1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

سرويچ سجاولي: ٻهڳڻ شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سرويچ سجاولي: ٻهڳڻ شاعر

    سليمان وساڻ

    سنڌي زبان ۾ عوامي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ ۽ اها جلسن ۽ جلوسن ۾ پڙهي عوام جو رت گرمائڻ ۽ منجهن وطن دوستي ۽ قومپرستي جا جذبا پيدا ڪرڻ، جابرن ۽ ڏاڍن سان همت ۽ مڙسي سان منهن ڏيڻ وارا جذبا پيدا ڪرڻ، کين پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ڪرڻ جهڙا معرڪا سر ڪندڙن سرويچ سجاولي جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.

    محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو، جيڪو اڳتي هلي سرويچ سجاوليءَ جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور ٿيو. 14-مارچ 1937ع ۾ سجاول کان ٻه ميل اُڀرندي پاسي، هڪ ڪلراٺي ميدان تي اڏيل ڳوٺ ’ابراهيم تارڙو ‘ ۾ ڄائو ، هو اڃا تنجڻ ۾ ئي هو ته سندس پيءُ اتان لڏي بدين پاسي، ڳوٺ لکاني ساريجي ڏانهن ويو. اتي سرويچ جا ناناڻا هئا. هن اتي جي پرائمري اسڪول ۾ چار درجا پاس ڪيا، ساريجن جي ڳوٺ مان ڪن سببن جي ڪري اسڪول کڄي ويو ته سندس تعليم جو سلسلو به اتي ئي بيهي رهيو. هاڻي هو پيءُ کي ٻني ۽ مال ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. سندس پيءُ اتي هارپ تي ٻني ڪندو هو. سندس مال لاءِ هو ٻٻرن جي ٻوري روڙيندو هو ۽ وڏيرن جي بيگرن ۾ به وهندو هو. 1951ع ۾ سندس پيءُ ساريجن جي ڳوٺ مان لڏي، موٽي پنهنجي اباڻي ڳوٺ تارڙن ۾ آيو. ان وقت سرويچ 14سالن جو هو. پڻس سجاول جي هڪ زميندار جو اچي هاري ٿيو. هاري جو پٽ به هاري ٿيندو آهي، سرويچ به سجاول ۾ هارپو ڪرڻ لڳو.

    ”هارپ جي زماني ۾ مون ڏٺو ته هاريءَ جي سڄي سال جو پورهيو ڪنهن نه ڪنهن پَر زميندار کائي ٿو وڃي“. سرويچ چوي ٿو. اهو ناحق سرويچ کان سٺو نه ٿيو ۽ ان ناحق جي خلاف سرويچ بغاوتون ڪيون. ڪمدارن سان وڙهيو، منشين ۽ مئنيجرن سان وڙهيو، جنهن تان اهي هارپ کسي وٺندا هئس. اهڙي طرح پاڻ ٽن چئن زميندارن وٽ هاري ٿي رهيو، پر جتي ڪٿي اها ئي ڪار هئي.

    انهن ڏينهن کيس نالي ڪڍڻ جو به شوق هوندو هو، سو وڃي ملهه وڙهڻ لڳو، پر ملهه جي فن ۾ ڄاڻ نه هئڻ سبب پهلوانن هن کي ڏاڍا ڌڪ ڏنا. نيٺ انهيءَ شوق تان هٿ کنيائين. روز روز زميندار هٿان بي دخل ٿيڻ کانپوءِ سندس دل ۾ جيڪا آنڌ مانڌ ٿي، هن چاهيو، ته انهيءَ جو شاعريءَ وسيلي اظهار ڪري. ننڍپڻ ۾ مولوي احمد ملاح جا شعر پڙهندو هو ۽ انهيءَ کان ڪافي متاثر به ٿيندو هو، مٿان وري محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڪتاب پڙهيائين ته هيڪر سندس جذبا جولاني ۾ شعر جو روپ وٺي نڪرڻ لڳا ۽ 1957ع کان باقاعده شاعري شروع ڪيائين.جيتوڻيڪ شاعري ۾ڪو باقاعده استاد نه ورتائين، پرمولوي احمد ملاح کان هڪ اڌ ڀيرو اصلاح ڪرايائين ۽ سدائين جي لاءِ سندس شيدائي بڻجي پيو. سندس شاعري شروع ڪرڻ وارو زمانو مارشلا جو دور هو. ايوب خان اڇي ڪاري جو مالڪ هو. هن 1958ع ۾ هڪ سرڪاري جلسي ۾ شعر پڙهيو:

    جي نه آيو، ڇيڙ تي بس، ڪو کڻي هڪڙي مهل
    هُت وڏيري وات ڦاڙيو، هِت وڏيري جي وڦل
    ڏنڊ ٽيڻون، ڍور ڍڪ ۾، ٿيو فصل کان بي دخل،
    مار، گاريون، مرڪ تنهن تي، ٻيا به ڪئين خطرا خلل.

    ان وقت ٺٽي جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو هو، جيڪو پڻ انهيءَ جلسي ۾ موجود هو، جيڪو کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. سرويچ کيس ٻڌايو ته ”بي دخل هاري آهيان، بيروزگاري آهيان.“ تنهن کيس ٽائون ڪميٽي سجاول ۾ ناڪي منشي جي نوڪري وٺرائي ڏني.

    سرويچ سجاولي اها نوڪري شروع ڪئي. ناڪي تي ويٺي ڪيترائي نظارا ڏسي دل جڄهي ويندي هيس. هو ڏسندو هو ته تهه سياري ۾، ڪيتريون ئي مسڪين مايون ۽ اٻاليون ڇوڪريون، سجاول کان ٽي ميل پري ٽيماڻي ۽ ٿنئي ڍنڍن ڏانهن وينديون هيون ۽ اتان پاڻيءَ ۾ گهڙي ڍنڍن جي ترن مان بهِه ڪڍنڍيون هيون ۽ شام جو وري واپس سجاول ورنديون هيون، بازار ۾ سندن پورهئي جو مان اهو هو، جوبهِه ٻه روپيا سير وڪامندا هئا. پاڻ انهن پورهيت زالن کان متاثر ٿي ”بيهن واري ڀيڻ“ جي عنوان سان هڪ نظم لکيو:

    بيهن واري ڀيڻ سنديئي درد وڌا ٿم دل تي دام،
    ماريو مون کي مات ڪري ٿي، ماٺيڻي هيءَ تنهنجي مام.
    تار مٿي کان ٺريل پاڻي، تنهن ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي،
    گريءَ گريءَ تي ٿوٿا ڏيندي، توکي ٿي ويئي شام.
    بار مٿي تي وار ڀِنل ۽ ڀڄندي ڀڄندي تيز اچين،
    بند نه ٿي بازار وڃي، جيئن محنت ساري ٿئي ناڪام.
    هيڏي هلاڪيءَ سان جو آندئي مال انهيءَ جو ملهه وري،
    آني ٻن ٿو سير وڪامي ويل ڏسو ڙي هي وريام.
    سوبه وڪيو،ڪجهه ڪونه وڪيو، ڪجهه اوڌر ٿيو، ڪجهه مفت ويو،
    هاڻي ٻڌايو ڪيئن ٻچن کي پاري نازڪ نار مدام.


    اهو ۽ اهڙن ڪيترن ئي واقعن کان متاثر ٿي سرويچ پنهنجي شاعري ڪندو رهيو. انهي وقت ون يونٽ جو قهري ڪوٽ اڏيل هو، سنڌ جو الڳ وجود ختم ڪيو ويو ۽ ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ سان جيڪي ويل وهايا پئي ويا، انهي جي خلاف سنڌ جو باشعور طبقو، جنهن ۾ اديب، شاگرد ۽ سياسي ورڪر پڻ شامل هئا. سراپا احتجاج هو. سرويچ به انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيو ۽ پنهنجو شاندار نظم تخليق ڪيائين.

    يَرَوانگين جا ون يونٽ ۾، گس گهيڙ، گهٽيون گهر گام وڪيا.

    سرويچ سجاوليءَ جو سڄو ڪلام پنهنجي قوم جي ڏکن، سورن جو داستان آهي ۽ سندس شاعري جي سنڌ جي قومي ۽ انقلابي جدوجهد تي وڏي ڇاپَ رهي آهي، نه رڳو اهو پر سرويچ خود به وطن دوست ۽ جمهوريت پسند ساٿين سان گڏميدان عمل ۾ پڻ رهيو آهي.

    سرويچ سجاولي، ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ان کانسواءِ وطن دوست تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ پڻ سرگرم رهيو. هن 1983ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتار پڻ ٿيو.

    پيپلز پارٽي جي شروعاتي دور ۾، کيس سجاول ۽ دڙو ٽائون ڪميٽين جو ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو ويو.
    سرويچ سجاوليءَ جو سنڌي ادبي سنگت، بزم شعراءُ سنڌ ۽ ٻين ادبي تنظيمن سان پڻ تعلق رهيو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”آليون اکيون، اڻڀا وار“ (1972ع)۾ ڇپيو. جنهن تي کيس ”رائٽر گلڊ“ پاران هڪ هزار روپيا انعام پڻ مليو. انهي ڪتاب ۾ سندس شروعاتي دورن 1958ع کان 1972ع تائين جي چونڊ شاعري ڏنل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول بخش پليجو، سرويچ جي شاعري جو ڇيد ڪندي لکي ٿو: ”سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو فطر تي شاعر آهي ۽ بيشڪ ڏات ڌڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شعر ۾ منظر نگاريءَ جون اوچيون اُڏارون ائين ٿيون لڳن، ڄڻ ته ڪردار سڀ ماڻهو جي اڳيان موجود آهن“.
    سرويچ سجاولي جي شعر جي سڀ کان اُتم خوبي هيءَ آهي ته سندس شعر بلڪل ٺيٺ سنڌي زبان ۾ سولي ۽ سادي ۽ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ لفظن ۾ چيل آهي. هن شاعري جي هر صنف جهڙوڪ، نظم، غزل، گيت، لوڪ، گيت، وائي، بيت، دوها ۽ قطع تي طبع آزمائي ڪئي.

    سرويچ سجاوليءَ 22 آڪٽوبر 2007 تي وفات ڪئي ۽ سندس شاعري جو ٻيو مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” 2008 ۾ شايع ٿيو.

    افيئر نيوز جي ٿورن سان

    _________________________________________________


    مزاحمتي شاعر سرويچ سجاولي جي ياد ۾

    سنڌ جي سرزمين تي ڪيترن ئي عوامي ۽ انقلابي شاعرن جنم ورتو، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ جابر حڪمرانن، جاگيردارن ۽ آمرن سان هر وقت مهاڏو اٽڪايو آهي ۽ پنهنجي مزاحمتي شاعريءَ وسيلي استحصال ڪندڙ قوتن کي کلي عام للڪاريو آهي. اهڙن شاعرن مان سنڌ جو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندڙ ”سرويچ سجاولي“ آهي، اڄ 22 آڪٽوبر تي شهر سجاول ۾ سندس ”چوٿين“ ورسي ملهائي پئي وڃي. سرويچ سجاولي 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول شهر جي ويجهو ڳوٺ ”ابراهيم تارڙو“ ۾ جنم ورتو. سندس اصلي نالو محمد صديق ۽ والد جو نالو خميسو خان آهي. جيئن ته سندس والد مختلف زميندارن وٽ هاري ٿي رهيو ۽ سرويچ پڻ پنهنجي والد سان گڏ ڪم ۾ شريڪ رهيو، تنهن ڪري هو زميندارن جي ظلم ۽ زيادتين کان چڱي طرح واقف هو.شايد اهو ئي سبب آهي ته سرويچ جي شاعري وڏيرن، جاگيردارن جي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف احتجاج جو سگهارو آواز آهي. هن 1958ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. پاڻ مولوي احمد ملاح کان نه فقط متاثر هو پر سندس پڪو شيدائي ٿي رهيو آهي. سندس انقلابي نظم ان وقت جي مارشل لا جي دور ۾ بيحد مقبول رهيا. هو سنڌ جو هڪ اهڙو آواز هو، جيڪو جڏهن ڪنهن به جلسي، جلوس يا ميڙاڪي ۾ پنهنجا انقلابي طويل نظم پڙهندو هو ته اتي ويٺل هزارين ماڻهو نه فقط ”واهه واهه“ ڪندا هئا، پر انتهائي جوشيلي ۽ جذباتي انداز ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي پنڊال ۾ جان وجهي ڇڏيندا هئا، حقيقت اها آهي ته وڏا وڏا سياسي اڳواڻ پنهنجي تقريرن ذريعي ويٺلن کي ايترو متوجهه نه ڪندا هئا،جيترو سرويچ جي شاعري ۽ هن جو پڙهڻ جو انداز ! تنهن ڪري اهو چوڻ غير مناسب نه ٿيندو ته سرويچ جلسن جي جان هو. سرويچ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب 1972ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ڪتاب ”آليون اکيون ۽ اڻڀا وار“ ۾ ون يونٽ خلاف ڪيترائي نظم ملن ٿا، سرويچ عوامي جدوجهدن ۾ شامل رهيو، 1983ع ۽ 1986ع جي تحريڪن ۾ گهڻو سرگرم ٿي حصو ورتائين ۽ گرفتار ٿي جيل پڻ ڪاٽيائين. سندس سڄو ڪلام پنهجي قوم جي ڏکن ۽ سورن جو داستان آهي. سندس شاعري طبقاتي اڻبرابري، ڪامورن ۽ سرمائيدارن جي ڦرلٽ جي خلاف هڪ سگهارو آواز آهي. هن مسڪين ۽ غريب ماروئڙن، هارين، نارين، ٻڍن ۽ ٻارن لاءِ شاعري ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن جي اهنجن، ايذائن بابت نه فقط خبردار ڪيو آهي، پر انهن جي حل لاءِ رستو پڻ ڏيکاريو آهي. سندس شاعري صاف سنڌي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ هئڻ ڪري، هر ماڻهو آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. سرويچ سجاولي پنهنجي شاعري ذريعي وڏن وڏن آمرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي للڪاريو آهي ته ٻئي طرف اسان جهڙن کوڙ سياسي ورڪرن کي جدوجهد جي راهه ڏيکاري آهي. حقيقت ۾ سندس سموري شاعري ساهه ۾ سانڍڻ جهڙي آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ 2008ع ۾ سندس وفات بعد ڇپيو.

    ڊاڪٽر اسلم آزاد/سجاول

    روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
     
    آخري ترميم: ‏22 آڪٽوبر 2016
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,378
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سرويچ سجاولي: ٻهڳڻ شاعر

    تمام بهترين معلومات ٿريڊ آهي سائين

    سائين بابت پڙهي ڪري معلومات ۾ اضافو ٿيو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,753
    ورتل پسنديدگيون:
    2,729
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سرويچ سجاولي: ٻهڳڻ شاعر

    سرويچ سجاولي هڪ عوامي شاعر هيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ان بابت جامع مضمون ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن جي شاعري لاجواب آهي
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,068
    ورتل پسنديدگيون:
    3,013
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سرويچ سجاولي: ٻهڳڻ شاعر

    تمام بهترين ادا سليمان
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي ورسي آهي۔ سنڌ سلامت سٿ کيس ڀيٽا پيش ڪندي سلام پيش ڪري ٿو۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سرويچ کي سلام​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    تمام زبردست معلومات
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    سرويچ سجاولي

    واه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊُون جنهن جون چمن،
    سَوَ سَوَ منجھس پوکون پچن؛ واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
    ماڻهو جِتي جا محبتي ، سورهيه سگھارا صحبتي،
    سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول تن جا قيمتي.
    ويهي رُڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
    هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
    جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
    دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.
    سبحَانهُ سبحانهُ . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    سُرما وجھي ، ڏيئي ڦڻيون ، پاڻِي ڀرڻ لاٰءِ پدمڻيُون،
    گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
    ڪن کي لَٿون ڪن وينڊڙا ، سر تِي سمورين سينهڙا،
    گُجرن ڀريا پاڻيءَ گھڙا ، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا.
    هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالُن چرن،
    يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روھ تان برفُون ڀرن،
    يَا گيت پيو ڪو ڳائجي ، يَا وَائي پئي ورجائجي،
    يَا لهر پئي ٽڪرائجي ، يَا ڪنوار پئي پرڻائجي،
    يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليوُن مَهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    خوش ٿِي کٿيرِيون جي کِلن، تان مَاڻڪن جَا مڻ مِلن،
    جي ٽول پائِي ٿِيوُن ٽِلن ، تان ساڙ ۾ ڊيلَون جَلن،
    هو ديس تان گھوريُون گھُمن ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
    هو ديس جي خاطر جيئن، ۽ ديس جي خاطر ڄَمن،
    شل جيئنديون ٻئيِ جُڳ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
    گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
    اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
    ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪُون.
    اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

    جن جا جنگي ۽ جُواڻ پُٽ ڳاڙها جيهَا حُلواڻ پُٽ،
    راندِيون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ، سرويچ پُٽ سرواڻ پُٽ،
    هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽَڪر،
    هڪ هڪ اتيئي سينِي سَپرَ، هڪ هڪ ڪري ڇيهُون ڇَپر،
    هڪ هڪ سنديءَ مَستيءَ ۾ ڏس، تُون مَستيُون مَهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئِي ڪنڌِيُون مَهراڻ جُون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    178
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ”سرويچ“ سجاولي
    هي دلبر دلبر ديس وسي
    (1)
    جت مانجهي مڻيادار هجن، ۽ وانگيڙا وينجهار هجن؛
    جت جُهوپن ۾ جونجهار هجن، ۽ ٻلوانن جا ٻار هجن.
    جت ارڏا ڪي اڙٻنگ هجن، ۽ چَپ تي تن جي چنگ هجن؛
    جي مُلڪ مِٺي جي محبت ۾، بس ماڳهين مست ملنگ هجن.
    تن ماڻهن موتي داڻن جو، هي دلبر دلبر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي!
    (2)
    جت چوڙيلين جا چاڳ هجن، ۽ ڀاڳياڻين جا ڀاڳ هجن؛
    جت روح رچندا راڳ هجن، ۽ مارن مال ميهاڳ هجن.
    جت ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينهن هجن، ۽ وسندا رهندا مينهن هجن؛
    جت مرد سڀئي اڻ موٽ هجن، پر جويون ڀي ڄڻ شينهن هجن.
    سو ساڻيهه سهڻن سانگين جو، هي سُندر سُندر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
    (3)
    جت جوڌا، دودا، ڌڱ هجن، ۽ لوهي تن جا لڱ هجن،
    جن سانن جهڙا سڱ هجن، ۽ ريٽا تن جا رڱ هجن.
    جت ڪونڌر پُٽ ڪنواٽ هجن، جي اونداهين ۾ لاٽ هجن،
    جت ڳورن ڳورن ڳوٺاڻن جا، هيڏا هيڏا ڳاٽ هجن،
    سو ڳاڙهو، ڳاڙهن ماڻهن جو، هي ننگر ننگر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سردلبر ديس وسي.
    (4)
    جت موجن ۾ مهراڻ هجي، ۽ مينهن جي مانڊاڻ هجي،
    جت چيٽن ۾ چانڊاڻ هجي، ۽ لوين جي لالاڻ هجي.
    جت جيڏين جا جنسار هجن، ۽ ساهيڙين سينگار هجن،
    جت راڻين راڄ- ڌڃاڻين جا، بس ساٿ هجن، سهڪار هجن.
    جت ٿربر بوند بهار هجي، سو بندر بندر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
    (5)
    جت تن من ۾ تون تون به هجي، ۽ چنگن جي چون ڀون به هجي،
    جت ڀونئرن جي ڀون ڀون به هجي، ۽ رڳ رڳ ۾ رون رون به هجي.
    جت جهانگين جي جُو-جُو به هجي، ۽ ڌونرن جي ڌُو – ڌُو به هجي،
    جت گهر گهر اڳيان مال مڙن، گُوهن جي جتي گهو-گهو به هجي.
    سو ڏيهه ڏهيسر مڙسن جو، هي آنڇر منڇر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
    (6)
    جت چانديءَ هاڻا چيٽ هجن، ۽ کاهوڙين جا کيٽ هجن؛
    جت ڪُمريون ڪيٽيون ڪيٽ هجن، ۽ ٻيلا ٻنيون ٻيٽ هجن.
    جت هارين جي هونگار هجي، ۽هنڌ هنڌ تي هٻڪار هجي؛
    جيئن پنهنجي ويڙهه وطن ۾ يارو، وک وک تي وڻڪار هجي.
    جت ڪيچ ڪڻي مان روز ٿين، سو ڪينجهر ڪيجهر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
    (7)
    جت لال لطيف جي لات هجي، ۽ سچل جي سوغات هجي؛
    جت ڀيڄ-ڀِنيءَ برسات هجي، ۽ وَس وَس وائي وات هجي.
    هُو هُو جو هجي هُل هُل به جتي، خوشبوءِ ۾ ٻُڏل گُل گُل به جتي؛
    جت ڀٽ ڌڻيءَ جي وائي هجي، ”سنڌوءَ جي هجي بُلبُل به جتي“.
    سو سانگ سونهارن سپرين جو، هي ساجهر ساجهر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
    (8)
    جت ٻانهارين جا ٻول هجن، ۽ پيرُن ڀريل جهول هجن؛
    جت ٽونر ٽِڪون ٻيا ٽول هجن، هي ڍاٽي مارُو ڍول هجن.
    جت پهنواريون سڀ پاڪ هجن، ۽ ڀاڳياڻيون بيباڪ هجن؛
    چي هنج هرڻ ۽هيرا ڇا؟ پر حُورن کان حُسناڪ هجن.
    جت ماڻڪ موتي موڪ مِلن سو ماڃر ماڃر ويس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
    (9)
    جت ماروئڙا مستان هجن، ڄڻ ساموندي طوفان هجن؛
    جت اعليَ سڀ انسان هجن، ۽ملڪ مٿان قربان هجن.
    جت سنڌيئڙا ”سرويچ“ هجن، ۽ ڀائن وانگر ڀيچ هجن؛
    هن سنڌ سونهاري ڌرتيءَ سان، بس، پاتل جن جا پيچ هجن.
    سو پهنوارن جي پکڙن وارو پانوَر پانوَر ديس وسي،
    او وانگي وک وڌايو جيئن هي نئين سر دلبر ديس وسي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
    هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
    جلوا ٿا پَسجن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
    دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.
    سبحَانهُ سبحانهُ . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
    جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو