گوگل سرچ ٽرينڊس ۽ پاڪستان۔۔۔ تصوير جو ٻيو رخ۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تازو هڪ آرٽيڪل نظر مان گذريو جنهن جي انگن اکرن مان اهو اندازو لڳايو ويو ته سال 2010 وانگر گذريل سال 2011 ۾ به گوگل تي لفظ sex سڀ کان وڌيڪ پاڪستان مان ڳوليو ويو ۔۔۔
    اهو پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هڪ اسلامي رياست جا ماڻهون نيٽ تي ويهي ڪهڙن عملن ۾ رڌل آهن۔۔ سوچيم ته ڇا واقعي اسان اخلاقي طور ايترو ڪري پيا آهيون جو هر وقت نيٽ تي بس اهو ئي عمل ڪرڻ ۾ رڌل آهيون۔۔ ان ڪري سوچيم ته گوگل ٽرينڊس کولي ڏسان ته سهي ان کان علاوه به اسان ڪو گوگل کان ڪم ورتو آهي۔۔۔
    ان حوالي سان گوگل تي پهريان لفظ Muhammad PBUH ڳوليو ته اهو ڏسي خوشي ٿي ته پوري دنيا ۾ لفظ محمد صلي الله عليه والسلم ڳوليندڙن ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي مليو۔۔۔

    [​IMG]

    اهڙي طرح جڏهن مون لفظ Islam ڳوليو ته پاڪستان جو نمبر ٽيون مليو۔۔

    [​IMG]

    لفظ Quran ڳولڻ ۾ به پاڪستان پهرين نمبر تي نظر آيو۔۔ ۽ حيرت ٿي عرب اسلامي ملڪن جي شهر باوجود پاڪستان جي ٽي شهر پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر سڀ کان وڌيڪ ڳوليندڙ مليا۔۔۔

    [​IMG]

    ان کان علاوه لفظ Education ڳولڻ ۾ به پاڪستان پهرين نمبر تي مليو۔۔۔

    [​IMG]

    اهڙي طرح لفظ English ڳوليندڙ ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي مليو۔۔۔

    [​IMG]

    ان کان علاوه لفظ Jobs ۾ پهريون۔۔۔ لفظ Physics ۽ لفظ Thesis ۾ ٻيو رهيو۔۔۔

    انهن تمام لفظن جي ڳولا کان پوءِ يقين ٿيو ته اڃان به هتان جا ماڻهون پنهنجي مذهبي، تهذيبي ۽ اخلاقي قدرن کي وساريو ناهي۔۔۔ جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهون انٽرنيٽ غير اخلاقي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۔۔۔ ۽ اهڙي عمل کي دنيا وڌائي ڪري پيش پڻ ڪيو پيو وڃي پر وس وارن کي گهرجي ته هتان جي ماڻهن جي سٺاين کي به پيش ڪيو وڃي۔۔۔ گڏ حڪومتِ وقت به گهرجي ته انٽرنيٽ مهيا ڪندڙ ڪمپنين کي لائيسنس ڏيڻ وقت اخلاق کان ڪريل مواد اڳيان فائروال لڳائڻ جو سختي سان شرط رکن ته جيئن ملڪ ۾ سٺاين کي عام ڪري سگهجي۔۔۔

    دعا آهي ته الله پاڪ اسان تي پنهنجو خاص ڪرم عطا فرمائي۔۔۔ (آمين)
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گوگل سرچ ٽرينڊس ۽ پاڪستان۔۔۔ تصوير جو ٻيو رخ۔۔

    ادا سائين ماشاالله۔توهان جي مٿين دريافت ٿيل ريسرچ۔اسان جي ملڪ جو مذهب سان لڳاء جو هڪ کليل مثال ظاهر ڪري ٿو۔اهو ته قانون قدرت آهي ته جنهن ماڻهو کي جنهن شيء سان زياده محبت هوندي آهي ان جي باري ۾ تفصيل حاصل ڪندو آهي۔جيڪڏهن اسان جي ملڪ جا سٽيزن نيٽ جي ذريعي پياري نبي صلي الله عليه وسلم ۽ قران پاڪ جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ معلومات حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳا پيا آهن ته ان کان وڌيڪ نيڪ عمل ڇا ٿئي سگهي ٿو ،توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا۔جيستائين پورنو گرافي سائيٽ کي وزٽ ڪرڻ جو سوال آهي،اها اسان جي ملڪ جي بدقسمتي اها ته صاحٻ اقتدار خصوصن پاڪستان ٽيلفون ڪيمنيڪيشن جي ڪرتا ڌرتا انهي طرف توجه نه ڏني آهي نه ته اها سڀ سائيٽون آساني سان بلاڪ ٿي پئي سگهن جيئن سنگاپور ۽ سعودي عرب ۾ بلاڪ ڪيون ويون آهن۔انسان جي فطرت ۾ اها شي شامل آهي ته جنهن شي کان ان کي روڪيو ويندو آهي،ڪوشش ڪري به اهو ڪم ڪندو آهي۔حضرت آدم عليه وسلم جو مثال آوهان جي سامهون آهي ۔انهن کي شجر ممنون جو ڦل کائڻ کان منع ڪيو ويو هئو ،ان جي باوجود به شيطان جي ڀهڪائڻ ۾ اهو ڦل کاڌائون۔نيتجو توهان جي سامهون آهي۔
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: گوگل سرچ ٽرينڊس ۽ پاڪستان۔۔۔ تصوير جو ٻيو رخ۔۔

    ادا تمام بهترين معلوماتي ونڊ ڪرائي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو