سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو اسلام عليڪم...
    گذريل مهينو سنڌ سلامت جي لاءِ ڪافي وزنائتو گذريو... ان مهيني سنڌ سلامت جو سرور لڳاتار اپ ڊائون ٿيندو رهيو ... ياد رهي ته هي اهو ئي هوسٽنگ سرور هيو جنهن سنڌ سلامت سان ابتدائي سال خوب ملهايو هيو.. پر جيئن ئي سنڌ سلامت فورم ٻئي سال ۾ داخل ٿيو ته فورم تي ٽريفڪ وڌڻ لڳي ۽ مسلسل 24 ڪلاڪ ۾ رڪنن سميت مهمان جو تعداد 50 کان گهٽ نه ٿيو.. فورم جي مسلسل مصروف هجڻ ڪري هوسٽنگ طرفان مليل بينڊ وڊٿ وڌيڪ خرچ ٿيڻ لڳي ۽ ضرورت پئجي وئي ته پنهنجي هوسٽنگ پيڪيج کي وڌائجي...
    پر هوسٽنگ پيڪيج وڌائڻ باوجود سنڌ سلامت فورم تي ننڍا وڏا ايرر اچڻ جو سلسلو نه رڪيو جنهن جو اهم سبب سرور جي مسلسل مينٽيننس هئي... هر دفعي وانگر گذريل مهيني به فورم جي اپ ڊائون ٿيڻ جو سبب سرور جي اپگريڊيشن کي سمجهيو ويو پر هن دفعي هوسٽنگ وارن طرفان اي ميلز وصول ٿيون ته فورم جو بيڪ اپ ٺاهي وٺو جو سرور ڪنهن به ٽائيم ڪريش ٿي سگهي ٿو...
    پنهنجي پروفيشنل مصرفيتن جي ڪري آءٌ ان طرف توجه نه ڏئي سگهيس جڏهن ته ادا علي علي پڻ پاڪستان ۾ اچڻ ۽ واپسي ڪري اي ميل نه پڙهي سگهيا... ۽ بي خيالي ۾ سنڌ سلامت جو بيڪ اپ حاصل ٿي نه سگهيو...
    سرور جي ڪريش ٿيڻ تي هوسٽنگ ڪمپني فورم کي ٻئي سرور تي منتقل نه ڪري سگهي ... ۽ جڏهن حقيقت واضح ٿي ته خبر پئي ته سنڌ سلامت فورم اسان جي هٿن ۾ نه رهيو آهي...
    اهو هڪ تمام ڏکوئيندڙ وقت هيو ... سنڌ سلامت فورم صرف نثار ناز يا انتظاميه ۾ شامل رڪنن سميت نثار ابڙو، علي علي، سليمان وساڻ يا منهنجي ملڪيت نه هو پر هي فورم نه رڳو فورم تي ايندڙن ۽ ساٿ ڏيندڙ سمورن رڪنن جو پر انهن سنڌين جو جيڪي مهمانن جي صورت ۾ اچڻ، اي ميلز ذريعي خيالن جو اظهار ڪرڻ، موبائيل ايس ايم ايس ۽ ڪالز ذريعي اسان جي همت وڌائيندڙ مهربانن جو پڻ هيو... سنڌ سلامت نه رڳو سنڌ جي وسندين، تاريخي ماڳن ۽ شهرن جي رونقنن ۾ رهندڙ سنڌين جو پر سنڌ کان ٻاهر پرديس ۾ رهي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ڪندڙن جو پڻ فورم هيو...
    منهنجي طرفان ننڍي پئماني تي شروعات ڪندڙ هي فورم ٿوري ئي وقت ۾ سمورين سنڌين جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳو... فيس بوڪ تي ذاتي چيٽ هجي يا گروپ چيٽ گوگل پلس جا پروفائيل هجن يا ٽئٽر جا لنڪس مختلف بلاگ ۽ ويب سائيٽس هجن يا گوگل سرچنگ هر جاءِ تي ”سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت“ جا لفظ چٽجڻ لڳا... ۽ دوست چاهي سلام دعا شروع ڪندا هجن يا موڪلاڻي وقت الله واهي لکندا هجن ”سنڌ سلامت ... ۽ ساٿ سلامت“ کي لکڻ نه وسارڻ لڳا...
    سنڌين طرفان ايتري موٽ ۽ چاهت ملڻ کي ايترو جلد ۽ اهڙي نموني هٿن مان ويندو ڏسي يقينن مون وانگر ڪافي دوستن جون دليون دکيون هونديون... ان ڪري سڀني دوستن فيصلو ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ سلامت کي ختم نه ڪيو ويندو ۽ پوري ڪوشش ڪري گذريل ڊيٽا هٿ ڪرڻ گهرجي ... ۽ جي اهو ممڪن نه هجي ته نئين شروعات ڪجي ۽ ٻيهر سنڌرا ٻڌي پنهنجي قوم جي درست رنگ کي ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي کي دنيا جي سامهون آندو وڃي..
    دوستن جي اهڙن جذبن مون ۾ به همت آندي جنهن کان پوءِ ڪم کي ورهايو ويو... ادا علي علي جي مٿان ذميداري رکي وئي ته هُو هوسٽنگ ڪمپني سان ملن ۽ سندن کان سنڌ سلامت جو مڪمل بيڪ اپ حاصل ڪن چاهي ان لاءِ ڪا قيمت ادا ڪرڻي پوي... جڏهن ته سنڌ سلامت کي نئين سرور تي منتقل ڪرڻ ۽ نئين هوسٽنگ حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان تي سنڌ سلامت کي سجائڻ جي ذميداري منهنجي مٿان رکي وئي ان سلسلي ۾ ادا سليمان وساڻ پڻ منهنجي معاونت لاءِ موجود رهيا...
    سنڌ سلامت جو ڊومين (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام) حاصل ڪري کي نئين سرور تي ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ اي ميلز ڪيون ويون ان پروسيس ۾ 5 کان 7 ڏينهن گهربل هئا .. ان ڪري اڳ حاصل ڪيل سنڌ سلامت ڊاٽ نيٽ ڊومين کي نئن ورتل هوسٽنگ تي فعال ڪيو ويو ... ياد رهي ته موجوده هوسٽنگ دنيا جي مشهور ۽ پهريون نمبر چورائيندڙ ڪمپني ”گوڊيڊي“ کان خريد ڪئي وئي... جيئن ته هي هوسٽنگ لنڪس جي هئي ان ڪري ان کي سمجهڻ پڻ هڪ مسئلو هيو جنهن لاءِ ڏينهن جو مصروف هجڻ ڪري مون کي رات جو اضافي وقت ڏيڻو پيو ... مختلف ٽيوٽرل ۽ آرٽيڪل پڙهڻ سان گڏو گڏ ”گوڊيڊي“ جي سپورٽ ٽيم کان پڻ مدد ورتي وئي ... ان سان گڏو گڏ هتي مان پنهنجي محسنن محترم سلطان کوسو (سنگاپور)، رنجيت رام رکيو (انڊيا)، وهاب قمبراڻي (اسلام آباد)، عباس ”مگسي“ (ڪراچي) ۽ عامر ضياء چارڻ (دادو) جن جو پڻ ٿورائتو آهيان جن مختلف ٽپس ۽ هنٽس ڏئي منهنجي ڪم کي آسان بڻايو...
    پر سنڌ سلامت کي واپس ورائڻ جو ڪريڊٽ يقينن ادا علي علي جن ڏانهن ويندو جو هو پنهنجي مسلسل مصروفيتن کي پاسي تي رکي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري گذريل هوسٽنگ وارن کان سنڌ سلامت جو مڪمل ڊيٽا بيس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو... ۽ اهڙي طرح سنڌ سلامت کي ساڳي پوزيشن ۾ واپس ورائڻ آسان ٿي پيو...
    ان باوجود ته دوست مختلف ڪالز، ميسيجز ۽ اي ميلز ذريعي بار بار سنڌ سلامت بابت پڇندا رهيا جن کي مون سميت علي علي ۽ سليمان وساڻ صورتحال کان آگاهي ڏيڻ کان سواءِ سندن زور ۽ اسرار کي صبر ڪرڻ طرف ٽاريندا رهيا پر لڳاتار دير هجڻ ڪري دوستن جي مايوسي ۾ اضافو ٿيندو رهيو...

    آخر ڪار مسلسل 20 ڏينهن جي محنت ۽ جستجو رنگ لاتو ۽ اڄ سنڌ سلامت پنهنجي ساڳي ڊومين سان نئين پوشاڪ زيب تن ڪري پنهنجي پٺيان اضافي خوبين ۽ طاقتن سان توهان سامهون آهي...

    جيئن ته ”گوڊيڊي“ سنڌ سلامت فورم لاءِ نئين هوسٽنگ آهي ان ڪري ممڪن آهي ته ڪافي جڳهين تي اڻوڻايون، ايررس يا خاميون سامهون اچن... جنهن کي توهان طرفان نشاندهي ڏيکارڻ کان پوءِ وقت سر درست ڪيو ويندو...

    دوستو يقينن هي هڪ ڏکيو مرحلو هيو جنهن مان سنڌ سلامت فورم گذريو... ۽ انتظاميه لاءِ پڻ ڪنهن امتحان کان گهٽ نه هو پر توهان جي پٺڀراين دعائن ۽ دوستن جي مسلسل ڪوششن ۽ محنتن هن ڏکئي ڪم کي آسان بڻايو... ان ڪري مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر هجڻ سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي سمورن رڪنن تي پڻ ناز آهي جيڪي سنڌ سلامت جي دوري ڪجهه ڏينهن جي لاءِ به برداشت نه ٿا ڪن ۽ اسان جي همت ۽ سگهه بڻجي هر ڏکئي مرحلي کي آسان بڻائڻ ۾ اسان جا ساٿاري ۽ مددگار ثابت ٿا ٿين ... مون کي يقين آهي ته پنهنجو هي ڪاروان سمورن ڏکيائن ۽ پريشانين کي لتاڙي منزل طرف سفر جاري رکندو ...

    الله پاڪ توهان ۽ اسان جو مددگار ۽ حامي رهي ...!

    سنڌ سلامت .... ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ


    السلام عليڪم

    مهنجي طرفان سنڌ سلامت جي تمام ميمبرن ۽ مهمانن کي سنڌ سلامت جي ڪاميابي سان نئي سرور تي منتقلي ۽ ڪاميابي سان ڊيٽآ بيس کي واپس آڻي لنچ ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو يقينن اوهان دوستن جون دعائون ، ساٿ ، همت افزائي ئي رهي جنهن سبب اهو ڪم پايه تڪميل تي پهتو ۔۔۔هاڻي دوستن جي هٿ ۾ آهي ته اهي هڪ مهيني جي گيپ کي ڪهڙي طرح ٿا پورو ڪن اميد ته دوستن جو ڪچهريون جاري و ساري رهنديون هاڻي اسان پوڙها ٿي ويا آهيون ۽ اکين جي ديد به گهٽ ٿيڻ لڳي آهي سمجه به گهٽجي وئي آهي عمر جو تقاضا آهي ٿي سگهي ته دوستن سان ڪچهريون گهٽ ڪري سگهون پر اسان جي دعا دوستن سان گڏ آهي ۽ سڀني دوستن کي اها ئي التجا آهي ته جيترو ٿي سگهيو پهنجي وس آهر پهنجي ٻولي کي دنيا سامهون اجاگر ڪرڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪريو اها ئي اسان جي سڃآڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    جيڪڏهن حقيقت پڇو ته جڏهن کان سنڌ سلامت بند رهي اھي اصل ته دل جو حال ڪنهن سان سليو ئي ناهي۔۔ اسان جي مٺڙي سنڌ جو هي هڪڙو ئي ته ذريعو آھي۔۔ انٽرنيٽ تي هونء ته گھڻا ئي سوشل نيٽورڪ آهن،،، پر وري به پنهنجائپ پنهنجائپ ٿيندي آھي۔۔۔ ان ڪري مان ادا علي ظفر ۽ ادا رشيد سمون جو انتهائي تمام گھڻو ٿورائيو آهيان جن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان اڄ اسان هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ سلامت جي اڱڻ تي حاضر ٿيا آهيون۔۔۔۔
    ســـــلام دســـــــتو۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سڀ کان پهرين ته لک لک واڌايون سنڌ سلامت ٻيهر هلڻ تي۔

    ادا اها ته حقيقت آهي ته هر وڏي کان وڏي منزل هڪ ننڍڙي وِک سان شروع ٿيندي آهي۔ پر اِرادا مظبوط هجن ته پڄي پئبو آهي۔ رهي ڳاله ساٿ جي ته اِهو خير خواه دوست ڏيندا آهن جِن جو ملڻ به اوهان تي ئي هُجي ٿو ڇو ته اوهان کي ماڻهو به اوهان جهڙا ئي ملندا آهن۔

    سو قصو ڪوتاه ته اوهان جون هي محنتون ۽ ڪاوشون سڀ انهي ڪري آهن ته اوهان هڪ محنتي ۽ پُر خلوص انسان آهيو جِن کي اهڙا بهترين ساٿي مِليا آهن جو اوهان جي اڏيل هِن ننڍڙي جهوپڙي واري اوطاق اڄ ڪيترو وڌي ويجهي وئي آهي ۽ مهمانن سان ڏينهن رات آباد رهي ٿي۔

    دعا آهي ته ڪوسو وا نه لڳي ۽ سادا آباد هجو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    منھنجي طرفان سنڌ سلامت جي سٿ کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي بحالي تي کوڙ ساريون مبارڪون ، اميد ته سنڌ سلامت جا جفاڪش دوست ھن مقابلي جي دور جي اھميت کي سمجھندي ھر قدم ترقي ڏانھن وڌائيندا رھندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    السلام عليڪم
    مهنجي طرفان به سنڌ سلامت جي تمام ميمبرن ۽ مهمانن کي سنڌ سلامت جي ڪاميابي سان نئين سرور تي منتقلي ۽ ڪاميابي سان ڊيٽا بيس کي واپس آڻي لائونچ ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سنڌ سلامت هڪ اهڙو فورم جتي اسلام جي باري ۾ معلومات، حمد و نعت، قران پاڪ جي تعليم، اسلامي بحث مباحثو، اسان دوست ڀائر جون سڪ ڀريون ڪچهريون، خوش گفتار گفتگو، مسئلن جو حل، وڏن جو ادب ، صحت جا ٽوٽڪا، ڪمپيوٽر جي تعليم، نت نيون خبرون، دوستن جا تجزين ڀريا آرٽيڪل، جذبات ڀريون شاعريون، عاشقن جي آهن ڀريا لفظ، نصيحتون، سياڻن جا قول، ڪتاب، ڪهاڻيون، سرتين جي سجاوٽ، سنڌ جي ماڳن جي معلومات، سفر نامه، سنڌي شخصيتن جا تعارف نامه، ڪارنام ۽ مڪمل تاريخ جا موضوع، قانوني ۽ آئيني مشاورت ، ويب سائيٽن جي معلومات، ڊائونلوڊنگ، اپلوڊنگ، موسيقي، گيت، راڳ ، رانديون ۽ پيار سان گڏو گڏ ڪاوڙ جو اظهار ۽ رسڻ پرچڻ جون ريتون۔ مطلب ته هڪ فورم تي زندگيءَ جي هر پهلو سان جارنگ موجود آهن، سياست سان گڏ و گڏ سماجي شعور به هن فورم جي زينت آهي۔ هاڻي اوهان پاڻ فيصلو ڪريون ته اهي تمام شيون مون جهڙي درويش ماڻهونءَ کان پري ٿي وڃن ته محبوبا جي جدائي ته ڪجهه به نه آهي ان جي اڳيان۔ روزانو ڪمپيوٽر تي ويهي آڱريون سنڌسلامت لکي (ڪنٽرول انٽر) دٻائڻ جون عادي ٿي چڪيو هيون ۔ شايد اهو ئي سبب آهي جو اها خبر هوندي به ته فورم بند آهي پوءِ به دلبر جي لاءِ واٽ نهارڻ جيان هر هر سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لکي انٽر دٻائي۔۔ پر ساڳيان انگريزي اکر اڳيان اچي وڃن ۽ بي وس عاشق جيان چو ڪري ويهي رهيس۔ پر ڪنهن ڪنهن عاشق جا همراز رفيق هوندا آهن جيڪي دلبر کي مڃائڻ جون ڪاوشون ڪندا رهندا آهن۔ شايد اهڙي همراز رفيق جو ڪردار ادا رشيد سمون ادا ڪيو جنهن جي ڏينهن رات محنت کانپوءِ منهنجي محبوبا يعني سنڌ سلامت واپس وري۔ ادا رشيد جون ڪوششون قابل تحسين آهن جنهن بغير ڪنهن لالچ جي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ و گڏ سنڌي نوجوانن جي صلاحين چاهي اهي شاعريءَ جي صورت ۾ هجن ، لکڻيءَ جي صورت ۾ هجن يا تحقيق ۽ تاريخ ميدان ۾ اڳڀرائين ۽ قابليتن کي اجاگر ڪرڻ جي مشن کي جاري رکڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي۔ آفيس جي ڪم هوندي به ننڊون ڦتائي سندس ڪاوش کي جاري رکيو ۽ انهن ئي ڪاوشن ۽ محنتن جو ڦل اسان جي سامهون سنڌ سلامت جي بحاليءَ جي صورت ۾ موجود آهي۔۔۔ سنڌ سلامت جي بحاليءَ ۾ جن جن ٻين ميمبرن جو ڪاوشون آهي اسان انهن جا به ٿورائتا آهيون ۽ گڏ وگڏ سنڌ سلامت جي تمام ميبرن کي مبارڪون به پيش ڪجن ٿيون۔۔ دعا آهي ته الله تعالي انتظاميه جي ڪاوشن جو اجر عطا فرمائي ۽ کيس سدا خوش ۽ آباد رکي۔۔

    سکيو هجي سپرين۔۔ ڏکيو نه ڏسين ڏينهن

    رحمت وسئي رب جي ، جيئن سانوڻ وسي مينهن۔


    دعا ۾ ياد۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سموري دوستن کي سلام

    خاص مهربانيون ادا رشيد ۽ ادا علي ظفر جون جن جي ڪاوشن سبب هي سڀ ممڪن ٿي سگهيو۔ سنڌ سلامت جو فعال نه هجڻ وارو عرصو يقينن اسان لاء ڪٺن رهيو آهي۔ مان عمران درويش سومرو جا اهي لفظ ورجائيندس جيڪي هن سنڌ سلامت جي چيٽ روم ۾ چيا هئا

    سنڌ سلامت اسان لاء محبوبه هئي جيڪا اسان کان رُسي وئي آهي

    ۽ جڏهن محبوب رُسي وڃي ته پوء ڪهڙي حالت ٿيندي آهي اهو ته اسان کان وڌيڪ اسان جي سنڌ سلامت جا شاعر دوست بهتر ٻڌائي سگهن ٿا۔ پر هن سڄي عرصي ۾ مان ڪجهه شيون نوٽ ڪيون ته اسان سنڌ سلامت کي هلائڻ ۾ ڪجهه لاپرواهه ٿي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪا مون سميت انتظاميه جي لاپراهي آهي۔ ٽيڪنيڪل نه هوندي به مان بيڪ اپ وٺڻ جو سوچيندو هوس پر ۔۔۔۔۔ مون اهو سمجهيو ته اسان جا دوست گهڻا ٽيڪنيڪل آهن جيڪي اهي سڀ شيون مينيج ڪندا پر اصل ۾ ايئن نه هيو۔

    وري به دوستن همت ڪئي ۽ همت ڪانه هاري توڻي جو ان عرصي ۾ مون سميت ڪجهه دوستن جو صبر جو پيمانو لبريز ٿيو ۽ موٽ ۾ دوستن جي ناراضگي ۽ سخت جملا به ٻڌڻا پيا پر سنڌ سلامت جي بحاليء لاء اسان ڪجهه به ڪرڻ لاء تيار هئاسين ۔۔۔۔۔۔

    دوستن جو ساٿ آهي ۽ ارادا مضبوط آهن ۽ اسان جي نظر هاڻي ماضي ڏانهن نه پر مستقبل ڏانهن آهي ۽ ڪجهه ٽارگيٽ آهن جيڪي حاصل ڪرڻا آهن ۽ يقينن ان ۾ ڪاميابي ٿيندي۔ سنڌ سلامت جي دوستن جا ٿورائتا آهيون جن فون ڪالز، ميسيجز، اي ميلز ۽ فيسبوڪ ميسيجز سميت ذاتي ملاقاتون ڪري به سنڌ سلامت جو پڇندا رهيا ۽ بحاليء لاء پنهنجي ساٿ جو نعرو هڻندا رهيا۔ سڀني جا ٿورا۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. lalamemon

    lalamemon
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2009
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سڀني انتظاميا وارن کي سنڌ سلامت ڄي صحيح سلامت واڀسي تي شاباش هجي ۔ توهان ڄي جذبي ۽ محنت کي الهَّ ساءين قائم رکي ۔اسان پرديس ۾ ڏاڊو ياد ڪيو۔واپسي لاء دعائون ڪيون ۔اڄ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۔
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    اسلام عليڪم
    سڄي سنگت کي دل جي گهرائن سان مبارڪون هجن ، جنهنن مسلسل محنت ۽ جدوجهد ڪري اسان جي هن دل و جان کان عزيز فورم کي ۽ هن ۾ پيل امله ڊيٽا کي بچائي ورتو ۔ يقينن اهو هڪ پريشان ڪندڙ مرحلو هو جنهن ۾ هر ڪو ميمبر پنهنجي جاءِ تي پريشان هو ته الائجي فورم جو ڇا ٿيندو ۽ فورم ٻيهر ايڪٽيو ٿيندو يا نه ۽ هن جهڙا ڪافي سوال دل ۾ پئي اڀريا ، پر آخر ڪار نيٺ اها گهڙي آئي جنهن ۾ سڀ پريشانيون دور ٿي ويون ۽ فورم ٻيهر پنهنجي آن ۽ شان سان فعال ٿي نيٽ تي نمودار ٿيو، اسان جي دعا آهي ته هن محبتي فورم کي الله سائين قائم دائم رکي ، ۽ سنڌي ٻولي جي جياپي لاءِ هن فورم جون خدمتون قبول فرمائي ۔ آمين
    آخر ۾ ٻيهر مان فورم جي انتظاميه کي وري به مبارڪ باد ڏيندم جنهنن ميمبرن جي پريشانين جو ادراڪ ڪري فورم کي نئي سر فعال ڪيو يقينن هن ڪم ۾ مالي ۽ بدني مشقت سان ڪم ورتو ويو هوندو انتظاميه راتن جون راتيون جاڳي فورم کي واپس آڻڻ لاءِمحنت ڪئي تنهن لاءِ ادي عبدالرشيد ، سائين محتم علي ظفر ، سليماڻ وساڻ ، محترم سلطان کوسو (سنگاپور)، رنجيت رام رکيو (انڊيا)، وهاب قمبراڻي (اسلام آباد)، عباس ”مگسي“ (ڪراچي) ۽ عامر ضياء چارڻ (دادو) جا ٿورائتا آهيون جنهنن فورم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون ،
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    اسلام عليڪم دوستو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سڀ کان پهريائين ته سڀني دوستن کي سنڌ سلامت ڪاميابيء سان واپس ورڻ تي لک لک واڌايون هجن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يقينن سنڌ سلامت کان دوري ڪنهن وڇوڙي کان گهٽ ڪانه هئي انهن دوستن کي جس هجي جن ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجا ڪم ڇڏي سنڌ سلامت کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۾ لڳي ويا پنهجي ذاتي مصروفيتن باوجود، عبدالرشيد، علي علي، ء سليمان وساڻ هر ڪاوش بروڪار آڻي پنهنجن ڪوششن کي ڪامياب بڻايو

    سنڌ سلامت کان دوري وارو ٽائيم تمام ڪٺن هيو نيٽ تي ڄڻ پنهجائپ ئي ڪان هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دعا آهي ته الله تعالي انتظاميه جي ڪاوشن جو اجر عطا فرمائي ۽ کين سدا خوش ۽ آباد رکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    بلڪل آئون به پريشان ٿي ويو هئس ته سنڌ سلامت کي آخر ڪار ڪنهنجي نظر لڳي وئي.
    خير آخر ڪار دوستن جي محنت سان سنڌ سلامت هلي وئي.
    اڄ وري جڏهن مون سنڌ سلامت فارم کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن ان فرنٽ پيج آئو ته دل تمام خوش ٿي وئي.
    تمام بهترين ڪم ڪو آهي.
    پر گوڊاڊي جو هوسٽنڳ پلان تمام مهانگو آهي.

    خير اسان جون دعائون سنڌ سلامت جي ٽيم سان گڏ آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سڀ کان پهريان ته مان مبارڪ ڏيندس سنڌ سلامت جي منتظم اعلي رشيد سمون کي جو سنڌ سلامت کي ٻيهر واپس آندو۔جڏهن مانهنجو ڪمپيوٽر خراب هو ته مان سنڌ سلامت موبائيل تي ڏسندو هئيس۔جڏهن ڪمپيوٽر ٺهي ويو ته مان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ کولي ته کولئي ن پئي۔مون فيسبوڪ تي هڪ پوسٽ ڪيو ته سنڌ سلامت نه ٿي کلي ته ادي رشيد جواب موڪليو ته سرور جو مسئلو آهي جنهن کي ٺيڪ ڪريون ٿا۔
    مون کي ته مزو ئي ڪونه پيو اچي سنڌ سلامت کان سوا
    ڪله مون ڏٺو ته سنڌ سلامت فورم واپس اچي ويو ته مان ڏاڍو خوس پيو ٿيا۔
    انشا الله تعالي سنڌ سلامت سڌائين اسان وٽ موجود هوندو آمين۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    منهنجي طرفان سموري سنگت کي واڌايون هجن ۔۔۔ جيتوڻيڪ آ پريشان گهٽ ٿيندو آهيان، ڇاڪاڻ حادثن ۽ نقصانن کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ ناهيان ڏيندو پر سنڌ سلامت جي گذريل ڪجهه ڏينهن واري حالت سوچڻ تي محبور ضرور ڪيو هو ۔۔۔!!! پر پو ذهن مان اهو جواب ملندو هو ته سنگت قابل، محنتي ۽ پنهنجي عمل ۾ ماهر آهي، انڪري وقت کان اڳ ڪپڙا لاهڻ سٺي ڳالهه ناهي، انڪري آ چپ چپات ۾ پنهنجين موڪلن جو مزو وٺندي دوستن جي اڻ تڻ ڏسندو رهيس ۔۔۔ خاص ڪري سليمان وساڻ جون جذباتي ڪيفيتون ۔۔۔

    الله جا شڪر جو ڪيل محنت بچي وئي ۽ سنڌ سلامت تي پيل پورو مواد بچي نڪتو ۔۔۔ اميد ته نئين سرور تي سنڌ سلامت سان اهڙي حالت نه ٿيندي ۽ محبوبه جي کسجي وڃڻ جون شڪايتون نه ٿينديون ۔۔۔

    آ دوست رشيد سمون ۽ سڀني ڄاڻايل دوستن کي واڌايون ۽ شاباسون چوندس جن پنهنجي محنت ۽ خرچ سان سنڌ سلامت کي وري بحال ڪري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي هن پياري اوطاق کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۔۔۔ بيشڪ انجو مثال اهڙو هيو جيئن ڪو تيز مينهن وسي پئي ۽ سڀ ڪجه لوڙهي وڃي، پر دوستن جي مڙسي مينهن کي مات ڪيو ۔۔۔۔

    سلام دوستو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. جتوئي صغير

    جتوئي صغير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سنڌ سلامت جي انتظاميه کي هنن ڪاوشن تي سلام پيش ڪجي ٿو۔۔ ۽ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي کي به لکين واڌيون ڏجن ٿيون۔ تمام خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڻ سڀ وري پنهنجي فورم ۾ ساڻ آهيون۔اسانجي دعا آهي ته پنهنجو هي فورم هميشه سلامت رهي ۽ پنهنجو ساٿ به سدائين سلامت رهي۔۔۔
    مهربانيون۔۔۔۔ دعائن ۾ ياد رکڻ نه وساريندا۔۔۔ فقط اوهانجو پنهنجو خادم دوست،، صغير جتوئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    سڀني دوستن کي دلي مبارڪون
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    هن فورم جي سڀني عهديدارن سڀني مانوارن رڪنن ۽ معزز مهمانن کي مبارڪون هجن جو هن فورم جو مڪمل ڊيٽا رڪور ٿي ويو ڪافي ڏينهن بارشن جي ڪري اسان وٽ ڊي ايس ايل خراب هو روز شڪايت نوٽ ڪرائڻ باوجود ڪو نه ڪو عذر ڄاڻائي ٽاريو پئي ويو آخر پونين چند ڏينهن کان اسلام آباد رپورٽ ڪئي سين اڄ خير سان ڊي ايس ايل آن ٿيو آهي ان دوران وي وائر ليس تي ڪوشش ڪيم ته سنڌ سلامت تي ڦيرو پائجي ليڪن ڪاميابي نه ٿي مون سمجهيو ته شايد اسپيڊ گهٽ هئڻ ڪري فورم ڪونه ٿو کلي بعد ۾ سائين عبدالرشيد جن ٻڌايو ته فورم سان هي مسئلو درپيش آيو آهي اها خبر ٻڌي تمام صدمون رسيو ته دوستن جي هيتري محنت هيتريون قيمتي تحريرون شايد سڀ ائين ختم ٿي وينديون ليڪن شاباس هجي سائين عبدالرشيد جن کي سائين علي علي ۽ ٻين ساٿين کي جن پنهنجي ڀرپور ڪوشش سان هن قيمتي مواد کي وري هٿ ڪري دوستن جي اڻ تڻ کي ختم ڪري ساٿين جي چهرن تي مرڪ آندي ۔
    دعا آهي ته شال رب ڪريم سڀني دوستن کي شاد و آباد رکي ۽ آئنده اهڙين پريشان ڪُن حالات کان حفاظت ۾ رکي۔
    آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي ڪامياب واپسي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ

    مون جي طرفان پڻ ادا رشيد ۽ فقير علي علي کي مبارڪون هجن جن سنڌ سلامت فورم کي سنگت آڏو آندو سندن لک ٿورا سائين رشيد صاحب پنهجو قيمتي ٽائيم سنگت لا۽ ڪڍيو ۽ ادا علي علي جن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ سلامت فورم کي وري بحال ڪيو آهي کين ان تي جس هجي
    مون جي پاران سڄي سنگت کي فورم کلڻ تي لکين واڌايون

    قبول ڪندا

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو