آمريءَ جا دڙا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    [​IMG]

    سنڌ جي قديم آثارن ۾ تمام اهم حيثيت جا هي دڙا ′26◦ 10 اتر ويڪرائي ڦاڪ 68◦ 01′ ڊگھائي ڦاڪ تي آمري شھر کان اتر- اتر اولهه اٽڪل 250 ميٽرن تي سيوھڻ- ڪوٽڙي روڊ جي ڀرسان ڄام شوري ضلعي ۾. انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي واقع آهن. انهن دڙن جو صفا مٿيون تهه اسلامي دور- گھڻو ڪري مغل دور جو آهي . ٻئي تهه ۾ جھڪر ۽ چانھون دڙو / سنڌو سڀيتا جا آثار آهن ۽ ٽيون تهه آمري ثقافت سان لڳاپيل آهي. فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون. اوڀر واري دڙي مان ٽي رھائشي تهه کوٽيا. صفا مٿئين تهه مان اسلامي خاص طور تي مغل دور جا آثار مليا آھن. ھن دور جون اڏاوتون گھڻو ڪري ڪچين سرن جون آھن، پر پڪيون سرون به مليون آھن. ٻئي تهه مان ٽئين سھيسر ق- م جا آثار ملن ٿا. مٿان مليل ٺڪراٺي کي جھڪر ۽ چانھون جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگھجي ٿو. ٽئين تهه مان ساماڻل سنڌو سڀيتا جي وٿن جھڙيون وٿون مليون آھن. ھنن آثارن سان گڏ پڪين سرن جو ھڪ خانو مليو آھي. جيڪو کوري طور ڪم آندل ٿي ڏٺو. ھن کان ھيٺ جيڪي شيون مليون آھن، تن کي آمري ثقافت سان لاڳاپيل سمجھجي ٿو. آمري دور جو ٺڪراٺو گھڻو ڪري چڪ تي لٿل آھي. پر ڪجهه ھٿ سان ٺھيل ڪڍنگو ٺڪراٺو به ملي ٿو. ڪوري زمين جي مٿان موجود ثقافتي ڪٽي کي ڇڏي، باقي مڙني تهن ۾ اڏاوت جا آثار ملن ٿا. ھتي اھڙيون اڏاوتون به مليون آھن، جيڪي چوڌاري بند آھن.نه در نه دري. ھي شڪل ۾ چورس آھن. ھنن ڪوٺين ۾ ھڪ ٿلھي ۽ کھري نادي رکيل ھئي، جنھن جي تري ۾ رک، جيڪا ڄمي سيمنٽ ٿي وئي؛ سا پيل ھئي. ناديون گھڻو ڪري ڀڳل ھيون. ان مان سمجھجي ٿو ته شايد ڪي ساميون ھيون جن جي نادين ۾ رکيل ھاٺي ھوندي. ٻئي تهه مان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙھي رنگ جو آهي جنھن تي ڪاري- تي ڳاڙھا پٽا آھن. اھو مشھور سنڌوءَ وارو ٺڪر آھي. ان کان سواءِ سنھي ڀت سان، ننڍي ڳچيءَ واري ٿانون جو ٺڪر، ڳاڙھسري- ناسي پٽن سان، اندران چاڪليٽي ليڪون نڪتل ٿانون وارو ٺڪر ملي ٿو. دنيا ۾ ”آمري ٺڪر“ کي الڳ سڃاڻپ آھي. ھن قسم جو ٺڪر بلوچستان جي به ڪيترن ماڳن تي مليو آھي. ميٽوڙي رنگ (pale) جو ٺڪر جنھن تي مختلف نموني جا چٽ نڪتل ھجن سو آمري ٺڪر طور سڃاپجي ٿو. ھي ٺڪر چڪ تي لٿل آھي. ھتي مسٽر مجمدار ٻه کڏا کوٽيا ھئا. (’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ جي ٿورن سان)
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    ادا. تمام بهترين شيئرنگ آهي. باقي توهان واري تصوير نظر ڪونه ٿي اچي
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا واصف بهترين ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا رنجيت فوٽو کي درست ڪيو ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا ابو واصف
    تمام بهترين شيئرنگ آهي زبردست
    اهڙي تحرير شيئر ڪرڻ تي توهان جس لهو
     
  5. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا واصف بهترين شيرنگ آهي توهان جي
    [​IMG]
     
  6. علي سرواڻ

    علي سرواڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Engineer
    ماڳ:
    Karachi
    بهترين شيئرنگ آهي
     
  7. abdulsalampanhwer

    abdulsalampanhwer
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آمريءَ جا دڙا

    ڏاڍو سٺوsindhsalamatsaathsal
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آمريءَ جا دڙا

    واقعي سائين ابوواصف اوهان کي جس هجي اوهان سنڌ جي تاريخي ماڳ جو ذڪر ڪري سنڌ جي تاريخ کي زنده رکڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي ان لاء اوهان جا لک ٿورا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو