شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي ويو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [​IMG]

    ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جو تحقيقي مقالو ”شاهه لطيف رح جي ڪلام ۾ مرد ڪردار روشني پبليڪيشن پاران ڪتابي صورت۾ ڇپجي پڌرو ٿِي ويو.

    رپورٽ ۽ تصوير : نثاراحمدناز


    [JUSTIFY]ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون صاحب جو لکيل تحقيقي مقالو ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“جنهن تي کيس ڪراچي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي هُئي سنڌ جي نامياري پبليڪيشن ”روشني“ پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾ مرد ڪردارن تي تحقيق جي حوالي سان تمام زبردست کوجنا ڪئي آهي،سنڌ جي گهوٽ لاکيڻي لطيف پنهنجي رسالي ۾ عورت ڪردارن جن کي اسان شاهه جون سورميون ،سسئي، سُهڻي، نوري، لِيلا، مومل، سورٺ ۽ موکي ڪري ڪوٺيندا آهيون جو ذڪر اهڙي ته سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي جو شاهه جي رسالي جا سمورا سُر عورت ڪردارن جي شاندار ڪارگُذاريءَ سان ڀريا پيا آهن مگر اسان جي لاڙ پٽ جي سنڌي ڏاهي محترم ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي پنهنجي هن تحقيقي مقالي ۾ تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ مردن جا ڪردار به هر حوالي سان سارهائڻ جوڳا آهن ،اهي ڪردار جيڪڏهن نه هُجن ها ته شايد لطيف جي سورمين جو ذڪر نکري ۽ اڀري نه سگهي ها هن تحقيقي ڪتاب ۾ انسان کي ڇو پيدا ڪيو ويو قراني حوالن سان سمجهايو ويو آهي تي به چڱو خاصو بحث ڪيو ويو، سنڌ جي هر ماڻهو کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِهن ڪتاب جو پڙهڻ ضروري آهي، جيڪڏهن اسان لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ ٻي پوشيده عنصر مرد پازيٽو ڪردارن جي پروڙ چاهيو ٿا ته اسان کي گهرجي ته فوري طور هن ڪتاب کي خريد ڪري پڙهون، ۽ پنهنجي علم ۾ اظافو ڪريون ،هن ڪتاب کي پنهنجي لائبريرين ۾ رکي پنهنجن لائبريرين جي سونهن کي چار چنڊ لڳايون سنڌ جي مسقبل سنڌي شاگردن لاءِ ته هي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ ته لازمي لازمي آهي ڇو جو لاکيڻي لطيف جي ڪلام جي هر پهلو جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان ئي هو سنڌ جي گهوٽ لطيف سائين جي آفاقي ڪلام سان پنهنجي لازوال محبت جو حق ادا ڪري سگهن ٿا، 450 صُفحن جو هي ڪتاب بازار ۾ آساني سان توهان کي ملي سگهي ٿو هن ڪتاب جي قيمت صرف 500 روپيه آهي اسان جو فرض ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي سنڌي ڪتابن کي پڙهون ، اهي ڪتاب پڙهي انهن تي عمل به ڪريون [/JUSTIFY]

    خادم الادب
    نثاراحمدناز
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت
    ٽنڊومحمد خان
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي ويو

    يقينن هي ڪتاب انتهائي جاندار ۽ پڙهڻ وٽان هوندو۔۔۔ جو ڀٽائي جي بيتن ۾ عورت جو ڪردار ته ڪنهن کان ڳجهو آهي ئي ڪونه۔۔۔ سندس سرن ۾ به اهو ڪردار موجود آهي۔۔ پر مرد جي ڪردار جي کوجنا ڪري يقينن ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ ڪئي هوندي۔۔۔
    ڪوشش ڪبي ته ڪتاب جي جلد ڪاپي هٿ ڪجي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي ويو

    ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جس لهڻو جنهن لطيف تي لکيل تحقيقي مقالي ”شاهه لطيف رح جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“ کي واضح ڪري پيش ڪيو آهي۔ لطيف جا گهڻا سُر ئي عورت ڪردارن تي آهن ۽ انهن تي گهڻو لکيو به ويو آهي۔ مرد ڪردارن تي لکيل هي اهم مقالو هوندو۔

    مهرباني سائين نثار ناز اوهان اهم ڪتاب بابت شيئرنگ ڪئي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي ويو

    بلڪل وڏا ۔۔۔۔۔۔! محترم محمد ابراهيم سنڌي جو هي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي هي ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ آهي جيئن ئي ڪتاب پڙهي پورو ڪندس ته هن ڪتاب جي باري ۾ هڪڙو مقالو لکڻ جي ڪوشش ڪندس ، توهان کي ياد هوندو ته جڏهن ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي کي هن ٿيسس جي مڪمل ڪرڻ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ جي خوشي ۾ سندس اسڪول جي ساٿين سائين محمد ابراهيم سنڌي کي هڪڙو آجياڻو ڏنو هو جنهن جي تفصيلي رپورٽ تصويرن سميت مان پهرين ئي توهان دوستن سان ونڊي چُڪو آهيان ، ادا پنهنجي پهرين فرصت ۾ هن ڪتاب جي ڪاپي هٿ ڪريو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي ويو

    آئون ٿورائتو آهيان محترم سليمان وساڻ صاحب جو جنهن منهنجي هي پيرائتي رپورٽ پڙهي ان تي پسنديدگي جو رايو لکيو، ادا هي ڪتاب انتهائي ڄاڻ جو خزانو آهي عنقريب هن ڪتاب جي باري ۾ هڪڙو مضمون ضرور لکندس۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار تحقيقي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي ويو

    ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي صاحب جس لهڻن ۔کين سندن پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان واڌيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. صوفي شفيق احمد حسيني

    صوفي شفيق احمد حسيني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نثار ڀا هي ڪتاب اسان جي شهر ۾ نٿي ملي۔ مهرباني ڪري ڪجهه شهرن جا نالا ٻڌائيندا ته جيئن ڪتاب ڳولهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اسان دعا ٿا ڪيون ته جلد کان جلد اهو ڪتاب سنڌ سلامت جي سونهن بڻجي ته اسان انٽرنيٽ وسيلي ان ڪتاب جو مطالعو ڪري سگهون، اميد ته انتظاميه ڪوششون ڪري هي ڪتاب اي بڪ جي سيريز ۾ شامل ڪري اسان کي سهولت مهيا ڪندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي سمون صاحب جو لکيل تحقيقي مقالو ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار“ پڻ پڙهڻ وٽان هوندو، سندس تحريون مان پڙهندو رهندو آهيان خاص ڪري شاهه صاحب تي لکيل مضمون، پاڻ ماهوار السنڌ رسالي جا پڻ ميمبر رهيا آهن ۽ ابراهيم صاحب جي ان رسالي جي نسبت پاڻ سان به سلام دعا رهي آهي، سندس ڪجهه خط مون ڏانهن لکيل پڻ مون وٽ موجود آهن، جنهن ۾ پڻ منهنجي حوصله افزائي ڪندا رهيا آهن. سندس مقالي جون عنوان به بهترين عنوان آهي، جنهن ۾ مردن جي ڪردار کي نمودار ڪيو ويو آهي، ۽ اهيو ته وري پڙهڻ کان پوء ئي خبر پوندي ته اسان مردن ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن جن کي شاهه صاحب پسند ڪيو آهي.محمد ابراهيم صاحب سنڌي ادب جا خاموش ڪارڪن آهن ۽ پنهنجو ڪم خاموشي سان ڪندا رهندا آهن.ابراهيم صاحب شاه ڪريم بلڙي جي لڳ ڀڳ ڳوٺ خير محمد سمي ۾ پيدا ٿيا . سندسجنم جي تارخ 5 نومبر 1953 آهي سندس ابتدائي تعليم اتي ئي ٿي ،اِ انهيءِ کانپوءِ پاڻ عبدارحيم ڪاتيار ۾ داخله ورتائين جتي اٺين درجي جو امتحان پاسڪري بدين جي لڳ رپ جي ڊي جي هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين جتي نائون ڪلاس پاسڪيائين ان زماني ۾ عبدرالحيم هاءِ اسڪول ٿيو جنهن ڪري پاڻ واپس اچيعبدالرحيم هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين . انهيءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحانپاس ڪيائين . غريب هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم تعليم حاصل نه ڪري سگھيو ان ڪري ترتنو ڪري جي ڪوشش ڪيائين سندس ڪوششن رنگ لاتو۽ پرائمري استاد طور مقرر ٿيا .سندس مقرري وارو زمانو 1973 هو . حيدرآباد ٽريننگ ڪالج مان پي ٽي سي پاسڪيائين انٽر سجاول ڪاليج مان جڏهن ته بي اي ، ايم اي سنڌي ادب م حيدر آبادڊگري ڪاليج مان حاصل ڪيائين . پاڻ تعليمي معاملي ۾ خاموش نه رهيا پر سندس تعليم جو سلسو جاري رهيو ۽ ان تعليمي سلسي جي جاري هجڻ جي ڪري اسان کي اهڙو ڪتاب مليو آهي.دعا آهي ته رب پاڪ سندس عمر دراز ڪري ۽ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جون خدمتون ڪرڻ جي سگهه عطاء ڪري آمين.
     
    ابراهيم لاشاري، TAHIR SINDHI ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو