ساٿيو اوهان ڪڏنهن سوچيو آهي ته عام طور تي شيون گرم ڪرڻ سان سختي کان نرمي ڏي (نهري کان پٽڙي) ڏانهن مائل ٿينديون آهن۔ ايستائين جو گرمي جي هڪ درجي تي پُهچي لوهه به پاڻي ٿيڻ لڳندو آهي پر انڊي جي پاڻياٺ (خاص طور سفيدي) گرم ڪرڻ تي ڄمي سخت ٿيڻ لڳندي آهي۔
اڪثر اهو سوال سائنس جي شاگردن کان انٽرويو ۾ به پُڇيو ويندو آهي۔
اڄ اوهان سان مختصراً انهي جو سبب ونڊ ڪجي ٿو۔
دراصل انڊي جي گهاٽي پاڻياٺ ۾ 10 فيصد پروٽين (امائنو ايسڊ جي تريتبوار چئن) هوندي آهي۔
جيڪا هڪ مخصوص شڪل ۾ هوندي آهي۔ ڪئمسٽري جي زبان ۾ انهي کي پيپٽائيڊ لنڪيج چئبو آهي۔ پر اها لنڪيج ۽ بانڊنگ صرف نارمل ٽئمپريچر تي هوندي آهي۔ جڏنهن انڊو گرم ڪبو آهي ته اهي بانڊ ۽ لنڪيج ٽٽي پوندا آهن ۽ هڪ بي ترتيب بانڊنگ جُڙن لڳندي آهي ۽ پاڻي سان ملي هڪ جيل ٺهڻ لڳندي آهي۔
انهي جي تمثيل ايئن به ڪري سگهجي ٿي ته اوهان ڪپڙن جو جوڙو عام حالت ۾ رکو۔ اهو نرم ملائم هوندو۔ پر اوهان انهي کي ويڙهي سيڙهي ڪنهن تمام ننڍڙي شئي ۾ لڳايو ته اوهان کي اهو پهرين جي نسبت سخت لڳندو۔ ايئن ئي پروٽين جڏنهن ترتيب ۾ هوندا آهن ته نرم هجن ٿا۔ پر جڏنهن گرم ٿيڻ تي ترتيب ڦٽي ٿي ته سخت ٿي وڃن ٿا۔