ ڏنو ته انهي سلسلي کي اڳتي وڌائيندس. سندس وڏو فرزند ڊاڪٽر محمد انور الله تعاليٰ کيس وڏي حياتي ڏي، نهايت محبت سان ملندو هو. دلبر محمد اصغر، محمد اظهر ”گل“ محمد اجمل ته سندس حياتي ۾ موڪلائي ويا. باقي محمد اسد، محمد امجد موجود آهن. قاضي اسد ۾ اهي سڀئي خوبيون موجود آهن جيڪي قاضي صاحب مرحوم ۾ هيون. مرڻي پرڻي، راڄ ڀاڳ سان گڏ ڪيترائي ڪم ڪجن، مصروفيون هجن پر اڄ برادري سان ڀائرن وارو اهو پير ضرور ڀربو جيڪو قاضي عابد صاحب جي فرائض ۾ شامل هوندو هو. برادي پٽيوالو بيمار ٿيو ته پاڻ هلي سندس گهر ويو ۽کيس مرڻ گهڙي تائين عبرت مان پگهار ملندو رهيو. اهي خوبيون ۽ خصلتون قاضي اسد ۾ به موجود آهن.دعا آهي ته الله تعاليٰ سندن سڀني وارثن کي وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن هو سنڌ جي هن نامور انسان جي اخلاق، محبت، عجز ۽ انڪساري، نوڙت، نياز جي ٻاريل شمع جي روشني کي نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ ۾ ڦهلائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکن جنهن سان نه رڳوعبرت اخبار کي پڙهندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪيترن ئي نوجوانن کي قاضي عابد جي ڪيل خدمتن کان به آگاهي ٿيندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو