غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    غلام رباني آگري جي ياد ۾
    سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار
    نصير مرزا

    [JUSTIFY]رباني صاحب جهڙي اعليٰ دماغ ۽ زبردست نثر نگار سان اِهو منهنجو پهريون مڪالمو هو. سڄاڻ ته وضعداري سندن ذات جو ڪو نمايان گڻ هئي، مهراڻ شايع ٿيو، ته ٻڌايل ايڊريس تي موڪلي ڏٺائون. بعد ۾ نهايت جلد ساڻن روبرو گڏجڻ جو اتفاق، نفيس احمد شيخ ناشاد ۽ برادر الطاف آگري جي سهڪار سان ٿيو، تيستائين شيدو ڌاڙيل، بري هن ڀنڀور ۾، ۽ آب حيات جهڙن هن جي لکيل افسانن مون کي چريو ڪريو ڇڏيو هو. اهڙي حالت ۾ پوءِ ريڊيو پروڊيوسر ٿيس ته پروڊيوسر جي حيثيت ۾، ريڊيائي انٽرويو ڪرڻ جي لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس وڃي پهتس. اڙي هان!؟ اعليٰ قلمڪار هجڻ سان گڏوگڏ ان ڏينهن اِهو به ڄاتم ته رباني سٺي گفتگو ڪرڻ جو به ماهر نظر آيم.

    هڪڙو قصو پوءِ ٻيو قصو، پوءِ ان قصي مان قصو ۽ هيڏانهن هڪ ٻي پويان، ٽَيپيون هيون جي ڀرجنديون پئي ويون. ساڻس ان ڏينهن گفتگو ڪري گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيس ته بس اِن ئي ڏينهن رباني صاحب پنهنجي مٺڙي گفتار سان ڄڻ دل جي تخت تي، محبوب ٿي براجمان ٿي ويهي رهيو، نوي واري ڏهاڪي ۾ سندس لاثاني ۽ لافاني ڪتاب: ”جهڙا گل گلاب جا“ شايع ٿيو ته چوڌاري اُن جي خوشبوءَ جا هُل هُلي ويا. چيو ويندو هو ته ”راشدي برادران“ جي ”نثر“ تي...سنڌيءَ ۾ ثقافتي ۽ چاشني دار نثر جي ڪهاڻي پوري ٿي، پر نه! سندن اهڙي نثر سان ته دراصل ڪهاڻيءَ جي شروعات ٿي هئي، ڪهاڻي ختم ته جهڙوڪر، هاڻي رباني صاحب جي وصال بعد پيو ڀانئيان! سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي نثر جي گونج اڃان ادب آسمان تي ٻري پئي جو سندن ٻيو شاهڪار شايع ٿيو،” سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ“. گذريل ڪتاب وانگر سندن هي ڪتاب به سنڌ جي عظيم مشاهيرن پير سائين پاڳاري (اول) ۽ قلندر لعل شهباز جي تذڪري تي مبني هو.

    انهن ٻنهي ڪتابن جا کيپ اڃان مسلسل هئا، جو اهڙي ئي طرز جو، نئون ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا... جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائون. ان سموري عرصي دوران، رباني صاحب اعليٰ کان اعليٰ عهدن تي پڻ فائز رهيا. پهرين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، پوءِ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل، پوءِ چيئرمين، پوءِ ادبي بورڊ جو چيئرمين، سنڌ يونيورستيءَ جو پرو وائيس چانسلر، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر، حيدرآباد واري محتسب اعليٰ واري برانچ جو نگران.. پر سچ پڇو ته رباني صاحب جي عهدن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي...ڇوته اهڙن عهدن جي صاحبن سان سنڌ اڄ ڀري پئي آهي ۽ رڳو خالي ٿي چڪي آهي ته صرف رباني صاحب جهڙن نثر نگارن کان، سندن طبيعت ۾، مزاح بي پناهه هوندو هو.

    ريڊيو حيدرآباد تي مون وٽ ڪڏهن ڪڏهن مهرباني ڪري ايندا هئا، ته اُٿندي ئي کِلندي چوندا هئم: ادا! تنهنجي ريڊيو ۾ هاڻي رهيو ئي ڇا آهي؟ جنهن وقت ريڊيو کول، اهو ئي ڳٺل پٺل رڪارڊ ٿو ٻڌڻ لاءِ ملي: ”ادا ڙي عَمر! کڻي ويا کوهه تان“ خير ڳالهه کي کٽائيندي، هتي عرض ڪريان ته رباني صاحب جي پهرئين ادبي شاهڪار جو نالو هو: ”آب حيات“ ان ڪهاڻي ڪتاب کان پوءِ مشاهيرن جي تذڪري تي ٻڌل سندن اهي ٻه ڪتاب شايع ٿيا، جن جو مون شروع ۾ تذڪرو ڪيو. جنوري 2010ع ۾ وصال بعد، تازو ڀيڻ سسئي پليجو صاحبه، سنڌ ثقافت کاتي پاران سندن بهترين ڪتاب شايع ڪرايو آهي: ”سنڌي ڪلچر“ (جنهن جو اڄ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ مهورت رٿيل آهي) ۽ ڄاڻو ڄاڻين ٿا ته، تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب جي ندرت هميشه کان رباني صاحب جي، نثر جو خاصو رهي آهي.

    ادبي مورخ سندن هر تحرير بابت ائين به چوندا رهيا آهن ته، هو پنهنجي نثر ۾، رڳو لفظ ئي ڪٿي؟ ڄڻ موتي پروئيندو ويندو هو ۽ جيئن مون مٿي بيان ڪيو ته، ”آب حيات“ رباني صاحب جي پهرئين شاهڪار جو نالو آهي، ۽ سندن آخري ڪتاب آهي: ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“... ۽ جنهن وقت تازو ان ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ويٺس، ته ڀانئيم پنهنجي هن پوئين پستڪ سان، پاڻ نه فقط پنهنجي نالي...پر گڏوگڏ سنڌي ادب کي به، ڄڻ هميشه هميشه جي لاءِ ”آب حيات“ پياري ويا آهن.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل

    غلام رباني آگري صاحب جي شخصيت تي لکيل انگريزي ڪالم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاهه


    سالگرهه جي حوالي سان

    غلام رباني آگرو: قلم جو بي تاج بادشاهه
    ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

    جن اديبن ۽ ليکڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد سنڌي ادب جو بنياد وڌو انهن ۾ غلام ربانيءَ جو نالو نمايان آهي. شيخ اياز ۽ سائين ابراهيم جويي جو ساٿي ناليوارو اديب ۽ محقق غلام رباني آگرو، سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جديد سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ورهاڱي واري دور کان وٺي عمر جي آخري دور تائين يعني 2010 تائين هو لڳاتار لکندو رهيو. منهنجي خيال ۾ اهڙا اديب اسان وٽ گهٽ آهن، جن لڳاتار ايترو لکيو ۽ وري سو به معياري لکيو. ڪهاڻيءَ کان سواءِ تحقيق ۾ به سندس نالو وڏو آهي. هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو، اُن سان واهه جو نڀايو. پوءِ اهو قلندر تي هجي، روضي ڌڻي تي هجي، مخدوم معين ٺٽوي تي هجي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي. مون هڪ ڀيري 2009 ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي دعوت جو خط/ڪارڊ موڪلڻ کان پوءِ ساڻس فون رستي ڳالهايو ۽ ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڻ وراڻيائين ته ”کيس ڪارڊ ملي چڪو آهي، پر سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري هو اچي نٿو سگهي.“ اُن ڏينهن فون تي ڳالهه ٻول دوران قلندر ۽ خاص ڪري اُن دور جي حالتن تي هن جيڪو ڳالهايو، سو سچ پچ وسارڻ جهڙو نه آهي، اهو حقيقت ۾ صوفي ازم ۽ قلندر جو عالماڻو تجزيو هو. ڪاش! آئون اهو سمورو رڪارڊ ڪري سگهان ها. اهو سچ آهي ته سندس وسيع مطالعي ۽ ذهني سگهه جي بلنديءَ کي ٻڌي آئون دنگ رهجي ويس. اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رباني صاحب جو وسيع مطالعو ۽ تجربو ته ڪمال جو هو. مون کيس جڏهن به جنهن موضوع تي ڳالهائيندي ٻڌو يا پڙهيو ته هميشھ مونکي فخر محسوس ٿيو ته سنڌ ساڻيهه ۾ هيڏي وڏي علمي معيار جا اديب به آهن. 2009 ۾ ثقافت کاتي پاران سائين محمد ابراهيم جويي جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ملهايل شاندار پروگرام ۾ ساڻس بنهه مختصر ڪچهري ٿي. اُتي ڳالهين ڳالهين ۾ سندس ننڍپڻ جو ذڪر نڪتو. هن پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون ٻڌائيندي چيو ته سندس پيءُ استاد هو. پاڻ پرائيمري تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئائين. هو ڏاڍن ڏکن ۽ تڪليفن سان پڙهيو هو. هو اُن جو ذڪر ڪيتري دير تائين ڪندو رهيو. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪو به شخص تڪليفن سان پڙهندو يا ڪو ڪم سِکندو آهي اهو ئي سگهارو انسان هوندو آهي. اُن ڏينهن هن وڏو ساهه ڀري ٻڌايو هو ته ڪيئن نه هو سردين گرمين ۾ پنڌ ڪري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. بنهه گهٽ سهولتن هوندي به مختلف هنڌن تي تعليم پرائيندو رهيو. مون سوچيو ڪاش! اسان جا نوجوان هنن عظيم شخصن مان سبق سکي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڙهندڙن لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو:
    غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو 5 نومبر 1933ع تي ڳوٺ آگري، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀئونرن جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سن1951ع ۾ نوشهري فيروز مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. ايل ايل بي ڪراچي مان ڪئي. شروعات ۾ ٻن سالن تائين نئين زندگيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، جنهن جو اُن وقت ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو. گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 76-1970ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪيائين. ادبي بورڊ جي نوڪريءَ دوران 1959ع کان 1964ع تائين ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ جڏهن شيخ اياز يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو تڏهن رباني صاحب کي پرووائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 1979ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي پرو-وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. وري 1984ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ وفاقي وزارتِ تعليم ۾ کيس اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي هو ملڪ جي ممتاز علمي ۽ ادبي اداري اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو پهريائين ڊائريڪٽر، پوءِ ڊائريڪٽر جنرل ۽ آخرڪار چيئرمين رهيو. وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر واري عهدي تي به رهيو. تنهن کانپوءِ 1997ع ۾ وري سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿيو. رباني صاحب ملڪ جي اهم ادبي ۽ علمي ادارن: اقبال اڪيڊمي لاهور، اداره ثقافت اسلاميه لاهور، اردو لغت بورڊ ڪراچي، قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي، نيشنل بُڪ ڪائونسل آف پاڪستان اسلام آباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. فلم سينسر بورڊ جو ميمبر به رهيو ۽ ان جي اپيليئيٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. فلمي ايوارڊن جي نيشنل ڪاميٽيءَ ۽ ٽيليويزن ايوارڊن جي قومي ڪاميٽيءَ تي جج طور به ڪم ڪيائين.
    غلام رباني آگري ادب ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان شروعات ڪئي. هن ڪيتريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان متعارف ٿيو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته غلام رباني آگري جو شمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي معمارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين کي جديد سنڌي ادب م هڪ منفرد ۽ مستند مقام حاصل آهي. هونئن ته آگري صاحب جون ڪهاڻيون هر لحاظ کان شاهڪار آهن پر مون کي جيڪا ڳالهه سندس ڪهاڻين ۾ شدت سان نظر آئي، اها آهي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڀٽائي سان اٿاهه عشق. هن پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ ۽ ڪردار گهڻو ڪري پنهنجي ئي سماج مان کنيا آهن. جيڪي سنڌي سماج ۾ موجود رهيا آهن. توڙي جو ڪي سندس تخيل به آهن پر اُهي به هن ئي سماج جو چٽو عڪس آهن. جيڪا ڳالهه هو پاڻ به مختلف وقتن تي ڪري ۽ لکي چڪو آهي. 1960ع ۾ سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”آب حيات“ ۾ آگرو صاحب لکي ٿو ته ”مون پنهنجي ننڍيءَ ڄمار ۾ جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان ڪن کي ڪهاڻين جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو اٿم. ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن، جي رڳو خيالي آهن، هر ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪوشش هر صورت، اها ئي رهي آهي ته ڪوڙ کي سندس اصلي روپ ۾ نروار ڪريان. منهنجي لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي. روح رهاڻ جي سرواڻ محترم حميد سنڌي ساڳئي ڪتاب ”آبِ حيات بابت ٻه اکر“جي شروع ۾ لکيو ته ”سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب جي واڌاري واسطي، پنهنجي هن نوجوان اديب سان اسان جون الاهي اميدون وابسته آهن. سنڌ جي اعليٰ مورخ ۽ برگزيده شخصيت سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو هو ته ”سنڌي ادب جي دنيا ۾، اڳتي هلي اسان جو غلام رباني هڪ درخشان ستارو ٿيندو،“. ها اها نيڪ تمنا واقعي سچ ثابت ٿي. سندس ڪهاڻيون چيني، جرمني، فارسي، اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي، مختلف ملڪن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. اها به هڪ خوشنصيبي آهي ته سندس ڪهاڻين کي جرمنيءَ جي جڳ مشهور اديب، عالم ۽ انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ٻين ڪيترن ٻولين جي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر اينيمري شمل جرمن ۾ ترجمو ڪيو. غلام رباني ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي. هو جڏهن ٻارن جي مشهور رسالي ”گل ڦل“ جو 1959ع کان وٺي 1964ع تائين ايڊيٽر رهيو تڏهن ٻارن لاءِ سوين دلچسپ ليک لکيائين.غلام رباني مختلف موضوعن تي لاتعداد مضمون، مقالا ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن کي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. خاص طرح سان ”سنڌي ڪلچر- پس منظر ۽ پيش منظر“ عنوان سان سندس فڪري مضمون، هلال پاڪستان اخبار ۾ قسطوار ڇپيو ۽ مقبوليت ماڻيائين. ”مهراڻ رسالي ۾ سوين مضمون ۽ مقالا لکيائين، جن مان ”شاهه ولي الله جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط“ ۽ ”قرآن شريف جا ترجما“ خاص حيثيت رکندڙ آهن.
    سندس مشهور ڪتابن ۾ :”آب حيات“(ڪهاڻيون)، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ (سراج ميمڻ سان گڏ)، ”پيار جي پري“ (ڪهاڻيون)، ”سڏ پڙاڏو“، ”ادبي توصيفات“، ”باز جوشڪار“، ”جهڙا گل گلاب جا“ ٻه ڀاڱا جنهن ۾ شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن. اُن جي پهرين ڀاڱي ۾ هن علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه، پير حسام الدين راشدي صاحب تي شاهڪار شخصي خاڪا لکيا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومري، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، سائين محمد ابراهيم جويي، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي زندگيءَ جو ڀرپور احوال ڏيئي تذڪري جي دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. ”سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ“ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. سنڌ جا بَر بَحر ۽ پهاڙ هڪ اهڙو سوانحي ڪتاب آهي جو پڙهڻ سان آگري صاحب جي مطالعي، مشاهدي، فڪر، ساڃاهه ۽ تحقيقي معيار جي پرک پوي ٿي. هن ڪتاب ۾ پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاوالحق ۽ قلندر لعل شهباز تي آگري صاحب تمام گهڻي محنت ڪري اهڙي معلومات مهيا ڪئي آهي جو جنهن لاءِ جيتري به کيس آفرين چئجي اها گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته نه رڳو انهن متعلق مواد جي کوٽ رهي آهي پر انهن جي فڪر کي سمجهي اسان آڏو پيش ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڪم آهي. هو پاڻ ئي لکي ٿو ته مون هن ڪتاب جو ورق ورق ڏاڍي توجهه سان لکيو آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته سنڌ جي اعليٰ شخصيتن جو گهڻي کان گهڻو مستند احوال جمع ڪريان پر اهڙي ڪا به روايت بيان نه ڪريان جيڪا غير مصدقه هجي. اهو ڪم سولو ڪو نه هو.“ (سنڌ جا بَرَ، بَحَر، پهاڙ صفحو 404) جيڪو هن ڪري ڏيکاريو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ڪلچر ۽ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ سگهوئي منظر عام تي اچڻ وارا آهن.
    پنجابي ادبي بورڊ لاهور پاران 1986ع ۾ کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس شاندار ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ سان به نوازيو ويو. ان کان علاوه کيس شاندار خدمتن جي عيوض ٻيا به ايوارڊ ۽ اعزاز مليا. هو دنيا جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ ايران، چين، بنگلاديش ۽ ڀارت مختلف وقتن تي پاڪستاني اديبن جي اڳواڻي ڪندي گهمي آيو. ان کان سواءِ ڪيترن ئي قومي ۽ ٻين الاقوامي ڪانفرسن ۽ سيمينارن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو.
    قلم جي هن بي تاج بادشاهه 18جنوري 2010ع سومر ڏينهن وفات ڪئي.

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

    سائين غلام رباني آگرو متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ لاء توهان جي مهرباني.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

    اڄ 18 جنوري محترم غلام رباني آگرو جي ٻي ورسي آهي۔ غلام رباني آگرو سنڌ جي انهن بيوروڪريٽس مان هڪ هيو جنهن جي قلم ۾ رواني ۽ تاثر هو۔ سندس ٻين ڪمن کي ڇڏي جيڪڏهن اسان سندس ڪتاب جهڙا گُل گلاب جا تي نظر وجهون ته سندس ان ڪتاب سبب ئي آگري صاحب جي شخصيت سنڌي ادب جي مٿاهين درجي جي ليکڪن ۾ شامل ٿي وڃي ٿي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

    سنڌ جو قصا گو ليکڪ غلام رباني آگرو
    رکيل مورائي

    [JUSTIFY]سنڌي ادب ۾ ويهين صديءَ جي اڌ ڌاري جيڪي ڪهاڻيءَ لکندڙ شخص هُئا يا جن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي پهرئين کيپ سڏجي ٿو انهن ۾ هڪ ليکڪ/ شخص اهڙو به هُئو، جنهن سچ ته پنهنجي ڪهاڻين کان وڌيڪ ٻين لکڻين سبب سنڌي پڙهندڙن وٽ پذيرائي ماڻي، ان جو نالو غلام رباني آگرو آهي.
    غلام رباني آگرو سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو پنهنجي مزاج موجب، سنڌي ڪهاڻيءَ يا پنهنجي سمورين لکڻين ۾ اهڙي قصاگوئي کڻي آيو جهڙي لاطيني آمريڪا جو ليکڪ/صحافي گارسيا مارڪيز پنهنجي لکڻين ۾ کڻي آيو. مارڪيز جي لکڻين ۾ قصا گوئيءَ جو اچڻ هُن جو صحافي هجڻ هُئو. پر رباني صاحب جي لکڻين جي قصا گوئي نج سنڌ جي قصا گوئي آهي، هو نج سنڌي ماحول مان نڪري آيل اهڙو پڙهيو ڳڙهيو ۽ ذهين شخص هُئو جنهن پنهنجي اٿاهه مطالعي باوجود پنهنجي لکڻيءَ جي مزاج کي سنڌي ماحول کان الڳ نه ڪيو ۽ پنهنجي لکڻيءَ جو سڄو تاڃو پيٽو سنڌي مزاج جي جوڙجڪ تي رکيو آهي. رباني صاحب جي ڪهاڻي هجي، خاڪو هُجي، ڪالم هجي، تقرير هُجي يا ڪچهري، هُو هڪ نهايت سگهاري قصا گو طور اڀري آيو آهي، جن سندس ڪهاڻيون، مضمون، خاڪا ۽ ٻيا ليک پڙهيا هوندا ۽ جن سندس تقريرون ٻڌيون هونديون ۽ جن ساڻس ڪچهري ڪئي هوندي اهي اهڙي ڳالهه آسانيءَ سان چئي سگهندا ته هو سنڌ جو هڪ اهڙو قصا گو ليکڪ ۽ ڳالهيندڙ هئو جو جيڪڏهن سندس لکڻي پڙهڻ شروع ڪبي ته اها ڇڏي نه سگهي، جيڪڏهن سندس تقرير هوندي ته اها ڌيان سان ٻڌڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو ۽ جيڪڏهن سندس ڪچهريءَ ۾ ويٺل هجبو ته پوءِ راتيون ڍلي وڃن، رباني صاحب جي ڪچهريءَ مان اٿي نه سگهبو. گمان اهو آهي ته هو جنهن ماحول مان آيو ان جو مزاج هُن جي روح ۾ رچيل هُئو ۽ ٻيو سبب اهو هُئو ته سندس صحبت جن شخصن سان رهي انهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ ماحول به کيس متاثر ڪيو. مثال طور علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، پير علي محمد راشدي، سيد حسام الدين راشدي، غلام محمد گرامي، وغيره ۽ سنڌ کان ٻاهر ايني ميري شمل کان غني خان تائين هن جي صحبت جو دائرو هُئو، ان ڪري هُو لکڻ جو مور ته هُئو ئي پر ڪچهريءَ جو به مور هُئو.

    تاريخ جو اهو به وڏو سچ آهي ته هو اڳتي ڪيئن وڌ جي اهو پير علي محمد راشديءَ جهڙي ذهين ماڻهوءَ کان سکيو، جي ايئن چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هُن جي ذهن تي ۽ هُن جي روح تي گهڻي ۾ گهڻو اثر راشدي صاحب جو هُئو. ڇاڪاڻ ته هُن گهڻو وقت پير علي محمد راشدي سان گذاريو ۽ پير صاحب به کيس اولاد وانگر ڀائيندو هُئو، ان ڪري ايئن ڀانئجي ٿو ته نه رڳو رباني صاحب جي شخصيت تي سندس اثر رهيو پر رباني صاحب جي فڪشن کانسواءِ ٻين لکڻين، خاص طور خاڪن واري سندس بي مثال ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ تي به پير صاحب جي لکڻيءَ جو اثر آهي، جنهن جو اڻ سنڌو اعتراف رباني صاحب خود پنهنجي ان مضمون ۾ ڪيو آهي، جيڪو مضمون هُن راشدي صاحب بابت لکيو هئو ۽ مهراڻ ۾ ڇپيو هُئو. مان ڀايان ٿو راشدي صاحب تي اڄ جي تاريخ تائين اهڙو مضمون نه لکيو ويو آهي ۽ نه ئي ويجهڙ ۾ لکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻ رباني صاحب نه رهيو آهي ۽ اهڙو مصمون فقط رباني صاحب لکي سگهيو ٿي. ٻيا شخص جيڪي پير صاحب جي ويجهو رهيا هوندا به تڏهن به انهن ۾ ربانيءَ صاحب جهڙو لکڻ جو ڏانءُ اچڻ مشڪل آهي، بلڪل ايئن جيئن ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ فقط پير علي محمد راشدي صاحب ئي لکي سگهيو ٿي. حيرت جي حد تائين راشدي صاحب ۽ رباني صاحب جي ڪتابن ۾ هڪ جملو ساڳيو آهي. اهو هيءُ آهي ته پير صاحب ٽن جلدن ۾ صخيم ڪتاب لکي به پنهنجي دوست جي ايم سيد بابت لکيو ته ان تي الڳ ڪتاب لکندس ۽ رباني صاحب ٻن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب لکي به پنهنجي محسن جي ايم سيد بابت لکيو ته ان تي الڳ ڪتاب لکندس. هاڻ هُو ٻئي نه رهيا آهن ۽ ٻنهي جو جيڪو ڪم رهجي ويو اهو هئو سائين جي ايم سيد بابت ڪتاب يا خاڪو يا ڪجهه به تفصيلي لکڻ.

    رباني صاحب بنيادي طور ڪهاڻيڪار هُئو، پر اڳتي هلي هُن جيڪو لکيو، اڄ جيڪڏهن سندس ڪجهه به نه ڳڻيو وڃي تڏهن به هُن جي کاتي ۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ جهڙو املهه ڪتاب ئي ڪافي آهي. ٻيءَ طرح سندس لکڻي ۽ ان ۾ قصا گوئي پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ اها ئي رباني صاحب جي لکڻيءَ جي خوبصورت سڃاڻ آهي جيڪا کيس ٻين پنهنجن همعصرن کان الڳ ٿلڳ ڪري هڪ منفرد سڃاڻپ ڏئي ٿي. هُن جي ٻوليءَ جي سونهن ۽ ان ۾ سنڌي محاوري جو استعمال ۽ خاص طور ڳالهه مان ڳالهه جوڙڻ رباني صاحب جي لکڻيءَ جو هڪ نرالو انداز آهي. هڪ طرف هُن جو احساساتي لکڻ آهي ته ٻئي طرف سندس تحقيقي لکڻ آهي، جيڪو ڪتاب ”بر-بحر ۽ پهاڙ“ جي نالي ۾ آيل آهي، سچ ته هيءَ ڪتاب به پنهنجي نوعيت جو هڪ بي مثال ڪتاب آهي جيڪو رباني صاحب ئي لکي سگهيو ٿي.

    ڪنڊياري تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان نڪتل غلام رباني آگرو. جنهن ماڳ تي رسيو، اهو شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌين جي نصيب ۾ آيل هوندو. اڌ دنيا کي ڏسندڙ رباني صاحب جيڪڏهن نه ڏٺو ته فقط پئسن ميڙڻ کي نه ڏٺو. سنڌي ڪامورن جي تاريخ ۾ ضرور اهڙا ڪامورا هوندا، جيڪي هٿين کالي ويا هوندا ۽ هٿين کالي وڏن عهدن تان لهي آيا هوندا. منهنجي اکين جنهن شخص کي ڏٺو اهو اڪيلو رباني صاحب هُئو، جيتوڻيڪ هي جتي رهيو ۽ جن ماڻهن سان رهيو، اُتان جي هڪ فون هُن کي اڻ ميو ڌن ڏياري پئي سگهي پر اڄ جڏهن رباني صاحب نه رهيو آهي تڏهن ڪيترن ئي اختلافن، مخالفتن ۽ پاسخاطرين باوجود شايد ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو ايئن چوي ته رباني صاحب ڪٿي ڪرپشن ڪئي ۽ پئسا ڪمايا. هُن وٽ جڏهن به ۽ جيڪي به پئسا رهيا هوندا، هُن پاڻ تي ۽ دوستن تي خرچ ڪيا هوندا ۽ هُن هڪ نفيس شخص جي زندگي گذاري، خوبصورت چوڙيو خوبصورت کاڌو ۽ کارايو. هُو ڪراچيءَ ۾ اڪثر قصر ناز ۾ رهندو هُئو ۽ دوستن کي گهرائي نه رڳو ڪچهريون ڪندو هُئو پر خوبصورت مانيون به کارائيندو هُئو. هن جو دسترخوان سندن دل جيان ۽ سندس لکڻين جيان سدائين ڪشادو رهيو. سندس ڪچهريون ته سندس دوستن کي ياد رهنديون پر سندس لکڻيون سڄي سنڌ کي ياد رهنديون. رباني صاحب پنهنجي لاتعداد دوستن ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ سدائين ياد رهندو. ارڙهين جنوريءَ جو تازو توانو ڏينهن هن سدائين تاز توانو رهندڙ حسين ليکڪ ۽ شخص کي سدائين لاءِ اسان کان الڳ ڪري ويو.[/JUSTIFY]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

    رباني ۽ آبِ حيات
    سراج

    [JUSTIFY]غلام رباني تي لکڻ منهنجي خوشنصيبي آهي، هو نه صرف منهنجو دوست هو، پر ادبي کيتر ۾ منهنجو همسفر به هو، پنجاهه جي آخري ڏهاڪي ۾ ويندي سن سٺ ستر تائين، اسان چند چرين جو هڪڙو لڏو هوندو هو. انهن ۾ رباني، تنوير، حفيظ شيخ، اياز، آئون، رشيد ڀٽي، سليم، مولانا گرامي ۽ ابراهيم جويي جا نالا ياد پيا اچن. سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ادب لاءِ اسان جا قلم وقف ٿيل هئا. شاعري، ڪهاڻيون، تاثر ۽ مضمون لکڻ ڄڻ اسان جي فرضن ۾ شامل هو. ون يونٽ خلاف اسان جي تحريرن سڄيءَ سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني. پوءِ ان قافلي ۾ اياز قادري، آغا سليم، امر جليل ۽ ڪيترا ٻيا اچي شامل ٿيا. ان باهه اجهائڻ لاءِ وقت جي انتظاميه ٻه فيصلا ڪيا، هڪڙي پڪڙ پڇاڙ ۽ ٻيو هنن ساڄي ڌر جي لکندڙن ۽ ”فيلسوفن“ کي خوب ڏوڪڙ ڏئي اخبارن ۽ رسالن ۾ اسان جي لڏي خلاف مضمون لکرايا ۽ فتوائون جاري ڪرايون، جن ۾ سردار علي شاهه، رشيد لاشاري، پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا، جن جا نالا ياد نٿا اچن. پڪڙ پڇاڙ ۾ اياز ۽ رشيد ڀٽي گرفتار ٿيا ۽ جيل ۾ واڙيا ويا. عدالتن ذريعي ٻاهر نڪتا ته وري نون ڪيسن ۾ اندر ڪري ڇڏيائون. ڇهه ست ڏينهن مون کي ۽ تنوير کي حيدرآباد جي چائڙِي ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيائون، اتي جي صوبيدار صاحب (مرحوم جو نالو نٿو کڻان) سُٺي رپورٽ لکي، اسان کي آزاد ڪري ڇڏيو. انهن پنجن ستن ڏينهن ۾ هن اسان جي خاطر داري بيمثال ڪئي ۽ پوءِ جڏهن به ملندو هو، اسان سندس ٿورا مڃيندا هئاسون. رباني اسان جو مهندار هو، ڪامورن ڪڙن سان سندس ڏيٺ ويٺ هئي، انهن جي ذريعي سڄي سنگت کي ڇپر ڇانوَ هن ٿي مهيا ڪئي. سندس جي ئي ڪري آئون ۽ تنوير چائِڙي ٿاڻي مان رات جو پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويندا هئاسون ۽ صبح جو ساجهر ٿاڻي تي پهچي ويندا هئاسون.

    اهي به ڪي ڏينهن هئا، رباني اياز کي گهڻو ويجهو هو. اياز کي سنڌ جو آواز بنائڻ ۾ ابراهيم جويي ۽ رباني جو ڪردار تاريخ جو اڻ مٽ حصو آهي. جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ آئون اسسٽنٽ سيڪريٽري. آئون جڏهن 1957ع ۾ سي ايس ايس ڪري وڃي سرڪاري ملازم ٿيس ته ربانيءَ کي جويي صاحب اسسٽنٽ سيڪريٽري طور مقرر ڪيو، جتي پوءِ هو سيڪريٽري به ٿيو. هالا جي مخدوم صاحبن سان هن جا ويجها لاڳاپا هئا. ذهين ۽ هوشيار ماڻهو هو، سندس اٿ ويهه پير علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي سان ويجهي دوستي ۾ تبديل ٿي ويئي. انهن جي ذريعي هو اڪيڊمي ادبيات جو چيئرمين مقرر ٿيو. اسلام آباد ۾ هن جو گهر سنڌي اديبن ۽ دانشورن لاءِ جاءِ پناهه هو. آئون اسلام آباد ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾ ويندو هوس ته پنڊيءَ جي انٽرڪانٽيننٽل هوٽل ۾ رهندو هوس. رباني کي الائجي ڪيئن خبر پئجي ويندي هئي، اتان مون کي زوري کنڀي پنهنجي گهر کڻي ترسائيندو هو، هڪڙي گاڏي منهنجي حوالي هوندي هئي، اهو هو اسان جو پيار يار غلام رباني آگرو!

    هاڻي اچان ٿو ربانيءَ جي ڪهاڻين تي، جنهن جو آغاز ٿو ڪريان ڀٽ ڌڻيءَ جي هن خوبصورت بيت سان ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پاهڻ تارين تون“ سنڌي ادب بلڪ پاڪستاني ادب ۾، رباني جون ڪهاڻيون هڪ خوبصورت پهڻ آهن، جنهن ٻئي سموري جنس و خاشاڪ کي ٻوڙي پنهنجو اعليٰ مقام پيدا ڪيو آهي. هن جي هر ڪهاڻي سنڌي ادب جو قيمتي زيور آهي. منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته انهن ۾ ڪهڙي ڪهاڻي پهرئين نمبر تي ٿي سگهي ٿي، ڏاڍو مشڪل آهي. هر ڪهاڻي جي ڀل ڀلان جو ڇيهه ڪونهي. سندس ٻولي چنڊ وانگر پئي جرڪا ڏي. سموري سنڌي ادب ۾، ربانيءَ جي ٻولي، نهايت اعليٰ مقام ٿي رکي. هن جون تشبيهون ۽ استعارا سنڌي سماج جو خوبصورت مظهر آهن. ڪهاڻي اهڙو فن آهي، جيڪو مختصر هوندي به نهايت وسيع ۽ سمنڊ جيترو اونهو آهي. رباني جي ڪهاڻين ۾ ڄڻ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ اهو ڳالهاءُ عالمگير آهي. رباني جي ڪهاڻين کي آئون هوند ٽن ڀاڱن ۾ ورهايان، جاگيرداري نظام بابت ڪهاڻيون، شهري وچولي طبقي جون ڪهاڻيون ۽ عالمگير ڪهاڻيون. جاگيرداري نظام سنڌ جو اڻ کٽ عذاب آهي. هاري ۽ وڏيري جي موضوع تي سنڌي ۾ سوين ڪهاڻيون ڇپيل آهن، پر ربانيءَ جي ڪهاڻي ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ جاگيرداري نظام جو نهايت شفاف آئينو آهي. اها هڪڙي ڪهاڻي جاگيرداري نظام جون سموريون اونداهيون، ستم گيريون ۽ ڀيانڪ بدافعاليون اهڙي جامعيت سان پيش ڪيون آهن، جو ٻين ڪهاڻين جو ذڪر ئي غير ضروري آهي. سندس ٻي ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“ ان ساڳئي ماحول جي بدڪرداري تي شاندار ڪهاڻي آهي. شهري متوسط يا وچولي طبقي بابت لکيل ڪهاڻين ۾ وري هن نئين اڀرندڙ نسل جي ذاتي ۽ گروهي تضادن کي ڏاڍي قابليت سان وائکو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ”شيدو ڌاڙيل“ زبردست ڪهاڻي آهي ۽ هاڻ ته ڪلاسيڪل درجو حاصل ڪري چڪي آهي. رباني عالمي پسمنظر يا سماجي ارتقا تي مبني ڪهاڻيون به لکيون آهن ۽ عالمي پسمنظر ۾ لکيل اهڙين ڪهاڻين ۾ هن جي اندر جو صوفي يا فيلسوف ڳالهائيندو آهي. رباني انهن ۾ جذبن جي شاعري ڪئي آهي. آئون رڳو ”همسفر“ ۽ ”خواب“ ڏانهن اشارو ڪندس، اوهين پڙهي ڏسو اهي ڪهاڻيون، اوهان کي هڪ نئين لطافت Ethos))سان روشناس ڪرائينديون. رباني تي لکت ائين آهي، ڄڻ آئون پاڻ تي لکي رهيو آهيان. جيئن مان شروع ۾ چيو ته اها ڏاڍي ڏکي منزل آهي، مٿان منزل ئي نه ملي ۽ رستو ئي ڀلجي وڃان، سو هن منظر کي اتي ئي ڇڏي ڏيان ته بهتر ٿيندو.
    [/JUSTIFY]

    ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

    رب العالمين مرحوم غلام رباني آگري کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

    بيشڪ سنڌ جو هي سهڻو انسان سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ اڳ کان اڳرو رهيو، سندس افسانا ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان آهن ۔۔۔

    ادا سليمان آگري صاحب بابت ليک هڪ هنڌ گڏ ڪري آگري صاحب جي شخصيت ۽ ادبي خدمت تي ليک مڪمل ڪري ٿورائتو ڪيو آهي ۔۔۔

    سلام دوست سليمان

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: غلام رباني آگرو ۔۔ سنڌي ادب کي ”آبِ حيات“ پياريندڙ قلمڪار

    [​IMG]

    ادا سنڌ سلامت کان پري رهڻ جي ڪري سنڌ جي عظيم ماڻهن جي خبر چار کان به پري رهجي ويا آهيون، محترم سائين غلام رباني آگري صاحب جي وفات جي مون کي تڏهن خبر پئي جڏهن مون ڪي ٽي اين جي سال جي آخري يادن تي مشتمل هڪ وڊيو ڏٺم جنهن ۾ اهيا خبر پئي ته محترم رباني صاحب به اسان کان جسماني طور الڳ ٿئي وڃي رب ڪائنات سان مليا آهن، دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون درگذر ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري، رباني صاحب سنڌي ادب جا ماياناز اديب ٿئي گذريا آهن پاڻ ڪيترائي مضمون لکيائون جيڪي سنڌي ادب جي ڪيترن ئي رسالن ۾ موجود آهن سندس ٻه ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيا جنهن ۾ هڪ ته مون پاڻ پڙهيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي دور جي اديبن ۽ دوستن جو تفصيلي احوال ڏنو آهي، اهو ڪتاب آهي جهڙا گل گلاب جا جنهن کي پڙهڻ لاء توهان ڪتاب جي نالي مٿان ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا، ۽ ٻيو آهي سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ ۔۔۔۔۔۔





     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام رباني آگري جي قلم ۾ غضب جي چاشني ۽ رواني رهي آهي۔ سندس ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ تي دل چوندي آهي۔ اڄ سنڌ جي هن بهترين قلمڪار جي ورسي آهي۔
    سنڌ سلامت سٿ سندس ورسيء تي سلام پيش ڪري ٿو۔
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان پي ڊي ايف رائيٽر جي ڪا لنڪ يا بيڪاپ ڏئي سگهو ٿا، مون کي ڪجهه ڪتاب پي ڊي ايف تي آڻڻا آهن۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊو پي ڊي ايف Do PDF نالي سافتويئر ان سلسلي ۾ سٺو ۽ ڪم وارو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مهربانيون ۽ ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام رباني آگرو: هڪ مقناطيسي شخصيت
    هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته، هر ڪو ماڻهو ڏانهَس پوريءَ طرح متوجهه ٿي، غور ۽ چاههَ سان سندس ڳالهيون ٻڌندو هو، ائين محسوس ٿيندو هو ته، سندس زبان مان نڪتل هر لفظ مصريءَ جي ڳڙيءَ جيان ٻڌندڙن کي مٺو لڳندو هو ۽ جڏهن لکندو هو ته، پنهنجن پڙهندڙن کي’رباني رهاڻ‘ جي مخصوص طرز جي تحريرن ۾ مَحو ۽ مگن ڪري ڇڏيندو هو، نظرون سندس تحريرن تي بس کُپي وينديون هيون ۽ تيستائين کُپيل ئي رهنديون هيون، جيستائين ڪتاب پڙهي پورو نه ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح غلام رباني آگرو (مرحوم) ڪچهريءَ ۾ بيحد مٺي ڳالهائڻ ۽ تمام سُٺي لکڻ جا ٻئي ڏانوَ چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، اها قدرت طرفان مليل ڏات آهي، جنهن کي نصيب ٿئي. غلام رباني آگرو سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن اديبن منجهان هڪ هو، جنهن کي تحرير توڙي ڪچهريءَ ۾ اثرائتي گفتگو ڪرڻ جي ڏات تحفي ۾ مليل هئي. رباني صاحب پنهنجي مليل ڏات جو ڀرپور استعمال ڪندو هو. رباني صاحب جي تحريرن مان سنڌ سان سندس لازوال عشق جو اندازو به آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو، چچ نامي، سنڌ جي فتح ۽ سنڌ جي اڳين عظمت جون ڳالهيون ڪندي رباني صاحب جو ڄڻ جِيءُ جُهري پوي ٿو، هاڻوڪي سنڌ بابت هو لکي ٿو ته،” اڄ سنڌ هڪ اُجڙيل ديس آهي، جنهن کي هڪ تاريخ نويس جي ضرورت آهي، جيڪو اسلامي فتحن جي وسيع منظر ۾ سنڌ جي فتح جو گهرائيءَ سان مطالعو In Depth Studyڪري ۽ جائزو وٺي، حقيقتون بيان ڪري. دراصل اسان کي پنهنجي تاريخ جي تعبير ۽ تشريح جي ضرورت آهي.“ غلام رباني لکي ٿو، ”هڪ زماني ۾ سڄي دنيا ۾ اوندهه هئي، روشنيءَ جو ڏيئو يا ته چَپن ۾ ٻري رهيو هو يا بابل ۾ يا نينوا ۾، مصر ۾ يا وري سنڌ ۾، جنهن جو ثبوت ’موهن جو دڙو‘ آهي. مصر، شام، اردن، عراق ۽ ايران ۾، جن سان گڏ اسان اسلام قبول ڪيو هو، اهي پنهنجي گهرن ۾ خوش آهن، هڪڙي سنڌ آهي جيڪا صنعت ۾، حرفت ۾، ڪاريگري ۽ سپهه گيريءَ ۾ ڪٿي به ڪونه آهي. هي صوبو هاڻ جهالت، رهزني، لُٽ مار ۽ قتل ۾ سڀني کان اڳتي آهي، انهن ڌاڙيلن جو سرپرست ڪو به غير سنڌي نه پر خود سنڌي آهن.“ رباني صاحب نوشهرو فيروز مان پهرين حيدرآباد ۽ بعد ۾ ڪراچي پهتو، ته ميٺا رام هاسٽل جي ڪمري نمبر 30 ۾ وڃي رهيو، ميٺا رام هاسٽل جي ڪمري نمبر 30 جون سندس يادگيريون پڙهڻ وٽان آهن. هي سڄو سارو احوال بيحد دلچسپ، معلوماتي ۽ وندرائيندڙ آهي. مثال طور ان ڪمري ۾ سُري کاڌل ڪاٺَ جو حوالو ڏيندي هُن جهرڪين جي راند روند جو ذڪر ڪيڏي نه دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي: ” ڪاٺوڙي پارٽيشن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي جِهرڪين منجهس پنهنجا گهرڙا ٺاهيا آهن، اکين اڳيان جهرڪن سان سندن رومانس پئي هليا، جيڪي’ماڊرن لَو مئريج‘ کان به وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيا، منجهند جي مهل جڏهن مان موٽي ڪمري ۾ ايندو هئس، ته جهرڪين کي سخت مشغول ڏسندو هئس، ڪي آکيرن ۾ پنهنجن ٻچن سان ٻوليون پيون ڪنديون هيون، ڪي چُهنب ۾ ڪَک پن کڻي پنهنجا گهرڙا پيون ٺاهينديون هيون، ته ڪي وري ميز تي رکيل شيشي ۾ پنهنجي عڪس کي حيرت ۾ پيون گُهورينديون هيون.“ رباني صاحب جو جهرڪين جي شغلن جي مشاهدي جو بيان ڪيڏو نه دلفريب ۽ وندرائيندڙ آهي. ساڳئي باب ۾ ڳيري ۽ ڳيرِيءَ جو ذڪر ڪندي رباني صاحب سنڌي صوفين جي عظمت کي ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ اُجاگر ڪيو آهي: ”دروازي جي ٻنهي پاسن سان انگريزي نسل جا ٻه ڊگها وڻ آهن، منجهند جي مهل هڪ ڳيرو ۽ ڳيرِي انهن وڻن تي اچي ويهندا آهن، مان جڏهن ڪاليج مان موٽندو آهيان، ته سامهون ڳيري ۽ ڳيرِيءَ کي سدائين گڏ ويٺل ڏسندو آهيان، حرام جو ڪڏهن پاڻ ۾ رُسن يا جهيڙو ڪن، سوچي سوچي نيٺ ائين سمجهيم ته، اهو ڳيرو ۽ ڳيرِي ڪنهن سنڌي صوفي بزرگ جا مُريد آهن.“ هن ڦليلي ڪاليج جون يادگيريون به دلچسپ انداز ۾لکيون آهن، جتي هن نوشهري فيروز جي تاريخي مدرسي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري 1951ع ۾ داخلا وڃي ورتي هئي، ساڳئي وقت 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جو احوال به دلچسپ انداز ۾ لکيو اٿائين، جنهن جو افتتاح ان وقت جي اطلاعات ۽ نشريات جي وزير پير علي محمد راشدي ڪيو هو ۽ ان موقعي ته باباءِ نشريات سيد ذوالفقار علي بخاري (معروف زيڊ اي بخاري) پڻ موجود هو، جيڪو تڏهن ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو. ريڊيو جي ذڪر سان مونکي ذاتي طور تي دل ۾ هڪ حسرت جاڳي پئي آهي ته، ڪاش! رباني صاحب جهڙو ليکڪ ۽ مشاهدي نگار ان وقت موجود هجي ها، جڏهن آئون ڏهن سالن کان به ڪجهه وڌيڪ عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هئس.

    عنايت بلوچ/حيدرآباد

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    رباني صاحب جي ڪن ڪهاڻين جا، هندستان ۽ پاڪستان جي مکيه ٻولين مثلاً: اردو، هنديءَ، مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽ گجراتيءَ کان سواءِ انگريزيءَ، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن۔غلام رباني آگري صاحب جا
    انٽرويو ريڊيو وائيس آف آمريڪا تان پڻ نشر ٿيا.سندس تعلقات ملڪ جي آمر جنرل ضياء سان به رهيا، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب جهڙا گل گلاب جا ۾ ڪيو آهي، ۽ ان ئي ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ وڏي شخصيت محمد ابراهيم جويو صاحب جون شڪايتون پڻ ڪيون آهن، جڏهن ته علامه غلام مصطفه قاسمي، علامه دائود پوٽه، ۽ پنهنجي والد صاحب جون تعريفون ڪيون آهن۔
    رباني صاحب جو مختصر تعارف
    ناميارو سنڌي اديب ۽ ڪهاڻيڪار، غلام رباني آگرو، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد خان آگري‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتائين، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ -استاد هو ۽ تعليم کاتي نوابشاهه ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. رباني صاحب 1951ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد هليو آيو، جتي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ ٻه سال تعليم ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ هليو آيو، جتي آرٽس ۾ بي. اي ڪيائين.
    رباني صاحب لکڻ جي شروعات 54-1953ع ڌاري ڪئي. اول ماهنامي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 5 سالن کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر جي عهدي تي هو. 1980ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو، جتي هن پنهنجي عهدي سنڀالڻ سان گڏ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر: پس منظر ۽ پيش منظر“ جي سلسلي جا مضمون لکيا

    [​IMG]
    غلام رباني آگرو صاحب جو ڪتاب ۔۔۔ سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ پڙهڻ لاء هيٺ عنوان تي ڪلڪ ڪندا۔
    سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ


    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
    [​IMG]

    ماڻهو شهر ڀنڀور جا (ڪتاب)تي تبصرو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ناصر پنهور
    گهڻي وقت کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران هڪ سٺو ڪتاب پڙهندڙن تائين پهتو آهي. غلام رباني آگري صاحب جو لکيل ڪتاب”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي پر هڪ دور جي تاريخ آهي، جن ماڻهن سندس لکيل ڪتاب”جهڙا گل گلاب جا“ پڙهيو آهي تن کان اڄ به سندس ٻولي جي چاشني نه وسري آهي. ڪتاب جي 576صفحن ۾ جن 26 شخصيتن جا خاڪا شامل آهن، انهن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد قريشي، ڊاڪٽر اينميري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، جمال الدين ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظهار حسين، ارنيسٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيزمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاهه راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الدين ، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي شامل آهن. ليکڪ انهن شخصيتن ۾ ڪن سان گهڻو، ته ڪن سان ٿورو وقت گڏ گذاريو. سواءِ ليڊي ڊايانا جي، جنهن لاءِ ليکڪ سيڪنڊري مواد مان معلومات حاصل ڪئي آهي. غلام رباني آگرو 18 جنوري 2010 تي گذاري ويو ۽ ايئن پنهنجي پڙهندڙن کي نامور شخصيتن تي خاڪا لکي آخري سوکڙي ڏئي ويو. پر اها رڳو عام سوکڙي نه، پر سنڌ جي هاڻوڪي ۽ ايندڙ نسل تي سندس وڏو احسان ان ڪري به آهي، جو اڄ جو نوجوان پنهنجن هيرن کان اڻ واقف آهي. بالي ووڊ جي فلمي هيروز جي ته ڄاڻ آهي پر افسوس ته کين پنهنجي سياسي، سماجي، علمي، ادبي مشاهيرن ۽ مدبرن جو ڪو پتو ناهي. ان جو اندازو تازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن شمشير الحيدري جي گذاري وڃڻ تي ٽي وي تي مسلسل خبرن هلڻ تي مون کان نوجوان پڇيو ته شمشير الحيدري ڪير هو؟
    رباني صاحب بنيادي طور افسانه نگار آهي. کيس لفظن جي چونڊ ۽ انهن جي استعمال جو ڪمال فن آهي.
    ڪتاب جي مقدمي جو موضوع”ماڻهو جو مزاج“ آهي، جڏهن ته سندس گذريل ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو ”انسان جي اخلاق“ متعلق آهي.ڪتاب خاص ڪري مقدمي پڙهڻ سان ليکڪ جي مطالعي، مشاهدي ۽ حافظي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت کيس ڏکي ۽ مشڪل ڳالهه کي عام فهم ۽ دلچسپ انداز ڪرڻ جو به واهه جو ڏانءُ آهي.
    مقدمي ۾ ماڻهوءَ جي مزاج بابت تلخ حقيقتن سان گڏ تاريخ ۽ دلچسپ واقعا بيان ڪيا اٿس ۽ نه رڳو مذهب پر تصوف، فلسفي ۽ سائنس جي بنياد تي مثال ڏنا اٿس. انسان جي ڪميونڪيشن/ڳالهائڻ جي سگهه بابت لکيو اٿس. ”ماڻهو ڳالهه نثر ۾ بيان ڪري يا نظم ۾ ٻنهي صورتن ۾ ڳالهائڻ لاءِ سندس بنيادي ضرورت’لفظ‘ آهي. لفظ ۾ معنيٰ سخن جي سچائي سڀ کان اهم آهي.“
    ماڻهو جي روين بابت لکي ٿو ته، ”عام انسانن ۾ بشري ڪمزوريون آهن، سو ڀل چڪ ۾ کانئس خطا ٿي وڃي ٿي، ڪي شخص وري ڄاڻي ٻجهي ڪنهن نه ڪنهن مطلب خاطر حق تي پردو وجهن ٿا. ڪوڙ ڳالهائين ٿا. ڪي ته سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به اونڌا ابتا ڪم ڪن ٿا، کين ڪو به حياءُ ڪونهي. اهي نود آهن.“ اڳتي هلي هو ان ڳالهه کي وڌيڪ چٽو ڪندي لکي ٿو ته ”هونئن ته هن ڌرتي تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي. مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. اڪثر ڪوڙا آهن. ڳالهه هڪڙي ڪندا ۽ پير ان جي ابتڙ کڻندا. شايد ماءُ جي پيٽان ئي ابتا ڄاوا هئا.سندن سڃاڻپ اها آهي ته وڇون وانگر هر ڪنهن کي ڏنگ هڻندا، هر هنڌ فتنو فساد ڪندا، دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيندا. ڀٽائي بي سبب ته ڪونه چيو هوندو ته: ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون!
    ماڻهوءَ جي سڀاءَ بابت لکي ٿو ته ”مان سمجهان ٿو ته جيئن ساهوارن ۽ جاندار ۾ بڻ بڻياد کي وڏي اهميت آهي. اصيل ۽ کار جو فرق آهي، تيئن ماڻهو ۾ به آهي. هڪڙا پنهنجي نسلي اثر ۽ پرورش ڪري يا وري ماحول ۽ سنگت ساٿ جي اثر ڪري بي ڀروسي ۽ دوکيباز ٿين ٿا. ٻيا وري ڀروسي جوڳا سچا، سورهيه ۽ بهادر ٿين ٿا.“
    رباني صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا محاورا، مثال ۽ نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن، جيڪي هاڻي اسان جي عام ڳالهه ٻول مان غائب ٿيندا پيا وڃن.منتقم مزاجي بابت سندس چوڻ آهي ته، ”منتقم مزاجي مايوسيءَ جو ٻيو روپ آهي، مايوسي ۾ مبتلا ماڻهو ڪنهن به مهل ڪوبه خُلمُ ڪري سگهي ٿو. منتقم مزاج سدائين پاڻ به عذاب ۾ ته ٻيا به سورن ۾.“
    خودغرضيءَ بابت سندس خيال آهي ته ”ماڻهو جي من ۾ خودغرضي ايڏي ته ڪا اونهي آهي جو هو احسان فراموش به ٿئي ٿو. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ نيڪ شخص کي ڪنهن ماڻهو اچي چيو ته ’فلاڻي توهان کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو‘ هن حيران ٿي چيس ته خبر ناهي ڇاجي ڪري؟ مون ته مٿس ڪو احسان ڪيو ئي ڪونهي.“
    ماڻهوءَ جي مزاج متعلق هو پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ”اهو تهدار آهي، جيئن بصر جي هڪ کل لاهه ته ٻي ظاهر ٿئي ٿي تيئن ماڻهن جي مزاج تي به تهه مٿان تهه آهن. هڪڙو لاهه ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو.“
    ماڻهوءَ جي مزاج ۾ تبديلي بابت لکي ٿو ته،”اهو اتي جو اتي بدلجي ٿو ان جو بنيادي سبب سندس ذاتي مطلب ۽ مفاد آهي.“ ان لاءِ هو ڪيئي مثال ڏئي ٿو.
    هونئن ته سڀئي خاڪا اهم آهن پر هتي مان پهرين ٽن خاڪن جو ذڪر ڪندس. سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشديءَ ۽ پير حسام الدين راشديءَ بابت خاڪا سنڌ جي سياسي،سماجي ۽ تاريخي پسمنظر کي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم آهن. ايئن کڻي چئجي ته رباني صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي ڪني تان ڍڪ لاٿو آهي. هر شخصيت جي مثبت پهلوءَ سان گڏ اوڻاين جو به ذڪر ڪيو اٿس.
    سائين جي ايم سيد جي خاڪي ۾ هڪ هنڌ هن سنڌ جي وڏيرن جي پنجاب جي ڪجهه سرمائيدارن سان ڀيٽ ڪئي آهي جيڪي عام ڀلائي جا ڪم به ڪندا آهن. هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ سکين ستابن ماڻهن: وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جا شوق ۽ شغل وري ٻيا آهن.هو قلم ۽ ڪتاب کان پاڻ کي پري رکندا آهن. اسڪول ۽ اسپتال ڪونه ٺهرائيندا آهن. البت، پنهنجي ’قوت باهه‘ وڌائڻ لاءِ سونَ ۽ چاندي جي ڪشتن تي پاڻي وانگر پئسا وهائيندا آهن. سريتون وڙهائيندا آهن، ڪڪڙ ويڙهائيندا آهن. سوئر ۽ رڇ تي ڪتا بڇائيندا آهن. انهي کي سنڌ جو ڪلچر سمجهندا آهن.“
    هن خاڪي ۾ هڪ ٻيواهم ۽ تاريخي واقعو لکي ٿو ته، ”سائين جي ايم سيد ڏي ڀُٽي صاحب پيغام موڪليو ته، اوهان جي مقابلي ۾ پنهنجو ماڻهو ڪونه بيهاريندس پر اوهان راشدي صاحب ( پير علي محمد ) مان هٿ ڪڍو، سائين اها ڳالهه به قبول ڪانه ڪئي.“
    رباني صاحب لکي ٿو ته ”هڪ ڏينهن مان سائينءَ وٽ ويٺو هئس، ته راشدي صاحب ڪنهن ڳوٺ ۾ اليڪشن جي ورڪ ڪري رات جو سن ۾ آيو ۽ سائينءَ کي پري کان وڏي واڪي پيو ٻڌائيG M. We arewinning جڏهن چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سائينءَ ۽ راشدي صاحب ٻنهي هارايو. ڀُٽي صاحب کٽيو ۽ اڳي پوءِ پاور ۾ آيو.راشدي صاحب اهو ڏسي ماٺڙي ڪري سائين کي اڪيلو ڇڏي وڃي ڀُٽي صاحب سان ويجهو ويٺو،جنهن وزارت اطلاعات ۽ نشريات ۾ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيس. سائين جي ايم سيد سن ۾ نظر بند ٿيو. تاريخ جو هڪ ورق وري ويو.“ سائين جي ايم سيد بابت لکي ٿو ته، ”سائين انهي سنڌ جي ڳالهه ڪري رهيو هو،جنهن تي وڏيرا ڇانيل هئا. منجهن دم خم ته هئوئي ڪونه. اڳڙين جا گڏا هئا. سي ڏکئي مهل، سندس پٺڀرائي لاءِ اڳتي ڪونه آيا. پويان پير ڪري ويا. سائين بي يارومددگار رهجي ويو.“ هو اڳتي لکي ٿو ته ”سائين کان اها ڳالهه مخفي ڪانه هوندي، سنڌي سٻاجهڙن جي اها پراڻي روش آهي ته ڏکئي ويل پنهنجي ساٿي جي مدد ڪونه ڪندا آهن. هيڪاري کيس نقصان رسائيندا آهن. ڀلا ٻيو ته کانئس پاسو ضرور ڪندا آهن.“ رباني صاحب آخر ۾ لکي ٿو ته، ”اڄ سنڌ تي جيڪي ڪارا ڪڪر آهن، تن ۾ اميد جو ڪرڻو وري به اهو ئي پيغام آهي، جو سائين سنڌ جي نوجوان نسل کي ڏنو آهي.“
    پير علي محمد راشدي کي رباني صاحب رچرڊ برٽن جي جوڙجو ملهه قرار ڏنو آهي. ٻنهي راشدي ڀائرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته ”پير علي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي کان سراسر مختلف ماڻهو هو. ڪنهن زماني ۾ پاڻ ’مشرق و مغرب‘ جي عنوان سان ’جنگ‘ اخبار ۾ ڪالم لکندو هو.“ رباني صاحب جي خيال موجب ٻنهي ڀائرن جي مزاج ۾ به مشرق ۽ مغرب جيڏو فاصلو هو. پنهنجي لاءِ جي تصديق لاءِ هڪ دفعي پنهنجي دوست رحيم بخش سومرو کان سوال ڪري ٿو، جنهن جا ٻنهي ڀائرن سان پراڻا لاڳاپا هئا. رحيم بخش سومري موجب ”سائين حسام الدين شاهه وڏي ڳڻ ڳوت وارو مڙس هو. هروڀرو ڪنهن سان ڪونه ڦٽائيندو هو، پر راشدي صاحب ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو، سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هو.“
    رباني صاحب پير علي محمد راشدي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”حقيقت الائي ڪيئن آهي پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ، پير علي محمد راشدي جهڙا ذهين ۽ شاطر ماڻهو ڪي ٿورڙا پيدا ڪيا.“ ”هو سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ انهيءَ مٽيءَ ۽ پاڻي تي پليو هو، جتي اڄ به اس، ڪانوَ، ڪتي، اڪ، ڪنڍيءَ ۽ ڪانڊيري جو منظر عام آهي. اهو منظر ڏسي ماڻهو جو هيانءُ ئي ماندو ٿي ويندو آهي.“
    خان عبدالغفار خان جي وڏي پٽ غني خان رباني صاحب کي چيو ته ”ويهين صديءَ جي سنڌ چار غيرمعمولي ذهين شخص پيد ڪيا: هڪ الله بخش سومرو، ٻيو جي ايم سيد، ٽيون پير علي محمد راشدي ۽ چوٿون ذوالفقار ڀٽو.“
    پير علي محمد شاهه وڏيرن بابت ڪهڙي راءِ رکندو هو؟ ان تي رباني صاحب لکي ٿو ته ”راشدي صاحب، وڏيري کي سنڌي ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو دشمن سمجهندو هئو.چوندو هو ته جيسين سنڌ ۾ وڏيرا آهن، تيسين مسڪين ماڻهو سک جو ساهه ڪونه کڻندا.“
    ”پنهنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي ننديو اٿس. سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن ۾ به اهائي ڳالهه لکي اٿس. هڪ خط ۾ کين مرون ڪوٺيو اٿس. سائين کي لکيو اٿس ته انهن مرن لاءِ پاڻ کي پريشان نه ڪري ڇڏيو ته پٽڪا ٻڌيون، لاهور جي گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائين“. پير حسام الدين راشدي بابت به تفصيلي خاڪو لکيو اٿس جن ۾ سندس دوستن، احبابن ۽ حلقي جي ماڻهن بابت ڄاڻ شامل آهي. هو لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ سومرا خاندان ۽ ڀٽا خاندان قلندر شهباز جا عقيدتمند آهن. انهي پسمنظر ۾ هڪ دفعي رحيم بخش سومري، پير صاحب جي وفات کانپوءِ مون کي پتو پيو هو ته ”جڏهن سنڌ جا مڙئي موجوده وطن فروش محقق ۽بي ضمير عالم مري ويندا، تڏهن پير صاحب جا ڪتاب سونهاري سنڌ تعمير نو لاءِ نئين نسل کي ڪم ايندا. سنڌ جا اهل دل انسان سندس ابدي آرامگاهه تي ريشم ۽ ڪيمخواب جا پڙ چاڙهيندا ۽ سنڌي مائرون پنهنجن ٻچن تي دودي سومري وانگر ’حسام الدين‘ نالو سڪ ۽ عقيدت سان رکنديون.“
    خود سنڌي ادبي بورڊ جي شاندار ماضي بابت لکي ٿو ته، ”بورڊ جا ميمبر ان زماني ۾ وڏا عالم ۽ معتبر ماڻهو هوندا هئا. گوگڙو، گجر ۽ بصر وانگر ڪونه هوندا هئا. اسان ملازم انهن پگهاردار اسڪالرن جو وڏو احترام ڪندا هئاسين. اهو سونهري زمانو هوندو هو. علم ۽ تجربي جو قدر هوندو هو، هاڻي صورتحال ان جي ابتڙ آهي. سنڌ ۾ مثالي ڪلچر جون شاندار روايتون هاڻي ختم ٿي رهيون آهن. ”ادب“ جي جاءِ ”بي ادبيءَ“ ورتي آهي. ورهين جي ساٿين ۽ دوستن سان ٺڳي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳي.“ پير حسام الدين جي علمي قد ڪاٺ بابت رباني صاحب لکي ٿو ته ”پير حسام پنهنجي علمي قد وقامت جي وسيلن روسي، آمريڪا، يورپ، افغانستان، ايران ۽ ٻين سيمينارن جي صدارت ڪيائين. پنهنجو نانءُ نيڪي پيدا ڪيائين ۽ دنيا ۾ سنڌ جو منهن به مٿي ڪيائين! پر سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ جيڪڏهن حسين شاهه سندس ياد ۾ ڪاتقريب رکي، ته واهه، نه ته ٻارهين مهيني ڪو به ادارو پنهنجي ليکي سندس تربت تي رڳو هڪڙو گل رکڻ وارو به ڪونهي! هاڻي ته حسين شاهه به هي جهان ڇڏي ويو! سڄي خاندان جون علمي روايتون لڏي ويون.انهيءَ موضوع کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو ته ”اسان وٽ عالمن ۽ اديبن جو قدر ڪونهي. رچرڊبرٽن جي راءِ آهي ته’سنڌي ماڻهن ۾ حسد ۽ ساڙ آهي‘. انهي ماجرا کي سمجهڻ لاءِ منهنجي دوست محمد حسن جي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي، چيائين ”گهڻا سال ٿيا ته درمحمد ناريجي علامه قاضي صاحب کان سوال ڪيو هو ”قبلا ايئن ڇو آهي؟“ علامه صاحب جن فرمايو، ”عالمن جو قدر ادارا ڪندا آهن، جڏهن ادارن ۾ ننڍا ماڻهو وڏين ڪرسين تي ويهندا آهن ته علم ۽ عالمن جي بي قدري ٿيندي آهي.“ علامه آءِ آءِ قاضي جي حوالي سان ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”هو ٻيو نه هوندو هو. انگريز جڏهن سئز واهه ٽپي هن طرف اچي ٿو ته پنهنجا سڀ اخلاقي قدر ڇڏي اچي ٿو.“
    هي ڪتاب هونئن ته هر ساڃاهه وند کي پڙهڻ گهرجي پر خاص ڪري ڪيبل، انٽرنيٽ ۽ فيس بوڪ واري نسل کي ضرور پرهڻ گهرجي.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 ڊسمبر 2013
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دل وارو ڪو دوست سين

    حميد سنڌي

    سنڌ ۾ ڪتابن لکڻ جي روايت پراڻي آهي. چون ٿا ته سوين هزارين سالَ اڳي سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ”رگ وِيد“ جوڙيو ويو هو، جيڪو هاڻي دنيا جي اوائلي ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ائين پڻ چون ٿا ته جڏهن سنڌ آزاد ملڪ هو، تڏهن ٻُــڌ ڌرم جي راجا جي وزير حڪمرانيءَ جي اصولن بابت ڪتاب لکيو هو، هاڻي اڻلڀ آهي. پر، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي ڇپايل ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ انهيءَ جو ذڪرآهي.

    عربن جي سنڌ جي فتح کان پوءِ، حضور پيغمبر صه جن جي حياتيءَ جو مستند احوال لکندڙ اولين سيرت نگارن ۾ ’ابو معشر سنڌيءَ‘ جو نالو نمايان آهي. جرمن مستشرق جوزف هوروتوس پنهنجي ڪتابَ ”سيرت نبوي کي اولين ڪتابين اور ان ڪي مؤلفين“ ۾ لکيو آهي ته ”مغازي“ نالي سان عربيءَ ۾ سيرت جو ڪتابُ لکيو هئائين، جيڪو هاڻي دنيا ۾ اڻلڀ آهي. تمام وڏو عالم هو. بغداد ۾ وفات ڪيائين ته سندس جنازي نماز خليفي هارون رشيد پڙهائي. بغداد ۾ ئي دفن ٿيو.

    دنيا ۾ پيغمبر صه جن جي خطن جو پهريون پهريون مجموعو ديبل جي هڪ نومسلم عالم مرتب ڪيو، جيڪو هاڻي شايع ٿي ويو آهي ساڳيءَ ريت منصوري ۽ ديبل جي سنڌي فقيهن ڪيئي بي بها ڪتاب لکيا، جن جو تفصيل ثقافت اسلاميه لاهور جي شايع ٿيل ڪتاب ”فقهائي هند“ ۾ ڏنل آهي.

    هندستان ۾ شاهه ولي الله دهلويءَ کان به ٻه سؤ ورهيه اڳ، مخدوم نوح هالائيءَ قرآن مجيد جو فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو ڪيئي صديون سندس خاندان ۾ محفوظ هو. سنه 1960ع واري ڏهاڪي ۾، سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو، فارسي ترجمي جي ايڊيٽنگ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڪئي ۽ ان جي ڇپائيءَ لاءِ غلام رباني آگري وڏي محنت ڪئي. قدرت ٻنهي ڄڻن کي هن تاريخي مصحف مبارڪ جي اشاعت جو شرف عطا ڪيو.

    سڄي هندستان ۾ سڀ کان اول ”سنڌ جي تاريخ“ لکي وئي، جنهن جو نسخو اُچ شريف جي هڪ عالم، علي ڪوفيءَ هٿ ڪيو ۽ عربيءَ مان اتاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. شمس العلماء دائودپوٽي فارسي ترجمو ايڊٽ ڪيو. شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ وري ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ۽ اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو. جن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ايڊٽ ڪيو. پويان ٻئي ترجما سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. غلام رباني آگري اردو ترجمي جي ٻئي ڇاپي جو شاهڪار مقدمو لکيو. هن ”جهڙا گـــُل گلاب جا“ نالي سنڌ جي هاڻوڪن مشاهيرن تي ٻن جلدن ۾ ڪتاب پڻ لکيو. اهي ٻئي جلد سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. ان کان پوءِ آگري صاحب ٽيون ڪتاب ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ نالي سان لکيو، جيڪو پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي﷥، غوث بهاؤالحق ملتانيءَ ۽ قلندر لعل شهباز جو تذڪرو آهي ٽئي ڪتاب ماڻهن کي ايڏا وڻيا، جو بورڊ هاڻي وري نئين سر ڇپايا آهن.

    هونئن، رباني صاحب جو پهريون پهريون ڪتاب ”آبِ حيات ۽ ٻيا افسانا“ هو، جيڪو مون، سنه 1959ع ۾، ”زندگي پبليڪيشن“ طرفان شايع ڪيو هو، اسان ٻئي تڏهن نوجوان هئاسين. سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن هئاسين ۽ ”سنڌ دوست اديبن“ جي صفِ اول ۾ هئاسين. اسان سڀ سُڃا سِرَ هئاسين. هڙ ۾ ڪجهه ڪونه هو پر، اسان جا حوصلا بلند هئا. قدرت اسان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي اصلوڪو درجو مليو ۽ ون يونٽ به چَٽُ ٿي ويو.

    ادبي لڳ لاڳاپي کان علاوه اسان ٻنهي جي محبت جي هڪ ذاتي نسبت اها به آهي ته رباني صاحب ڪنڊياري جو ويٺل آهي ۽ مان نوشهري فيروز جو. جيڪو پنهنجي تاريخي مدرسي هاءِ اسڪول لاءِ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. اسان ٻنهي انهيءَ ئي هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي. رباني صاحب مون سان پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپي جو ذڪرُ، وڏيءَ محبت سان، پنهنجي هن ڪتاب ۾ مون تي لکيل خاڪي ۾ ڪيو آهي.

    مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته سندس افسانن جو پهريون پهريون مجموعو مون ئي ڇپايو. پر، اڳتي هلي، سندس ڪي افسانا حشو ڪيولراماڻيءَ ”هندستان ٽائيمس“ نالي انگريزي اخبار ۾، ڊاڪٽر شمل جرمن زبان ۾، چومنگ (چيني اديبن جي تنظيم جي نائب صدر)، چين جي ”شرجئي ويڻشو“ (دنيا جو بهترين ادب) نالي رسالي ۾ شايع ڪيا. سندس شروعاتي افسانن جو مرڪزي موضوع ”اقتصادي ۽ سماجي انصاف“ هو ۽ هاڻوڪي ويجهي دور ۾ لکيل ڪن افسانن جو موضوع ماڻهوءَ جون محبتون ۽ حسرتون آهن.

    هو ملڪ جي مڃيل ادبي شخصيت آهي. پهريون پهريون سنڌي اديب آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪن: چين، هندستان، بنگلاديش ۽ ايران ۾ پاڪستاني اديبن جا وفد پنهنجي اڳواڻي ۾ ادبي ۽ ثقافتي دوري تي وٺي ويو. بنگلاديش جي صدر کيس ”سونهري قلم“ (GOLDEN PEN) تحفي طور ڏنو ۽ ”سرڪاري مهمان“(OFFICIAL GUEST)قرار ڏئي، ملڪ جي مکيه بندرگاهه، چاٽگام ۽ دنيا جي مشهور سامونڊي بِيچِ(BEACH) ڪاڪسز بازار جو سئر ڪرايو.

    هن چين جو ٻه دفعا دورو ڪيو. پهريون ڀيرو وفد جي ميمبر طور ۽ ٻيو ڀيرو وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾. چيني اديبن چيني زبان ۾ مٿس مضمون لکيا، جن جا ترجما انگريزي ۽ اردوءَ ۾ اعليٰ پيماني تي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. دنيا جي مشهور چيني اخبار “PEOPLE’S DAILY” سندس مفصل انٽرويو شايع ڪيو. وائيس آف آمريڪا پڻ ادب ۽ ثقافت تي سندس انٽرويو نشر ڪيا. پاڪستان جي هڪڙي صدر کيس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغو ڏنو ۽ ٻئي صدر وري سندس تعليمي ذهانت جي اعتراف ۾ شيلڊ ڏني. ڪجهه عرصو اڳ، آغا خان فائونڊيشن پڻ سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس شيلڊ ڏني.

    هو سنڌي ادبي بورڊ ۽ ايڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو- وائيس چانسلر ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهي چڪو آهي. حڪومت پاڪستان کيس ملڪ جي ڪن مکيه علمي ۽ ادبي ادارن جي بورڊ آف گورنرز تي ميبر نامزد ڪيو ۽ نيشنل بئنڪ جي قومي انعامن واريءَ ڪميٽيءَ جو جج پڻ نامزد رهيا.

    رباني صاحب جو هي ڪتاب سندس اڳين ادبي ڪاوشن جو ئي تسلسل آهي. مون کي اميد آهي ته انشاءَ الله سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ سان قابل قدر اضافو ٿيندو.

    ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ڪتاب ۾ ”تعارف“ جي سري هيٺ ڇپيل آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام رباني جي آگري جي ورسي جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

    [​IMG]
     
  18. کوسو

    کوسو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    مرحوم و مغفور غلام رباني صاحب آگرو جي ورسي تي سندس مغفرت لاءِ دعا آهي الله پاڪ سندس درجات بلند ڪري ۽ جنت ۾ مقام اعليٰ عطا فرمائي. آمين ثم آمين
     
  19. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    غلام رباني آگرو سنڌي زبان جو برک دانشور ۽ ممتاز ڪهاڻيڪار غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو 5 نومبر 1933 مطابق 1352 هه ڌاري ڳوٺ محمد خان آگرو تعلقي ڪنڊياري جي ضلعي نوشهرو فيروز۾ پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي پاڻ برک اديب دانشور ۽ ممتاز ڪهاڻيڪار آهي سندس ولد صاحب پڻ تٿليم کاتي ۾ استاد هو هن ابتدا؟ي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان ڪئي بعد ۾ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ نوشهرو فيروز ما 1951 ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين .وڌيڪ تعليمي حصلات لاءِ حيدرآباد ويو جتاب ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين ء۽ 1957 ڌاري غلام رباني آگري صاحب گريجوئيشن ڪرڻ بعد سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي حيثت ۾ ملازمت اختيار ڪئي سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1970کان وٺي 1976 تائين سيڪريٽري جي عهدي تي فائز رهيو وري ساڳئي سال 1976 ۾ جڏهن محترم شيخ اياز (مبارڪ) سنڏ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو هو ته غلام رباني آگرو صاحب سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو هو جتي هو 1979 تائين رهيو . 1984 تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ ئي ساڳي عهدي منصب سرانجام ڏيڻ کان پوءِ وفاقي وزات تعليم کيس اسلام آباد گهرائي خدمتون حاصل ڪيون پاڪستان جي ممتاز علمي اداري (اڪيڊمي ادبيات پاڪستان) جو پهرين ڊائريڪٽر ۽ ٿوري عرصي کان بعد وري ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو جتي 6 (ڇهن) سالن جي عرصي کان بعد کيس چئرمين جي عهدي تي ترقي ڏني وئي انهي عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻ اردوسائنس بورڊ چيو وڃي ٿو)غلام رباني صاحب اسلام آباد ۾ چئرمين اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءَ بعد1993 ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر 2002 تائين پڻ رهيو هو 1996 ڌاري رباني صاحب رٽار ٿيو کيس حڪو مت پاڪستان پاران ( تمغه امتياز)جو ايوارڊ عطاءَ ڪيو ان بعد صدر پاڪستان پڻ کيس ڌار (حسن ڪارڪردگي)گي ايوارڊ سان نوازيو ويو .رباني صاحب سارڪ ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان وفد جي قيادت پڻ ڪئي رباني صاحب لاءَ فخر جهڙي هڪ ڳالهه اهيا به آهي ته شهنشاه ايران جي دور ۾ ۽ وري ٻيو ڀيرو امام خميني جي دوري حڪومت ۾ ايران ملڪ ويو اتي حڪومت پاران انهن کي ڌنل دعوت تي اهم شخسيت طور گهميو کيس ( شاهنامه فردوسي)جي هڪ ڪاپي تحفي طور ڏني وئي .پاڻ ٻه ڀيرا چين ملڪ گهمي آيو هو ٻئي ڀيري پاڪستان اسڪالرز جي قيادت فرض سرانجام ڏنا اتي چين ملڪ ۾ پيپلز ڊيلي چيني اخبار هڪ زبردت انٽرويو پڻ شايع ڪيو هو آگرو صاحب پنهنجي گونا گون وسيع علمي ۽ ادبي خدمتن ذريعي سنڌي ادب ۾ فخر ۽ عزت جي قابل مقام جو مالڪ هو سندس شمار جديد ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو سندس جي ڪهاڻين جو مجموعو (آب حيات) پهريون ڀيرو 166 ۾ شايع ٿيو سندس ڪهاڻين کي جديد سنڌي ادب ۾هڪ زبردست منفرد ۽ مستند مقام حاصل آهي سندس ڪافي ڪهاڻيون مختلف زبانن چيني جرمني فارسي اردو هندي ۾ پڻ ترجمو ٿي مختلف ملڪن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن.سندس پهريون افسانو (اترادي)1955 ۾ سه ماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو هو ان کان علاوه سندس سوانحي مضمونن جا ٻه جلد ( جهڙا گل گلاب جا) شايع پڻ ٿيل آهن غلام نبي آگرو صاحب ٻارڙن جي ادب ۾ بهسڀني اديب کان آڳتي اڳتي هو هن ٻارن لا ( گل ڦل )رسا لو شايع ڪرايو جنهن جو ايڊيٽر 1959کان وٺي 1964 تائين پاڻ رهيو رباني صاحب سنڌي ادب جي وڌاري لاءَ ڪيترائي مضمون مختلف موضوعن تي پڻ لکيا ۽ ڪجه ڪتاب به لکيائين جن کي سنڌي ادب ۾ قدر لائق مقام حاصل آهي .خاص طور تي ( سنڌي ڪلچر) عنوان سندس فڪري مضمونن جو قسطون نهايت ويچان لائق آهن رباني صاحب ورهاگي کان پوءِ پهريو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين ۾ فڪري بحث علامتي انداز ۾ پيش ڪيا آهن ان سلسلي منجهه ڪهاڻيون ( مان پل هجان اکڙيون اجايون ) ۽ ڪرئڪ اهم آهن مطلب ته سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر جي لحاظ کان اتم آهن رباني صاحب سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيوآهي سندس تحريون سنڌي ادب لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون ترير مجهنان معلوم ٿئي ٿو ته جئين ئي احساس تجربا ۽ جذبا سندس ذهن تي تري آيا آهن تح انهن کي لکڻ ڪاغذ تي اتارڻ ۾ ويرم نه وڌي اٿس آخر ڪا ر سنڌ جو برک دانشور پاڻ شگر جي مرض ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو دل جي تڪليف سبب پاڻ کي لطيف آباد حيدرآباد جي هلال احمر اسپتال۾17 جنوري 2010 آچر ڏينهن مطابق 2 صفر1431هه ڌاري پننهنجي زندگي جو سفر هن عظيم ممتاز ڪهاڻيڪار اسان کان هميشه لا۽ موڪلائي ابدي ننڊ آرامي ٿيو

    __________________________________________________________________________
     
    آخري ترميم: ‏6 نومبر 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو