شهيد مير مرتضى ڀٽو جي ورسي تي سرخ سلام

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پارن سنڌ جي اڙٻنگ ۽ دلير جوڌي شهيد مير مرتضى ڀٽو جي ورسيء تي کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو۔مير مرتضى ڀٽو 20 سيپٽمبر 1996ع تي پنهنجي گهر ستر ڪلفٽن جي ويجهو پوليس جي انڌاڌند فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو۔

    ڦاسي گهاٽن جا سفر هميشه اڪيلا ئي ڪبا آهن

    سُرخ انقلاب جي قافلي جا پانڌيئڙا نه ڄاڻ ته ڇو سست ٿيڻ لڳا آهن. ڪو زمانو هو ته اُهي سرخا ڳاڙها ڪتاب ورن ۾ هڻي ڪوئينز روڊ ڪراچي، حيدرآباد جي حيدر چوڪ، ڊاڪٽرس ڪالوني، وحدت ڪالوني، ڪلهوڙا ڪالوني، ڀرڳڙي فليٽس، ڪاري موري، ڄامشوري، لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۾ اچي هڪ ٻئي سان ملندا هئا ۽ راتين جون راتيون هڪ ٻئي سان انقلابي بحث مباحثا ڪندي ٿڪبا نه هئا، خبر نه آهي ته انهن سرخن کي ڪهڙو وائرس لڳو آهي، جو خاموش ٿي وڃي يا ته گهر ويهي رهيا آهن يا وري ميڊيا جو سهارو حاصل ڪري ويٺا آهن، باقي جيڪي سرخا انهن ٿلهن ڳاڙهن ڪتابن کان آجا هئا، سي سر ڦريا اڄ به انهن گسن کي مقصد سمجهي منزل ڏانهن روان دوان آهن. هي انهن انقلابين جي ڪٿا آهي، جن 1979ع ۾ آمريت، خلاف ملڪ دشمن قوتن خلاف، مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزندن مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو پاران اعلانيل انقلابي جدوجهد کي وجود ۾ آندو، ان جدوجهد جو حصو بڻيا هئا.

    مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جن تڏهن هٿياربند انقلابي جدوجهد جي ضرورت محسوس ڪئي، جڏهن ضياءَ جي شڪل ۾ ملڪ مٿان آمريت مڙهي سياست تي پابندي هڻي عوامي نسل ڪشي شروع ڪئي وئي ۽ گهڻن سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏنيون ويون ۽ سرعام سياسي اڳواڻن کي فوجي عدالتن پاران ٻڌايل سزا تي عمل شروع ڪيو ويندو هو. ان صورت حال ۾ مير ۽ ڪامريڊ شاهنواز ميدان عمل ۾ لهي پيا. ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ ۽ سندس هم خيال يعني آمريت پسند قوتن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. نيٺ ان جدوجهد رنگ لاتو ۽ جنرل ضياءَ پنهنجي آمريت جي ٽولي سان گڏ هوائن ۽ فضائن ۾ وکري ويو، آمريتي دور جي پڄاڻي ٿي ۽ مير ۽ سندس ساٿي عوام آڏو سرخرو ٿي سامهون آيا. مير مرتضيٰ ڀٽو ڪڏهن به عوامي حقن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ ملڪ ۽ عوام جو باغي انقلابي شهزادو رهيو. هي شهزادو 16 سال جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ڌرتي سنڌ تي 1993ع تي موٽيو، اچڻ سان گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن باغي شهزادي ملڪ جي چئني صوبن جا دورا ڪيا ۽ عوامي موٽ ڏسي هن 15 مارچ 1995ع ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو کي وجود ۾ آندو ۽ اُن کي منظم ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيائين ۽ نيٺ عالمي سامراجين ۽ ملڪي سامراجي قوتن 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي ٽي تلوار آڏو مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڇهن ساٿين سميت شهيد ڪيو.

    اڄ ان باغي شهزادي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي ۽ سندس پارٽيءَ پاران سنڌ ۾ برسات جي تباهه ڪارين جي ڪري ورسيءَ جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ هُئڻ به ايئن کپندو هو، ڇو ته مير جي جدوجهد به انهن ڏتڙيل ماڻهن جي لاءِ هئي، جيڪي مير کي پنهنجو قائد سمجهندا هئا. ورسي ايندڙ سال به ٿي سگهي ٿي، پر انهن ڏتڙيل انسانن سان همدردي جا ٻه لفظ به ڪافي هوندا، جيڪي هينئر آسمان تي گهمندڙ بادلن کان خوفزده آهن، انهن وٽ وڃڻ سان مير جي روح کي سڪون ملندو. مير مرتضيٰ جي ورسيءَ جي موقعي کيس حميد سبزوئي جي نظم جون هي آخري سِٽون ارپيون ٿا؛

    ڇا تون ڄاڻين ٿو ته
    چارڻ رڳو سر ڇو گهرندا آهن؟
    ۽ اروڙ جا ويران پهاڙ هڪ ٻئي سان ڪهڙيون خاموش ڳالهيون ڪندا آهن؟
    وڃ! وڃي درسي ڪتاب پڙهه
    منافقت جو مکڻ هڻي
    اقتدار جو آڱوٺو چوس
    مون کي اڪيلو ئي ڇڏي ڏي
    ڇو ته ڦاسي گهاٽن جا سفر
    هميشه اڪيلا ئي ڪبا آهن


    اورنگزيب جمالي /حيدرآباد

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 سيپٽمبر 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    نثار کوکر :

    جڏهن جڏهن ڪلفٽن جي گهاٽن وڻن واري ان روڊ سان گذرڻ ٿيندو آهي جتان ڪيترائي ماڻهو روز گذرن ٿا ، پر مونکي الاء ڇو وڏي قد وارو اهو پڳدار پٽ ياد ايندو آهي جيڪو پاڪستان جي سسٽم کي پنهنجي ڀيڻ جيترو به نه سمجهي سگهيو......

    هن به ٿاڻن مان ائين پنهنجا ڪارڪن ڇڏرايا جيئن اڄڪلھ عمران خان پيو ڪري...پر کيس خبر نه پئي ته هو سنڌي آهي انڪري راه ويندي اهڙو ماريو ويندو جو وري سندس خاندان سياست جو نالو ٻڌي به ڇرڪي پوندو....... مرتضي به جيڪڏهن مفاهمت ء ڪنٽينر سياست ڪري ها ته اڄڪلھ اقتداري ڪلب ۾ زنده هجي ها......


    عارف علي جهتيال:

    سچي ماڻهو جي سڀ کان وڏي ڪمزوري دُشمن ۽ دوست ۾ فرق نه سمجهڻ آهي..... دوستي ۾ قربان ٿيل مير مرتضي ڀٽو...
    اسان وٽ بشير خان به ائين سادگي جي ڪري مار کائي ويو...
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا..
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو:

    شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو وڏو فرزند مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . شروعاتي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان حاصل ڪيائين . جنهن بعد هن ’ اوليول ‘ جو امتحان 1971ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو . گـريـجـوئيـشن ڪـرڻ لاءِ هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن پڙهڻ ويو ، جتي 1976ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين . بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم . لٽ ( M . Lit . ) جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو ، پر ان دوران 1978ع ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي ، جنهن سبب مير صاحب اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان وڃڻ لاءِ آتو ٿيو ، پر پنهنجي عظيم والد جو پيغام مليس ته هو سندس آزاديءَ لاءِ بين الاقوامي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهر رهي ڪوششون ڪري . ان کان اڳ 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي خاندان وارن سان گڏ لاڙڪاڻي واري ’ المرتضيٰ هائوس ‘ ۾ موجود هو ، جڏهن سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو ته کيس والد حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي . ان سياهه دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي جنرل ضياءُ الحق جي سازش سان ڦاسي ڏني وئي ته ڏک ۽ ڪاوڙ وچان مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ مير شاهنواز سان گڏ جدوجهد جو آغاز ڪيو ، جنهن جو مقصد جنرل ضياءَ کي رستي تان هٽائڻ هو . چيو وڃي ٿو ته سندن ڪن دوستن پاران ان جدوجهد سبب ’ الذوالفقار ‘ نالي تنظيم به ٺاهي وئي ، ٻنهي ڀائرن پنهنجي تعليم ڇڏي آمريت خلاف للڪار ڪئي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي همدردن جي حمايت به حاصل ڪئي ، پر جنرل ضياءُ جا ارادا نه بدليا ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته کيس پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ جو فڪر رهندو هو ، انهيءَ عرصي دوران ٻنهي ڀائرن ٻن سڳين ڀينرن سان شادي ڪئي ، جيڪي نسلي طور افغاني هيون . ٻنهي کي هڪ هڪ نياڻي به ٿي . مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻيءَ جو نالو فاطمه ڀٽو رکيو ويو . 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀُٽو ، جيڪو فرانس ۾ رهائش پذير هو ، ان جو لاش سندس گهر مان مليو ، جنهن بابت اهو محسوس ٿيو ته کيس زهر ڏنو ويو هو . جنهن کان پوءِ مير مرتضيٰ اڪيلو ٿي پيو . ان حادثي بعد مير مرتضيٰ پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ سان رکيو .

    مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهه سال جلا وطن رهيو ، ان دوران سندس شادي لبنان ڄائي غنويٰ ڀٽو سان ٿي . 1993ع ڌاري هو وطن موٽيو ، سندس حمايتين هن جو ڀرپور استقبال ڪيو . ڪجهه سالن بعد سندس ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي ، پر ان اليڪشن دوران هن محترمه بينظير ڀٽو سان ڪجهه نظرياتي اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي . جڏهن ته پ پ ( شهيد ڀٽو ) کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو . هو نهايت جوشيلو ۽ باهمت نوجوان هو ۽ اڪثر تقريرن ۾ آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف کهرو لهجو استعمال ڪندو هو . جنهن سبب ڪجهه ڳجها گروهه سندس خلاف هئا . آخرڪار 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جڏهن هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي تان موٽي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو سندن رهائشگاهه وٽ پوليس ڪڙو چاڙهيو بيٺي هئي ، جنهن تي تڪرار بعد پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو . مير مرتضيٰ ڀٽو شديد زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ ساهه پورا ڪيائين ۽ شهيد ٿي ويو . ساڻس گڏ سندس ڇهه ساٿي به اجل جو شڪار ٿيا . سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنايو ويو .

    ان سانحي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو ، ڀاءُ جي غم ۾ ورتل تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف اها سازش ڪامياب ٿي ، جنهن بعد پيپلزپارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙيون . ( وڌيڪ ڏسو: بينظير ڀٽو ) هن وقت مرتضيٰ ڀٽي جي قائم ڪيل پارٽي پ پ ( شهيد ڀٽو ) جي سربراهه سندس بيوه غنويٰ ڀٽو آهي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو