1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت ايوب عليه اسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت ايوب ع جا ٻه ڀائُر
    ابن ابي حاتم، عبدالله بن عبيد بن عمير کان روايت آهي ته حضرت ايوب ع جا ٻه ڀائُر هُئا. هو هڪ ڏينهن ساڻن ملڻ آيا پر بدبوءِ جي ڪري ويجهو نه اچي سگهيا ۽ پري کان ئي بهي ڳالهائڻ لڳا. هڪ چوڻ لڳو، جي ايوب ع ۾ ڪا ڀلائي هُجي ها ته ته هو ايتري قدر مصيبت ۾ مُبتلا نه ٿئي ها، پاڻ ڀائرن جي اها ڳاله ٻُڌي ايترو ته روئڻ لڳا جو ان کان پهرين ايتو ڪڏنهن به نه رونا هُئا. الله جي بارگاه ۾ عرض ڪرڻ لڳا ته؟ الله ج تو چاڻي ٿو ته مون ڪا به رات کائي نه گُذاري آهي جڏنهن مونتي آشڪار ٿيو هُجي ته ڪو بُکيو سُتو آهي، تون ج مُهنجي ڳاله جي تصديق ڪر! الله ج آسمان مان ئي تصديق ڪئي جنهن کي ٻنهين ڀائُرن ٻُڌو. پاڻ پوءِ عرض ڪرڻ لڳا” اي الله ج جي تون تصديق ٿو ڪرين ته ائين ڪڏنهن به ناهي ٿيو ته تصديق ڪر ته جي مون وٽ ٻه قميصون هُيون ته مون هڪ الله ج تنهنجي راه ۾ ڏني!“ آسمان مان الله ج وري تصديق لاٿي (ڪئي) جيڪا ٻنهين ڀائُرن ٻُڌي. پاڻ ع وري عرض ڪرڻ لڳا” اي مُنهنجا الله ج تُهنجي عزت جو قسم! ۽ پوءِ مٿو سجدي ۾ رکي ٻاڏايو! ” اي الله ج مونکي تُهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! ايستائين مٿو سجدي مان ٻاهر نه ڪڍندس، جيستائين تون ج مُهنجي تڪليفن کي ڏور نه ڪندي“ پاڻ سجدي ۾ ئي هُئا ته سندن سموريو تڪليفون ختم ٿينديون ويون.
    ابن ابي حاتم، حضرت انس بن مالڪ رضيه کان روايت ڪن ٿا ته ”نبي صلعم جن فرمايو ته” حضرت ايوب ع 18 سالن تائين بيمار رهيا هُئا ۽ پنهنجن پراون سڀني کين ع ڇڏي ڏنوهو ، صرف ٻه ماڻهون ساڻن گڏ هُئا اهي ٻئي سندن ڀائُر هُئا ۽ ايوب ع سان گهڻي مُحبت ڪندا هُئا، هو صبح شام ساڻن ملڻ ايندا هُئا. هڪ ٻئي کي چيو هو ته” خبر اٿئي ايوب ع ڪو اهڙو گُناه ڪيو آهي جيڪو ٻي ڪنهن به ڪون ڪيو هوندو، ٻئي پُڇيو ته اهو ڪهڙو گُناه هوندو جيڪو ايوب ع کان سر ٿيو هوندو، پهرئين چيو ته 18 سال ٿيا آهن پر هن جي رب! ان تي نظر رحمت ناهي وڌي ته هو ٺيڪ ٿي وڃي ۽ جڏنهن ٻئي ڀا؟ُر ايوب ع وٽ آيا ته انهن کان رهيو نه ٿيو ۽ هُنن اهو ذڪر ايوب ع سان به ڪري وڌو. جنهن جي جواب ۾ ايوب ع وراڻيو هون ته خبر ناهي ته توهان ڪهڙي ڳاله پيا ڪريو؟ ها اللج عزوجل ڄاڻي ٿو ته جڏنهن مان ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسندو هوس ۽ ڏسندو هوس ته هو قسم پيا کڻن ته مان گهر ويندو هوس ۽ انهن ٻنهين جي ڀرفا ڪُفارو ادا ڪري ڇڏيندو هوس ته ڪٿي هنن بلا وجه الله جو قسم ته کڻي ورتو آهي“
    حضرت ايوب ع جڏنهن ڪاڪوس ڪرڻ ويندا هُئا ۽ ڪاڪوس ڪرڻ کان پوءِ جڏنهن سندن زال سندن هٿ مُبارڪ کڻي اُٿاريندي هُين ۽ هو واپس اچي ويندا هُئا ته هڪ ڏينهن سندن زال کي اچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ اُتي الله ج جي وحي لٿي” ارڪض برجلڪ. هذا مغتسل بارد و شراب“ حڪم ٿيو، پنهنجو پير (زمين تي) هڻ، هي وهنجڻ لاءِ ٿڌو پاڻي آهي ۽ پيئڻ لا3 به“ سندن زال رضيه جڏنهن ديرسان پُهتي ۽ کين تلاش ڪرڻ لڳي ته ايوب ع انهن وٽ وڌڻ لڳا، الله ج کين صحت ۽ تدرستي عطا ڪري ڇڏي هُئي ۽ هاڻ پاڻ پهرين کان به وڌ حسين وجميل لڳي رهيا هُئا، جڏنهن زال کين ڏٺو ته سُڃاڻي نه سگهيون ۽ چوڻ لڳون” الله ج توتي برڪت عطا ڪري! ڇا و الله جي نبي کي ڏٺو جيڪو هتي بيماريءَ جي حالت ۾ ويٺو هو؟ الله ج جو قسم! مون ڪنهن به ماڻهوءَ کي اڄ تائين توسان وڌيڪ ساڻم ع مشاهبت ۾ ناهي ڏٺو، جڏنهن هو صحتمند هوندا هُئا؟ پاڻ ع فرماين ته مان ئي ايوب ع آهيان.
    چون ٿا ته سندن ٻن قسمن جو زمينون هُيون، هڪ ڪڻڪ جي پوک لاءِ ۽ ٻي جَوَن جي پوک لاءِ. الله ج ڪڪرن (بادل) جا ٻه ٽڪڙ موڪليا، جڏنهن ڪڪرن جو هڪ ٽڪڙو ڪڻڪ جي ٻنيءَ تي ڪريو ته هو سون سان ڀرجي ويو ايستائين جو سون انهن جي ڪنارن تان به ٻاهر نڪري آيو، ۽ ٻيو ٽُڪرو جيڪو جون جي ٻنيءَ تي ڪريو هو اُهو چانديءَ سان ٽمٽار ٿي ڀرجي آيو ۽ چاند ڪنارن کان به ٻاهر نڪرڻ لڳي. (ابن جرير).
    حضرت ابن عباس رضيه کان روايت آهي ته نبي صلعم جن فرمايو ته الله ج ،ايوب ع کي جنتي پوشاڪ پارائي ۽ پاڻ ع هڪ پاسي ٿي ويهي رهيا ته سندن زال محترمه آيون پر کين ع سُڃاڻي نه سگهيون ۽ پُڇڻ لڳين ته اي الله ج جا ٻانهان! اهو بيمار شخص ڪيڏانهن ويو جيڪو هتي رهندو هو؟ ڪعي اُن کي ڪُتا کائي ويا يا بگهڙ کڻي ويا؟ ڪُجه دير پاڻ ساڻن ڳالهائينديون رهيون. پاڻ ع فرماين ته تُهنجو ڀلو ٿئي مان ايوب ع ئي آهيان، چڻ لڳي” اي الله ج جا ٻانهان تون مونسان ڀوڳ ٿو ڪرين؟ پاڻ ع فمائڻ لڳا ته الله تُهنجو ڀلو ڪري مان ايوب ع ئي آهيان. الله ج ُنجو جسم مونکي ورائي ڏنو آهي. ابن عباس رضيه چون ٿا ته الله ج کين پنهنجو وڃايل مال متاٿ به واپس ورايو ۽ گڏوگڏ ٻيو به ڏنو ۽ اولاد سان به نوازيو. ابو هريره رضيه کان روايت آهي ته نبي لعم جن فرمايو ته” جڏهن رب العالمين ايوب کي عافيت بخشي ته سندن مٿا سون جي مڪڙن جي بارش ڪئي ۽ پاڻ انهن کي هع مُبارڪن سان پڪڙي پڪڙي،ڪپڙي ۾ ويڙهي رکندا ويا ۽ چون ٿا صلعم، انهن ع کان پوءِ پُڇيو وو ته ڇا بهرجي نه ويئو؟ ته پاڻ ع الله ج کي چوڻ لڳا ته تنهنجي ج جي رحمت کان ڪير نه گهڻي ۾ گهڻو ڀرجڻ چاهيندو؟ همم بن منبه، ابو ريره رضيه کان روايت ڪن ٿا ته ايوب ع اُگهاڙو وهنجي رهيا هُئا تهاُ وقت مٿائن سون جي مڪڙن جو هڪ گروه اچي ڪريو” و اتيناه اهله و مثلهم معهم( سوره الانبياءِ) ۽ اسان عطا ڪو ان کي هن جو گهراڻو، اوترو ئي ۽ ان سان گڏ پنهنجي رحمت خاص ۽ هي نصيحت آهي عبادت گُذارن لاءِ“ ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته ايوب ع جا وفات ڪيل پُٽ ۽ نياڻيون به زنده ڪيون ويون، ڪن مفسرين جي بقول فوت ٿيل ٻارن جي بدلي ۾ نيڪ اولاد ڏنو ويو (والله اعلم). حضرت ضحاق ابن عباس رضيه کان روايت آهي ته الله ج ايوب ع کي پورو شباب موٽائي ڏنو ۽ پاڻ پهرين کان به وڌ صحتمند، توانا ۽ خوبصورت ٿي پيا، کين 26 ٻار ڄاوا ۽ بيماريءَ مان نڪرڻ کان پءِ پاڻ 70 سالن تائين روم ۾ دين ابراهيميءَ جي اشاعت ڪندا رهيا ۽ سندن وفات کان پوءِ اُتي جي ماڻهن پنهنجو دين بدلائي ڇڏيو“ قرآن جي آيت” وخذ بيدڪ ضغثا فاضرب به ولا تحنث انا وجدناه صابرا. نعم العبدانه اواب..(سوره ص) ۽ (حڪم ملي) پڪڙ پنهنجي هٿن سان تيلين جو هڪ جهڳو ۽ ان سان مار ۽ قسم نه ٽوڙ. بيشڪ اسان پاتو ان کي صبر ڪرڻ وارن مان، وڏين خوبين وارو بندو، هروقت سان طرف متوجه ٿندڙ“چون ٿا ت پاڻ قسم کنيو هُئائون ته پنهنجي زال کي 100 ڪوڙا هڻندس، چيو وڃي و ت اهو قسم ان لاِ کنيو هُئائون ته سندن زال پنهنون ٻه سيندهون ڪٽي وڪڻي ڇڏيون هُئائون، ۽ الله ج پنهنجي نبي ع کي پنهنجي قسم کڻڻ ۾ سهولت ڏني“ هڪ ٻيو قول به اچي ٿو ته سندن زال رضيه کي شيطان طبيب جي صورت ۾ مليو هو ۽ هن ايوب ع لاءِ دوا تجويز ڪئي هُئي، پاڻ سمجهي نه سگهيون ُيون ۽ ان دوا جو تذڪريو ايوب ع سان ڪيائون، پاڻ ع شيطان جي چال سجهي ويا ۽ قسم کنيو هُئائون ته هن غلطيءَ جي پاداشت ۾ پنهنجي زال کي 100 ڪوڙا هڻندا. جڏنهن الله ج کين صحت ۽ عافيت عطا ڪئ ته گڏ اهو به حڪم ڏنائون ته قسم نه ٽوڙجو ۽ پنهنجي زال کي هڪ مُٺ ڪکن سان ماريو ۽ پاڻ ائين ئي ڪري پنهنجي قسم پوري ڪيائون. (والله اعلم)
    علامه ابن جرير ۽ ٻيا عالم و تاريخدان لکن ٿا ته ايوب ع جي عمر 73 هُئي ته هو هن فانيدُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا هڪقول ۾ اڃا عمر وڌيڪ ٻڌائجي ٿي. مُجاهد کان روايت آهي ۽ هن ج مفهوم هي آهي ته الله ج سوليمان ع کي پئسي وارن جي امهون بطور دليل پيش ڪندو، يوسف ع کي غلامن جي سامهون ۽ ايوب ع کي مصبتزدن جي سامهون. حضرت ايوب عوفات ڪرڻ وقت پنهجي پُٽ ”حومل“ ک نصيحت ڪندي فرمايو ع ته سندن وفات کان پوءِ ”حومل“ دين جي اشاعت جو ڪم سنڀالي ۽ ان ڪم ۾ سندس ڀاءُ ”بشر بنايوب“ ان جي مدد ڪري ۽ انهن جي متعلق گهڻائي عالم چون ٿا ته ااهي قرآن پاڪ ۾ ”ذوالڪفل“ جي نالي سان مشهور آهن (والله اعلم) سندن فرزند ”حومل“ ڪن عالمن جي ويجهو نبي هُئا ۽ نهن جي عمر 75 سال هُئي ۽ جيئن ته ڪن ماڻهن جي را3 ۾ ”ذوالڪفل“ ايوب ع جا پُٽ هُئا ته اڳتي هلي اسان حضرت ”ذوالڪفل“ جو ذڪر خير به ڪنداسون.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    حضرت ايوب عليه الصلات والسلام تمام گهڻا مالدار هُئا
    عالمن جو تفسيرون ۽ تاريخن ۾ لکيل آهي ته حضرت ايوب عليه الصلات والسلام تمام گهڻا مالدار هُئا، پاڻ ع وٽ هر قسم جو مال متاع، جانور، وسيع زمين، وڏو علائقو، هر غرض هر شي هئي. ابن عساڪر بموجب هي تمام اُنهن وٽ بلا شرڪت غيري هو ۽ ان سان گڏوگڏ الله ج کين الاهي پُٽ ۽ نياڻيون به عطا ڪيون هُيون. ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو سندن سموري ملڪيت لُٽجي وئي، خاندان فنا ٿي ويو ۽ جسم مُبارڪ به بلائُن ۽ تڪليفُن جو آمجگاه بڻجي ويو، دل ۽ زبان کان علاوه سندن جسم جو ڪو به عضوو بيماري ۽ تڪليف کان محفوظ نه بچيو هو. الله ج سندن دل ۽ زبان کي ان لاءِ محفوظ رکيو ته جيئن هو ذڪر الاهي ڪري سگهن. هنن سموري تڪليفن جي باوُجود پاڻ صابر ۽ شاڪر هُئا. رات ڏينهن، وقت جو لمحو لمحو پنهنجي رب جي ياد ۾ رهندا هُئا ۽ لله کان شڪايت جو هڪ لفظ به سندن زبان مُبارڪ تي ڪونه ايندو هو. جڏنهن سندن بيماري وڌي وئي، گڏ رهندڙ ڌار ٿيڻ لڳا، دوست پري هلي ويا ۽ ڳاله ايستائين اچي رسي جو کين ع کي شهر مان ٻاهر ڪڍي ڪچري جي هڪ ڍير تي اُڇلايو ويو، سڀ پنهنجا پراوا ساع ڇڏي چُڪا هُئا ۽ ڪو به سندن حال پُڇڻ نه ايندو هو، صرف ۽ صرف سندن زال ساڻن گڏ هُيون.
    هن خوشقسمت خاتون دوستي ۽ ساٿ نڀايو سندن شفقتن ۽ احسانن جي پوري پاسداري ڪئي ۽ بيماريءَ ۾ سندن مُسلسل خبرگيري ڪندي رهي ۽ هڪ لمحي لاءِ به جُدا نه ٿي ايسائين جو کين پيشاب 7 ڪاڪوس لاءِ کڻي ويندي هُئي الغرض سندن هر ضرورت پوري ڪندي هُئي، ايستائين حالت وڃي رسي هُئي جو هڪ پئسو به گڏ پاڇي نه هون ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري پنهنجي مُڙس جي کاڌي پيتي ۽ دوا درمل جو بندو بست ڪندي هُئي، مال ڇنجي ويو، اولاد داغِ جُدائي ڏئي ويو ۽ ايوب ع بيماريءَ ۾ لاچار ٿي ويا. بس سند زال هر مصيبت وقت اهو ئي” انا لله و انا اليه راجعون“. صحيح بُخاريءَ کان ثابت آهي ته نبي صلعم جن ماڻهن درس ڏيندي فرمائيندا هُئا ته” ماڻهن مان وڌ ۾ وڌ مشلاتون ۽ مُصيبتون نبين الصلات والسلام (عليهما) سٺيون هُيون پوٰءَ صالحين سٺيون ۽ اهڙي ترتيب سان هيٺين طبقن“ پاڻ صلعم اهو به فرمائيندا هُئا ته ماڻهن کان سندن دين مطعلق امتحان وٺجي ٿو ۽ جنهنجي دين باري ۾ پختگي هوندي آهي ته سندس مصيبتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو“ اهڙيءَ ريت ايوب ع تي به تڪليفن ۽ مُشلاتن جو اضافو ڪري سندن دين جو امتحان ورتو ويو ۽ کين هر وقت صابر ۽ شاڪر لڌو ويو“ بقول مُجاهد رح ، ايوب ع اُهي پهريان شخص هُئا جن کي چيچڪ جي بيماري ٿي هُئي، اها بيماري ڪيترو عرصو هلي، ان باري ۾ مختلف قول آهن. بقول وهب ابن منبه اها بيماري 3 سال هلي، نه هڪ ڏينهن گهٽ نه هڪ ڏينهن وڌ. انس رضيه بقول 7 سال ۽ ڪي مهنا، ۽ کين بني اسرائيل ج هڪ ڪچري خاني تي اچلايو ويو هو، جنهن مان ڪيڙا ماڪوڙا سندن ع جسم مُبارڪ تي هلندا ڦرندا، ماس کائيندا رهيا ۽ پوءِ الله ج کين صحت ۽ تندرتي عطا ڪئي. بقول حميد پاڻ ع چيچڪ جي بيماريءَ ۾ 18 سال مُبتلا رهيا (والله اعلم). سدي رح جي راءِ آهي ته سند جسم مُبارڪ جو گوشت بلڪل سڙي چُڪو هو صرف هڏيون ۽ پٺا وڃي بچيا هُئا ۽ سندن زال رضيه سندن ع لاءِ راک کڻي اينديون هُيون ۽ هٺان وڇائي ڏينديون هُيون ۽ کين چونديون هويو ته اي مُهنجي سر جا تاج ع! جي توهان الله ج کان دُعا پنو ته ضرور شفاياب ٿي پوندئو! پاڻ ع فرمائيدا هُئن ته مون ع صحت ۽ تندرستيءَ ۾ 70 سال گُذاريا آهن ته ڇا مان الله جي طرفان آيل هن مصيبت لاءِ 70 سال وڌيڪ صبر نٿو ڪري سگهان؟ او ٻُڌي پاڻ روئي پنديون ُيون. آخر هڪ اهڙو به وقت آيو جو جن گهرن ۾ پاڻ ڪم ڪري ايوب ع جي کاڌي پيتي، دوا درمل لاءِ ويندون هُيون انهن به سندن گهر ۾ اهو چئي اچڻ کان منع ڪئي ته جيئن ته هو بيمار ايوب ع جي خدمت۾ ٿي رهي، ۽ وري سندن گهرن ۾ ڪم ڪرڻ ٿي اچي متان ايوب ع جي بيماري ان ڪري سندن گهر وارن ۾ وچڙجي نه وڃي. پوءِ پاڻ پنهنجي وارن جي ڇُڳي کي ڪنهن امير زاديءَ کي وڪيو جنهن بدلي ۾ ان امير زاديءَ کين لذيذ کاڌ ڏنو جيڪو جڏنهن ايوب ع کي کارائڻ ويون ته پاڻ ع پُڇين تهاهو لذيذ کاڌو ڪٿان آيو، پاڻ چوڻ لڳيون ته ان بدلي ۾ ماڻهن جي خدمت (نوڪري) ڪئي آهي، پاڻ ع حيران ٿي ويا، ٻي ڏينهن به ائين ٿيو ۽ کين نوڪيءَ ته نه رکيو ويو ته پاڻ پاڻ هڪ ٻي وارن جي ڇُڳي کي وڪڻي لذيذ کاڌو آندو ۽ پاڻ وري حيران ٿي چوڻ لڳا الله جو قسم مان ع اهو کاڌو ڪوه کائيندس جيستائن سچ نه ٻُڌيئينيئن ته اهو ڪٿا آيو آهي، پاڻ پنهنجو مٿي تان رئو لاٿو ته سندن وار ڪوڙيل هُئا ۽ مٿو ٺوڙهو هو! اهو ڏسي ايوب ع کي صدمو رسيو 7 پاڻ الله جي بارگاه الاهي ۾ عرض رڻ لڳا” اني مسني الضر و انت ارحم الراحمين (سوره الانبياه) مونکي پُهتي آهي سخت تڪليف ۽ تون ئي رحم ڪندڙ رحمان آهين“
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ايوب عليه الصلات والسلام جو تعلق اهل روم سان هو
    حضرت ايوب عليه الصلات والسلام جو تعلق اهل روم سان هو. سندن شُجرو هن ريت آهي”ايوب بن موص، بنزارح، بن العيص، بن اسحاق ع بن ابراهيم ع.“ هڪ ٻي مورُخ ويجهو” ايوببن موص، بن رعويل، بن العيص، بن اسحاق ع، بن يعقوب ع“ ان کان علاوه به گهڻئي قول ملن ٿا.(والله اعلم).
    بموجب ابن عساڪر،سندن والده ماجده لوط ع جي ڌيءَ هُيون ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندن والده ماجده اُنهن خوشنصيبن مان هڪ هُيون جن حضرت ابراهيم عليه اصلات والوسلام تي انهيءَ وقت ايمان آندو هو جڏنهن کين رح باه جي اوڙاه ۾ وڌو ويو هو ۽ باه الله ج جي حڪم سان ٿڌي ٿي وئي هُئي. ”و من ذريته داود و سليمان و ايوب و يوسف و موسيٰ و هارون (سوره انعام). هي آيت ثابت ٿي ڪري ته پاڻ ابراهيم ع جي اولاد مان هُئا کو جو (ذريته) جو مرجع ابراهيم ع مان آهي ۽ نه ڪه نوح ع مان. “ ايوب ع انهن نبين مان آهن جن جي بعث جي باري ۾ قرآن ڪريم جون نصوص لٿيون آهن. ”انا او حينا اليڪ ڪما او حينا الي نوح والنبين من بعده و او حينا الي ابراهيم و اسماعيل و اسحاق و يعقوب و الاسباط و عيسي و ايوب (سوره النساءِ). بيشڪ اسان وحي موڪلي اوهان وٽ جنهن وحي موڪليسون نوح وٽ ۽ انهن نبين وٽ جيڪي نوح کان پوءِ آيا ۽(جيئن) وحي موڪليسون ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ انهن جي پُٽن ۽ عيسيٰ، ايوب..“
    صحيح اهو آهي ته پاڻ ”العيص بن اسحاق ع“ جي اولاد مان آهن، ايوب ع جي زال”ليا“ بنت يعقوب ع جي نسل مان آهن ۽ اهو ئي گهڻو مشهور آهن. ”و ايوب اذ نادي ربه اني مسني الضر و انت ارحم الراحمين. فاستجبنا نا له فڪشفنا ما به من ضرو اتيناه اهله و مثلهم معهم رحمه من لدنا و ذڪري للعابدين (سوره الانبياه). ۽ ياد ڪريو اسان جي ٻانهين ايوب کي جڏنهن اُن سڏيو پنهنجي رب کي (الاهي) پُهچائيو آهي مونکي شيطان گهڻي تڪليف ۽ ڏُک (حڪم ٿيو) پنهنجو پير (زمين تي) هڻ. هي وهنجڻ لاءِ ٿڌو پاڻي آهي ۽ پيئڻ لاءِ. ۽ اسان عطا ڪيو ان کي، ان جي گهراڻي کي، ۽ ان وانگر ٻين کي، ۽ ان سان گڏ بطور رحمت پنهنجي ۽ بطور نصيحت عقل وارن لاءِ. ۽ (حڪم مليو) جهلي بيهُ پنهنجي هٿن سان تيلين جو هڪ جهُڳو ۽ ان سان ماريو ۽ قسم نه ٽوڙيو. بيشڪ اسان ڄاتو ان کي صبر ڪرڻ وارو، وڏي وبين وارو ٻانهون، هر طرف متوج رهدڙ اسان طرف“
    ابن عساڪر، ڪلبي کان روايتٿو ڪري ته سڀ کان پرين جيڪو نبي ع لٿو اُهي ادري ع آهن، کائن پوءِ نوح ع، پوءِ ابراهيم ع، اسماعيل ع، اسحاق ع، يعقوب ع، لوط ع، هود ع، صالح ع، موسيٰ ع، هارون ع، الياس ع، اليسع ع عرفي بن سويلخ بن افرائيم بن يوسف بن يعقوب پوءِ يونس ع بن متي، يعقوب ع جي اولاد مان، پوءِ ايوب ع بن زراح بن آموص بن ليفر بن العيص بن اسحاق ع بن اراهيم ع “ مگر هي ترتيب محل نظر آهي کو و هو ع ۽ صالح ع جي باري ۾ مشهور آهي ه هو ع نوح ع کان پءِ ۽ ابراهيم ع کان پهرين لاٿا ويا هُئا. (والله الم)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,279
    ورتل پسنديدگيون:
    2,886
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: حضرت ايوب عليه الصلات والسلام تمام گهڻا مالدار هُئا

    جزاڪم الله خيرا تمام بهترين تحريرون جاري رکندا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,381
    ورتل پسنديدگيون:
    26,827
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حضرت ايوب عليه الصلات والسلام تمام گهڻا مالدار هُئا

    بهترين شيئرنگ۔ اوهان قرآن جي احسن قصن کي سهڻي نموني بيان ڪيو آهي۔ سڀ قصا تعريف لائق آهن۔

    بيشڪ حضرت ايوب رب جي صابرين بندن مان هو ۽ رب کين ان تي خوب انعام اڪرام عطا ڪيا۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي به صبر جي تلقين ڪري۔۔۔۔ آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,506
    ورتل پسنديدگيون:
    3,452
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا عبدالرزاق ميمڻ اسلام علڪيم،اسان کي اوهانجو اهو نالو ٻڌايو ويو آهي پر اوهان هن اڳڻ تي سنڌي ميڊيا جي حوالي سان ڃاتا ؤ سڃاتا ويندا آهيو۔
    الله پاڪ جي نيڪ ٻانهي ؤ نبي سڳوري حضرت ايوب عليه السلام جي باري ۾ ونڍ ڪيل اوهانجي معلومات هڪ قيميتي اثاثو آهي۔توهانجي محنتن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔ اسان به اوهان جي ليک جي مناسبت سان صابرين جو لقب واري پيغمبر حضرت ايوب عليه السلام جي باري ۾ ڪجه معلومات ونڍ ڪرڻ جي جسارت ڪري رهيا آهيون۔

    ”حضرت ايوب عليه السلام جو دور 700 قبل مسيحي کان 1000 قبل مسيحي تائين رهيو۔هنن جو مسڪنبصرئ ( فلسطين ويجهو) هو۔۔هنن پاڪ هستي جو تعلق عيسو بن اسحاق جي خاندان سان هو ۽ ادومي عرب نسل سان هو،حضرت ابرهيم عليه السلام جا ڀائٽياء ۽ حضرت لوط عليه السلام جا ڏوهٽا هئا۔سندن ذڪر قران شريف جي آيتن ” سورت النساء ، انعام ، ص ، انبياء ۽ اعراف“ ۾ ڪيل آهي۔ هنن جي جسم تي ڪوڙه (ڦرڙا) نمودار ٿيا ۽13 سالن تائين پاڻ پيغمبر سائيجن ان مرض ۾ مبتلاء رهيا۔آخرڪار قدرتي چشمي حمام ايوب (اردن ۽ ڪجه ڪتابن ۾ دمشق ويجهو) ۾ وهنجڻ سان ؤ الله پاڪ جي حڪم سان اهو مرض ختم ٿيو۔الله تعالئ حضرت ايوب عليه السلام جي سمورن اناج جي گوادمن کي باه لڳي ۽ سموري اولاد کي گهر ڪرڻ جي ڪري دٻجي فوت ٿيڻ تي آزمائش ۾ وڌو۔انهن امتحانن ۾ سروخرو ٿيڻ تي صابر جي نالي سان مشهور ٿيا۔رحمت بيبي ( حضرت يوسف عليه السلام جي پوٽي ) حضرت ايوب عليه السلام جي فرمانبردار گهر واري انهن جي بيماري جي دوران محنت مزدوري ڪري پنهنجي مڙس ( حضرت ايوب عليه السلام) جو پيٽ پاليندي هئي۔ حضرت ايوب عليه السلام قبيلن اصحاب ايڪ ۽ اصحاب الراس تي مبعوث ٿيا۔ حضرت ايوب عليه السلام جون پنج گهر واريون هيون۔ اهو عرصو جنهن ۾ حضرت ايوب عليه السلام تي مصبيتون نازل ٿيون ان کي دور انيلا چيو ويندو آهي۔ حضرت ايوب عليه السلام آزمائش مان نجات ملڻ بعد 40 سال زنده رهيا۔ حضرت ايوب عليه السلام جي قوم بت پرستي ۽ ستاره پرستي ۾ مبتلاء هئي، انهن به مختلف حاجتن لاء مختلف بت جوڙي رکيا هئا۔ حضرت ايوب عليه السلام هنن کي بت پرستي ۽ شرڪ کان روڪي هڪ الله پاڪ جي عبادت جي تعليم ڏني۔ حضرت ايوب عليه اسلام جن جي ڪل عمر 140 ورهيه هئي ۔ حضرت ايوب عليه السلام پنهنجي گهر واري رحمت بيبي سان بيماري جي دوران شيطان جي ڀنڀلائڻ تي حرام شين جي ذريعي علاج جي مشوري ڏيڻ تي ناراض ٿيا هئا۔“
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو