نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو هتي ٽنڊو محمد خان ۾ هڪڙو ادبي مشاعرو ٿيو جنهن ۾ هن نثارناز ٽي درجي واري شاعر کي شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو منهنجي هڪڙي شاگرد منهنجي هن شاعريءَ کي مون سميت پنهنجي هينڊي ڪيم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو اڄ هُن منهنجي گهر اچي مونکي هن ان جي وڊيو ڪاپي منهنجي حوالي ڪئي ، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي مون پنهنجي شاگرد کي کوڙ ساريون دعائون ڏنيون هن وڊيو جي مناسب ايڊيٽنگ ڪري يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪري توهان سان ونڊيان پيو اميد ته منهنجي هي غريباڻي ڪاوش توهان کي پسند ايندي۔




    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

    سائين محترم ناز، اسين اوهانجي شاعريءَ جا گهرجائو ته هميشه کان رهيا آهيون، اوهانجي ونڊ ڪيل وڊيو پڻ اکين تي پر آواز ۾ گونج (پڙاڏو) ايتري آهي جو لک ڪوشش جي باوجود به سمجهه ۾ نٿو اچي ۔۔۔ ها اوهانجو ديدار ضرور ٿيو ۽ ساڳي شاعري هيٺان پڙهي اڃ اجهائي سون ۔۔۔

    لک لائق
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

    سائين نثار احمد ناز سلام ۔۔۔

    بهترين شاعري ۽ پڙهڻ جو به جذباتي انداز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدائين شاعريء سان گڏ ناز جي تصوير ڏسندا هئاسين پر هن دفعي اوهجان جي جذبن، اوهان جي ادائگي ۽ اوهان جي انداز کي به ڏٺسين ۽ دل خوش ٿي وئي۔

    سنيها انقلابن جا صدين کان ناز خاموشيون
    هوا ڇو آجپي واري، اڃان باندي بڻيل آهي؟


    هوائن ۽ فضائن کي آزاد هجڻ کپي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انشاء الله فضائن سان گڏ هڪ ڏينهن سنڌ به آزاد هوندي ۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

    مشاعرن ۾ شرڪت ته نه هجڻ برابر آهي پر اڪثر ٽي وي تي ويهي مشاعرا ڏسڻ جو اتفاق ضرور ٿيو آهي۔۔ پنهنجي شاعري کي لفظن جي ادائگي ۽ جذبن جي اظهار سان ٻين تائين پهچائڻ گهٽ ماڻهن کي ايندو آهي ۔۔۔ توهان جي لفظن جي بيهڪ ۽ سمجهاڻي کي جڏهن توهان جي ئي ذريعي اڀريل جذبن سان ٻڌو ته جهڙوڪ سٽ سٽ سمجهه اچي وئي۔۔۔
    تڏهن ته مان شاعرن کي داد ڏيڻ جي هميشه ڪوشش ۾ هوندو آهيان ۔۔۔ جو اهي جذبا نه مون کان ڏيکاريا ويندا ۽ نه ئي اهڙيون سٽون پاڻ کان جڙي سگهنديون۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

    پيارا نثار ابڙا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان کي اسان جو ديدار ڪري ڍئو ٿِي ويو، دوست ڇا ڪجي هڪڙو ته ننڍڙي ڪئميرا مان ڀريل ٻيو جيڪو هال جنهن ۾ مشاعرو برپا ڪيو پي ويو ان ۾ گونج ڪجهه حد کان وڌيڪ هُئي ٽيو وري اسان شهر ٽنڊو محمد خان جو پراڻو گٺل ايڪو سائونڊ سسٽم ان ڪري هن ۾ پڙاڏو ڪجهه زياده آهي ان ڪري مون پنهنجي ڊزائن ڪيل شاعري هيٺ لڳائي ته جنهن به دوست کي آواز سمجهه ۾ نه اچي ته منهنجي ڊزائن ڪيل شاعري کي سامهون رکي آساني سان سمجهي سگهن ۔دوست ابڙا توهان دوستن جي سهاري پيا تڳون نه ته ڇا نثار ناز ۽ ڇا ان جي شاعري۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

    سنڌ سلامت جي چنڊ ، چنڊ ڇا پر چوڏهين جي چنڊ محترم محمد سليمان وساڻ جا ٿورا جو کين اسان جي شاعري اسان جي جذباتي انداز سميت سُٺي لڳي ۽ سندن دل خوش ٿِي وئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا هن نفسانفسي جي دور ۾ جتي وٺ ڪارا ڳاڙهي کي لڳي پئي هُجي ، جتي انسانيت پنهنجو قدر ۽ وقار وڃائي چُڪي هُجي اتي اسان جي غريباڻي شاعري توهان جي دل خوش ڪئي لک لائق توهان جا اهي حوصلا ماشاالله اسان کي هڪڙو نئون جذبو عطا ڪن ٿا۔ انشاالله اهو وقت پري ڪونهي جڏهن اسان هوجمالن ۽ همرچن سان پنهنجي ڌرتي جي آجپي کي پنهنجي اکين سان ڏسنداسين ۔ ان ڳالهه جو آس وند تون به آهين ته مان به آهيان ۔ مهربانيون ادا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: نثاراحمد ناز ٽي درجي وارو شاعر يو ٽيوب تي شاعري پڙهندي

    مٺا جادوگر رشيد سمان اهو توهان جو پيار آهي جو اسان جي شاعري جي هڪڙي هڪڙي سٽ توهان کي سمجهه ۾ اچي ويئي ، بس ادا دنيا جو هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي حساب سان شاعر آهي ، هُن جو ڳالهائڻ ، هُن جو کلڻ ، هن جو هلڻ، هُن جو رُئڻ سڀ شاعري آهي هاڻي اهو هر ڪنهن ماڻهو تي ڇڏيل آهي ته هُو ڪهڙي انداز سان پنهنجي انهي وصفن کي يا صنفن کي دنيا جي سامهون پيش ٿو ڪري، بس ادا ڪوشش ڪجي ته پنهنجي لفظن کي هڪڙي ڀرپور انداز بيان سان لوڪ سامهون پيش ڪجي۔ حقيقت ۾ الله سائين جي مهربانين سان اهو حوصلو ۽ اهو ڀروسو توهان جهڙن پيارن دوستن جي هن محبتي اڱڻ سنڌ سلامت مان مونکي مليو آهي۔ نه ته نثار ناز ڪنهن سان ڳالهائي ئي ڪونه سگهندو هو۔ توهان جا ٿورا ادا سائين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو