تاج صحرائي: سنڌ جو برک اديب ۽ محقق
تاج جويو
تاج صحرائي 20 صديءَ جو سنڌ جو برک اديب، شاعر، قديم آثارن جو عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو تاج محمد ولد نورمحمد ميمڻ هو ۽ 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو هئائين. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا هندستان جا چڪر هڻي آيو، ڇو ته ننڍپڻ کان کيس سير سفر جو وڏو شوق هوندو هو.
تاج صاحب مئٽرڪ 1942ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو ۽ بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان اُتان پاس ڪيائين.
تاج صحرائي، ننڍي هوندي کان وٺي ذهين ۽ ڪتابن ڏانهن خاص رغبت رکندو هو. 1945ع ۾ والد جي وفات کان پوءِ عملي زندگيءَ ۾ هڪ استاد طور پير پاتائين ۽ 1948ع کان دادوءَ ۾ استاد مقرر ٿي آيو.
تاج صحرائيءَ 1952ع ۾ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيو ۽ ان جو باني هيڊماستر بڻيو. کيس مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان خاص محبت ۽ عقيدت هئي، ان ڪري سندن نالي سان ئي هي هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. تاج صحرائي 1968ع ۾ دادو شهر ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي پبلڪ لائبرري قائم ڪئي. تاج صاحب تعليم کاتي مان 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. ان وچ ۾ مارچ 1971ع کان جون 1972ع تائين سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پهريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مارچ 1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل ’سنڌ صدين کان‘ سيمينار ۾ وڏي سرگرميءَ سان حصو ورتائين. 1977ع ۾ ٽرپوليءَ ۾ دنيا جي اُستادن جي ميڙ ۾ پاڪستان سرڪار جي واحد نمائندي طور شريڪ ٿيو. هن جي ڪوششن سان ئي سنڌ جي مختلف ضلعن اندر ’هسٽاريڪل سوسائٽيون‘ قائم ٿيون. تاج صحرائي 1981ع ۾ ’رني ڪوٽ‘ سيمينار جو آرگنائيزر مقرر ٿي رني ڪوٽ تي هڪ زبردست سيمينار ڪرايو.
تاج صاحب 1964ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري پساهن تائين قلندر لعل شهباز ميلي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. زندگيءَ جي آخري سال ۾ کيس ’شهباز اوارڊ‘ پڻ مليو، جيڪا سندس زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي تمنا هئي. هونئن هن پاڻ الائي ڪيترن اديبن کي اهي اوارڊ ڏياريا.
تاج صحرائي هڪ عالم، آرڪيالاجي ۽ انٿراپالاجيءَ جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ قومي درد رکندڙ انسان هو.
هن 1940ع کان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1942ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار واري وقت ۾ شاگردن جو جٿو وٺي اتي وڃي ڏڪار جي سٽيلن جي مالي ۽ عملي مدد ڪيائين.
هن برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ 10آگسٽ کان 26 ڊسمبر 1947ع تائين برصغير جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام واري ڏينهن ۾ دهليءَ اندر جيل ۾ نظربند رهيو. تاج صاحب سنڌ ۾ کاٻي ڌر جو سڄاڻ ليکڪ ۽ ڪارڪن سمجهيو ويندو هو.
تاج صحرائي سنڌ جي قديم تهذيب تي ’سنڌو تهذيب‘ نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب 1989ع لکيو. ان کان سواءِ سندس ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ’سُر سارنگ‘ (مقالو)، (2) ’پڻي لوڪ‘ (مقالو/ ليڪچر: 1996ع)، (3) ’دادو ضلعو- جاگرافيءَ ۽ تاريخ جي آئيني ۾‘، (4) ’کيرٿر جبل‘، (5) ’گورک چوٽي‘ (مقالو/ ليڪچر: 1997ع)، (6) ڪتاب ‘Lake Manchar’ (1997ع) ۽ (7) ’نيڻين ننڊ اکوڙ‘ (شاهه لطيف بابت مضمونن جو ڪتاب: 2001ع) قابلِ ذڪر آهن.
تاج صحرائيءَ پاڪستان سرڪار طرفان ’تمغهءِ حسن ڪارڪردگي‘ ۽ ٻيا اعزاز به مليا. تاج صحرائيءَ جي رهائش دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ هئي. هن 28 آڪٽوبر 2002ع تي پنهنجي گهر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه دادو شهر ۾ ئي آهي.
عبرت جي ادبي صفحي تان ورتل
تاج صحرائي جا ريسرچ آرٽيڪل ۽ ٻيو ڪم پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: