گهري سوچ واري سوالن جا جواب کپن۔۔۔

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ همراه پنهنجي پٽ سان ڪار ۾ سفر ڪري رهيو جو اچانڪ ايڪسيڊينٽ ٿي پيو۔۔۔ پيءُ موقعي تي وفات ڪري ويو ۔۔ جڏهن ته پٽ کي تڪڙو اسپتال تائين پهچايو ويو۔۔ جتي ڊاڪٽر چيو۔۔۔ ”مان هن ٻار جو آپريشن نه ڪري سگهندس جو هي منهنجو پٽ آهي۔۔۔ “
    اهو ڪهڙي طرح ممڪن ٿي سگهي ٿو۔۔۔؟

    هڪ همراهه تڪڙو جوس جي دڪان تي چڙهيو ۽ پيپسي گهري۔۔ دڪاندار لٺ ڏيکاريندي کيس اشارو ڪيو۔۔ ته همراه مهرباني ادا ڪندي ٻاهر نڪري ويو۔۔
    آخر ٻنهي وچ ۾ ماجرو ڇا ٿيو۔۔۔؟

    هڪ همراه کي مڪمل ڪاري ڊريس پهريل هئي۔۔ ڪارا جوتا، ڪارا جوراب، ڪارو ڪوٽ، ڪارو ٽرائوزر۔۔ رستي تي ويندي سامهون اچانڪ ڪاري ڪار ٿي آئي جنهن جون سرچ لائيٽس به بند هيون پر همراه تڪڙو سائيڊ ٿي جان بچائي۔۔۔
    همراه ڪار ڪيئن ڏٺي۔۔۔؟
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهري سوچ واري سوالن جا جواب کپن۔۔۔

    ابا ڳالهه ته تڪڙ ۾ سجهي ئي نٿي ته جواب ڇا ڏجي؟ خئير

    پهرين سوال جو جواب
    ڊاڪٽر ان ڇوڪري جي ماءُ هوندي ۔۔۔
    ٻي سوال جو جواب؛
    عرس پريو ئي ڏئي سگهي ٿو، جوس جي دڪان تي پيپسي ۽ لٺ ڏيکارڻ ۽ مهربانيون مڃڻ ۔۔۔ هڪ دفعي عرس سان ساڳي حالت ٿي هئي
    ٽين سوال جو جواب
    ڏينهن ڏٺي جو ڪار به نه ڏسي سگهندو ڇا؟ اکين تي ڪاري پٽي ٿوريءَ ٻڌل هيس ۔۔۔

    ابا گهري سوچ ڪرڻ جو وقت ناهي انڪري تڪڙا جواب ڏنا اٿم، باقي دوست ڏسون ته ڇا ٿا چون؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو