• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لفظن جي خواهش : ناول (حيدر دريا زئور)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
15f5648.jpg

دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ تي ٻين دوستن پاران اپلوڊ ڪيل ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪرڻ کانپوء ٻئي مرحلي ۾ اسان سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪري رهيا آهيون۔

ان سلسلي جو هي ستون ڪتاب ”لفظن جي خواهش ۔۔۔۔ “ محترم حيدر دريا زئور جو ناول اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب اسان جي سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست آفتاب حسين کوهارو جيڪو سنڌ سلامت تي نرمل جي نالي سان ميمبر آهي جي ڪاوشن سان اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔ هن ڪتاب جو مهاڳ مراد علي مرزا صاحب جو لکيل آهي۔

محترم حيدر دريا زئور سان ڪا گهڻي واقفيت ته ڪانه هئي پر سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ گروپ تي گروپ چيٽ دوران جڏهن آفتاب کوهارو ۽ مان ڪچهري ڪندا هئاسين ته سندس لفظن ۾ پنهنجائپ لڳندي هئي۔ سندس خيالن ۾ اٿاه گهرائي ۽ فلسفو هوندو هو، تڏهن مونکي اها خبر ڪانه هئي ته سائين ڪو ناول نگار به آهي۔ پر پوء آفتاب جي ذريعي اها ڄاڻ ملي ۽ سائين جا ٻه ناول پڙهڻ لاء مليا۔ سائين حيدر دريا ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ احمد خان زئور ۾ 1961ع ۾ اکيون کوليون، ادبي شعور به اتي ئي سرجس، ادب جي اوائلي پنڌ ۾ ان وقت جي مشهور شاعرن مان، ”پير علڻ شاهه تلي وارو“، ”حافظ احمد لاکو“ سندس فڪري رمز جي راهه جا رهبر رهيا ۽ پاڻ سيد حيات علي شاهه لڪياري (دادو) کان روحاني سلوڪ جا سبق ورتائين. هن وقت پاڻ پرائمري استاد آهي. علم ۽ ادب سان گهري نسبت هئڻ جي ڪري ڪاغذ ۽ قلم به هن جا محبوب رهيا آهن.

مهاڳ ۾ سائين مراد علي مرزا لکي ٿو :

حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.

هن رومانوي ناول پڙهڻ کانپوء پنهنجا رايا ضرور ڏجو۔

جواب: لفظن جي خواهش : ناول (حيدر دريا زئور)

سائين قبلا محترم سليمان وساڻ صاحب اوهان جا لک لائق اهڙي چونڊ کي پنهنجي ادبي اڱڻ تي سجائڻ لا۔۔۔
 
جواب: لفظن جي خواهش : ناول (حيدر دريا زئور)

سائين قبلا محترم سليمان وساڻ صاحب اوهان جا لک لائق اهڙي چونڊ کي پنهنجي ادبي اڱڻ تي سجائڻ لا۔۔۔

مهرباني سائين

اوهان کي جس هجي جو اوهان هي ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو۔ اميد ته اوهان اڳتي به سنڌي ادب لاء پنهنجون ڪاوشون جاري رکندا۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: لفظن جي خواهش : ناول (حيدر دريا زئور)

سائين سليمان صاحب اوهان جس لهڻي جو اوهان هن سلسلي کي وڌائيندا ٿا رهو، ادي نرمل جا به ٿورا ، مصنف جا لک ٿورا جو انهن مهرباني ڪري اسان لاءِ هي تحفو پيش ڪيو.
ڌڻي اوهان سڀن سڄڻن کي هميشه سلامت رکي، آمين،،،
 
مهرباني ادا طاهر

اميد ته دوست هن سلسلي ۾ پنهنجي سر ڪوششون وٺي ڪتاب اسان کي موڪلي ڏيندا جيئن سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪري سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائي سگهجن۔
 
جواب: لفظن جي خواهش : ناول (حيدر دريا زئور)

مهرباني ادا طاهر

اميد ته دوست هن سلسلي ۾ پنهنجي سر ڪوششون وٺي ڪتاب اسان کي موڪلي ڏيندا جيئن سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪري سڄي دنيا جي سنڌين تائين پهچائي سگهجن۔

جي سائين وساڻ صاحب بلڪل منهنجو هڪ دوست آهي جنهن کي سندس ڇپيل ڪتابن کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لا چيو آهي، پاڻ خوشيءَ سان اجازت به ڏنائون ۽ جلد مواد ڏيڻ جو به چيو اٿائون۔۔۔
 
جواب: لفظن جي خواهش : ناول (حيدر دريا زئور)

جي سائين وساڻ صاحب بلڪل منهنجو هڪ دوست آهي جنهن کي سندس ڇپيل ڪتابن کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لا چيو آهي، پاڻ خوشيءَ سان اجازت به ڏنائون ۽ جلد مواد ڏيڻ جو به چيو اٿائون۔۔۔

مهرباني طاهر سائين

انتظار آهي ته اهي ڪتاب ملن جيئن سنڌ سلامت جي زينت بڻجي گهڻي کان ًگهڻن سنڌين تائين پهچي سگهن۔
 
Back
Top