پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو (نثاراحمدناز)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا فيس بُڪ ، سنڌ سلامت ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي. ساٿيو اڄ جڏهن ساري سنڌ هيلوڪي سانوڻي جي ڪري صفا بي حال آهي ، جڳه جڳه ڳوٺ ڳوٺ ، وستي وستي ۽ واهڻ واهڻ ۾ سنڌي ماروئڙا مسڪين سانئگيئڙا، اجهي لٽي ۽ اٽي لاءِ تمام گهڻا پريشان آهن سندن جهوپا ڪري پٽ ٿي چُڪا آهن بُک بيروزگاري سبب ڍ آسوده حال سنڌين ۾ واهر ڪرڻ لاءِ آس وند آهن اتي مون مسڪين ٽي درجي واري شاعر جي هي شاعري ڪا خاص ٻوٽو ته ٻاري نٿي سگهي ڇو جو عملي طور مان به هنن ديس واسين جي ڪا خدمت ڪري نٿو سگهان پر پنهنجي وس آهر لفظن جا رانڌيڪا ٺاهي انهن کي صرف بهلايان پيو ڇو جو مونکي خبر آهي ته منهنجي لفظن جي هنن رانڌيڪن مان ڪنهن مسڪين نياڻيءَ جي هڪ ويلي جي ماني جي بُک به ختم ٿي نه ٿي سگهي...............؟؟؟[/JUSTIFY]

    پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟
    نثاراحمدناز

    سڄي سنڌ سانوڻي سببان جُهري آهي پرين پيارا !
    پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟

    ڪکائان گهرَ ڪري پٽ ٿِي جُهريا جهوپا هتي سارا !
    پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو ؟

    پيا اُٿلي ته سِمَ نالا ۽ واهن کي لڳا گهارا !
    پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟

    جيالن جا ٿيا جاوا ، الا! امداد کائِي ويا اندر ڪارا !
    پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟

    ٺلهيون ڳاليون حڪومت جُون ٻُڌون سکڻا رُڳو نعرا !
    پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟

    امن نالي ۾ زردارن ، خُوارِيءَ جا کنيا کارا !
    پُڇو ڇا ٿا سنڌ جو؟

    سَڄي سنڌ ”ناز“ ڏس رِيهُون ، رُڳو هِن روڄ ۽ راڙا !
    پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟


    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو (نثاراحمدناز)

    سائين بھترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو (نثاراحمدناز)

    سائين تمام بهترين نظم آهي بس سڀني دوستن کي التجا آهي ته رب العالمين جي دربار ۾ دعا گهرن ته شال رب ڪريم پنهنجو ڪرم ڪري هاڻي اڳتي هن برسات کي ختم فرمائي جو سڀ مسڪين ويچارا پريشان آهن ۔ يا الله تون رحيم ڪريم آهين پنهنجي ٻاجهه ڪر اسان کي اسان جي گناهن جي معافي ڏي هي برسات جيڪا تمام نقصان ڪار ثابت ٿي رهي آهي ان کي پنهن جي ٻاجهه سان اسان تي ٽاري ڇڏ۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو (نثاراحمدناز)

    سَڄي سنڌ ”ناز“ ڏس رِيهُون ، رُڳو هِن روڄ ۽ راڙا !
    پُڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو؟


    سنڌ گذريل سال واري ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ ئي ڦاٿل هئي ته وري هن سال سموري سنڌ تي وسيل طوفاني بارشن ماڻهن کي دربدر ڪيو آهي.

    سائين نثار ناز جا احساس ۽ جذبا سمجهي سگهجن ٿا هو ٽنڊي محمد خان ۾ پاڻيء جي گهيري ۾ آهي. رب پاڪ جي در دعا آهي ته پنهنجي ٻاجهه ڪري اسان کي هن امتحان مان پار لنگهائي.
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پڇو ڇا حال ٿا سنڌ جو (نثاراحمدناز)

    واهه سائين واهه
     
  6. پيار علي ڪالرو

    پيار علي ڪالرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 نومبر 2023
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    پروجيڪٽ سڪيورٽي
    ماڳ:
    ڪراچي
    ماشاءاللہ زبردست سائين توهان جي جاکوڙ کي سلام پيش ڪري ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو