گوگل طرفان پاڪستانين لاءِ فيس بوڪ جو واهيات اشتهار۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ 2011 جي تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي وئي جنهن تحت 2011 ۾ به پاڪستان 2010 وانگر پهريون ملڪ هيو جتي گوگل تي سڀ کان سيڪسيئول مواد ڳوليو ويو۔۔
    افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته 2010 کان وٺي ڪنهن به حڪومتي اداري اهڙين واهيات سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ يا ڪو قانون ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي نتيجو 2011 ۾ به ساڳيو ئي نڪتو ۽ ڪهڙي خبر ته 2012 ۾ به اهو ئي اچي۔۔۔
    هاڻي مٿين رپورٽ کان پوءِ دنيا پاڪستانين لاءِ ڇا پئي سوچي ان جو اندازو گوگل اشتهار مان لڳائي سگهجي ٿو جتي فيس بوڪ جو هڪ اهڙو اشتهار پاڪستان ۾ ڏيکاريو پيو وڃي جنهن سان شرم کان ڪنڌ جهڪيو وڃي۔۔۔
    ائين ٿو لڳي ته فيس بوڪ انتظاميه پاڪستانين کي مٿين ٻڌايل رپورٽ کان پوءِ توجه حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب ٿيندي ڪهڙي به قسم جو هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔۔ ڇو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان گوگل اشتهارن ذريعي فيس بوڪ جي تشهير فحش متن ذريعي ڪئي پئي وڃي۔۔ ٿورو توهان به اشتهار جو عنوان ڏسو۔۔۔

    [​IMG]

    مون کي حيرت آهي ڇو ته گوگل مان اهڙي قسم جي واهيات پن جي اميد نه هئي۔۔۔ ڇو ته پاليسي جي خلاف نه صرف انهن اهڙا اشتهار شايع ڪيا پر فيس بوڪ وارن جو کاتو به بلاڪ نه ڪيو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: گوگل طرفان پاڪستانين لاءِ فيس بوڪ جو واهيات اشتهار۔۔

    ادا واقعي ۾ اسان جو حال تمام خراب آهي۔ اسان جو نوجوان ڇوڪرا انٽرنيٽ تي گهڻو ڪري فحش ويب سائڻون ڏسڻ لا استعمال ڪندا آهي۔
    ان جي برعڪس انٽرنيٽ هڪ بهترين ڊريعو آهي سکيا حاصل ڪرڻ جو ۽ معلومات جي ڏي وٺ ڪرڻ جو۔ پر الائي ڇو اسين پوئتي وڃي رهيا آهيون۔ هاڻ ته پنجين ڇهين جا ٻار به اهڙيون ويب سائٽون ڏسڻ لڳا آهن۔
    مونکي اهي ڳاليون سوچي انتهائي افسوس ٿيندو آهي ته اسين مسلمان آهيون ۽ اسلام اسان کي بي حيائي کان سختي سان منع ڪري ٿو ان جي باوجود اسان جو اهو حال آهي۔
    الله پاڪ اسان کي هدايت ڏي ۽ سڌي رستي تي هلڻ جي به توفيق ڏي۔ آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گوگل طرفان پاڪستانين لاءِ فيس بوڪ جو واهيات اشتهار۔۔

    ادا گوگل وارن جو ڪهڙو ڏوه آهي يار پاڪستان ۾ نيٽ ڪيفي ۾ هر ڪمپيوٽر ۾ بلڪي ڪيفي وارن پهنجي سرور ۾ هر قسم جون گنديون فلمون سيو ڪيون پيا آهين تاڪي ڏسڻ وارا نوجوان ڇوڪرا گهڻي کان گهڻو اتي ويهن ۽ انهن جي ڪمائي ٿي پر انهن کي اها خبر نه آهي ته اسان ڪيترو نقصان ڪري رهيا آهيون پهنجي معاشري جو مان هڪ دفعو سکر نم جي چاڙهي فاسٽ ڪيفي نالي سان هڪ انٽر نيٽ ڪيفي ۾ ويس اتي مون انهن جي سرور ۾ جيڪو گند ڏٺو ان کان پوء مون توبه ڪئي ته مان ڪنهن نيٽ ڪيفي ويندس
     
  4. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گوگل طرفان پاڪستانين لاءِ فيس بوڪ جو واهيات اشتهار۔۔

    ادا رشيد واقعي شرم جهڙي ڳاله آهي ادا جيسي اسان وٽ ڪو سهي حڪمران نه ايندو تيسين اهڙي شين ۾ اڃان شايد واڌ ٿي سگهي ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو