انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ محمد عالم طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2011۔

  1. محمد عالم

    محمد عالم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2010
    تحريرون:
    50
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انشورنس
    دوستو ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ جي آخري تاريخ 21۔11۔2011 رکي ويئي آھي پر چڱا خاصا پڙھيل لڳيل رٽرن فارم نٿا ڀري سگھن۔جيڪڏھن ڪنھن وکيل وٽ وڃن ٿا ته پيسا ڏيڻا ٿا پون۔ان لائي ھن فورم تي اچو ته گڏجي مدد ڪريون۔
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

    ادا انڪم ٽيڪس فارم جو مرحلو انتهائي پيچيده ڪيو ويو آهي۔ اوهان الاءِ ڪهڙي پيشي سان وابسته آهيو۔ سرڪاري ملازمن جي حوالي سان ڪا معلومات کپي ته ٻڌائي سگهجي ٿي۔ منهنجو فارم ايف بي آر مان او ڪي ٿي آهيو آهي۔ چئو ته اوهان کي هتي اسڪين ڪاپي شيئر ڪجي۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

    لغاري صاحب توهان کي سٺي نموني ٻڌائيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪر اڃان به مسعلا اچن ته سائين غلامصطفي ميمڻ سٺي نموني ٻڌائي ڇڏيندو۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

    ادا عبدالحفيظ ان فارم جي ڪاپي اسڪين ڪري موڪليو يقينًا ڪنهن نه ڪنهن کي فائدو ٿيندو ايجوڪيشن متعلق فارم هجي ته اهو به شيئر ڪندا​
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

    ساٿيو اوهان کي مختصراًً طريقو هتي ٻڌايان ٿو۔

    جيڪڏنهن اوهان جي انڪم (چاهي ڪهڙي به پيشي سان وابسته آهيو) 5 لک کان گهٽ آهي ته اوهان کي فارم هٿ سان ڀري ايف بي آر ۾ جمع ڪرائڻو آهي۔ اگر انڪم 5 لک کان وڌيڪ آهي ته پوءِ ايڏفارم (اليڪٽرانڪ فارم) ڀرڻو پوندو۔ انهي لاءِ اوهان وٽ اين تي اين (نيشنل ٽيڪس نمبر) هجڻ ضروري آهي۔ اهو نمبر کڻي جڏنهن اوهان www.e.fbr.com تي وڃي سرچ ٽيڪس پيئر ٽيب کي ڪلڪ ڪري (پنهنجو پيشي جي حساب سان ڪيٽيگري چونڊي) انهي ۾ سرچ بار ۾ لکو۔ هاڻي اوهان جي معلومات اچي ويندي۔ معلومات نه اچڻ جي صورت ۾ ايف بي آر آفيس وڃي رڪارڊ اپ ڊيٽ ڪرائڻو پوندو۔ معلومات م ڪجه شيون کٽل هجڻ جي صورت ۾ اهي ڪيٽيگريز (خاي ڪري اسٽار لڳل) ڀري سبمٽ ڪريو۔

    هاڻي اوهان کي انرول ٿيڻ لاءِ هڪ اي ميل ۽ موبائيل تي ميسيج جو انتظار ڪرڻو آهي۔ جڏنهن اهي اچن ته انرول ٿيڻ لاءِ پروسس ڪريو۔ انهي لاءي به ساڳي ويب سائيٽ تي آپشن موجود آهي۔

    انرول ٿين کان پوءِ اوهان کي رجسٽر ٿيڻ لاءِ چيو ويندو۔ جڏنهن اوهان رجسٽر ٿي ويندؤ ته پوءِ آن لائين ٽيڪس پي ڪري سگهو ٿا۔

    الله چاهيو ته اسڪين ڪاپي اڃ شام تائين ونڊ ٿي ويندي۔
     
  6. محمد عالم

    محمد عالم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2010
    تحريرون:
    50
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انشورنس
    جواب: انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

    سائين لغاري صاحب جو تفصيلي جواب پڙھي خوشي ٿي۔ بلڪل ايئين آھي ، مون پنھنجو فارم اي فارم ڪمپيوٽر جي ذريعي ڀري موڪليو آھي۔ ان جي رسيد به ملي ويئي آھي۔مون آفيس جي ڪجھ ٻين دوسن جي به فارم ڀرڻ ۾ مدد ڪئي آھي۔ھڪ دوست جي فارم ۾ اھو مسئلو آھي ته سندس انرولمينٽ نه پئي ٿيئ ميسيج ۾ اچي ٿو ته سندس اينرولمينٽ اڳ ۾ ٿيل آھي، ھاڻي ٿيل اينرولمينٽ کي ڪيئين ڳولھجي۔ ٻيئ دوست جي فارم ۾ ايڪٽويشن ڪوڊ جيڪو اي ميل جي رستي ملي ٿو نه پيو ملي۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: انڪم ٽيڪس ريٽرن ڀرڻ ۾ مدد گھرجي۔

    ادا مون کي خوسي ٿي ته اوهان جو ڪم ٿي ويو۔

    ادا اهو مسئلو ڪافي ماڻهن سان آهي۔ الاءِ ڪم جو لوڊ وڌي وڃڻ ڪري ايف بي آر وارن طرفان اهو ايرر آهي يا ڪو ٻيو سبب۔ پر ايئن آهي سهي۔ فل هال ته انهي جو ڪو حل نظر نه پيو اچي۔ بهتر آهي ته اهي دوت ايف بي آر آفيس وڃن۔ يا وري مون کي ڪو حل نظر آيو ته هتي ونڊ ڪندس۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو