سنڌي ادبي سنگت پاران فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهائڻ جو اعلان

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم مشتاق ڦل اهو اعلان ڪيو آهي ته فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهايو ويندو۔ ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم پڻ هلائي ويندي۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سندن اهڙي سرگرمين ۾ ساٿ ڏيندي 12 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب تي ساڻن گڏ هونداسين۔

    سنڌ سلامت جي دوستن کي اهو عرض ته هن مهيني ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور پنهنجا بينرس، ڪارڊز وغيره سنڌ سلامت سان گڏ فيسبوڪ تي وڌ کان وڌ شيئر ڪن۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ادبي سنگت پاران فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهائڻ جو اعلان

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    جيجل جي ٻولي،
    سنڌي ٻولي،
    امڙ ڏني آهي لوري،
    سنڌي ٻولي
    ساه کان پياري،
    سنڌي ٻولي،
    شاه و گدا جي ٻولي،
    سنڌي ٻولي،

    لک شاباسون سنڌي ادب سنگت وارن کي جي سنڌي ٻولي جي مان ۽ شان ۾ هر وقت پاڻ پتوڙيندا رهنٿا ۔۔۔ سنڌ جي ٻچي ٻچي جو اهو فرض ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي مڃرائڻ لئه رات ڏينهن جدوجهد ڪري، انڪري سنڌ جي سمورين ڌرين کي نماڻو عرض آهي ته پنهنجو فرض نڀايو ۽ سنڌي ٻولي جو شان وڌايو ۔۔۔

    اسين هي مهينو ڇا سموري حياتي جيستائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي قرار نه ڏني ويندي تيستائين قوم جي ضمير کي چهنڊڙن هڻڻ جو ڪم ڪندا رهنداسون ۽ وس آهر پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسون۔۔۔۔

    لک ٿورا دوست سليمان

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي سنگت پاران فيبروري مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي طور ملهائڻ جو اعلان

    مهرباني سائين نثار

    اميد ته اوهان سميت سڀ دوست فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت سان گڏ اخبارن ۾ پڻ ليک لکي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جي گهر ڪندا۔

    جڏهن اسان اها ڳالهه هر روز ورجائينداسون تڏهن ئي ان تي ڪا پيش رفت ٿيندي۔ جيتوڻيڪ سنڌ جي ثقافت واري وزير محترمه سسئي پليجو ان تي سٺي پيش رفت ڪري سنڌي اديبن جي هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي هئي ۽ سفارشون پڻ مرڪز کي موڪليون هيون ته اررهين ترميم ۾ سنڌي ٻولي سميت سڀني صوبائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو پر پوء به ڪو نتيجو ڪونه نڪتو۔

    پوء به دنيا اميد تي قائم آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو