1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    محمد سليمان وساڻ

    جڏهن به سنڌي موسيقي جو ذڪر نڪرندو ته گواليار گهراڻي جي استاد ڳائڻي استاد منظور علي خان جو نالو سڀني کان مٿاهون هوندو. سنڌي ڪلاسيڪي موسيقي جو هي خانصاحب راڳي 1926ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. گواليار گهراڻو پوء شڪارپور کي ڇڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ آباد ٿيو. پاڻ موسيقيء جي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان عرف جمالو خان، ان کان پوءِ استاد وسينڌو خان (محمد فقير کٽياڻ تي رکيل) کان ورتي. استاد منظور علي خان پنهنجي دور جي سڀني وڏن ڪلاسيڪي راڳن جي صحبت ۾ رهيو. جنهن ۾ پٽورڌن اوم ڪارناٿ ٺاڪر، ڊي وي پلوسڪه کان علاوه استاد بي بو خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد الله ڏنو نوناري ۽ استاد بڙي غلام علي خان شامل آهن.

    استاد منظور علي خان هميشه عوامي ميڙن خاص ڪري درگاهن ۽ ميلن ۾ وڃي عام ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ کي ترجيح ڏيندو هو. سچل سرمست ۽ شاهه لطيف ڀٽائيء جي عرس جي تقريبات سميت استاد منظور علي خان صاحب سنڌ جي هر مشهور ۽ غير مشهور صوفيءَ تي پنهنجي راڳ سان حاضري ضرور ڏني آهي. استاد منظور علي خان سڄي سنڌ ۾ هڪ مقبول ڳائڻي طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن سنڌي موسيقيء ۾ ڪلاسيڪي ۽ عام موسيقي کي ملائي نئين انداز سان پيش ڪيو. استاد جڏهن ڳائيندو هو ته سندس سُر ۽ لئي سان گڏ سندس سرگم تي ماڻهو جهومندي نظر ايندا هئا. هن ڀٽائي سرڪار جي ڪلام، سچل جي ڪلام سان گڏ سنڌ جي صوفي شاعرن کي ڳائي گهني مقبوليت ماڻي.

    استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. استاد منظور علي خان لطيف سائين جي وائي کي ”ڪافي ٺاٺ“ ۾ ڳائي، سنڌي راڳ جو نئون انداز ۽ تصور پيش ڪيو. استاد هر رنگ ۾ ڳائيندو هو جنهن ۾ ڪلاسيڪل، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ آخر ۾ خيال ۽ ترانو به استاد منظور علي خان نه رڳو شاگردن کي پاڻ گڏ ڳارائي انهن جو نالو مشهور ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. استاد منظور علي خان موسيقيء جي دنيا ۾ پاڻ ته ملهايو پر ان سان گڏ سنڌي موسيقيء ۾ پنهنجي شاگردن استاد محمد يوسف، وحيد علي، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، عابده پروين، گلزار علي، دين محمد دمساز، محمد عرس ۽ محمد اڪرم، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي جهڙا انمول موتي ارپيا. سندس باري ۾ ممتاز مرزا لکي ٿو ته :

    يارن جو يار ۽ ڪچھريءِ ۾ پنھنجو وکر ساوڻ جي درياءَ وانگر نھايت فراخدليءَ سان وھائيندو ھو اھو ئي سبب ھو جو ھن جي رھاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو لطف ھوندو ھو. سندس آواز کان گھڻو سندس علم ھو ھو راڳ جي علم جي چئن پڳن جو اڳواڻ ھو وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جو ھن ننڍي کنڊجي ڪيترن ڳائڪن وٽ نه ھيون ھو ڪافي به ان روشن سان ڳائيندو ھو، تانون،مينڍون، مرڪون ۽ پلٽا سندس ڪافي ڳائڻ وقت نمايان ھوندا ھئا شھري ٻڌندڙ ھجن توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو راڳداري جا ڄاڻو ھجن يا بنھه اڻ ڄاڻ ھر ٻڌندڙ کائنس متاثر ٿيندو ھو.

    سندس مشهور ڪلام ته اڻ کُٽ آهن پر انهن مان ڪجهه مشهور ڳايل ڪلام آهن :
    1. آهيون عبديت جي اولي وو يار
    2. سُڌ نه سورن جي ڪل ڪا
    3. پرچن شال پنهنوار ڍوليا مارو مونسان
    4. محبت لڏي وئي ملڪ مان ياراڻي يارن مان وئي
    5. ڇڏ رسان مان آءُ تون يار مون کي تنهنجي سار سنڀار
    6. ويندس يار مري تان مري او مٺڙا
    7. آء ڪه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو
    8. سڪندي ٿيڙم سال
    9. انت بحر دي خبر نه ڪائي

    استاد منظور علي خان کي سنڌي موسيقيء جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا ۽ حڪومت پاڪستان پڻ سال 1979ع ۾ کيس پرائيڊ آف پرفارمنس جو صدارتي ايوارڊ ڏنو. 9 سيپٽمبر 1980 ع م وفات ڪيائين ۽ ٽنڊو آدم جي قبرستان ۾ سندس مزار آهي.


    [​IMG]
     
  2. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    279
    ورتل پسنديدگيون:
    297
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    جواب: استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    استاد منظور علي خان جي گائڪي
    ڪردار ۽ فن جي دنيا ۾ سندس خدمتن کي
    ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ورسيءَ جي مناسبت سان
    ڪلاسيڪل ڪردار استاد منظور علي خان
    آچر خاصخيلي

    [JUSTIFY]سنڌ ۾ وڏن صوفين، بزرگن، ولين، فنڪارن، شاعرن ۽ سنڌ کي پنهنجي پوري جواني ۽ زندگي ارپيندڙ ماڻهن جو جنم ٿيو آهي اهڙين ئي سنڌ جو نانءُ روشن ڪندڙ شخصيتن ۾ استاد منظور علي خان جو به نالو اچي ٿو جنهن 1922ع ۾استاد جمالو خان جي گهر ۾شڪارپور ۾ اک کولي. استاد منظور علي خان 9 سالن جي ئي عمر ۾ شڪارپور جي هڪ هوٽل ۾ ڳائي موسيقي ٻڌندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. منظور علي خان موسيقي جي سکيا پنهنجي والد جمالو خان کان ۽ چاچي کان پڻ ورتي. استاد منظور علي خان کان پهريان انهن جا وڏا جن ۾ شادي خان، گامڻ خان، محمد خان، جمالو خان ۽ استاد بيبو خان شامل هئا، پر استاد منظور علي خان ڪلاسيڪل ۽ لوڪ رنگ جي مدد سان هتي جي راڳ کي تمام گهڻو شاهوڪار ڪيو. استاد منظور علي خان ڀيروي، ڪوهياري، ڪيڏارو، مانجهه، تلنگ، سورٺ، آسا، ڪلياڻ، ڀيم ڀلاس، سر سارنگ ۽ سري راڳ جي صورت ۾ اسان جي دلين ۾ راڄ ڪري رهيو آهي. استاد منظور علي خان پنهنجي وڏڙن جي ڳايل راڳن کي فالو پڻ ڪندو هو. 1940ع ۾ استاد منظور علي خان هڪ دعوت ۾ بڙي غلام علي مٿان پڻ ڳايو ۽ انهن ۾ مقابلو پڻ ٿيو جيڪو استاد منظور علي خان کٽيو. استاد منظور علي خان راڳ کي عبادت سمجهي ڳائيندو هو. هن پنهنجي شاگردن قمر سومري، وحيد علي ۽ محمد يوسف جون شاديون پڻ ڪرايون ۽ انهن شاگردن به سنڌ ۾ وڏو نالو ڪمايو. استاد منظور علي ڪلاسيڪل راڳ جو راڻو سمجهيو ويندو هو. هن ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا هن پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ به پڻ حاصل ڪيو. استاد منظور علي خان جون سنڌ لاءِ تمام وڏيون قربانيو ڏنيون ۽ هو 9 سيپٽمبر 1980ع ۾ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ان کي اسان کان جدا ٿئي 31 سال گذري ويا آهن پر استاد منظور علي خان جون خدمتون اڄ به اسان کي ياد آهن. ته وري ثقافت کاتي جيئن تاريخدان محقق مرحوم عبدالله وريام سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار شاهه اسد سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ رکيو آهي تيئن استاد منظور علي خان سان به ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ رکي ڪڏهن به ٽنڊي آدم ۾ ڪا تقريب نه ڪوٺائي آهي. جڏهن ته بند پيل ميوزڪ اڪيڊمي بابت به ڪو ڌيان نه ڏنو آهي. سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ۾ صوبائي صلاحڪار آرڪيالاجي سرفراز راڄڙ جي ان اعلان تي عمل نه ٿيو ته منظور علي خان جي بند پيل ميوزڪ اڪيڊمي ٻيهر هلائي راڳ جي سکيا ڏني ويندي. هڪ آڊيٽوريم پڻ ٺهرايو ويندو جيڪو منظور علي خان جي نالي سان منسوب هوندو.

    محترمه سسئي پليجو صاحب بغير خرچ جي به ٽنڊي آدم ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏي ثقافتي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪرڻ کان هميشه ڪاسر رهي آهي. هونئن ته ٽنڊو آدم جي عوام پاڻمرادو ثقافت کي بچائڻ لاءِ وڏو ميگا ايونٽ ڪندو آهي، ثقافت کاتي کي گهرجي ته منظور علي خان جي فن ۽ فڪر جو قدر ڪندي کيس ياد ڪري هر سال سالگره يا ورسي تقريبون ڪوٺايون وڃن ٻي صورت ۾ تاريخ جا گنهگار ليکيا ويندا.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,753
    ورتل پسنديدگيون:
    2,728
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    استاد منظور علي خان انهن ڳائڻن مان آهي جيڪي راڳي امر آهن هن جي ڪلامن کي اڄ به ماڻهون گونجاريندا رهن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بيشڪ هي هڪ وڏو ڳائڻو هيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٽقافت کاتي وارن کي اهڙن ماياناز ماڻهن جي ورسي ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: استاد منظور علي خان : سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاه (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    مهربانيون سائين

    اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي ته استاد منظور علي خان جي ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي۔ سنڌي موسيقيء جي تاريخ استاد منظور جي ذڪر کانسواء اڌوري آهي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ وري سندس ورسيء تي سندس ياد تري آئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ويندس يار مري تان مري او مٺڙا

    سندس ورسيء تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي راڳ جو راڻو استاد منظور علي خان

    وزير فرهاد سولنگي

    استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ جي دنيا جو اهو مشهور ۽ معروف نالو آهي جنهن سنڌيءَ موسيقيءَ کي نوان گس ۽ لاڙا ڏنا ان سان گڏ مختلف راڳڻين کي پڻ سنڌي راڳن ۾ متعارف ڪرايو. استاد منظور علي خان 1927ع ڌاري شڪارپور ۾ لوهرن جي پاڙي هزاري در وٽ پيدا ٿيو سندس والد صاحب استاد جمالو خان ۽ ڏاڏو ڪريم بخش خان ولد شادي خان هو. استاد منظور علي خان جي ڄمڻ جي سال ۾ ڪن هنڌن تي تضاد ملي ٿو، ڪن ڪتابن ۾ 1930ع ۽ ڪن ڪتابن ۾ 1927ع لکيل آهي.

    استاد منظور علي خان جي خاندان جي ڪرت راڳ ويراڳ هئي استاد گامڻ خان ۽ احمد خان سندس ڏاڏي جا ڀائر هئا سنڌ ۾ هيءَ ميرن جي دور ۾ مير مراد علي خان ٽالپر جي خواهش تي سنڌ ۾ لڏي شڪارپور آيا ان کان اڳ سندن خاندان هندستاني پنجاب جي ضلعي گڙداس پور ۾ فتح پور چوڙيان ۾ رهندو هيو ۽ ان کان به اڳ هند ۾ سندن وڏڙا گواليار ۾ رهندا هئا جنهنڪري هنن کي گواليار گهراڻو به سڏيو وڃي ٿو. استاد منظور علي خان جو ڏاڏو ڪريم بخش خان جڏهن سنڌ ۾ شڪارپور ۾ لڏي آيو ته هن کي سنڌ واسين ايتري ته محبت ڏني ۽ قدر داني ڪئي جو پاڻ پنهنجي خاندان سميت سنڌ ۾ ئي رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ ۾ هن وقت تائين اهڙو گويو نه مليو آهي جو راڳ داري جي انهيءَ منزل کي رسي سگهي جنهن منزل تي استاد ڪريم بخش خان پهتل هيو.

    استاد منظور علي خان راڳ جي شروعاتي تعليم پنهنجي پيءَ استاد جمالو خان کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن پنهنجي سوٽ سينڌي خان کان به موسيقيءَ جي سکيا ورتي استاد منظور علي خان پنهنجي خاندان جي مختلف راڳي عزيزن کان به راڳ جي سکيا وٺندو هو. جنهن ۾ استاد بيبو خان، استاد عاشق علي خان، استاد اميد علي خان اچي وڃن ٿا.

    استاد سينڌو خان جنهن جو اصل نالو سنڌي خان هو بعد ۾ سينڌو سڏجڻ لڳو ان کان پوءِ ناليوارن گوين استاد بيبي خان، استاد عاشق علي خان ۽ استاد اميد علي خان کان راڳ جي تربيت اهڙي انداز سان ورتي جو استاد منظور علي خان راڳ جو راڻو سڏجڻ لڳو. شڪارپورشهر ۾ انهيءَ دور ۾ محفل موسيقيءَ جون وڏيون وڏيون محفلون مچنديون هيون جنهن کي علائقائي ٻولي ۾ هانڍا چيو ويندو هو انهن هانڍن ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا وڏا راڳي ۽ گويا راڳ ڳائڻ ايندا هئا ۽ انهن راڳين جو استاد منظور علي خان جي خاندان سان راڳ جو مقابلو ٿيندو هيو استاد منظور علي خان ان مقابلي ۾ پهريو ڀيرو پندرنهن سالن جي عمر ۾ حصو ورتو ۽ مقابلو کٽي ورتائين. ان کان پوءِ استاد منظور علي خان کي سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي ۽ ڪراچيءَ ۾ کيس استاد بڙي غلام علي خان جي سامهون ڳارايو ويو اهو مقابلو ٽي ڏينهن جاري رهيو ججن ۾ استاد اميد علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد بيبو خان شامل هئا ۽ نيٺ آخري ڏينهن تي گڏيل فيصلو ڏئي استاد منظور علي خان کي سوڀارو بڻايو. استاد منظور علي خان راڳ ڳائڻ جي شروعات اٺن سالن جي عمر کان ڪئي ۽ لڳاتار پنجاھ سالن تائين ڳائيندو رهيو هن ريڊيو پاڪستان، ٽي وي، اسٽيج کان علاوه ڪيسٽ وسيلي ۽ نجي محفلن جي ذريعي سندس ڏات دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتي.

    استاد منظور علي خان جو ڀاءُ وزير علي خان به ڳائيندو هو پر هو راڳ جي دنيا ۾ اڳتي نه وڌيو پر هوءَ ڪن خاص جڳهن تي ڳائيندو هيو. استاد منظور علي خان کي پٽ جو اولاد نه هيو ان ڪري پنهنجي ڀيڻ جي اولاد وحيد علي کي پٽ ڪري پاليو هيائين جنهن کي پاڻ پيار مان سرمون سڏيندو هيو. جنهن پڻ راڳ جي دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو اهڙي طرح استاد منظور علي خان کي ٽن نياڻين جو اولاد هيو. استاد منظور علي خان ڪيترائي پنهنجا شاگرد پيدا ڪيا جن سندس نالو ملڪا ملڪ مشهور ڪيو ۽ سنڌي موسيقي کي هٿي ڏياري. سندس پيارن شاگردن ۾ استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، استاد حميد علي خان، انور حسين وسطڙو ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا شاگرد اچي وڃن ٿا.

    استاد منظور علي خان کي سندس فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، تمغا، ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا جن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس، شاھ لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا انعام اچي وڃن ٿا. استاد منظور علي خان گهڻي وقت کان سنڌي راڳ جو اڀياس ڪندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هن سنڌي موسيقيءَ ۾ نت نوان تجربا ڪيا پاڻ مختلف ڪلاسيڪل راڳن جون بندشون ۽ اوستايون ڳايون ۽ ٻڌايو ته سنڌي موسيقيءِ ۾ ”راڻي“ راڳ جي راڳڻين ۾ هيءَ به سُر لڳن ٿا. استاد منظور علي خان جا ڳايل مشهور ڪلام هي آهن 1 پرچن شال پنهوار، 2 ويندس يا مري، 3 عشق شرع ڪيا لڳي لڳي قاضيا، 4 عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ، 5 ڇڏ رُسان مان آ تون يار. جن کي سنڌ واسي هن وقت تائين به وڏي چاھ سان ٻڌندا پيا اچن. استاد منظور علي خان زندگيءَ جو گهڻو حصو ٽنڊي آدم ۾ ۽ سندس آخري آرام گاھ به ٽنڊي آدم ۾ آهي. سنڌي راڳ جو راڻو استاد منظور علي خان نائين سيپٽمبر 1980ع ۾ پنهنجي مداحن کان جسماني طور هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس ڏات ۽ ڪلا سنڌ واسين لاءِ روح جي غذا جو ڪم ڏيندي اڄ سندس 34هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد عامر سومرو

    محمد عامر سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جنوري 2012
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    66
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    اڃان شاگرديءَ وارو زمانو پيو هلي
    ماڳ:
    شڪارپور
    استاد منظور علي خان جي والد جو نالو جمالو خان نه پر سنڌي(سينڌو)خان هو.
    آئون هڪ لنڪ ونڊ ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ استاد منظور علي خان پاڻ پنهنجي زباني پنهنجي والد جو نالو ٻڌائي رهيو آهي....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي رهنمائي لاء ٿورائتا آهيون
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد منظور علي خان وٽ هڪ دفعي آءٌ ۽ مدد علي سنڌي، ٽنڊي آدم وياسين ۽ چيوسين ته: ’اوهان کي رهبر سنڌ [سائين جي. ايم سيد] اڄ بٺوري گهرايو آهي. اتي يومِ لطيف آهي.‘ اسان ويٺا ئي هئاسين ته هڪ شاندار ڪارِ استاد جي دروازي تي اچي بيٺي. استاد کانئن اچڻ جو سبب پڇيو. هنن جَواب ڏنو ته ’اسان کي ملڪ جي هڪڙي وڏي ماڻهوءَ موڪليو آهي، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سفيرن جي دعوت ڪئي آهي ۽ اوهان کي اُتي ڳائڻو آهي.‘ اُستاد منظور کيس چيو ته: ’بابا مون کي بٺوري وڃڻو آهي، اُن جي لاءِ هي ماڻهو آيا ويٺا آهن.‘ ايندڙ همراهن چيو ته ’سائين سوچيو، ڀلا بٺوري ۾ اوهان کي ڇا ملندو؟‘ استاد وراڻيو ته: ’اهو سوچيان ها ته شڪارپور ڇڏي، ڀٽائيءَ جي ڀرسان ٽنڊي آدم ۾ اچي نه رهان ها‘- ۽ پوءِ استاد اسان سان گڏ هليو، اسان وٽ گاڏي نه هئڻ سبب سنڌ جو مها ڳائڻو اسان سان گڏ بس ۾ سفر ڪري بٺوري پهتو ۽ بٺوري ۾ ڳائيندي، جڏهن هن سچل جو اهو شعر پڙهيو ته:
    ’هڪ جوءَ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان .
    اُهي ڀي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا.‘

    تڏهن سائين جي. ايم. سيد اسٽيج تي ويٺي روئي ڏنو، جنهن تي اُستاد منظور علي خان مون کي چيو ته: ’اهڙو داد مون کي سفيرن جي دعوت ۾ ڪونه ملي ها. اِهي لڙڪ ناهن، پر موتيءَ داڻا آهن!‘ واقعي موتيءَ داڻن جو قدر پارکوءَ کي ئي هوندو آهي.

    عبد الواحد آريسر
    ڪتاب : ويراڳي جي وڃڻا ها
     
  12. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    استا محمد جمن سنڌ جو ڀلوڙ عوامي فنڪار

    27 ورسي جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري( وارهه)

    يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي

    سونهاري سنڌ دنيا جو اهو خطو آهي جتي علم ادب ، ۽ سر سنگيت جي سمورين خوبين سان ٽم ٽار لکي پئي آهي سالن کان سر سنگيت جا ڄاڻو پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو پنهنجي ساز ،سوز ۽ سرن سان يان قدرت جي ڏنل سهڻي مٽڙي آواز سان پنهنجو پنهنجي ديس جو نالو اهڙو ته نروار ڪيو آهي جو سندس مرتي کي ڪيئي ورهن گذري وڃن باوجود هو موسيقي سان دلچسپي رکندڙ جي دلين منجهه سدائين شخصيت زنده رهندي نظر اچي ٿي .اهڙن ڪلاسيڪل موسيقي جو بادشاهه

    سنڌي سر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمت گذار بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد محمد جمن ولد حاجي احمد سخيراڻي ،بلو چستان جي علائقي لسٻيلي سوڙه لڳ ڪنڊ جهنگ ۾ خميس ڏينهن 10 آڪٽوبر 1935ع ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو.استاد محمد جمن کي ننڍپڻ کا وٺي دنيا جي قديم ترين ساز بانسري وڄائڻ جو شوق هوندو هيس سندس وڏا وري سرندو وڄائڻ جا وڏا ڄاڻو هئا. انهن جي هنج ۾ ويهي پيو سرندو ٻڌندو هو سرندي جا سهڻا سوز ڀريا ساز سندس روح کي راحت پيا ڏيندا هئا.سرندي جي سازن ٻڌڻ شرط ننڊ به اچي ويندي هيس . استاد محمد جمن جواني جي جوبهن ۾ ئي موسيقي سکڻ جي شوق پيدا ٿيس . محمد جمن راڳ جو ڳانو استاد نظر حسين کا ن ٻڌرايو . جيڪو پاڪستان جي مشهور فنڪاره ملڪه ترنم ميڊم نورجهان جو پڻ استاد هو محمد جمن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته استاد نظر حسين مونکي چوندو هو ته ( محمد جمن توهان فن موسيقي ۾ ملڪه ترنم نورجهان کان به تمام وڌيڪ ڄاڻو آهيو ) ان جو واقع واضع ثبوت اهيو هو ته محمد جمن کي موسيقي جي مختلف سرن تي وڏي دسترس هوندي هئي .لئي ۾ مهارت به سندس گائيڪي جي خاصيت هئي . طبلو، گهڙو، ڍولڪ ،سنڌي موسيقي جي تال جا ساز آهن پنهنجي گائڪي ۾ استاد محمد جمن انهن کي استعمال ڪندي لئي جو اهو وزن قائم رکندو هو .جيڪو موسيقي سان دلچسپي رکندڙن ۾ گهڻو مقبول رهيو جيتوڻڪ محمد جمن آواز ٿورو نڪ مان ڪڍندو هو پر پوءَ به سندس آواز ميٺاج ۽ مڌرتا سان ٽم ٽار هوندو هو .جڏهن 1947 ع اسان جو پيارو ملڪ دنيا جي نقشي تي اڀري وجود ورتو. ته ان زماني ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيش ڪانه هئي .ٻارنهن مهينا گذرڻ بعد 14 آگسٽ 1948 ع ڌاري ڪراچي شهر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ان وقت ريڊيو ڪراچي سرواڻ زيڊ اي بخاري صاحب (ذوالفقار علي بخاري ) هوندو هو بخاري صاحب اسٽيشن ٺهڻ ڪجهه مهينا بعد ڪجهه فنڪارن کي ڪلفٽن (ڪراچي) تي ٻڌو انهن منجهه محمد جمن به شامل هو ان زماني ۾ بخاري صاحب محمد جمن کي ريڊيو اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ استاد محمد جمن کان آڊيشن ورتائين . استاد محمد جمن کيس ڪوهياري راڳ منجهان ڌن ٻڌائي اها ئي ڌن سندس قسمت جو ساٿ بڻجي وئي .جنهن کانپوءَ محمد جمن کي بخاري صاحب اسٽاف آرٽسٽ جي حيثت ۾ ريڊيو تي ملازم ڪري رکيو.ريڊيو اسٽيشن سان وابستگي کان پوءَ سنگيت جي سکيا وٺڻ لاءَ ڪلا سيڪي موسيقي جي سکيا بڙي وحيد علي خان کان ورتي هڪ روايت موجب 1949 ع ڌاري استاد محمد جمن ۽ استاد محمد حسن ريديو تي آيا هئا . ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هئا .ان بعد زيڊ اي بخاري صاحب کيس بينسري نواز جي حيثيت سان ٻڌو ۽ ريڊيو تي ملازم ڪري رکيو ڪي وري چون (لکن) ٿا ته 1957ع 1958ع ڌاري ڳائڻ جو آڊيشن ان وقت پهريو سنڌ پرڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب ورتو پر کيس آوز ساٿ نه ڏنو چاڳلا کي سندس تلفظ بنهه پسند نه آيو کيس ناپاس ڪيو .محمد جمن کي صلاح ڏنائون ته به ٽي درجا پڙهي اچ ۽ تلفظ به چٽو ڪري اچ پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ پهريون درجو اڌو گابرو پڙهڻ بعد ڪجهه تلفظ سڌاريائين .هن ڀلاري ڀٽائي جي ٻولي کي ڏاڍي سهڻي نموني سان ڳايو .استاد محمد جمن ريڊيو تي جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ( ڳايو) هو جنهن جو شاعر ڌرتي جو سڀ کان وڏي شاعر حضرت شاهه عبدا للطيف ڀٽائي رح ئي هو جنهن جا ٻول هئا

    دوست پيهي در آيو ٿيو ملڻ جو سعيو ؛

    1955ع آگسٽ مهيني ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيش جو وجود پيو استاد محمد جمن کي هن اسٽيشن تي موسيقار جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو استاد محمد جمن ڪافي عرصو حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي رهيو هن اتي رهي سنڌي موسيقي جي زبردست خدمت ڪئي استاد محمد جمن ريڊيو ٽي وِي اسٽيج کانسواءِ فلم ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو کيس ٽيليويزن اسٽيشن تي محترم عبد الڪريم بلوچ معتارف ڪرايو .( ڪر ڌيان دنيا آهي فاني) محترم مرزا قليچ بيگ جو ڪلام رڪارڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد محمد جمن هوئين ته ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پنهنجي آواز ۾ ڳائي مگر شاهه لطيف جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو . جيڪو ڪلام سندس سڃاڻپ بڻيو سوهو لطيف سائين جو ڪلام (منهنجو ملڪ ملير ڪوٽن ۾ آءءَ ڪين گذاريان ) هن ڪلام جي ڌن ان زماني جي مشهور موسيقار (ديبو ڀٽاچاريه ) جي ڳاهيل هئي .ان ڪلام محمد جمن جي شهرت کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا جتي به پنهجي فن جو مظاهرو پيو ڪري ته اتي سندس پرستار هن ڪلام جي فرمائش پيا ڪندا هئا.ان بعد سندس قسمت جي ديوي چوٽ تي هئي، پنجابي زبان جي مشهور شاعر با با بلي شاه جو ڪلام (انت بحر دي ڪل نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا ) به مقبوليت جو سبب بڻيو .هڪ ٻئي ڪافي ملڪان ملڪ مشهوري ماڻي اها هئي شاعر عثمان فقير سانگي جي سرائڪي جنهنجا ٻول (يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي ) .هن ڪافي جي ڌن استاد محمد جمن ايتري ته سهڻي رکي هئي جو جنهن منجهان پاڪستان کان علاوه هندوستان جي اردو موسيقارن پڻ ڪجهه گانا ڳايا .سندس کوڙسارو ڪلام ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيوز۾ رڪارڊ ۽ محفوظ ٿيل آهي استاد محمد جمن ڏيهه کانسواءَ ٻاهرين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيوجن ۾ ايران ، انڊونيشيا ، روس، چين، هندوستان، افغانستان، بنگلاديش وغيره شامل آهن .1962 عيسوي ڌاري پاڪستان جا لوڪ فنڪارس روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا هئا . انهن ۾ استاد محمد جمن سنڌي سنگيت جي فنڪارن جي اڳواڻي پڻ ڪئي هئي .استاد محمد جمن سنڌي زبان کانسواءِ اردو سرائڪي ۾ به فن جو مظاهرو ڪندو هو . هن ٻن فلمن لاءَ به ڳايو هڪ سنڌي فلم (تنهنجون ڳالهيون سڄڻ )۽ ٻئي فلم اردو زبان جي ( ڪالو ) ۾ پڻ ڳايو .استاد محمد جمن پنهنجي زماني ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي موسيقي جي فني سکيا سان نوازني تيار ڪيو تن ۾ جيجي زرينه بلوچ زيب النساءَ، جميلا ناز، علي محمد خاصخيلي، شفيع محمد وغيره اهي فنڪار پڻ وقت جا وڏا نالا هئا استاد محمد جمن جي فن جي قدرداني به خوب ٿي کيس لاتعداد انعامن ۽ اعزازن سان وقتن به وقتن نوازيو ويو جن ۾ گولڊ انعام، بيدل انعام سگا ايوارڊ ، لطيف ايوارڊ ته (ٻه) ڀيرا ڏنو ويو ۽ سچل سرمست ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو 1980ع ڌاري پاڪستان سرڪار پاران ( صدارتي ايوارڊ تغمه حسن ڪارڪردگي )پڻ شامل آهي سر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار استاد محمد جمن اربع ڏينهن 24 جنوري 1990تي پره ڦٽي مهل ڌاري 54سال 3 مهينا ۽ 14 ڏينهن زندگي جا گذاري سڀ ساز بند ڪري ، اسان سڀني کان هميشه لاءَ موڪلائي راهه رباني ٿي ويو . هيترن(27 ) سالن گذرڻ باوجو سندس فن کي اڄ به ساڳي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جس لهڻي جو سندس اڄ ستاويهي ورسي جي موقعي تي ثقافت کاتو حڪومت سنڌ جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري صاحب جيڪو پڻ ناميارو اديب پڻ آهي جنهن جي ڪوششن سان ممتاز مرزا اسٽوڊيو، ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ڪلچر ۾ هڪ شاندار تربيت وارو پروگرام رٿيو ويو آهي جنهن منجهه استاد محمد جمن جا شاگرد ۽ موسيقار کيس فن ، شخصيت ۽ موسيقي تي ڀيٽا پيش ڪندا _________________ __________________________________________________ ibrahimlashari2kamber@gmail.com

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو