سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]السلام عليڪم دوستو!
    منهنجو سنڌ سلامت انتظاميه کي عرض آهي ته سائين نثار ابڙو صاحب جن جي قيمتي موضوعن ۽ تحريرن کي گڏائي سهيڙي املھ قيمتي خزاني جي ترتيب ڏئي تبديليءَ جو سڏ ڏيندي ڪتابي شڪل ڏئي ڇپرايو وڃي ته جيئن سنڌ سلامت جو هن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم تي احسانن ۾ هڪ وڌيڪ احسان جو اضافو ٿئي۔
    لک ٿورا
    دوستو اوهان به پنهنجي راءِ ڏيو۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    ادا تمام زبردست خيال آهي سائين جي لکڻين کي ڪتابي شڪل ڏيڻ گهرجي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    ادا طاهر، اوهانجي هن صلاح تي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي ته ؛ هڪ ماڻهون بيمار ٿيو ۽، زيارتي ايندڙ ماڻهون سندس بيماري ءَ جو ٻڌي مختلف دوائون تجويز ڪري رهيا هيا، ڪو چوي هن کي ڦلاڻي گوري کارايو، ڪو چوي هن کي ڦلاڻو ڪوڙو شربت پياريو ... مريض انهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي وڌيڪ پريشان ٿيڻ لڳو ... ائين ڪندي هڪ اهڙو ماڻهون به زيارتي آيو جنهن چيو هن کي صوف کارايو، ڪيلا کارايو، انگور کارايو ۽ مالڪ انجي ڳالهه ئي نه پيا ٻڌن ... آخر مريض رڙ ڪري پنهنجن مالڪن کي چيو ”اڙي! ماٺ ڪيو هن جي ڳالهه ته ٻڌو“

    سو ادا طاهر اوهانجي صلاح تي آءُ به رڙيون ڪريان ته ڪو دوست ٻڌن، باقي ڳالهه آئي وئي ٿيندي ... ها ها ها ها
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    طاھر صاحب جن واقعي سچ ۽ منھنجي دل جي ڳالھ آھي۔
    بلڪل سائين جي سڀني تحريرن ۽ موضوعن جو ڪتاب ھجڻ گھرجي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    پيارا سائين اميد آهي ته دوست ان حوالي سان ضرور ڪنهن سٺي خاڪي ٺاهڻ ۾ مصروف هوندا ان ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي اٿن، ڌڻي اوهان کي خوش رکي.
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    ادا جوڻيجو صاحب اوهان جي راءِ وڏي اهميت رکي ٿي، حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ مهرباني، اميد آهي ته انتظاميه ضرور همت ڪري اهڙو سنهري قدم کڻندي.
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي


    بلڪل ادا عاشق سولنگي صاحب اوهان جي به مهرباني جو حمايت ۾ ووٽ ڏنو، هاڻ ته انتظاميه تي سائين نثار ابڙو صاحب جن جي سنڌ سلامت تي حق بڻجي ٿو جڏهن ته سائين پاڻ به رڙ ڪئي آهي، اميد آهي ته انتظاميه اهڙو سنهري موقعو پنهنجن هٿن کان ڪين وڃائيندي!
    سائين نثار ابڙو صاحب جن جون سنڌ لاءِ انيڪ خدمتون آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هي بهترين موقعو آهي، ته شخصيتن جو انهن زندگي ۾ قدر ڪيو وڃي.
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    ادا تمام زبردست خيال آهي سائين جي لکڻين کي ڪتابي شڪل ڏيڻ گهرجي اسان جو ووٽ به اوهان کي آهي
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    سائين طاهر پيارا اوهان ڀلا آهيو ته اوهان جا خيال به ڀلا هوندا، ليڪن ڪتاب ڇپائڻ ڪو آسان مرحلو نه آهي اوهان ته ڪجهه ان مرحلي کان خبروار به هوندا خرچ ته ايندو ليڪن ان کان علاوه پروف رينڊنگس وغيره جو مرحلو تمام پيچيده آهي اسان کي هڪ ڪيلينڊر ڇپائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو وري ان کي ورهائڻ جو مرحلو ڪيترو ڏکيو محسوس ٿئي ٿو ڪجهه دوست آهن جيڪي ان معاملي کي سنجيدگيء سان کڻي مٿي آڻين ٿا ورنه اهو به رڳو ڳالهين جي صورت ۾ رهجي وڃي اسان هڪ زمان جي زبان استعمال ڪندا آهيون ته هيئن ٿيڻ گهرجي ، هي ڪرڻ گهرجي ، ليڪن ڪري ڪير؟ انلاء سڀ ڪو چوندو ته يار مان ته مصروف آهيان مون کي معافي ڏيو باقي ٻين دوستن کي ڏسو سو اوهان جي ڳالهه ته سون جهڙي آهي ليڪن ان ۾ جواب ڏيڻ به رڳو ڳالهين جي حد تائين محدود ٿي سگهي ٿو ان ڪري شايد ڪي دوست جواب نه ڏئي سگهيا هجن. باقي سائين نثار ابڙو جن جو ڪتاب اسان جي سنڌ سلامت جي سيني تي ڇاپيل آهي جنهن به دوست کي صلاح ڏيڻي هجي ته هن کي صلاح ڏجي ته جيستائين ڪتابي صورت ۾ اهو مواد اچي تيستائين اسان جي سنڌ سلامت جي سونهن ڀرئي اڱڻ تي اچي سائين جي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي مواد جي اليڪٽرانڪ ڪتاب کي پڙهي پنهنجي علمي ذخيره ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    سائين رحيم بخش صاحب جن جو رايو به سامهو اچي ويو، پر وڌيڪ ٻين دوستن سان گڏ ايڊمن صاحب جن جي را جو به انتظار آهي۔۔۔۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    ادا علي علي اوهان جي مهرباني جو ايڏي اهم ڪم کي سنجيدگي سان سمجهو ٿا ۽ حمايت ۾ ووٽ ڏنو، لک لائق پيارا۔۔۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    پيار ڀاء طاهر سنڌي لک قرب ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي ڳالهه وڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دل خوش ٿي۔ مان اوهان ۽ دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سائين نثار ابڙو صاحب جي لکيل ڪهاڻين ۽ ادي نسيم حيدري جي لکيل نظمن جو گڏيل ڪتاب ”سرنهن جهليندي پيلا گُل“ ڪمپوز به ٿيل آهي ۽ ڊزائن به ٿيل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ صرف ڇپائي جو منتظر آهي۔ مان اهو ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪونه ڪرايو آهي جنهن جو سبب ڪتاب جو ڇپجي اچڻ ئي آهي ۔۔۔۔۔ پر ڪي دوست اڳيان اچن ۽ مدد ڪن ته ڪتاب ڇپايون۔ مان ڪتاب جي ڇپائي جي چوٿين حصي جو خرچ ڀرڻ لاء تيار آهيان۔ باقي خرچ اوهان سڀ دوست ملي ڪري ڪيو ته ڪتاب ڇپايون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين جي لکيل باقي تحريرن جي اوهان چونڊ ڪيو ۽ انهن مضمونن کي ڪتابي شڪل ڏيو ته جيئن ان تي به سوچي سگهجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ دوستن جي مرضي آهي۔ اسان تيار آهيون۔ اميد ته اوهان سنجيدگيء سان پنهنجي شروع ڪيل موضوع تي سوچيندا ۽ ان کي عملي طور مڪمل پڻ ڪندا۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    خبر ناهي ته ڇو ۔۔۔۔ نه ته ادا طاهر ڪو جواب موڪليو آهي نه وري علي علي ۽ ٻين دوستن موٽ ڏني۔

    ڳالهه کي شروع ڪرڻ ۽ صلاحون ڏيڻ يا تنقيد ڪرڻ سڀني کان آسان ڪم آهي پر ڪيل ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي۔ پوء به مونکي دوستن مان گهڻيون اميدون آهن ته هو مثبت موٽ ڏيندا۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    ها ها ها ها ۔۔۔۔ ادا سليمان، تنهنجا لک ٿورا ۽ ٻين دوستن جا به ٿورا جو هو مونکي مان ڏين ٿا ۔۔۔ اوهانجي دوستي تي فخر ڪو اسين اجايو ڪون ڪندا آهيون، ان جا ڪئي ڪارڻ آهن

    1۔ هڪ ته اوهين ارادي ۽ ڌن جا پڪا انسان آهيو
    2۔ اوهان ۾ دوستين کي مان ڏيڻ ۽ انکي نڀائڻ جو هڪ سگهارو جذبو موجود آهي
    3۔ دل جا سخي ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا هوندا آهيو
    4۔ وقت تي سٺي صلاح ۽ اخلاقي دائرن کي قائم رکندا آهيو
    وغيره وغيره (مطلب اڃان گهڻيون ڳالهيون آهن)

    سهڻا دوست، مون ڪتاب ” سرنهن جهليندي پيلا گل“ انڪري به ترتيب ڏنو هو ته مستقبل قريب ۾ انکي ڇپرائبو پر پو ڪجهه عرصي کان ڪجهه اڻ ٽر مجبورين ۽ خرچن سبب التوا جو شڪار ٿيا سون ۔۔۔۔ پر هاڻ ڪجهه پاڻ ڀرائي ٿي آهي، هن دفعي اچبو ته ان مسئلي تي اوهان سان تفصيلي بحث ڪبو ۔۔۔ ۽ پو ممڪن ٿيو ته ان ڪتاب کي ڇپرائبو به ۔۔۔ باقي رهيو منهنجو سنڌ سلامت تي موجود مواد ته اهو ٽن قسمن جو اهي۔

    1۔ ” سرنهن جهليندي پيلا گل“ ۾ موجود سمورو مواد
    2۔ انگريزي  ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيل مواد
    3۔ جواب (جيڪي هاڻ هزارن ۾ آهن)

    انڪري ان سڄي ساري مواد کي ڏسڻ چونڊ ڪرڻ پڻ پنهنجي جا تي هڪ ڊگهو ڪم آهي ۔۔۔ انڪري دوستن کي تڪليف يا انهن کي پاراتو ڏيڻ نه جڳائي جو سڀ دوست پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مشغول ۽ ڪن مجبورين ۾ ڦاٿل هوندا ۔۔۔ ها اڳتي هلي ممڪن ڪجهه ائين ڪري سگهجي ۔۔۔

    سائين غلام مصطفى ميمڻ جن جيڪا صلاح ڏني هئي ته سالانه سنڌ سلامت تي آيل مضمون، ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻيو مواد جيڪو معياري هجي اهو ڪٺي ڪري ڪا مئگزين (آنلائين) يا وري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجي ۔۔۔ اها را به تمام سٺي آهي، ان ۾ اسان سڀني دوستن جون سال ۾ پيش ٿيل سٺيون ۽ معياري لکڻيون پيش ٿينديون، جنهن سان سٺو سنڌي مواد به ملندو ۽ دوستن جي دل افزائي به ٿيندي ۔۔۔

    باقي ”جاڙي به جڳ سان“ اسين به دوستن سان گڏ آهيون، جئين حڪم ٿيندو ائين ئي ٿيندو ۔۔۔

    اوهان جا لک قرب ۔۔۔ لاهي لاهبا ڪيترا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    سائين نثار صاحب اسان جو بهترين اثاثو آهي جي اوهان سائين جن جون ڪي اهڙيون ڪاوشون ڪنهن ڪتابي شڪل ۾ آڻيندؤ ته يقينن اهو هڪ وڏو ڪم آهي الله اوهان سڀني دوستن کي هن نيڪ ڪم ڪرن جي سگھ عطا ڪري ۔
    وسلام
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    سائين ايڊمن صاحب جن سان گڏ ڪافي سينيئر دوستن جي رائي جو انتظار هو ان ڪري منهنجي طرفان ڪو جواب نه آيو آهي، باقي مون ڪنهن تي تنقيد ڪونه ڪئي آهي جنهن کي اوهان مٿي مينشن ڪيو آهي، اوهان کي منهنجي ڪهڙي ڳالھ تنقيد لڳي؟ جيڪڏهن منهنجي تحرير ۾ ڪا غلطي ٿي آهي ته معذرت ٿو ڪريان۔۔۔
     
  17. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    سائين دل دريا سمنديون ڊونگي
    خير آهي ۔
    وسلام
     
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    معاف ڪجو دوستو ۔۔ طبيعت جي ناسازي ڪري ڪافي سارا موضوع جواب ڏيڻ کان رهجي ويا ۔۔۔
    ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته سائين نثار ابڙو صاحب جن جا لفظ موتي داڻا آهن۔۔۔ سندن موضوع هجن يا جواب هر جملو هر سٽ پڙهڻ ۽ پروئڻ جهڙي هوندي آهي۔۔۔ اسان خوش نصيب آهيون جو سندن ليکن کي پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو۔۔۔ ۽ يقينن اسان سڀني جي خواهش به آهي ته اهي دوست جيڪي انٽرنيٽ جي دنيا کان هن جديد دور ۾ به پري آهن تائين نه صرف سائين نثار ابڙو جن جا قيمتي ليک پر سنڌ سلامت تي ايندڙ سمورن دوستن جا ڀرپور ۽ فائدن ڀريا ليک پهچائجن۔۔۔

    سنڌ سلامت ڪو ادارو نه آهي نه وري سنڌ سلامت کي ڪنهن طرفان مالي سهائتا ملندي آهي هي ته در اصل هڪ شوق هيو جيڪو جذبو بڻجي اڳتي وڌيو ۽ اڄ سمورن رڪنن جي گڏجڻ سان آواز بڻجڻ لڳو آهي ۔۔۔ هتي ايندڙ رڪنن کان ڪنهن به قسم جي امداد نه گهري ويندي آهي۔۔۔ ان ڪري شديد خواهشن باوجود ان جي پورائي ۾ رڪاوٽون ملنديون آهن۔۔۔

    سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر 2012 تي ڪم ڪندڙ ٽيم سان ميٽنگ دوران مون سنڌ سلامت جي ايندڙ کوڙ سارن پروجيڪٽس جو ذڪر ڪيو هيو جن ۾ سنڌ سلامت طرفان ٽه ماهي يا ڇهه ماهي ميگزين ڇپرائڻ به شامل هيو۔۔ اهڙا پروجيڪٽ ڪجهه محنت سان ته ڪجهه پيسا سان پورو ٿي سگهندا۔۔ جنهن کان پوءِ فيصلو ٿيو هو ته هڪ ترتيب سان هلجي ۽ وقت سان گڏو گڏ سمورن پروجيڪٽس کي پورائي ۾ آڻجي۔۔۔
    ميٽنگ دوران سمورا پروجيڪٽ تڪڙا اڪلائڻ لاءِ مالي سهائتا جي پيشڪش ڪرڻ تي مون سائين نثار ابڙو، سائين غلام مصطفى ۽ محترم سليمان وساڻ جن جون مهربانيون ادا ڪندي معزرت ڪئي هئي جو في الحال اهو ممڪن نه هو۔۔۔
    تنهن هوندي به سنڌ سلامت ڪيلنڊر 2012 پروجيڪٽ کان پوءِ ان ڳالهه تي سوچي سگهجي ٿو۔۔ ان سلسلي ۾ ادا طاهر سنڌي جن کي گذارش آهي ته جيئن ته سندن هڪ ڪتاب تازو ڇپائي جي مرحلي مان گذريو آهي ان ڪري جيڪڏهن سندن واقفيت ۾ ڪو پرنٽنگ وارو دوست هجي ته کائين ڪتاب جي ڇپائي جا تخمينا حاصل ڪن ته ان طرف قدم وڌائي سگهجي۔۔۔
     
  19. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    منهنجي خيال ۾ مالي مدد حاصل ڪرڻ ڪو برو ڪم ته نه آهي نه ئي وري ڪنهن هڪ فرد جي ڀلائي جو ڪم آهي جيڪڏهن چونڊ تحريرون ڳولي هڪ ميگزين ڇپائجي ته پوء دوستن کي مالي مدد جي اپيل ڪجي ته جيڪو پنهنجي خوشيء سان مالي مدد ڏيڻ چاهي ته اهو ڀلي پنهنجي طرفان رقم ٻڌائي پوء ڀلي ٿوري رقم ڇو نه هجي قطره قطره سمنڊ ٿيندو آهي جيڪڏهن فورم تي کلي طرح اعلان ڪرڻ ۾ ڪو عار سمجهي ته سائين عبدالرشيد جن کي پي ايم ذريعي آگاه ڪري ته جيئن فيصلي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ميگزين جي مد ۾ مان پنج سوء کان هزار ڊونيشن ادا ڪندس۔
     
  20. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب جن جي موضوعن ۽ تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڌجي

    سائين ڪتاب شايع ڪرڻ تمام بهترين عمل آهي پر ان کان اڳ رشيد صاهب جي ڳالهه سئو لهڻي ته ننڍا ننڍا پروجيڪٽ جام آهن سي به وسيلن جي اڻهوند سبب پورا نه پيا ٿين باقي صحيح ڳالهه ته اها به آهي ته سنڌ سلامت ڪو ادارو ناهي الله هن کي ترقي ڏي ۽ ادارو ٿئي باقي حال في الحال سنڌسلامت تي بهترين ڪم هلي پيو هاڻي جيڪر گهرج آهي ته ماهوار، ٽه ماهي يا ڇهه ماهي رسالي جي گهرج آهي جنهن تي خرچ به گهٽ ايندو ۽ ان جا اشتهار به ايترا گڏ ٿي ويندا جو خرچن جي پورائي ٿي سگهندي گڏوگڏ دوستن جي املهه مواد جي پرنٽڊ شڪل به تيار ٿي ويندي۔ يڪدم وڏو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ کان پهرين جيڪر اهو ننڍڙو ڪم هلائجي ته بهتر رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو