جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي سلسلي ۾ شروع ڪيل سرگرمين جي ڪڙيء ۾ شامل ٿيندي سنڌ جي قومي شاعر استاد بخاريء جي خوبصورت شاعري پيش ڪجي ٿي۔


    جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي،

    وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين،
    پهرين پهرين ڦرهي پڙهندين،
    بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

    ڀيڻيون توکي ٽوپِي وجھنديون،
    اَجرڪ آڻي، ٻوڪي ٻڌنديون،
    چوڏِس تنهنجي چمڪي چولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.


    تنهنجي مامَن جي هيءَ ٻولي،
    تنهنجي چاچن جي هيءَ ٻولي،
    مٺڙي مٺڙي سولي سولي سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    جرنيل ٿيندين، جوڌو ٿيندين!
    دريا خان ۽ دودو ٿيندين!
    گولي تنهنجي در جي گولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.

    وستي وستي واهڻ واهڻ،
    پهڻي پهڻي، پاهڻ پاهڻ،
    ساحل ساحل، ڇولي ڇولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

    گھوٽ ڀٽائي واري ٻولي،
    استاد آهي پياري ٻولي،
    ڌارِي کارِي گھورِي گھولِي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي.



    [​IMG]

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

    وڏڙو ٿيندين، وکڙون کڻندين،
    پهرين پهرين ڦڙهي پڙهندين،
    بي ٻي پي ڀي ٻاتڙي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

    واھ استاد واھ ڇا ته استاد جي تخليق آھي ۽ ڇاته سليمان جا رنگ آھن۔۔۔۔۔لاجواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

    استاد جا لفظ، بيدل جو آواز ۽ اسانجي اندر ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لئه موجود جذبو جڏهن ملن ٿا ته اکڙيون آليون ٿيو پون ۔۔۔ رب ڪندو ته سنڌي ٻولي هميشه قائم رهندي، هميشه اسانجون امڙيون، زالون ۽ ڀينريون ان ئي ٻولي ۾ اسانجي اولاد کي لوليون ٻڌائينديون ۔۔۔ بيشڪ دنيا جون ٻيون ٻوليون ٻين ماڻهن لئه پياريون هونديون پر سنڌي ٻولي مون لئه منهنجي امڙ جي ٻولي آهي، منهنجي پي جي ٻولي آهي ۽ منهنجي نس نس ۾ ائين سمايل آهي جيئن خون سمايل هجي ۔۔۔

    اسان سڀني سنڌين کي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجا پنهنجا فرض نڀائڻ گهرجن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

    هڪ لفظ جي تصحيح ڪندو هلان

    "ڦڙهي" جي جا تي لفظ ”فرهي يا ڦرهي“ پڙهيو وڃي (ڙ ) جي جا تي (ر) استعمال ٿيندي ۔۔۔ جنهنکي اسين ننڍڙي لئه ” پٽي “ به چوندا هياسون ۽ تختي به چئجي۔۔۔ ڪاٺي جي ٺهيل هوندي هئي ، جنهن تي استاد پينسل سان لکندو هيو ۽ اسين ان مٿان ڪلڪ ۽ مس سان لکندا هياسون ۔۔۔ ان ڦرهئي جي استعمال سان سبق به ياد ٿيندو هو ته هٿ اکر به سٺا ٿيندا هئا۔

    لک ٿورا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

    بيشڪ دنيا جون ٻيون ٻوليون ٻين ماڻهن لئه پياريون هونديون پر سنڌي ٻولي مون لئه منهنجي امڙ جي ٻولي آهي، منهنجي پيءُ جي ٻولي آهي ۽ منهنجي نس نس ۾ ائين سمايل آهي جيئن خون سمايل هجي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جيجل جھولي، ڏئي پئي لولي، سنڌي ٻولي، قومي ٻولي

    استاد جي شاعري ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

    هي هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو سڀهني جو شاعر آهي ننڍن، وڏن ٻارن ء پوڙهن جو شاعر آهي ۔۔۔۔۔۔۔ جنهجن کي هر ماڻهون سمجهي ء جهونگاري ٿو

    لاجواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هي شاعري وري پيش ڪجي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    واه واه لاجواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو