فوزيه سومرو : سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره
سليمان وساڻ
حال منهنجا ڪير پڇندو ڪير آ منهنجو هتي جهڙا ڪيئي لازوال ڪلام ڳائي مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي مشهور گلوڪاره محترمه فوزيه سومرو جو جنم 1966ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويرواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو جيڪو حمد ۽ نعت ڳائيندو هو . سندس ننڍپڻ ۽ جواني ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا. فوزيه سومرو کي گهروارن پاران ڳائڻ جي اجازت ڪانه ملندي هئي ۽ پرديدار هجڻ جي باوجود فن ۽ ڳائڻ جو شوق کيس ريڊيو تي وٺي آيو پر پهرين آڊيشن ۾ ئي هوء ناپاس ٿي پر هن همت نه هاري ۽ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو . سندس ڳايل پهريون ڪلام بيقدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ سندس آواز سنڌ ۾ ڇانئجي ويو. ريڊيو تي سندس ملاقات استاد غلام حسين ڪليري سان ٿي ۽ هن کيس پنهنجو شاگرد بڻائي موسيقيء جي تربيت ڏني. پي ٽي وي تي کيس بيدل مسرور متعارف ڪرايو. فوزيه سومرو نه صرف پاڪستان پر سعودي عرب ، ڀارت، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به ڳائي داد حاصل ڪيو.
فوزيه سومرو ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج ۽ ڪيسيٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻا ڪلام ڳائي مشهوري ماڻي. فوزيه سومرو سنڌي سان گڏ مارواڙي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڪلام ڳايا ۽ شهرت حاصل ڪئي. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته فوزيه سومرو جون 110 ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. موسيقيءَ ۾ فوزيه سومرو استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کي پنهنجو استاد مڃي ٿي. 1993ع ۾ سندس شادي مصري سٺيو سان ٿي، کيس هڪ ڌيء سدره ڪرن آهي. فوزيه سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي پر هن سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف، بلاول اوٺي، شيخ اياز، سائينداد ساند، غلام حسين ڪليري ۽ علي محمد اڏيرائي کي ڳايو. فوزيه سومرو کي مڇتا عيوض سندس حياتيء ۾ ئي ريڊيو پاڪستان تان ايڪسلينٽ ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
کيس گڙدن جي تڪليف گهڻي وقت کان رهي ۽ 2002 ۾ بيمار رهڻ باوجود هن پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي به شاهه لطيف جي عرس تي ڪلام ڳائي پنهنجي مداحن کي مايوس ڪونه ڪيو. هوء 4 سيپٽمبر 2002 تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪري هن فاني دنيا کي ڇڏي وئي پر سندس آواز اڄ به سندس موجودگيء جو احساس ڏياريندو رهي ٿو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: