فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گذريل مهينو مان ڳوٺ موڪلن تي اهڙي طرح گذاريو جو نيٽ تي ويهڻ جو موقعو نه هئڻ جي برابر مليو۔۔۔ ان دوران پاڻ کي دنيا کان ڪجهه ڪٽيل ڪٽيل ٿي محسوس ڪيم ۔۔ جڏهن ٻيهر واپسي ٿي ۽ سنگت سان رابطا ٿيا ته افسوس ٿيڻ لڳو ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڇا ڇا ٿيو۔۔۔ ؟ مون کي ڪا ڄاڻ نه ملي سگهي۔۔۔
    ٿورو گوگلنگ ڪيم ته خبر پئي ته تازو تازو فيس بوڪ پنهنجي رڪنن لاءِ فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل جو اعلان ڪيو آهي۔۔ تفصيل پڙهڻ سان خبر پئي ته هاڻي بجاءِ فيس بوڪ اسٽريمنگ کي ڏسڻ جي يا وري فيس بوڪ ٽِڪر تي نظر رکڻ جي توهان پنهنجي پروفائيل تي ئي پنهنجيون ۽ پنهنجي سموري سنگت جون سرگرميون ڏسي سگهو ٿا اهو به نئين ۽ اخباري انداز سان۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر جي گذريل مهينو، تنهن کان گذريل مهينو، هلندڙ سال يا ان کان اڳ جي سال جو سرگرميون به بس هڪ ڪلڪ سان ساڳي ئي انداز سان حاصل ڪري سگهندو۔۔
    بلڪل جيئن توهان تڪڙ ڪري پڙهي رهيا آهيو ته اهو وري ڪيئن ۔۔؟ مون به ڪوشش ڪئي پر هي ڇا ۔۔۔ اهڙو پروفائيل ته صرف ڊويلپرس کي ڏنو ويو آهي۔۔۔ جوش جي هوا نڪرڻ تي ئي هئي ته سوچيم ائين وري ڪيئن پاڻ ڪو انگريز ڊويلپرس کان گهٽ آهيون ڇا۔۔۔ ڪوشش ڪئي ۽ نتيجو حاضر۔۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي پاڻ ۾ ته اها عادت آهي ئي ڪونه ته ڪا ڄاڻ ملي ۽ سنگت کي نه ٻڌائجي ته پوءِ سندرو ٻڌو ۽ اک ۽ ڪن کولي ويهو ۔۔۔۔ ڇو ته مان توهان کي بنائڻ وارو آهيان فيس بوڪ ڊويلپر۔۔۔
    سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڊويلپر پني جو دروازو کڙڪايو۔۔۔ جتي اجازت وٺڻ لاءِ بس allow بٽڻ دٻايو۔۔۔

    [​IMG]

    هي ڇا ڪيترو ته آساني سان توهان ڊيولپر پني تي اچي ويو۔۔۔ هاڻي ساڄي پاسي کان مٿي create new app تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

    [​IMG]

    مٿيئن ٻنهي خانن ۾ 7 اکرن جا نالا ڏيو ۽ continue بٽڻ دٻايو۔۔۔

    [​IMG]

    دوستو هتي فيس بوڪ توهان کي آزمائيندو ته توهان ڊويلپر جي لائق به آهيو يا هرو ڀرو ڳياڙي پيا هڻو۔۔ ان ڪري تصوير نما لفاظي کي درست لکي submit تي ڪلڪ ڪجو۔۔۔

    [​IMG]

    ٺهي ويو ڇا ۔۔۔؟ نه ادا نه۔۔۔ بس ٿورو ئي ته رهيو آهي ۔۔ هاڻي واري پني مان Open Graph تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي توهان جي اڳيان اچي ويندي هيٺين تصوير جتي people can جي اڳيان موجود ٻنهي خانن ۾ ڪجهه به لکو جيئن مون لکيو آهي۔۔۔ ۽ get started تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو....

    [​IMG]

    هاڻي توهان ٻيهر Open Graph پني تي اچي ويندو۔۔ پر تيسين ته توهان اهو ڪم ڪري ڇڏيو جو فيس بوڪ به توهان کي ڏندن ۾ آڱريون وجهي ڏسندو هوندو۔۔۔ جي ها دوستو توهان بڻجي چڪا آهيو ”فيس بوڪ ڊيولپر۔۔۔“
    هاڻي پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل کوليو۔۔۔ اڙي اهو وري ڪيئن توهان سوچيندو ته ”ڪيترو ڳالهائي ٿو۔۔۔ پر ڪم ٽڪو به نه۔۔۔“ توهان جو پروفائيل ته مٽيو ئي نه۔۔۔۔
    نه دوستو استاد۔۔ استاد ئي هوندو آهي ان ڪري توهان جي پروفائيل مٿان هڪ تبديلي ضرور آئي هوندي جو هاڻي توهان فيس بوڪ ڊويلپر جو آهيو۔۔۔ ان ڪري ئي توهان جي پروفائيل مٿان فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل جو تعارف ٻڌايو ويو هوندو بس هاڻي ته توهان سياڻا ٿي چڪا هوندو ۽ منهنجي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي فٽا فٽ get it now تي ڪلڪ ڪري پنهنجي پروفائيل جو منظر ئي مٽائي ڇڏيندو۔۔۔ هاڻي ته توهان کي پروفائيل مٿان ڪور تبديل ڪرڻ لاءِ به مون کان پڇڻو نه پوندو۔۔۔

    ان جي باوجود جو ڪافي دوست منهنجي هن بهترين موضوع کي مان ڏيندي ۔۔۔ منهنجي تعريف ڪندا پر متان ادا عبدالواحد سومرو چوي ته ”ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي۔۔۔ “ ان ڪري حاضر آهي هن سموري ڪاروائي جي وڊيو۔۔۔


    ان باوجود جو هي نئون پروفائيل ڪافي دوستن کي وڻندڙ ۽ ڀلو لڳندو پر ٿي سگهي ٿو ڪجهه موڊي دوست به هجن ۽ انهن کي هي نئون پروفائيل ٽڪو نه وڻي۔۔ اهي چاهين ته ست ڏينهن انتظار ڪن باقي دوست فٽا فٽ publish now تي ڪلڪ ڪري ڇڏين۔۔۔

    ڪيئن لڳو توهان کي هي ٽيوٽرل ۔۔۔ ؟ توهان جا رايا وڌيڪ لکڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا ان ڪري انتظار رهندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    ادا اسان جو ڪانٽو ته هتي اچي اٽڪي پيو آهي۔ موبائيل نمبر ڏنو آهي۔ ڪريڊٽ ڪارڊ آهي ئي نه ، نه وري انهي جو نمبر۔ هيٺين خاني مان لفظ تبديل ڪريان ٿو ته اڳئين اسٽيپ (ورڊ ڪيپچا) تي وڃي ٿو۔ اُهو لک ته وري هي ساڳو پيج۔ ڇا ڪجي جادوگر سائين؟

    [​IMG]
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    ادا اهو اچي پيو۔۔۔ هاڻي ڇا ڪريان
    [​IMG]
     
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    اوپن گراف کان پوء هيئن اچي پيو

    [​IMG]
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    [JUSTIFY]ههههههههههه سائين رشيد صاحب عجيب ڳالھ آهي جو ڪالھ ئي مونکي ڪنهن فيس بوڪ جي دوست طرفان اهڙو پيج موصول ٿيو پر آءُ وري سوچڻ ويٺس ته هي شايد ڪو نئون ڊرامو آهي يا وائرس يا وري ڪا هيڪنگ ان ڪري مون ته اجازت ئي نه ڏني ۽ سڌو ليو پيج وٺي سپر هائيوي تي هليو آيس، پر اڄ اوهان اهو ٻڌائي ته واقعي ئي ڇرڪائي ڇڏيو ته ان ايپ ۾ ته ڪافي فائدا آهن ۽ مفت ۾ بڻجي وڃو ڊويلپر!!
    واھ سائين واھ۔۔۔
    [/JUSTIFY]
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    ادا حفيظ منهنجي خيال ۾ توهان جو کاتو فيس بوڪ طرفان ويريفائي ٿيل نه آهي ۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ توهان پنهنجي کاتي ۾ پنهنجو سيل نمبر لڳائي پهريان کاتو ويريفائي ڪريو ۽ پوءِ هي عمل دهرايو۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    دوست جانِ عالم توهان people can اڳيان پهرين خاني ۾ 20 کان وڌيڪ ڪيريڪٽر ٽائيپ ڪيا آهن ۔۔ ياد رهي ته ٻنهي خانن ۾ 20 ڪيريڪٽرس کان گهٽ اکر رکڻا آهن توهان ٻنهي ۾ سنڌ سلامت لکو ۽ اڳتي وڌو۔۔۔
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    ادا رشيد منهنجو ان ۾ اڪائونٽ ٺهي ويو پر مون کي سمجه ۾ ڳالھ نه آهين ته هي ڇا آهي ۽ هم ۾ ڇا ٿيندو آهي
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    واه دوستو توهان ڏٺو ته ادا فاروق جن اڃان ميٽرڪ به پاس نه ڪئي آهي ۔۔۔ ڪيئن نه پنهنجو پروفائيل تبديل ڪري ڇڏيو۔۔۔ (اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو ڇو ٿيو ۔۔۔ کيس خبر ناهي۔۔۔ )
    ادا فاروق توهان پنهنجو پروفائيل اپڊيٽ ڪندي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو اعلان فيس بوڪ اڃان سڀني لاءِ ناهي ڪيو۔۔۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    واھ سائين ادا فاروق کي داد ڏيڻي پوندي!!
     
  11. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔


    نه ادا سولو ھيو ۽ مون اوھان جي چوڻ مطابق عمل ڪيو بلڪل ٿي ويو۔ ڪابه پريشاني نه ٿي۔۔۔ سٺو ونڊ آھي
     
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    ادا مون کان غلطي اها پئي ٿي ته موبائيل نمبر ڏيڻ وقت شروع ۾ 0 پئ ڏنم جڏنهن ته فيس بوڪ تي ايئن نه هو۔ پر فاروق وانگي اسان به ”بي مئٽرڪ“ ئي سهي پر ڳالهه صاف آهي ته اهو سڄو خفو ڪري وريو سريو ڪُجهه به ڪونه۔ ۽ اسان کي رُڳو فيس بوڪ ڊيولپر ٿيڻ يا فيس بوڪ وارن کي ڏندين آڱريون ڏيڻ جو ڪو شوق ناهي۔ ڇو ته پنهنجي اوقات ساري پئي آهي۔ هلائيڻ سؤلو فيس بوڪ ۽ نيٽ به ڪونه اچي سو هليا آهيون ڊيولپر ٿيڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي مڙئي ”شو، شا“ کپي جيڪو بهرحال ڪونهي ٿيو۔ هي ڏسو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجو فيس بوڪ پروفائيل جيئن جو تيئن آهي۔

    [​IMG]

    ڪا به تبديلي ناهي آئي۔

    جيئن اوهان وٽ آئي آهي،

    [​IMG]

    سو يار انهي ۾ ڪامياب ڪرايو۔ ايتري اسان به خبر آهي ته اُٺ تاري ويا آهيون ڳالهه پُڇ تي بيٺي آهي۔ جڏنهن اوهان جي لنڪ تي ڪلڪ ٿا ڪريون ته هي پيج اچي ٿو جنهن جو مطلب ڪُجهه ٿيو ضرور آهي۔

    [​IMG]

    نوٽ وڊيو ۾ ڏيکاريل آهي ته آخر ۾ ٽي دفعا save ڪيو ويو آهي۔ مون هڪ دفعو ڪيو ۽ پيج ڪلوز ڪيم۔
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    توهان پنهنجي ايپليڪيشن کي اڌورو ڇڏيو هيو ان ڪري ۔۔۔۔۔۔۔ خير هاڻي هن لنڪ تي اچي پنهنجي ايپليڪيشن پيج تي اچو ۽ مٿي موجود ايڊٽ ايپليڪيشن تي ڪلڪ ايپليڪيشن جي پروسيس کي اڳتي وڌايو۔۔۔ ۽ مڪمل ڪريو۔۔۔ هن دفعي يقينن توهان جي پروفائيل تي تبديلي ايندي۔۔۔
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    سو دوستو توهان پنهنجو پروسيس پورو نه ڪري سگهيو۔۔۔ خير وڌيڪ الجهڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي ڇو ته فيس بوڪ واران هاڻي ٽائيم لائين پروفائيل سمورن رڪنن لاءِ کولي ڇڏيو آهي۔۔ بس هن تي ڪلڪ ڪريو ۽ Get Timeline بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ حاضر آهي توهان جو نئون ٽائيم لائين پروفائيل۔۔
     
  15. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    سائين توهان جي اها ڪاوش مونجي پلي ئي ڪان پئي توهان جيڪي ڳالهيو ٻڌايو پيا سو ڳالهيون ائي ڪرڻ سان نٿيو اچن
    نه گيٽ اٽ نيو اچي ٿو ۽ نه ئي پبلشير اچي ٿو۔۔۔۔
    ونڊ بهترين آهي پر آئون سمجهي نه سگهيس وري به ڪوشش ڪندس
    لک لک واڌايون
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ جا دوستو تيار ٿي وڃو ۔۔ جو هاڻي حاضر آهي فيس بوڪ ٽائيم لائين۔۔۔

    دوستو هاڻي پوري موضوع ۾ الجهڻ بجاءِ بس منهنجي آخري تحرير تي عمل ڪريو۔۔ ۽ ٽائيم لائين پروفائيل حاصل ڪري وٺو جو ۔۔۔ فيس بوڪ سڀني لاءِ اهو پروفائيل عام ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو