سنڌي ادب جو سونهري دور

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    استاد محمد رمضان سهتو

    سنڌي ادب جو سونهري دور

    ادب هر ٻوليءَ ۾ زبان جو اهم تاريخي ورثو هوندو آهي. جنهن ۾ ان ٻولي ۽ زبان جا اديب، مفڪر شاعر ۽ تاريخ نويس ادب جي هر صنف تي لکڻ سان طبع آزمائي ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ان سان واسطو رکندڙ علائقي جي ريتن ۽ رسمن جي رواجن مثلن: تعليم پرائڻ جي طريقي ۽ ان جي خوبين ۽ خامين، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ شادي ۽ غميءَ جي موقعن بابت پنهنجي علائقن جي رهواسين ۽ واسطو رکندڙن جو پنهنجي تجربي جي لحاظ کان پنهنجي لکڻين ۾ خاص ڪري ذڪر ڪندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جوڙڻ ۽ ان ۾ لکڻ جو رواج ته عام طرح سال 1853ع ۾ ميان ابولحسن سنڌيءَ ٺٽي ۾ شروع ڪري پوري سنڌ تي احسان ڪيو، ليڪن سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ ۽ تهذيب ته موهن جي دڙي کان به اڳ اتان جي رهاڪن ۽ سنڌ جي اندروني علائقن ۾ مروج ۽ موجود هئي. جيئن ته موهن جو دڙو اڄ به سنڌ جي تهذيب جو گهوارو آهي. تنهن ڪري اتان جي ٻوليءَ کي به ان وقت جي سنڌي ٻولي چئي سگهجي ٿو. جنهن جو ثبوت دڙي مان لڌل مورتين تي لکيل تحريرون، دڙي جي اصل اڏاوت، بازارون، اچ وڃ جا لنگهه، پاڻي ۾ ترڻ جا تلاءُ اڄ به اها شاهدي ڏين ٿا ته سنڌي قوم اڄ کان پنج هزار سالن کان به وڌيڪ عرصو پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب سبب تمام شاهوڪار معلوم ٿئي ٿي. جيڪا ڳالهه دڙي مان لڌل گهرو سامان جهڙوڪ: سونا زيور، سئي ۽ کوهه ان زماني جا نمايان شاهد آهن. جيئن ته مورتين تي ان وقت جي ٻوليءَ ۾ ڪجهه تحريرون لکيل آهن، جيڪي اڄ تائين ڪوبه پڙهي ۽ سمجهي نه سگهيو آهي، ليڪن هڪ مورتي تي ڪنهن عالم ۽ مفڪر ڪوشش ڪري هي لفظ پڙهي نروار ڪيا آهن. بجر هيدر هيدر معنيٰ بجر هيڊ يعني هيڊ جو هڪ قسم جو ان وقت اتان جي عوام لاءِ شايد ڪا اهم شيءِ هئي. ليڪن ابوالحسن جي سنڌيءَ کان اڳ شاه لطيف سائين جو رسالو هڪ انگريز مفڪر ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ مان ڇپرائي منظر عام تي آندو. مرزا قليچ بيگ جنهن جا وڏا اصل سنڌي ڪونه هئا پر مرزا صاحب جو جنم سنڌ ۾ ٿيڻ ۽ ادبي ذوق سبب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ڪري پاڻ ادب ۾ پنهنجو خاص مقام حاصل ڪيو ۽ ڪيترائي ڊراما، ناٽڪ، افسانه ۽ صرف نوحو ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ گرامر ۽ ٻين صنفن جو واڌارو ڪيو، جيسين سنڌي ٻولي ۽ ادب قائم آهي تيسين مرزا صاحب جو نالو پڻ زنده رهندو. ان کانسواءِ شاعريءَ جون مختلف صنفون پڻ آهستي آهستي سنڌي ادب ۾ جاءِ والارينديون رهيون شاعريءَ جي مکيه صنف غزل جا اصل ۾ فارسي شاعر رودڪي نالي عربي شاعريءَ مان هڪ صنف جون ٻه مصرعون پهريون ختم ڪري غزل وجود ۾ آندو ۽ سنڌي زبان ۾ ميان گل محمد هالائي پنهنجو ڪلام غزل جي صورت ۾ چئي ديوان گل نالي غزلن جي شاعري جو ڪتاب سنڌي ادب کي ارپي ڇڏيو ۽ سنڌي ادب ۽ ٻولي کي چڱو مانُ ملندو رهيو، ليڪن سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري جو دور سونهري دور سال 1955ع کان سال 1970ع کي سڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هن عرصي دوران مختلف سنڌي ادبي رسالا ماهوار يا هفتيوار جهڙوڪ: ماهوار رساله اديون خاص عورتن لاءِ بيگم زينت چنه صاحب جي ادارت هيٺ شايع ٿيندو رهيو، جنهن ۾ خاص عورت جي حقن ۽ مکيه مسئلن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو. ٻارڙن لاءِ رسالو گل ڦل شايع ٿيندو رهيو جو ايترو ته مزيدار ۽ دلچسپ هو جو ٻارڙن سان گڏ وڏا به شوق سان ان جو مطالعو ڪندا هئا. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا ادبي رسالا سنڌي زبان ۾ ماهوار ۽ پندرهن روزه جي صورت ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت سبب عام لاڀائتا ۽ دلچسپ رهيا. ليڪن سڀني اشاعتن جو تاجدار رسالو نئين زندگي جيڪو سرڪاري اداري پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي مان ماهوار شايع ڪيو ويندو هو. جنهن جي ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي پنهنجي ادارت جي دور ۾ تمام گهڻي ترقي ڏياري ۽ رسالي جو معيار ايترو ته مٿانهون ٿي ويو جو سنڌ جا تمام جهونا اديب، محقق، فلاسافر هن رسالي ۾ لکڻ فخر محسوس ڪندا هئا. ان عرصي جي تمام مهان ۽ احترام لائق لکندڙن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. کيس سنڌ جي اديب، تحقيق نگار ۽ شاهه جي رسالي جي مرتب جو اعزاز حاصل آهي. ان کانسواءِ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه پڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي سونهن بخشيندڙ آهي. رشيد احمد لاشاري اديب ۽ شاعر سراج ميمڻ، ڊاڪٽر محمد ابراهيم (خليل) قاضي عبدالمجيد (عابد) جنهن يورپ جي ڊائري لکي سنڌي ادب کي سفر نامي جي صنف سان نوازيو ۽ پاڪستاني اردو فلم (حميده) جي ڊائريڪشن ڏيڻ جو پڻ اعزاز حاصل ڪيو. علي احمد بروهي ادب ۾ طنز و مزاح جا مضمون لکي رسالي نئين زندگي کي تمام گهڻو مقبول بڻايو. عطا محمد حامي افسانه نويس سندس افسانا نئين زندگي جي زينت بڻيل هئا ۽ پڙهڻ وٽان هئا.
    محترمه ثميره زرين جنهن صنف افسانه جي ٽيڪنڪ ۽ افسانوي فن تي پوري روشني وجهي مختلف افسانه نويسن جي افسانن کي ڪٺو ڪري افسانن جو ڪتاب (مهراڻ جون ڇوليون) منظر عام تي آڻي ٻولي ۽ ادب ۾ افسانوي صنف کي خاص مقام ڏياريو. جمال ابڙو، ڊاڪٽر نبي خان بلوچ لکڻ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جن سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخي ڪتاب، مختلف نثري ڪتاب جنهن ۾ پرين جون ڪهاڻيون وڏي سفر ۽ جدوجهد سان ٻهراڙين ۾ سياري جون راتيون باهه جي مچن تي ويهي گذاريندي سگهڙن جي واتان ٻڌي ڪتابن ۾ بند ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ هڪ نئين صنف جو واڌارو ڪيو. غلام علي الانا، سيد حسام الدين راشدي، سيد ميران شاهه، محمد اسماعيل عرساڻي ناٽڪ ”بد نصيب ٿري“ جو مصنف هنن مڙني پنهنجي لکڻين ۽ ادبي صنفن سان نئين زندگيءَ کي مٿي ذڪر ڪيل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ تمام گهڻو سنواريو ۽ سينگاريو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هر موضوع تي پنهنجي نيڪ خيالن جو اظهار ڪري ٻولي ۽ ادب کي وڏي وسعت ڏياري. مٿي ذڪر ڪيل مڙني اديبن محققن، ليکڪن ۽ رسالا نيئن زندگي جي ذڪر ڪيل ڏيڍ ڏهاڪي کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو سونهري دور سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
    افسوس جو پاڪستان پبليڪشن جي اداري ۽ آفيس کي سنڌ مان شفٽ ڪري اسلام آباد رکيو ويو ۽ عبدالواحد سنڌيءَ کان پوءِ شمشير الحيدري جي ادارت هيٺ رسالو شايع ٿيڻ لڳو ليڪن سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جي پهچ کان دور هئڻ سبب رسالو نئين زندگي مان بدلجي پراڻي زندگي ٿي ويو ۽ آهستي آهستي بند ٿي ويو ۽ سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو ۽ سنڌي عوام جي اکين کان اوجهل ٿي ويو.
    آئون سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن کي پڻ عرض ڪندس ته ٿوري گهڻي گڏجاڻيءَ ۾ ادبي سنگت جا ٻه ٽي ميمبر گڏ ٿي مختصر تقرير ڪرڻ سان ادب ۽ ٻولي جي خدمت ڪري نٿا سگهن يا سنگت جي اهم عهدن کي واري وهڻ سان اديب يا ليکڪ ڪونه ٿي سگهبو ليڪن نالي تي غور ڪري ڏسجي ته سنڌي ادبي سنگت خاص مطلب اهو ٿي رکي ته ادبي صنفن کي اجاگر ڪري انهن جي تشريح ڪئي وڃي ۽ ادب ۽ ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ لکي پاڻ پتوڙين مٿي ذڪر ڪيل ٻولي جي ۽ ادب جي سونهري دور واري عرصي دوران ٻوليءَ جي ترقي ۽ تشريح لاءِ سنڌي فلمي اسٽوڊيوز پڻ چڱو پاڻ ملهايو. جنهن لاءِ ڊائريڪٽرن، پروڊيوسرن، اداڪارن ۽ گيت لکندڙن پڻ ٻوليءَ ۽ ان جي واڌ لاءِ نروار ڪرڻ لاءِ ڪين گهٽايو. فلم عمر مارئي، پرديسي. جيجل ماءُ، چانڊوڪي، رت ۽ اجرڪ وغيره جي سنڌ ۾ رليز ٿيڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سڪ جو ثبوت آهن. مٿي ذڪر ڪيل ادبي ۽ ٻوليءَ جي خدمتن کي نظر ۾ رکي اهو محسوس ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو ٿو پوي ته هن وقت جا اديب، مفڪر ۽ ليکڪ خبر نه آهي ته ڇو؟ ادب ۽ ٻوليءَ تي وڌيڪ لکڻ ۽ ان جي صنفن کي اجاگر ڪرڻ کان عار محسوس ٿئي ته ميڊيا ۾ ادبي حلقن ۾، يونيورسٽين ۾ ٻين ادبي ادارن ۾ چڱيءَ ڪرسي ۽ شهرت ملڻ بعد سندن ادبي ذوق گهٽ پيو نظر اچي. اڄ ڪلهه ننڍا وڏا شاعر هڪ ٻئي جي تقليد ڪري شاعري ڪرڻ سان چڱو پاڻ ملهائين ٿا ليڪن کين اها خبر هئڻ گهرجي ته شاعر عظمت ڀريو رتبو آهي ۽ شاعري ادب جي مکيه صنف آهي پر شاعريءَ ۾ ٻولي جا لفظ اهڙا ڪتب آندل هجن جيڪي عام ماڻهو، ٿورو پڙهيل يا صفا جاهل انسان به آسانيءَ سان سمجهي سگهي ۽ شوق ۾ استعمال ڪيل لفظ تمام دقيق ۽ گهٽ علم واري ماڻهو يا اڻ پڙهيل انسان جي سمجهه کان ٻاهر ۽ پهچ کان مٿي آهن. ميڊيا ۾ هجڻ سبب ڪي شاعر صاحبان پنهنجي اثر رسوخ سبب فنڪارن کان پنهنجي شاعريءَ چوائي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪن ٿا پر ڪڏهن اهو محسوس ڪيو اٿن ته سندن شاعري ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار به آهي يا نه کين شاعري سان گڏ نثري صنفون لکڻ لاءِ پڻ سوچڻ گهرجي.

    (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,378
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabashshabashshabashshabash
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ادب جو سونهري دور

    ادا ابو زين صاحب توهان سهتي صاحب جو مضمون ونڊ ڪري سنڌ سلامت کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، اميد ته اهڙا سنڌي ادب ۽ علم تي ٻيا به مضمون ونڊ ڪندا رهندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو