محمد ايوب گھراڻو جو لکيل مواد جيڪو ڄاڻ نصرپور ۾ شايع ٿيل آهي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2011۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    نصرپور سنڌ جو تاريخي علمي ادبي شھر ايوب گھراڻو
    هڪ سنڌ جي ٻي تاريخ ۾ لکيل آهي ته جڏهن حڪم بن عوانه ڪلبيءَ کي جڏهن سنڌ جو گورنر مقرر ڪري موڪليو ويو هو ۽ حڪم بن عوانه محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن محمد بن قاسم کي پاڻ سان گڏ سنڌ وٺي آيو جيڪو حڪم بن عوانه جي معزولي کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٿيو هن سنه 113 هجريءَ لڳ المنصوره جو شھر برهمڻ آباد جي لڳ تعمير ڪرايو ( سنڌ جو آئينو صفحو 24 ) جڏهن عباسي دؤر خلافت ۾ پهريون خليفو سفاح خلافت جي تخت تي ويٺو تڏهن سنه 113 هجريءَ ۾ پهرين فوج دائود بن عليءَ جي سرداري هيٺ سنڌ ڏانهن موڪلي جن بنو اميه جي گورنر کان سنڌ جي واڳ ورتي ۽ ان کان پوءِ وقت بوقت سنڌ تي عباسي گورنر مقرر ٿيڻ لڳا عباسي جي دؤر خلافت 132 هجريءَ کان وٺي 255 هجريءَ تائين ڪيترائي گورنر سنڌ تي مقرر ٿيندا رهيا . جن مان مهديءَ جي دؤر خلافت ۾ 158 هجريءَ کان 169 هجريءَ جي ڏينهن ۾ بسطام بن عمرو گورنر سنڌ کان پوءِ نصر بن محمد بن الاشعت الخزاعي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري روانو ڪيو ويو ( هي شخص سنڌ جو ٻه دفعا گورنر مقرر ٿيو ) هن ڪيترو ئي عرصو هتي حڪومت ڪئي ۽ ائين ممڪن آهي ته هي شھر ان عرب گورنر نصر بن محمد بن الاشعت الخزاعي جو تعمير ڪرايل هجي .( تحفةالڪرام صفحو 67 ).
    نصرپور جي تعمير بابت محققن جا مختلف رايا آهن ڪي لکن ٿا ته 752 هجريءَ ۾ فيروز شاھ تغلق ساڱره واھ جي ڪپ تي قلعو اڏڻ جو حڪم صادر ڪيو امير نصر کي اتي جو حاڪم مقرر ڪيائين جنهن جي پٺيان هي شھر نصرپور سڏجڻ لڳو . مٿيون لکتون ڪيترن ئي معتبر ڪتابن ۾ موجود آهن پر هتي هي ڳالهه واضع طرح چٽي آهي ته فيروز شاھ قلعو جوڙايو هو نه وري ڪو شھر تعمير ڪرايو شھر ته پهرين موجود هو . ان ڪري ته هن پنهنجي سهولت خاطر قلعو جوڙايو ۽ امير نصر کي ان قلعي جو صوبيدار مقرر ڪيو ۽ ملڪ بهرام کي فوجدار ٿي رهڻ جو حڪم صادر ڪيو . نصرپور جي تعمير بابت مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب قديم سنڌ ۽ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو ۾ لکن ٿا ته 720 هجريءَ ۾ سنڌ تي سومرن جي صاحبي هئي جڏهن دودو ٽيون گاديءَ تي ويٺو تنهن ٿرڙي يا محمد طور مان نڪري نصرپور تائين ملڪ جي حد وڌائي . مٿي بيان ٿي آيل لکتن يعني مير علي شير قانع ۽ مرزا قليچ بيگ جي لکتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي مرزا صاحب دودي ٽئين جو ذڪر ڪن ٿا ۽ مير علي شير قانع جن دودي پهرين جو ان ڪري هيٺ سومرن حاڪمن جو ترتيب وار حڪومت جو سنه ڏنل آهي جيئن پڙهندڙن کي آساني رهي .منتخ تواريخ مطابق صفحو 314 .
    ] 1. سومرو 445 هجري تائين _ 2.ڀؤنگر 446 کان 461 هجري تائين _ 3.دودو پهريون 461 کان 485 هجري تائين _ 4.سنجر 485 کان 500 هجري تائين_ 5. خفيف ( محمود غزنوي جي دؤر ۾ ) 500کان 533 هجري تائين _ 6. عمر 533 کان 573 هجري تائين _7. دودو ٻيو 573 کان 587 هجري تائين _ 8. پاٽو (پنهون ) 587 کان 600 هجري تائين _ 9. خيرو 600 کان 636 هجري تائين _ 10. محمد طور 636 کان 651 هجري تائين _11.خيرو (ٻيو ) 651 کان 652 هجري تائين _ 12. دودو ( ٽيون ) 653 کان 677 هجري تائين _ 13. چنيسر 700کان 718 هجري تائين _ 14. ڀؤنگر ( ٻيو ) 718 کان 733 هجري تائين _ 15. خفيف (ٻيو ) 733کان 751 هجري تائين _ 16. دودو (چوٿون ) 751کان 772هجري تائين _ 17. عمر (ٻيو) 772کان 810 هجري تائين _18.ڀؤنگر ( ٽيون) 811 کان 831 هجري تائين [.
    مٿي ڏنل چارٽ مان ظاهر ٿيو ته مرزا صاحب جيڪو سنه دودي ٽئين جو بيان ڪري ٿو اهو ڪيتري حد تائين درست آهي بقول مرزا صاحب جي ته دودي ٽئين نصرپور تائين ملڪ وڌايو جڏهن ته دودو ٽيون 653هجريءَ ۾ تخت تي ويٺو ۽ ڀؤنگر ٻيو 718 هجريءَ ۾ تخت تي ويٺو جڏهن ته تاريخون اڪثر لکن ٿيون ته سومري جي وفات کان پوءِ ڀؤنگر تخت تي ويٺو ۽ ڀؤنگر جي پٽ دودي پهرين نصرپور تائين ملڪ وڌايو . نصرپور جي تعمير ۽ ترقي جي باري ۾ محققن جا الڳ الڳ رايا آهن پر جيئن ته هن واديءَ ۾ باغات ڪثرت سان هوندا هئا هتان جي آبهوا دل کي راحت ۽ فرحت بخشيندڙ هئي پاڻي آب زم زم جهڙو مٺو ۽ شفاف هو مٿيون سڀ خصوصيتون فقط ۽ فقط سنڌو درياءُ جي ڪري هونديون هنيون . نصرپور جو قديم شھر ماتا لوءِ جي کنڊرن تي ٻيهر تعمير ٿيل آهي هي نصرپور جو چوٿون جنم آهي جيئن اڳتي تاريخي واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو .
    ماتا لوءِ جي بستي :برهمڻ آباد لڳ واقع هوندو هو جنهن وقت ۾ راجا دلو راءِ سنڌ جو راجا هوندو هو عالم اسلام کان اڳ پوري سنڌ ۾ هندو ڌرم رائج هو . سنڌ ۾ ڪيترائي مندر هوندا هئا جيئن اڄ به ڪيترائي مندر ۽ پوتر آستان بلوچستان طرف جبلن ۾ قائم آهن اهڙيءَ طرح هن واديءَ ۾ ماتا لوءِ جو ڪو وڏو مندر يا آستان هو جنهن جي ڪري هن وادي ءَ کي ماتا لوءِ جو نالو ڏنل آهي ۽ ڪيتري آبادي هئي جيڪا هن مندر جي آس پاس رهندي هئي هيءَ بستي به شايد درياءُ جي اٿل جي ڪري يا ڪنهن وڏي زلزلي جي ڪري تباھ و برباد ٿي وئي تڏهن ته جيمس مئڪمروڊ کي هي علائقو کنڊر ڏسڻ ۾ اچي ٿو .
    منصوره :جڏهن محمد بن قاسم پوري سنڌ تي قبضو ڪيو ته سنڌ اسلام جي نور سان منور ٿي ۽ سنڌ سلطنت بنو اميه جي ما تحت رهي جتان وقت بوقت سنڌ تي گورنر مقرر ٿيڻ لڳا جن سنه 112 هجري ۾ عمرو بن محمد بن قاسم سنڌ جو والي ٿي آيو هن پنهنجي رهائش جي لاءِ ماتا لوءِ جي کنڊرن تي شهر تعمير ڪرايو جنهن جو نالو منصوره رکيو عمرو بن محمد بن قاسم126 تائين سنڌ جو گورنر رهيو پاڻ سڄي عمر پنهنجي تعمير ڪرايل منصوره ۾ رهيو هن جي وفات کان پوءِ بنو اميه جي طرفان گورنر مقرر ٿي ايندا رهيا. بنو اميه جو آخري گورنر منظور بن جھمور ڪلبي هو . جنهن جو مقابلو خلافت عباسيه جي گورنر سند مفلس عبديءَ سان ٿيو جنهن ۾ مفلس مارجي ويو جنهن کان پوءِ موسى بن ڪعب تميمي سنڌ جو گورنر ٿي آيو ۽ هن 134 هجري ۾ سنڌ جي گورنر جيڪو بنو اميه جي طرفان مقرر ڪيل هو تنهن کي شڪست ڏئي ۽ سنڌ کي عباسي سلطنت جي ماتحت بڻايو . سنه 126 هجري کان 140 هجري تائين شايد درياءُ وري اٿل کاڌي جنهن منصوره کي ويران ڪيو .( سنڌ جڌ آئينو صفحو 26 )
    نصرپور01:عباسي دؤر خلافت ۾ ڪيترائي سنڌ جا گورنر مقرر ٿي آيا جن مان نصر بن محمد بن الاشعت خزائي سنه 158 هجري کان 163 هجري تائين سنڌ جو گورنر رهيو هن منصوره کي نئين سر آباد ڪرايو ۽ منصوره کي نصرپور جو نالو ڏنائين جيئن مولوي محمد حسن جن ڪتاب بحر السفار ۾ لکيو آهي ته تازي کوجنا مطابق منصوره جو شھر موجود حيدر آباد جي ويجھو ان جاءِ تي هو جتي هن وقت نصرپور آباد آهي ( بحرالسفار جلد ٻه صفحو 18 ) هيءَ اهائي نصرپور آهي جنهن جو ذڪر تحفة الڪرام ۽ ٻين معتبر تاريخن ۾ ڏنل آهي ته سومري جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ڀونگر جو جاءِ نشين ٿيو ۽ سندس پٽ دودي نصرپور تائين ملڪ قبضي ۾ ڪيو ڀونگر 446 کان 461 تائين رهيو ( تحفة الڪرام صفحو 98) مٿئين واقعي مان پڻ اهو ثابت ٿئي ٿو ته نصرپور 446 ۾ پنهنجي اوج تي هئي جيئن اڳتي تاريخي واقعات ۾ پڌرو ٿئي ٿو
    نصرپور 02:تاريخ معصومي جو مصنف صفحي 86۽ 87 تي لکن ٿا ته سلطان محمد شاھ تغلق باغي طغي جو پيڇو ڪندي سنڌ ۾ آيو ۽ رضا الاهي سان ڪندل ڳوٺ جيڪو ساموئي جي ڀرسان هو ان ڳوٺ ۾ 752 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو سلطان شاھ محمد تغلق پنهنجي جيئري فيروز شاھ تغلق کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪري ويو هو شاھ فيروز تغلق 14 محرم الحرام سنه 752هجري ۾ سلطان فيروز شاھ تخت تي ويٺو . جڏهن باغي طغي کي محمد شاھ تغلق جي موت جي خبر پئي پاڻ سومرا جاڙيجا ۽ سما ساڻ ڪري وڏو لشڪر تيار ڪري فوج جي پويان آيو هيءَ خبر جڏهن فيروز شاھ تغلق کي پئي تنهن پنهنجا ٻه هزار ماڻهو باغي طغي جي لشڪر کي چيڀاٽڻ لاءِ مقرر ڪري پاڻ صفر جي پهرين تاريخ تي ٺٽي مان منزل پٽي دهليءَ جي تخت گاه ڏانهن رخ رکيو ۽ فيصلو ڪيائين ته سپاهي روزانو پنجن ڪوهن کان مٿي منزل نه ڪن .فيروز شاھ ساڱرو ڍنڍ تي قلعو ٺھرائي نصر کي اتي هزار سوارن سان قلعي جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيائين ۽ ملڪ بهرام کي انهيءَ جو فوجدار ٿي رهڻ جو حڪم ڪيائين (تاريخ معصومي صفحو 86) مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لکن ٿا ته ساڳئي سال 752هجريءَ جي پهرين صفر تي سلطان فيروز شاھ تغلق ٺٽي جي آس پاس کان ڪوچ ڪري ساڱره درياءُ جي ڪناري تي قلعي ٺھرائڻ جو حڪم ڪيو ۽ امير نصر کي هزار سوارن سان اتي ڇڏيائين جنهن شھر ٻڌرايو ۽ انهيءُ جو نالو نصرپور رکيائين ( تحفة الڪرام صفحو 98) مٿئين تحقيق جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پوي ٿي ته فيروز شاھ تغلق پنهنجي فوج جي سهولت لاءِ قلعو تعمير ڪرايو ۽ امير نصر کي قلعي جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيائين اهو اتفاق ٿئي ٿو جو قلعي جي سنڀال لاءِ نصر کي مقرر ڪيو ويو جنهن سان نصرپور منسوب ٿئي ٿو پر حقيقت ۾ نصرپور اڳ موجود هئي جيڪا نصر بن محمد جي تعمير ڪرايل هئي .


    مرحوم محمد يوسف شاڪر ابڙو نصرپوري لکي ٿو ته برھمڻ آباد جي ناس ٿيڻ کان پوءِ اتان جيڪي ماڻھو ڀڄي نڪتا هئا تن اچي نصرپور شھر کي وسايو ( برسات رسالو ڪراچي صفحه نمبر 17 ) منشي سيد گلاب نصرپور جي باري ۾ لکي ٿو ته ڪاها۽ ڪاهان نصرپور جو قديم هندي نالو آهي . نصرپور اسلامي دؤر جو نالو اٿس ( علامه سيد محمودي المهدي المعود صفحه 305حيدر آباد دکن ) تحفةالڪرام جو صاحب صفحه 98 تي لکن ٿا ته سومري جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڀونگر پيءَ جو جاءِ نشين ٿيو ۽ سندس پٽ دودي نصرپور تائين ملڪ قبضي ۾ ڪيو سومرن جي دؤر ڪڏهن شروع ٿئي ٿو تنهن ۾ پڻ تاريخ نويسن جا مختلف رايا آهن مير معصوم سومرن جي حڪومت جو آغازسلطان عبدالرشيد 441_444 هجري جي ڏينهن کان مڃي ٿو. تحفةالڪرام جو مير علي شير قانع سومرن جو باقاعده حڪومت غازي ملڪ عرف سلطان غياث الدين تغلق شاھ0 72_725 هجري جي ڏينهن کان شروع ڪري ٿو پر ساڳئي وقت سندن حڪومت جو جملي عرصو 505 ورهيه ٻڌائي ٿو . تاريخ طاهري جو مصنف مير طاهر محمد نسياني سومرن جي حڪومت جو عرصو 143 سال ٻڌائي ٿو .اسان جي خيال ۾ سومرن جي حڪومت جي ابتدا متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب جن جو چوڻ نهايت موزون آهي .هو صاحب تاريخ معصومي جي تعليقات صفحه 286_287 ۾ سومرن جي حڪومت جي ابتدا خليفي متوڪل عباسيءَ جي وفات 247هجري کان شروع ڪري ٿو (تحفةالڪرام صفحه نمبر 94 ) دهليءَ جي سربراهن جا صدر مقام سيوهڻ ۾ هئڻ سبب سومرا لاڙ تائين مضبوط هئا آخري دؤر ۾ سندن اثر نصرپور کان اڳتي بنھه ڪو نه وڌيو . ابتدا ۾ سندن حڪومت جون حدون اچ تائين هنيون ( جنت السنڌ صفحو 313) .
    نصرپور جي تعمير بابت سنڌ جي عظيم تاريخدان محترم حامد علي قريشي خانائي صاحب نئين زندگي جي رسالي ۾ صفحه 7 تي لکن ٿا نصرپور جو قديم شھر سنه 720 هجري بمطابق 1320ع کان اڳ آباد هو ۽ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي تعمير ٿيل آهي ۽ سنڌ جي مقامي ماڻهو نصير مهاڻي جي نالي سان منسوب ٿي نصرپور سڏجڻ ۾ آيو .سنڌ ۾ اڪثر قديم شھر ۽ بستيون موجن ڀرئي مهراڻ جي ڪپ تي آباد آهن اڪثر اتي جي رهندڙ قوم جي ڪنهن با اثر شخصيت جي نالي پوئتان سڏجڻ ۾ اينديون آهن باقي ائين ممڪن ٿي سگھي ٿو ته اوائلي زماني ۾ سنڌ جي ٻين شھرن وانگر هن شھر ايتري ترقي نه ڪئي هجي ۽ زماني جي حادثن ۽ انقلابن سبب فيروز شاھ تغلق جي زماني تائين غير معروف بستي جي حالت ۾ رهيو هجي فيروز شاھ پنهنجي سنڌ فتح ڪرڻ واري دؤر ۾ هن شھر جي اهميت کي محسوس ڪندي اتي قلعو تعمير ڪرايو اتي پنهنجي نصير نالي هڪ امير کي حاڪم مقرر ڪيو . ان زماني ۾ هن شھر کي وڏي اهميت حاصل رهي ۽ وڌيڪ اسريو اڳتي هلي اهو ساڳيو نالو نصير خان جي نسبت ڪري ڏانهنس منسوب ٿيو هجي . بھر حال نصرپور سنڌ جو هڪ قديمي تاريخي شھر آهي ۽ سنڌ جي تاريخ سندس سيني ۾ دفن آهي .قريشي حامد علي خانائي جن پنهنجي ڪتاب نوابشاھ تاريخي شھر ۽ شخصيتون ۾ صفحه 161 تي لکن ٿا ته گچيري جو شھر درياءَ جي ڪناري سان هجڻ جي ڪري هن شھر جو واپار ڏيساورن سان ٻيڙين رستي هلندو هو ساڳئي وقت خشڪيءَ جي رستي پڻ هن شھر جو واپار ڪاٺياواڙ ڏانهن نصرپور رستي هلندو هو ساڳئي ڪتاب ۾ 162 صفحي تي لکن ٿا ته محمد بن قاسم سيوهڻ جو علائقو فتح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اميرن سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ الور تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ برهمڻ آباد تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو .ليڪن محمد بن قاسم جو پنهنجو ارادو هو ته سڀ کان پهرين راجا ڏاهر جي تخت گاھ اروڙ کي فتح ڪرڻ گھرجي ۽ ان کان پوءِ باقي ملڪ جو حصو فتح ڪجي .آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٽلٽيءَ سامهون درياءَ پار ڪري تخت گاھ اروڙ ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ گھرجي هوڏانهن راجا ڏاهر جو لشڪر گچيريءَ جي ڍنڍ جي ڪناري اچي لٿو . محمد بن قاسم پنهنجي سپھ سالار عبدالله بن علي ثقفي کي رفعيان وٽ راجا جي فوجن جي مقابلي لاءِ گچيري جي ڍنڍ وٽ موڪليو ٻنهي ڌرين وچ ۾ مقابلو ٿيو راجا جي فوج جا ڪافي ماڻھو ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويا ۽ ڪافي جان بچائي ڀڄي ويا قريشي صاحب جي لکت مان ٻن ڳالهين جو پتو پوي ٿو پاڻ لکن ٿا ته هن شھر (گچيرو) جو واپار ڪاٺياواڙ ڏانهن نصرپور رستي روانو ٿيندو هو سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان وقت نصرپور جي ڀرسان درياءُ ڪونه وهندو هو جو نصرپور جو واپار خشڪيءَ رستي هلندو هو هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نصرپور شايد بنو اميه جي دؤر کان به اڳ جو آهي . ڇاڪاڻ ته بنو اميه جودؤر سنه 41 هجري کان 133 هجري تائين آهي . جيئن ته خليفة المسلمين حضرت عمر فاروق رضه جي دؤر خلافت ۾ پهرين عرب مسلمانن جو حملو 15 هجريءَ ۾ عثمان بن ابي عاص ثقفي جي ڪمان هيٺ سنڌ تي حملو ڪيو تنهن کان پوءِ وقت به وقت عرب مسلمانن جا ڪٽڪ سنڌ تي ڪڙڪندا رهيا .آخري حملو محمد بن قاسم جي ڪمان هيٺ 93 هجريءَ ۾ ٿيو . مولوي نور محمد ڪتاب سنڌ جي تاريخ صفحه 99 تي لکن ٿا مجاهد اسلام غازي محمد بن قاسم رحه جي ڪاھ کان اٺ سال اڳ يعني سنه 85 هجري ۾ پنج سؤ مسلمان سنڌ ۾ اچي ساڪن ٿيا هن تحقيقات مان ظاهر ٿئي ٿو ته نصرپور شهر جو وجود بنو اميه جي دؤر جي لڳ ڀڳ آهي .جيئن ته نصرپور جو نالو هڪ اسلامي نالو آهي ڪوبه محقق اهو ثابت نٿو ڪري ته نصرپور جو پهرين ڪهڙو نالو هو . شروع کان هي شھر نصرپور جي نالي سان سڏبو اچي . جنهن مان هي صاف ظاهر ٿئي ٿو ته نصرپور ڪنهن عرب مسلمان جو تعمير ڪرايل آهي ڇاڪاڻ ته مسلمان سنه 15 هجريءَ کان سنڌ ۾ اچڻ لڳا هئا.۽ مولوي نور محمد صاحب جن جي لکت مطابق ته محمد بن قاسم کان اڳي 500 مسلمان سنڌ ۾ سڪون پذير هئا . نصرپور جو جھونو محقق مرحوم محمد يوسف شاڪر ابڙو نصرپور جي باري ۾ سنڌي رسالي برسات ۾ لکن ٿا برهمڻ آباد ( هي شھر نصرپور جي اوڀر طرف اٽڪل 20 ڪوهن جي مفاصلي تي ضلع سانگھڙ تعلقه شھدادپور جي لڳ ڀڳ کنڊرن جي صورت ۾ واقع آهي ان جي لڳ اٽڪل 8-9 ميلن تي منصوره آباد هو ) جي ناس ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڀڄي نڪتا تن اچي نصرپور شھر کي آباد ڪيو . برهمڻ آباد نصرپور کان 20 ڪوهن جي فاصلي تي هو جنهن جي شاهدي بيگلار نامي مان پڻ ملي ٿي . مرزا جان بابا جڏهن مرزا محمد باقي جي اچڻ جي خبر ٻڌي تڏهن جوڻيجن ۽ انڙن کي گڏ ڪري پاڻ سان همراه ڪيائين ۽ نصرپور کان ويهه ڪوهه پري برهمڻ آباد جي قلعي جي ڀرسان متهله ڳوٺ ۾ وڃي رهيو ( بيگلار نامون سنڌي صفحه 27 ) تذڪره مورخن جو مرتب ڪندڙ چوڌري نبي احمد صاحب سنديلوي صفحه نمبر 21 ڪتاب چچ نامون جي حوالي سان لکن ٿا ته ( چاچه نامه ڪي قدامت ڪا اندازه اس واقع سي ڀي هو سڪتا هي ليڪن اس مين منصوره ڪا ذڪر نهين هي جو خليفه المنصور ڪي زماني 136 هجري مطابق 573ع مين آباد هوا ليڪن فاضل اديب سيد سليمان ندوي ڪي تحقيقات سي ڀي يي ثابت هوتا هي ڪه منصوره ڪا شهر بنو اميه ڪي زماني مين 110 هجري اور 120 ڪي درميان هوا ) اڳتي صفحه نمبر 22 تي جاءِ وقوع ۾ لکن ٿا ته علامه ابو الفضل آئين اڪبري ڪا نام منصوره ٿا اور سيد سليمان اس ڪي تائيد فرماتي هوئي لکتي هين ڪه يه ڪه بکر پر منصوره ڪي پوري جغرافيائي صادق آتي هي مولوي محمد حسن ايم اي ملاحظه هو بحر السفار دوم صفحه 18 جي حوالي سان لکن ٿا ته حال ڪي تحقيقات ڪي مطابق منصوره ڪا شھر موجوده حيدر آباد ڪي قريب اس جگه واقع ٿا جهان اب نصير پور آباد هي ۽ مولوي صاحب جي لکت مطابق جيڪڏهن نصرپور جو پراڻو نالو منصوره هو ته پوءِ اهو گمان ٿئي ٿو ته هي شھر عمرو بن محمد بن قاسم جو ٺهرايل آهي . جو جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي تنهن کان پوءِ مختلف علائقن تي محمد بن قاسم پنهنجا صوبيدار مقرر ڪيا هئا . جن مان سندس فرزند عمرو بن محمد بن قاسم سنه 112_113 هجريءَ ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿي آيو هو جنهن منصوره جو شھر تعمير ڪرايو هو جيڪو برهمڻ آباد جي لڳ آهي نصرپور جو شھر هڪ قديمي ۽ تاريخي شھر آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي . محترم عطا محمد ڀنڀرو جو ڇپايل ڪتاب سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو جي عنوان سان هڪ غير ملڪي انگريز جيمس مئڪمرڊو جو ڪتاب ترجمو ڪري شايع ڪرايو آهي سائين جن لکن ٿا ته نصرپور به پنهنجي زماني جي هڪ وڏي سرڪار هوندي هئي چيو ويندو آهي ته نصرپور جو شھرماتا لوءِ جي کنڊرن مٿان اڏيو ويو آهي . زماني جي ڦيرا آهن ڪڏهن نصرپور ته نصرپور هئي ڪڏهن وري اهو وقت آيو جو پاڙيسري علائقي جي ماتحت بنجي وئي جيڪو وڌيڪ آباد ۽ سکيو ستابو ٿي ويو .( صفحه نمبر 16 ) تاريخي واقعات ۽ محققن جي تحقيقات مان اهو پتو پوي ٿو ته نصرپور جو پراڻو نالو ماتا لوءِ ٿي سگھي ٿو ڇاڪاڻ ته نصرپور جي واديءَ تي ٽي دفعا آفتون اچي چڪيون آهن جنهن ڪري هن واديءَ تي رهندڙ قومن هن کي بار بار آباد ڪيو آهي ۽ پنهنجو نالو ڏنو آهي اسان جو خود به اهو رايو آهي نصرپور جو اصل نالو ماتا لوءِ ٿي سگھي ٿو ۽ گمان آهي ته هن واديءَ ۾ ماتا لوءِ جي ڪا مورتي يا ڪو وڏو عبادت گاه (مندر ) تعمير ٿيل هو جنهن ۾ ماتا لوءِ جي مورتي رکيل هئي (ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اسلام اچڻ کان پهرين هتان جي اڪثريت غير مسلم هئي ) ان جي پٺيان هن واديءَ کي ماتا لوءِ جو نالو ڏنو ويو هو جيئن ته درياءُ سنڏ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون شاخون هن واديءَ جي آس پاس وهنديون هيون .ممڪن آهي ته انهن جي اٿل جي ڪري هي علائقو تباه ٿي کنڊر جي صورت اختيار ڪري ويو هجي .جيئن ته هي ماڳ آڳاٽي زماني کان وٺي سرسبز ۽ شاداب رهيو آهي تنهنڪري ڌارين جي هن تي ميري اک هوندي هئي ڪيترن ئي مسلمان حڪمرانن هن واديءَ تي پنهنجو ديرو ڄمايو جڏهن سنڌ سڄي بنمو اميه سلطنت جي هيٺ آئي ۽ اسلامي جھنڊو جھولڻ لڳو . هتي ڪيترائي عرب گورنر مقرر ٿيندا رهيا جيڪي ڪجھه وقت سنڌ تي حڪمراني ڪري يا قدرتي موت مري ويا يا وقت جو خليفو کين معزول ڪري ٻئي کي گورنر مقرر ڪندو هو .محمد بن قاسم کان پوءِ ڪيترائي گورنر ٿي آيا جن پنهنجي رهڻ جي لاءِ الڳ الڳ قلعا ڪوٽ تعمير ڪرايا جن مان تميم بن عتبي کان پوءِ خالد جي سفارش سان حڪم بن عوام قلبي سنڌ جو والي ٿي آيو پاڻ سان گڏ محمد بن قاسم جي فرزند عمرو بن محمد بن قاسم کي ساڻ وٺي آيو جيڪو پيءَ وانگر سپهه گيري جو ماهر هو حڪم جي وقت ۾ سنڌ جي حالت ابتر هئي ننڍن ڳوٺن کان سواءِ شھرن نو جا مسلمان سڀ مرتد ويا هئا شھرن ۾ امن و امان نه رهيو هو تنهن ڪري سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اڀرندي طرف نئون شھر محفوظ آباد تعمير ڪرايو .عمرو بن محمد بن قاسم گھڻيون سوڀون حاصل ڪيون سندن سوڀن جي ياد گار لاءِ سنڌوءَ جي الهندي ڪپ تي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو منصوره تعمير ڪرايو جو پڇاڙي ۾ سنڌ جو تخت گاه ٿي رهيو (جنت السنڌ صفحو نمبر119 )
    تاريخي واقعات ؛-سنه 113هجريءَ ۾ عمرو بن محمد بن قاسم جو تعمير ڪرايل هي شھر گورنرن جو تخت گاھ بنجي ويو ۽ ڪيترائي گورنر هن شھر منصوره ۾ اچي رهيا ۽ شھر وڏي ترقي ڪري ورتي ۽ ڪيترئي تاريخي واقعا رونما ٿيا 999هجريءَ ۾ نصرپور جي حد ۾ مرزا جاني بيگ اڪبر بادشاھ جي امير نواب صادق محمد خان سان جنگ ٿي جنهن ۾ نواب صادق محمد خان کي شڪست آئي ساھئي سال شهنشاھ اڪبر عبدالرحيم خان خانان کي لشڪر جو سپه سالار مقرر ڪري سنڌ ڏانهن موڪليو ۽ سڌو رخ رکيائين نصرپور ڏانهن جا اتان کان ويجھي هئي نصرپور ۾ خسرو خان چرڪس مرزا جاني بيگ جي پاران 120 ٻيڙيون تيار ڪري جنگ لاءِ تيار ٿيو بيٺو هو . ٻنهي ۾ سخت لڙائي لھي عبدالرحيم خان خانان هنن جا پير اکوڙي ڇڏيا ۽ نصرپور جي قلع ٽي قابض ٿي اڳتي وڌيوهسٽري آف سنڌ لکي ٿي ته مرزا محمد باقي جڏهن سيوهڻ جي قلعي وٺڻ جو ارادو ڪيو تڏهن هن پنهنجي پٽ مرزا پائنده کي سيوهڻ موڪليو ۽ ٻي پٽ کي نصرپور جي قلع جي سنڀال لاءِ روانو ڪيو ٺٽه کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا جن مان مرزا عيسى ترخان ۽ بي طرف مرزا مظهر جنهن کي مرزا جاني بيگ ڪڇ ڏي ڀڄائي ڪڍيو هو سو به ٺٽو حاصل ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو ان وچ ۾ وجھه وٺي ابوالقاسم بيگلار نصرپور ۾ بغاوت جو اعلان ڪيو . جنت السنڌ جو مصنف صفحه 408 تي لکن ٿا ته اڪبر جو ارادو هيءُ هو ته سنڌ تي قبضو ڪيو وڃي تنهن ڪري هن مرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو .هو سنه 998هجريءَ مطابق 1591ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو مرزا جاني بيگ درياءُ جي ڪپ تي نصرپور وٽ خندقون کوٽائي اڪبري لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳو . سنڌ جو آخري خود مختيار ترخان خاندان جو حڪمران مرزا جاني بيگ 1000.999هجريءَ ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان جي هٿان شڪست کاڌي ۽ خود فاتح سپه سالار عبدالرحيم خان خانان جي سفارش ۽ پنهنجي حسن سلوڪ سان اڪبر بادشاھ کي ايترو متاثر ڪيو جو هن سنڌ کي مرزا جاني بيگ جي جاگير طور واپس ڪيو ان وقت سنڌ ۾ ڇھه وڏيون سرڪار هنيون .سرڪار بکر ، سرڪار سيوهڻ ، سرڪار نصرپور ،سرڪار چاچڪان ،سرڪار ٺٽو سرڪار هالا اهي مشهور سرڪار هنيون جيڪي ان وقت به سنڌ ۾ موجود هيون جيڪي اڪبر بادشاھ مرزا جاني بيگ کي واپس ڪيون .ترخاني دؤر ۾ امير شاھ قاسم خان زمان جو سڄو خاندان سميجن سان مٽي مائٽي ۾ ڳنڍيل هو جنهن ڪري سنڌ جا خاص ڪري سيوهڻ ۽ آس پاس جا سمه ڌاڙا ڦرون وغيره ڪري ڀڄي اچي سيد ڳڙھ (صد گڙھ ) قلعي ۾ پناھ وٺندا هئا هي قلعو نصرپور جي آس پاس ۾ هو جنهن جو اڄ ڪوبه نالو نشان نٿو ملي قلعو جيڪو شاھ قاسم خان زمان جي ناٺيءَ مير شير بيگ جو هو هي قلعو سميجن لاءِ هڪ مضبوط پناھ گاھ هو ( تذڪره امير خاني صفحو نمبر 73) .نصرپور جيئن ته مرزا غازي بيگ جي حد ۾ هئي تنهن ڪري مير ابو البقا امير خان مرزا غازيءَ کان پڻ اهڙو فرمان لکائي ورتو ته جيئن وقت تي ڪم اچي ۽ هو نصرپور تي حملو ڪري سگھي مرزا غازي انهيءَ وقت اهڙي قسم جو پروانو پنهنجي خاص مهر سان لکي امير ابو البقا امير خان جي حوالي ڪيو ته جيئن هو نصرپور تي حملو ڪري سميجن کي سبق ڏئي سگھي (تذڪره امير خاني صفحو 71) مير ابوالبقا امير خان بکر کان پنهنجي والد ۽ مرزا غازيءَ کي قنڌار روانو ڪري پاڻ سيوهڻ موٽي آيو سيوهڻ ۾ ڪجھه ڏينهن رهي سميجن جي گوشمالي لاءِ سيوهڻ کان ٻاهر نڪتو سيوهڻ جا سميجا اڳواٽ خبردار ٿي سيوهڻ جون حدون اڪري ڪي جيسلمير ته ڪن نصرپور ۾ اچي پناھ ورتي مير صاحب مينهن واچ ڪندو اچي هالن ( جيڪو ان وقت نصرپور سرڪار جي حدن ۾ هو ) پهتو جتي خبر مليس ته سميجن جو سردار طالب قبيلي سميت سانڪرو درياءُ ٽپي نصرپور جي ڀٽن ڏانهن وڃي رهيو آهي مير صاحب پٺ ورتي پر طالب سيد ڳڙھ قلعي اندر گھڙي پناھ ورتي جيڪو ان وقت شاھ قاسم جي ناٺي شير بيگ جي حوالي هو . مير صاحب قلع تي ڀرپور حملو ڪيو هاٿين جي مدد سان قلعي جو دروازو ٽوڙيو ويو مير جي لشڪر قلعي اندر داخل ٿي قتل عام شروع ڪري ڏنو جنهن ۾ سردار طالب سميت ڪيترائي سميجا قتل ٿيا ۽ ٻيا پيش اچي پيا مير قلعي کان موٽندي ويران واھ ، جکره ، وينجره ،ڪاتره ۽ مسا جي ڳوٺن ۾ سميجن کي نيست و نابود ڪندي منديجيءَ جو گھيڙ پٽي سيوهڻ پهتو ( تذڪره امير خاني صفحو 73) ان وقت نصرپور شاھ قاسم خان زمان جي جاگير هئي ۽ هنن جون هتي حويليون موجود هيون جنهن جا آثار اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر واريءَ جي زمين دوز ٿي ويون آهن . مير ابوالبقا جڏهن صد ڳڙھ قلعي کي فتح ڪيو ۽ مير علي شير کي شڪست آئي .هي ڳالهه شاھ قاسم خان زمان کي ڏاڍي ڏکي لڳي تنهن پنهنجو لشڪر پنهنجن ٻڻ لائق پٽن مير جندائي ۽ مير فتحي جي ڪمان هيٺ نصرپور کان جھانگير آباد جي قلعي تي ڏياري موڪليو هي قلعو مير صاحب لاکن جي خواهش تي ڪجران جي ڳوٺ ڀرسان جيڪو نصرپور سان لڳ هو ۽ قلعي جھانگير آباد جو نالو رکي پنهنجي والد جي پراڻي ملازم فتح عليءَ کي قلعدار مقرر ڪري پاڻ سيوهڻ روانو ٿيو . مير فتحيءَ قلعي جو گھيرو ڪيو ٻنهي طرفن کان زبردست مقابلو ٿيو پر مير فتحي قلعي تائين پهچي نه سگھيو ۽ ناڪام واپس موٽيو جھانگير آباد جي قلعدار فتح عليءَ جيڪي سپاهي گرفتار ڪيا انهن جا سر وڍي هن سيوهڻ مير ابوالبقا کي ڏياري موڪليا .(تذڪره امير خاني صفحو 75) شاھ حسن ارغون جي وفات کان پوءِ سنڌ ملڪ ورهائجي ويو مٿيون حصو فاضل ڪوڪلتاش جي پٽ سلطان محمود ڪوڪلتاش جي حوالي ٿيو ۽ سنڌ جو هيٺيون حصو مرزا عيسى خان ترخان جي حصي ۾ آيو . 962 هجريءَ کان ترخان خاندان جي سنڌ تي حڪومت رهي مرزا عيسى جي پٽ مرزا محمد باقي ترخان جي دؤر ۾ نصرپور کي وڏي اهميت حاصل هئي مرزا محمد باقي نصرپور جو پورو علائقو پنهنجي خاص امير شاھ قاسم خان ارغون کي ڏنو جيڪو پنهنجي خاندان لاءِ نصرپور ۾ حويليون اڏائي رهڻ لڳو ۽ هي شھر ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهيو آخر هي شھر مرڪزي شھر بنجي ويو .
    نصرپور جا قديم آثار :-نصرپور جو شھر هڪ تاريخي ۽ قديمي شھر رهي چڪو آهي هن شھر ۾ ڪيترن ئي بزرگن درويشن عالمن اديبن ۽ حاڪمن جون خانقاهون هيون جيڪي زماني جي گردش جي ڪري تباھ ٿي ويون آهن پر اڃا جيڪي عوريون گھڻيون آهن تن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو .
    شيخ باعيد ( بايزيد ) جو قبو : هي قبو نصرپور جي اتر طرف سوا ڪلو ميٽر کن پنڌ تي(زبون حالت ۾) موجود آهي هي قبو رضوي سيدن جي وڏي حضرت سلطان بايزيد جي آخري آرام گاھ آهي .
    مرزا شاھ حسن جو ڪچو قلعو (ڪوٽ ) : نصرپور شھر جي اوڀر طرف مغلن جي کڏ جي ڪناري هڪ ڪچو قلعو چئن برجن سان ٺھيل هوندو هو .
    جامع مسجد نصر : هيءَ مسجد درياءَ جي ڪپ تي تي ان وقت جي حاڪم امير نصر جي ٺهرايل آهي جيئن ته هيءَ مسجد درياءَ جي ڪپ تي هئي ۽ هن جڳهه تي درياءُ جو پتڻ هئڻ ڪري گھڻي آبادي هوندي هئي .
    ڪرڙڪي مسجد : هيءَ مسجد شھر جي ڏکڻ طرف قاضين جي گھرن جي ڀرسان موجود آهي چون ٿا ته هيءَ مسجد شھنشاھ اڪبر جي ٺھرايل آهي پهرين ٽن گنبذن سان ٺھيل هوندي هئي جنهن ڪري هن مسجد کي ٽن قبن واري مسجد به چيو وڃي ٿو هن مسجد جا اهي ٽئي قبا شهيد ٿي ويا آهن
    .لال جو قبو (مندر) : هي قبو شيخ طاهر عرف اڏيرو لعل جي ڄمڻ جي هنڌ ٺھيل آهي هي مقبرو موجود نصرپور جي وچ ۾ آهي .
    شاھ مراد عرف شمس الدين جيلانيءَ جو قبو : هي قبو درويش شاھ شمس الدين جي آخري آرام گاھ تي اڏيل آهي هي مقبرو ان وقت جي شھنشاھ شاھجھان ٺھرايو هو جنهن جي هن درويش سان محبت ۽ عقيدت هوندي هئي .
    سيد ابراهيم شاھ جي چوڪنڊي : سيد ابراهيم شاھ جي چوڪنڊي بازار(شاهي بازار جنهن جو هن وقت اوج نه آهي جيڪو اڳ هو ) جي وچ ۾ موجود آهي هڪ دفعي شاھ حبيب الله نصرپور ۾ سيد ابراهيم شاھ وٽ آيو ان سان گڏ شاعرن جو سرتاج شاھ عبداللطيف به گڏ هو جيڪو ٻالڪ هو .
    مائي خيري واري مسجد : هيءَ مسجد ٽالپور دؤر جي ٺھرايل آهي جيڪا مائي خيري (خيرالنساءُ) جيڪا ٽالپورن جي مشھور پھرين چؤياريءَ جي والده هئي .
    نصرپور جا قديم آثار : مساڻ *موجوده نصرپور جي ڏکڻ جي طرف مصري شاھ جي درگاھ جي سامهون هڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي واڻين جا مساڻ هوندا هئا جتي هڪ مندر پڻ ٺهيل هوندو هو هن مندر ۾ پنڊت هر وقت پوڄا ۾ مشغول رهندا هئا هندن ۾ جيڪڏهن ڪو گذاري ويندو هو ته ان کي هن مساڻ ۾ کڻي اچي اگني سنسڪار ڪندا هئا ڪنهن جي ڪري ڪرم جي لاءِ هي پنڊت خدمت سر انجام ڏيندا هئا هن وقت هي آثار ختم ٿي ويا آهن .
    تورڪيءَ جو قبرستان : هي قبرستان موجوده نصرپور جي اوڀر اتر طرف اٽڪل 7يا 8 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ٽنڊو آدم روڊ جي لڳ عمر سان ڳوٺ جي سامهون واقع آهي هي قبرستان نصرپور جو قديم تاريخي قبرستان آهي هن قبرستان جي مشابهت وري مڪليءَ واري قبرستان سان تمام گھڻي ملندڙ آهي .هن قبرستان ۾ داخل ٿيندي سامهون هڪ مسجد ڏسڻ ۾ ايندي جنهن تي ٻه وڏا گنبذ ٺهيل هوندا هئا پر 1992ع وارين طوفاني برساتن ۾ ٻئي گنبذ ڪري پيا مسجد جي ڀتن جي ويڪر ڇهه فوٽ آهي ۽ اونچائي 12 فوٽ آهي مسجد جي پيڙھ ۾ ڳاڙهو پٿر استعمال ٿيل آهي مسجد جون ڀتيون چورس سرن سان گاري تي ٺهيل آهن مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان دروازو آهي جيڪو پڻ برساتن ۾ ضايع ٿي ويو مسجد جي اندر ٽي گيٽ آهن جيڪي چار فوٽ ويڪرا ۽ ست فوٽ اونچا آهن هن مسجد ۾ هوا لاءِ پڻ سٺو بندوبست رکيل آهي اندر مسجد ۾ اتر ۽ ڏکڻ طرف ٻه ويڪريون دريون آهن مسجد جي وچ ۾ اندر منبر پڻ آهي جتي پيش امام ويهي خطبو ۽ واعظ ڪندو هو هن مسجد جي اڱڻ واريون ڀتيون ضايع ٿي ويون آهن هن وقت مسجد بلڪل ويران ۽ کنڊر جي حالت ۾ موجود آهي هيءَ مسجد ڪنهن تعمير ڪرائي ۽ ڪڏهن تعمير ٿي تنهن بابت ڪابه ڄاڻ نٿي ملي پر اندازو آهي ته هيءَ مسجد ان وقت جي ڪنهن حاڪم ٺهرائي هوندي گمان غالب آهي ته هيءَ مسجد بيگلاري سيدن جي ٺهرايل آهي ڇاڪاڻ ته هن قبرستان ۾ بيگلاري سيدن جون آخري آرامگاهون موجود آهن هٿي هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته هيءَ مسجد ۽ نصرپور شھر ۾ موجود ڪرڙڪي مسجد ٻئي هڪجهڙيون آهن نقشي ۾ توڙي اڏاوت ۾ ڪوبه فرق نه آهي صرف فرق اهو آهي ته هن مسجد کي ٽي دروازا آهن ڪرڙڪي مسجد کي ٻه دروازا آهن هيءَ مسجد ننڍي آهي ڪرڙڪي مسجد ويڪر ۽ ڊيگھه ۾ وڏي آهي مسجد جي ڏکڻ طرف درويش ميون ونهيون جي آخري آرامگاھ عام وخاص لاءِ موجود آهي هي درويش نائين صدي هجريءَ ۾ ڪاٺياواڙ کان هجرت ڪري نصرپور ۾ آيو ۽ شھر کان ٻاهر تورڪيءَ جي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين هي درويش هن ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس تورڪيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو سندن قبر تي لڳل ڪتبي مان سندن وفا ت جي تاريخ جي خبر پوي ٿي .}تاريخ وفات رحلت قطب زمان درويش وهيه الرحمت ڪا 10001ع100100ع ر عشق { مزار وهيه کان چند وکون اڳيان اولهه طرف هڪ اڇي ننڍڙي مزار ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا پڻ چورس سرن تي اڏيل آهي مزار جي چؤطرف جي ماپ ٽيهه فوٽ آهي هيءَ مزار درويش سيد شاھ عبداللطيف تارڪيءَ جي آخري آرامگاھ آهي هي سيد صاحب هالن واري بزرگ مخدوم نوح جا خليفا هئا سندن مزار تورڪاءَ جي قبرستان ۾ موجود آهي پر اندر وڃڻ جي لا3 رستو ڏکيو آهي هن مزار کان ٿورو اڳتي کٻڙن جي ويڙھ ۾ هڪ چؤڪنڊي موجود آهي جنهن تي ڳاڙھو پٿر استعمال ٿيل آهي ۽ سنگتراشي جو بيمثال ڪم ٿيل آهي چؤڪنڊي 1992ع وارين برساتن جي ڪري پئي آهي جنهن جي ڪري ان ۾ موجود ٻن قبرن جي ڪابه خبر نه آهي ته اهي ڪنهنجون آهن چؤڪنڊي جي اولهه ۾ بلڪل لڳ هڪ ننڍڙي مسجد آهي هن مسجد جون ڀتيون آهن پر ڇت برساتن ۾ تباھ ٿيل آهي مسجد جي اولهه طرف هڪ قبر ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا سڄي ڳاڙهي پٿر تي ٺهيل آهي قبر مٿان آية الڪرسي تراش ٿيل آهي قبر جي ٻنهي پاسن کان پڻ آيتون تراشيل آهن قبر تي موجود ڪتبو مير محمد سلطان بن قاسم علي سلطان تراشيل آهي هيءَ قبر پڻ ديوين جي گھيري ۾ آهي مير محمد سلطان جي ڏکڻ طرف چند قدمن تي هڪ ٻي پٿي جي قبر ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا سلطان مقيم بيگلار جي آهي قبر تي تراشيل ڪتبو پڻ آهي ( سلطان مقيم بيگلار ورهشه 1017 دھه شنبه شاله بوده ڪه رخصت ڪلان قصبا وقدر سپهه سالار ) هن قبر کان ٿورو اڳتي هلبو ته هڪ وڏو ۽ ويڪرو ٿلهو ڏسڻ ۾ ايندو جنهن تي چار پٿر جون قبرون آهن هر هڪ قبر تي ڪتبو لڳل آهي جيڪو تراشيل آهي جن مان خبر پوي ٿي هي قبرون نصرپور جي حاڪمن سيد قاسم بيگلار ۽ امير شاھ قاسم خان زمان بيگلار جون آهن. هي ٻئي قبرون اڳيان آهن هنن جي پيرانديءَ کان پڻ ٻه قبرون آهن جنهن مان هڪ تي ڪتبو آهي پر نالي وٽان ٽڪيل آهي گمان غالب آهي ته هيءَ قبر مرزا مغل بيگ جي آهي جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جو سهرو هو ڪتبو هن طرح سان آهي ( تاريخ رحلت نمود شاھ ...........روز دو شنبه وقت دو ماس شھر رمضان المبارڪ سنه 1030هه در جنگ شنبه شھادت رسيد ) هن علهي جي اڳيان هڪ وڏو ڦٽل دڙو ڏسڻ ۾ ايندو جيڪو شاھ قاسم خان زمان جي گھوڙيءَ جو آهي جنهن کي مرگھه منارو چون ٿا هيءَ گھوڙي شاھ قاسم خان زمان کي شھنشاھ اڪبر بخشش ڪئي هئي ( تحفة الڪرام صفحو 223)
    شاھ ڳڙھ جو قلعو : هي قلعو نصرپور سرڪار جي حد۾ هوندو هو هي قلعو شاھ قاسم خان زمان جي نياڻي مرزا شير بيگ جي سپرد هوندو هو هي قلعو ڌارين حملن کي روڪڻ لاءِ ڍال جو ڪم ڏيندو هو هن قلع ۾ ڪيتريون ئي لڙايون لڳي چڪيون آهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    جواب: محمد ايوب گھراڻو جو لکيل مواد جيڪو ڄاڻ نصرپور ۾ شايع ٿيل آهي

    محمد ايوب گھراڻو جو هيءُ ليک ڄاڻ جي لاءِ هتي ڏجي ٿو جيڪو سلسليوار ڄاڻ نصرپور ۾ شايع ٿيوهو
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: محمد ايوب گھراڻو جو لکيل مواد جيڪو ڄاڻ نصرپور ۾ شايع ٿيل آهي

    ادا خاڊم گهراڻو صاحب اسلام عليڪم۔توهان محترم ايوب گهراڻو جو نصرپور جي باري ۾ لکيل ليک هن فورم تي ونڍ ڪري اسان کي ان قديم شهر جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ۽ ان جي تاريخي حثيت جي ڄاڻ ڏني آهي جنهن جي باري ۾ اسان کي اڳ ۾ ڪا خبر نه هئي۔توهان جون ڪاوشون تعريف جي لائق آهن ،توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون۔هميشه خوش رهو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو