کاڌي جي وسيعت

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين ادا وساڻ صاحب توهان ڏي خير هجي
    جڏهن آءُ مري وڃان ته منهنجي هن وصيعت تي عمل ڪرائيندا ته مهرباني ٿيندي

    1
    هڪ حلوه هجي ٻيو مان هجان ٽيون سيون سيرو هجي،
    چاشني پلاءُ هجي آنيارو پلو کيرو هجي،
    ۽ هجي ٻيو ٻوڙ ڳاڙهو شربت مٿان نيرو هجي،
    گڏ ڪري هي طعام سارا پوءِ مون کان ختمو ڏيارجو،
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    2
    مرغي هجي ماني هجي برڪيءَ جيڏو ڀِڀُ هجي،
    بس بچي ڪا ڪان زرڙي پيٽ ۾ سو سڀ هجي،
    ڪُلُ ڪڪڙيون کائي وڃان ٻاهر نه ڪوئي کمڀ هجي،
    پوءِ به بچي پئي طعام مون کان منهنجي مٿان سو هارجو،
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    3
    ڀڳلان سيون ۽ قورمو ۽ ڌار ڌامو ٻيو هجي،
    هڪ ٿال کانوان پيو ڀر ۾ ڀريو ٻيو پيو هجي،
    طعام تازو ۽ ڀڳل واهه واهه مزي جو ٿيو هجي،
    دالچيني ۽ ڦوٽا وجهجوس ڌيان اهو ڌارجو
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    4
    کائي کائي طعام هيڏا پيٽ ٿي جي بم وڃي،
    صفا جڏهن ساهه سارو جان مان ٿي ختم وڃي،
    جي بچي پئي طعام تازو ۽ منهنجو نڪري دم وڃي،
    ته طعام وارا ٿانوَ خالي منهنجي مٿئون آگهارجو
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    5
    جيڪو بچي پئي طعام ان مان ڪين هرگز کائجو،
    حلوي سندا لولا ڪري منهنجي لاشي کي پوءِ لائجو،
    ڊڳڙيون ڳنڍي پاڻ ۾ پوءِ ڪفن موکي پائجو،
    شوروي جي لوٽا ڀري ان سان ادا وهنجارجو
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    6
    پر مُقام ۾ مور منهنجو لاش نه رکرائجو،
    ديڳن سندا جتي دونهان اتي لاش کي پورائجو،
    ختمي لاءِ مورئون ملن کي ڪين ڪي کارائجو،
    ڪوسو رنڌي ڪو ڪو طعام تازو اچي منهنجي قبر تي ٺارجو،
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    7
    قرآن بدران منهنجي مٿن کان رکجو سئين سندو ٿانءُ بس،
    خوشبو ايندي ان منجهان منهنجو ٺري پئي هيانءُ بس،
    قُلَ قبر تي نه پڙهجو وٺجو طعامن سندو نانءُ بس،
    ڪجهه گهڙي بوتو منهنجو طعامن مٿان بيهارجو،
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
    8
    هي وصيعت منهنجي ادا آهي اوهان کي آخري،
    گڏ موسان پوري رکجو تازي رڌل ڪا طانهري،
    ڪُلُ ڪجو پورو ادا منهنجو ذڪر هي ظاهري،
    هي وصيعت منهنجي ادا دل جي مٿان ويهارجو
    اي عزيزو لاش منهنجو سهڻو ڪري سينگارجو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: کاڌي جي وسيعت

    سائين محترم ڀٽا صاحب، هي سمورو قصو ته اوهانجي جيئري هجڻ جي دوران جو آهي ۔۔۔ ها باقي جي کائي کائي مري ويا (الله نه ڪري) ته پو باقي بچيل اوهانجي مٿان هارائي ڇڏبو، ۽ ڪجهه قبر ۾ به رکرائي ڇڏبو ته جيئن انجي خوشبو ۾ اوهانجو روح مست رهي ۔۔۔۔ کاڌي جي خوشبو هوندي ته فرشتن جي سوالن جوابن ۾ به چاشني پئدا ٿيندي ۔۔۔۔ اها پارت ادي سليمان کي اسان به ڪري ٿا ڇڏيون ۔۔۔ سريلو مڙس آهي ائين هو ضرور ڪندو ۔۔ ههههههه

    کل ڀوڳ کان علاوه ، مزاحيه نظم تمام پسند آيو ۔۔۔ اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب ۽ مذاحيه ادب تمام گهٽ پيو لکجي ۔۔۔ خاص ڪري شاعري ۾ ۔۔۔ هي نظم جيڪڏهن اوهانجو چيل آهي ته اوهانکي واڌايون ۽ جي ڪنهن ٻي جو چيل آهي ته ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔

    جڙيا هجو شال

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: کاڌي جي وسيعت

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔ سائين الله اوهان کي خوش رکي ۔۔۔۔

    زندگي رهي ته اهي سڀ کاڌا گڏجي کائينداسين۔ واهه واهه ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون۔ مرڻ کانسواء باقي سڀ ڳالهيون واهه جو وڻيون۔ ڇو ته کائڻ لاء اسان سميت گهڻائي دوست ڪجهه به ڪري سگهن ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو