ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ، نثرنويس ۽ براڊڪاسٽنگ جي شعبي جي مشهور شخصيت
    محترم مختيار ملڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

    ...............................

    مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر

    نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئترڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا.

    پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا :

    ٽم ٽم ٽانداڻا – 1981 جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو

    اماس ۾ به سوجهرو – 2001 جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو

    پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن۔[/JUSTIFY]


    غزل

    توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين
    صحرائن ۾ چور ٿياسين

    ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،
    يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين

    قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
    ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين

    ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،
    اسان به اڄ منصور ٿياسين

    لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون
    ايڏو اڄ مجبور ٿياسين

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 ڊسمبر 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت شاعر کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا​
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تمام بهترين براڊڪاسٽر ڪنهن وقت ۾ هن جي ميزباني وارا پروگرام خيرپور ريڊيو اسٽيشن تان شوق سان ٻڌندو هوس. ڳالهائڻ جو تمام سٺوفن رکندڙپياريون پياريون ۽ مٺيون بهترين ڳالهيون ڪندڙ۽ آواز به ڏاڍو پيارويقينن” هڪ سٺي براڊڪاسٽر۾ جيڪي شيون هجڻ کپن اهي سڀ هن ۾ آهن.

    اسان جي طرفان محترم مختيار ملڪ صاحب کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
    مختيار ملڪ، نظر محمد ڳاهو ۽ محمد سليمان وساڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون
    ايڏو اڄ مجبور ٿياسين


    زبر دست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو