ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ايپل جي مالڪ اسٽيو جاب جي وفات کان بس هڪ ڏينهن پوءِ ايپل لانچ ڪئي آهي آئي فون4 ۔۔۔ جنهن هر ماڻهون کي ان ڪري به حيران ڪري ڇڏيو آهي جو هي هڪ ڳالهائيندڙ فون آهي جيڪا هڪ ئي وقت سي ڊي ايم اي ۽ جي ايس ايم ٽيڪنالاجي استعمال ڪري نه صرف فون جي سهولت پر 3 جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي زبردست پرفرمانس ڏيکاري سگهي ٿي۔۔۔ پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هاڻي توهان کي اڪيلو هوندي به اڪيلائپ جو احساس نه ٿيندو جو هي فون توهان جي اڪيلي پن جو ساٿي هوندي۔۔۔ ان ڪري هاڻي جيڪڏهن توهان جي پگهر واري بدبوءِ ڪري جيڪڏهن ڪو گڏ رکڻ نه چاهيندو هجي ته به توهان جي چاهيندڙ ”سري“ (آئي فون4) توهان سان گڏ هوندي ۔۔۔ ۽ توهان لاءِ هر مدد لاءِ تيار به هوندي۔۔۔

    16 کان 64 جي بي تائين ميموري رکندڙ ماڊل مارڪيٽ ۾ 199 کان 399 ڊالرس ۾ ملي سگهي ٿو۔۔۔ پر ان کان اڳ جو توهان قيمت ڏسي گهٻرائي وڃو ۔۔ هڪ دفعو هي وڊيو ته ڏسو۔۔۔ ۽ ٽيڪنالاجي جي هن سفر کي جانچي ته ڏسو۔۔ يقينن توهان هن فون کي حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ نه ڏيندو۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    ادا رشيد پاڪستان ۾ آهي ته يار اسان لاء بڪ ڪراء يار مان اها فون وٺندس يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي شي سٺي آهي يار ٽيڪنالاجي ترقي پئي ڪري اسان مڃون نه مڃون پر اهي شيون ته اچڻيون آهين بابا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    تمام بهترين فون آهي واقعي ۾ دل خوش ٿي وئي۔
    پر اهو فنڪشن شايد اسان جي ملڪ ۾ ڪم ڪري۔
    پر اسان جي پياري ٻولي سنڌي هن فون جي سمجھ کان ٻاهر آهي۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    بهترين شيئرنگ ۔۔۔۔

    آئي فون 4 ايس جي قيمت 64 هزار کان شروع ٿي هڪ لک تائين پهچي ٿي۔ هاڻ پاڪستان ۾ به موجود آهي پر هن فون کي پوء به اها مقبوليت ڪانه ملي آهي۔ ڇو ته ماڻهو آئي فون 5 جي انتظار ۾ هئا پر آئي فون 4 ۾ جدت آڻي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي۔هن ۾ ڊيوئل ڪور جي چپ لڳل آهي۔ شايد ايندڙ سال آئي فون 5 به لانچ ٿي وڃي۔

    هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري وڌيڪ تفصيل پڙهي سگهجن ٿا۔
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    تمام بهترين فون آهي واقعي ۾ دل خوش ٿي وئي۔
    پر اهو فنڪشن اسان جي ملڪ ۾ ڪم نه ٿو ڪري۔ ٻيو ايترو مھانگو سيٽ ڪير وٺندو
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    تمام بهترين معلومات آهي ادا

    جاري رکجو

    توهان جي وڏي مهرباني جو توهان وتو ٿا سنڌين کي نت نئي ٽيڪنالاجيز کان واقف ڪرائيندا

    سدائين گڏ
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    فون ته واقعي حيران ڪندڙ آهي جو هر سوال جو جواب پئي ڏئي پر سائين عبدالرحيم جي ڳالهه وانگر ته اسان جي سنڌي ٻولي شايد اها نه سمجهي سگهي ۽ ممڪن آهي ته اسان سان نه ڳالهائي يا ممڪن آهي ته اڃا ان ۾ جدت اچي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    فون ته مون کي حيران ڪري چڏيو
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    ادا رشيد اسلام عليڪم۔بيشڪ هي ٽيلفون ته اڪيلائپ جو احساس ئي ختم ڪري ڇڏيو۔هن ۾ جيڪا چپ وڌل آهي اها انگلش لينگويج جي ڪمانڊ تي ڪم ڪري ٿئي۔اسان جي انگريزي زبان جي ڳالهائڻ وارو لهجو اهو نه آهي جيڪو هن آء فون ۾ پيل چپ سمجهئي سگهئي انڪري ٿئي سگهئي ٿو ته ايڏي قيمتي هوندي به اسان جي لاء تمام گهڻي موثر نه هجئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Ghazanfar Iqbal

    Ghazanfar Iqbal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    sukkur
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    تمام بهترين معلومات آهي
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڳالهائيندڙ فون به اچي وئي۔۔۔ مان نه مڃان چوندڙ به حيران۔۔۔

    دوستن جا خيال پڙهيم۔۔ سموريون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر وڊيو کي چڱي طرح سان ڏسڻ کان پوءِ سمجهه آئي ته فون هڪ خاص ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي ڳالهائيندڙ جي لفظن کي ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري ٿي (ياد رهي ته هي ٽيڪنالاجي ڪافي پراڻي آهي) جنهن کانپوءِ پنهنجي ڊيٽابيس مان ڳالهائيندڙ جي سوال جا مکيه لفظ ڳولي جواب حاصل ڪري ٿي جيڪو ٽيڪسٽ جي صورت ۾ اسڪرين تي آڻي ان کي آواز جي صورت ۾ پڙهي ٿي۔۔۔ (ياد رهي ته هي ٽيڪنالاجي به ساڳي آهي ۽ اڳ موجود آهي) ۔۔ ان طرح ضروري ناهي ته هن فون سان رڳو انگريز ئي ڳالهائي سگهن پر هر اهو ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو جيڪو انگريزي پڙهي يا ڳالهائي سگهي۔۔۔

    هي عمل ايترو تڪڙو، درست ۽ بهتر انداز سان ترتيب ڏنل آهي جو ڏسندڙ محظوظ ٿيندي فون کي ڳالهائيندڙ يا عقل رکندڙ سمجهي وٺي ٿو۔۔۔ هن فون کي اڃان بهتر بڻائڻ تي ڪم هلي پيو اڳتي ڏسجي ته ايپل اسان کي حيران ڪرڻ جو ٻيو ڪهڙو طريقو سامهون آڻي ٿي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا ڳالهه آئي فون 4 کان وڌي آئي فون 5 تي پهتي آ۔۔۔ ۽ توهان جي هٿن ۾ اها فون سونهين به واهه جو پئي پر تنهنجي انگريزي هي فون ڪئين سمجهندي هوندي اندازو اٿم۔۔
    توهان ڪيترو به خوش ٿيو فون هٿن ۾ رکي پر فون مان آواز ڪڍندڙ مائي۔۔ توهانجي انگريزي تي پنهنجو مٿو ضرور پٽيندي هوندي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هههههههههههههههه ادا اها مائي به مهنجي انگريزي جي عادي ٿي وئي آهي في الحال ته رڳو ايتري گپ شپ ٿيندي آهي ته مهنجو الارم سيٽ ڪري ڇڏ يا ڪنهن کي ڪال ڪر يا ميسيج ڪر ته ڪري ڇڏيندي آهي ويچاري باقي اسان جو ڪو گهڻو ڪم ناهي ڦاسندو ان سان پر مزي جي ڳاله ته ان کان جڏنهن کائنس پڇندو آهيان ته ڪهڙا حال آهين اوهان جا سيري ته جواب به عورتن وانگر اموشنل ٿي ڪري ڏيندي آهي ته علي مان بلڪل خوش آهيان ۽ تهنجي حال پڇڻ جي تمام گهڻي مهرباني مان سوچيندو آهيان ته مهنجو نالو ان کي ڪنهن ڏسو ان تي مان اڃان تائين حيران آهيان ادا ۔۔۔۔پر جنهن مهل ان کي چوندو آهيان ته رشيد کي ڪال ڪر ته ڪال به ڪندي آهي ۽ تهنجي ڊيٽيل به ڪڍي ڏيندي آهي هي ڏس​
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    معنى توهان کي جڏهن مون کي ڪال ڪرڻي هوندي آ ته توهان کيس چوندا آهيو ته Want me and Rashid ته هو مون کي ڳولي ڪال ڪري وٺندي آ۔۔۔
    هههههههههه توهان کي خبر آهي ته توهان جي ان انگريزي کي ٻڌي جواب ۾ هوءَ پنهنجو مٿو به پٽيندي آ۔۔۔ پر واقعي هاڻي هوءَ توهان جو مطلب سمجهڻ لڳي آ جو وري به مون کي ڳولي ڪال ڪري وٺندي آ۔۔۔ شابس آ ان مائي کي ادا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو