فيس بوڪ جي نون فيچرس کي سمجهو۔۔۔ يا وري پراڻي فيس بوڪ کي وااپس ورنايو۔۔۔

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل پلس جي لانچ ٿيڻ جي خوف فيس بوڪ انتظاميه کي ڪافي مونجهاري ۾ آڻي ڇڏيو ۔۔۔ ان ڪري فيس بوڪ کي جيڪي تبديليون اڃان نه ڪرڻيون هيون اهي به انهن تڪڙيون تڪڙيون آڻي ڇڏيون ته جيئن فيس بوڪ استعمال ڪندڙ گوگل پلس ڏانهن هجرت ڪري نه وڃن۔۔
    نين تبدلين ۾ فرينڊز لسٽ ۾ پاڻمرادو اضافو ۽ دوستن کي عليحده عليحده لسٽس ۾ رکڻ جو اڳ کان بهتر انتظام۔۔۔
    نوان فيڊس طور ايندڙ سمورن فيڊس مان چاهيو ته ڪنهن به موضوع مان شراڪت داري ختم ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    دوستن طرفن ايندڙ اپڊيٽس مان ڪنهن کي به ٽاپ سٽوري بڻائي سگهو ٿا۔۔۔ ته جيئن هر وقت ان جي اپڊيٽس کي ڏسي سگهو۔۔۔
    سائيڊ بار ٽڪر ذريعي هاڻي پنهنجي سمورن دوستن جي سرگرمين کي ڏسي، پڙهي ۽ تڪڙي مشاهدي سان گڏو گڏ انهن سرگرمين ۾ شامل ٿيندي پسنديدگي يا راء جو اظهار ڏئي سگهو ٿا۔۔۔
    وڌيڪ تفصيل لاءِ هن مختصر وڊيو جو مشاهدو ڪريو۔۔۔


    پر هن نئين طريقي ڪار جي اچڻ سان اهي فيس بوڪ استعمال ڪندڙ جيڪي پنهنجا اپڊيٽس موڪلڻ وقت پرائيوسي جو خاص خيال رکڻ چاهيندا آهن۔۔ مونجهاري جو شڪار ٿي ويا۔۔۔ اهڙن دوستن کي فيس بوڪ جي نئين پرائيوسي سمجهائڻ لاءِ سنڌ سلامت فورم تي اڳ ئي ادا مست هڪ موضوع ونڊي چڪو آهي۔۔۔

    بحرحال اسان جي ڪافي دوستن هن نئين تبديلي کي دل سان نه مڃيو ۔۔۔ جو اهي نيوز فيڊس ۾ ٽاپ اسٽوري بجائي نوان فيڊس ۽ ٽڪر ذريعي پنهنجي ۽ ٻين دوستن جي سرگرمي کي هر وقت نوٽ ڪرڻ جي ڪيفيت ۾ نه آهن۔۔۔ ۽ جيئن ته گهٽا دوست پنهنجي چيٽ لسٽ کي به آف رکندا آهن پر ٽڪر جي ذريعي اها خبر پئجي ويندي آهي ته توهان جي اهو دوست جيڪو چيٽ لسٽ ۾ آن نه آهي هن وقت فيس بوڪ تي موجود آهي ۔۔۔ يا توهان لاءِ هن چيٽ لسٽ آف رکي آهي۔۔۔
    اهڙن دوستن جڏهن بار بار فون ڪري مون کان پهرين واري فيس بوڪ تي واپس ورڻ جو طريقي ڪار پڇيو ته ٿوري جانچ سان گوگل ڪروم جو هڪ اهڙو ايڪسٽينشن ملي ويو جنهن سان فيس بوڪ جي هن تبديلي کي انڊو ڪري سگهجي۔۔۔
    توهان به جيڪڏهن فيس بڪ جي هن نئين تبديلي کي پنهنجي پرائيويسي خاطر يا وري سمجهه ۾ نه اچڻ خاطر واپس ورنائڻ چاهيو ته هتي ڪلڪ ڪري گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن انسٽال ڪري وٺو۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ جي نون فيچرس کي سمجهو۔۔۔ يا وري پراڻي فيس بوڪ کي وااپس ورنايو۔۔۔

    بهترين شيئرنگ آهي

    يار هنن فيسبوڪ وارن منجهائي وڌو آهي پر ڪجهه شيون نئين سسٽم ۾ سٺيون به آهن۔ هاڻي مونجهاري جو شڪار آهيون ته ڪيڏانهن وڃون۔ اصل فيصلو ئي ڪونه پيو ٿئي ؟؟
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ جي نون فيچرس کي سمجهو۔۔۔ يا وري پراڻي فيس بوڪ کي وااپس ورنايو۔۔۔

    يار سليمان جي ڳاله صحيح آهي۔۔۔۔۔۔۔ڳالهه رُڳو پنهنجي پاڻ تائين هُجي ته اسان اِهو ٻڌائيندي صفا شرم محسوس نه ڪنداسين ته ايڪسپلورر، مائڪروسافٽ آفيس 2003 ۽ ونڊوز ايڪس پي سروس پيڪ ئي سمجهي سگهيا آهيون ۽ سؤلا به لڳن ٿا۔ پر يار زماني سان هلڻو ته بهرحال آهي نه۔ ڪڏنهن ڪڏنهن ڪُجه ايپليڪيشن پراڻي شئي ۾ ناهن ملندا ۽ پوءِ پريشاني ٿي ٿيئي۔
    انهي ڪري ئي ونڊوز 7، آفيس 2007 ۽ فائر فاڪس سان گڏ فيس بوڪ جي تبديل ٿيل ورجن کي ست سؤ نخرن هوندي به برداشت ڪري هلايون ٿا پيا۔۔۔۔ها باقي ڳاله زور ٿي وئي ته هِتي مست، فقير، ڏاڏل،رشيد، علي،ابو واصف جهڙا دوست آهِن۔۔مسئلو حل ٿي ويندو۔
     
  4. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: فيس بوڪ جي نون فيچرس کي سمجهو۔۔۔ يا وري پراڻي فيس بوڪ کي وااپس ورنايو۔۔۔

    محترم ڇا اهو فيوچر صرف ڪروم لا۽ آهي۔۔۔۔؟
    فائرفوڪس يا اوپرا لا۽ ناهي جيڪر انهن لاء آهي ته اهو ٻڌايو وڃي ته لک لک مهربانيون ٿينديون۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو