گوگل جو نيويگيشن بار هاڻي بليڪ مينو جي صورت ۾۔۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    گوگل ڪجهه عرصي کان تيزي سان پنهنجي انٽرفيس ۽ ايپليڪيشنس ۾ لڳاتار تبديلي آڻي رهي آهي۔۔۔ ۽ ان تبديلي کي پنهنجي بنيادي پني تي پڻ لڳائي رهي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهون سندن ايپليڪيشنس ڏانهن راغب ٿي سگهن۔۔۔
    گوگل پنهنجي بنيادي پني گوگل ڳولا کي ان ڪري هميشه سادو رکيو آهي ته جيئن گوگل تي ايندڙ يوزرس تڪڙي ۽ درست ڳولا کي ترت حاصل ڪري سگهن ۔۔۔ ان ڪري پني کي سادو پر اضافي ايپليڪيشن تي پهچ لاءِ پنهنجو نيويگيشن بار مٿي کاٻي پاسي سادگي سان لڳائي رکيو هيو۔۔۔

    [​IMG]

    جيڪو گوگل پلس لانچ ڪرڻ کان پوءِ تبديل ڪندي ڪاري رنگ ۾ آندو ويو۔۔۔۔

    [​IMG]

    پر گوگل جي اهڙي تبديلي کي الائي ڇو گهڻن ماڻهن پسنديدگي ۾ نه آندو۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪافي جاوا ڊيولپرس سائيٽس اهڙي بار جا رنگ تبديل ڪرڻ جون ٽپس ڏيڻ لڳيون۔۔۔ ۽ اهڙي طرح گوگل پنهنجي يوزرس تي هڪ ئي رنگ لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي۔۔۔
    پر تازو يوٽيوب انٽرفيس ۾ تبديلي آڻڻ کان پوءِ گوگل هڪ دفعو ٻيهر پنهني بنيادي پني گوگل ڊاٽ ڪام تي موجود بليڪ بار کي تبديل ڪرڻ جو سوچيو آهي۔۔ ۽ هاڻي اهو نيويگيشن بار بجاءِ مٿي ساڄي پاسي گوگل لوگو طور نظر ايندو جنهن جي آخر ۾ ننڍي تير کي لڳائي يوزرس کي اشارو ڏنو ويندو جنهن تي ڪلڪ ڪري گوگل جي سمورن ايپليڪيشنس يا سائيٽس جي لنڪس کي مينو طور کولي سگهبو۔۔۔

    [​IMG]

    ۽ وري جڏهن آخري بٽڻ مور تي ڪلڪ ڪبو ته سموريون ايپليڪيشنس لنڪڊ سائيٽس جا آئڪان سامهون اچي ويندا۔۔۔

    [​IMG]

    پر دوستو ياد رهي ته گوگل هيءَ تبديلي اڃان عام نه ڪئي آهي ۔۔ پر هي تبديلي لڪل رکيل آهي جنهن کي صرف اهي ماڻهون ئي لڳائي سگهن ٿا جن کي گوگل جي هن تبديلي کي پسند ڪيو آهي۔۔۔
    جيئن ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ سلامت جي سمورن رڪنن کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کي وقت کان اڳ يا وقت سر ٻڌائيندو هلان ۔۔۔ ان ڪري جي توهان چاهيو ته اها گوگل جي اها تبديلي پنهنجي گوگل جي پني تي پڻ اپلائي ڪري سگهو ٿا۔۔۔

    ان لاءِ جيڪڏهن توهان گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندڙ آهيو ته گوگل برائوزر کولي ڪيبورڊ تان Ctrl+Shift+j پريس ڪريو جنهن سان گوگل ڪروم جا ڊيولپر ٽولس کلي پوندا۔۔۔ جتي هيٺيون ڪوڊ نئين لائين طور شامل ڪريو۔۔۔

    ڪوڊ:
    document.cookie=”PREF=ID=03fd476a699d6487:U=88e8716486ff1e5d:FF=0:LD=en:CR=2:TM=1322688084:LM=1322688085:S=McEsyvcXKMiVfGds;domain=.google.com”;
    هاڻي ڪيبورڊ تان انٽر پريس ڪريو ۽ پني کي ريلوڊ ڪريو۔۔۔
    ڀلا جي توهان فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪندڙ آهيو ته ڪيبورڊ تان Ctrl+Shift+k پريس ڪري web console کوليو ۽ ان مٿيون ڪوڊ شامل ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ڪيبورڊ تان انٽر پريس ڪريو ۽ پني کي ريفريش ڪريو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: گوگل جو نيويگيشن بار هاڻي بليڪ مينو جي صورت ۾۔۔۔

    تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي ادا مهرباني ادا رشيد سمون صاحب
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: گوگل جو نيويگيشن بار هاڻي بليڪ مينو جي صورت ۾۔۔۔

    بهترين شيئرنگ سائين۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو