شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]
    چيم مان ڇو الائي ڌنڌلا چهرا پسان ٿو پيو
    چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ


    خوبصورت شاعر، برجستي نثر نويس، افسانا نگار، محقق ۽ پياري دوست
    احسان دانش
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون


    سنڌ سلامت سٿ پاران لاڙڪاڻي جي ڪومل احساس رکندڙ شاعر ، ڪهاڻيڪار ، مترجم ۽ محقق محترم احسان دانش کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ احسان دانش سان دوستي ته فيسبوڪ ذريعي ئي ٿي هئي ڇو ته سندس ڪيل ڪم اسان کي سندس تعريف ڪرڻ تي مجبور ڪندو هيو۔ گذريل سال لاڙڪاڻي ۾ سائين ماجد ڀرڳڙي سان ملاقات بهاني وياسون ته اتي ئي ساڻن ڪچهري به ٿي ۽ سندس ڀاء ارضوان گُل سان گڏ ادبي مرڪز لاڙڪاڻو به گهمياسون۔ ٻئي ڀائر احسان دانش ۽ رضوان گُل پنهنجي خوبصورت ڪم ۽ سهڻي صحبت سبب دوستي ۽ پيار ۾ جڪڙي ٿا ڇڏين۔

    محترم احسان دانش معروف شاعر، ڪهاڻيڪار، مقالي نگار ۽ ڪالم نويس آهي. سندس تحريرن ۾ آيل ادبي ٻولي پنهنجو مخصوص لب ۽ لهجو رکي ٿي. هن جي شاعري سماجي رخ سميت پيار ۽ محبت جا رند طَي ڪري ٿي.

    احسان الحق پٺاڻ 15 فيبروري 1974ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اَي اردو ادب ۾ 1995ع ۾ ۽ ايم.اَي سنڌي ادب 1997ع ۾ ڪئي، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.فِل ڪري هاڻي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هُو 2002ع کان ليڪچرر سنڌي طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

    احسان دانش 1988ع کان وٺي، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر ’شاد‘ ڪئي. سندس ججهي شاعري توڙي ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (2005ع)، سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (2005ع)، لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (2007ع) ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (2010ع) ڇپجي چڪا آهن، ۽ مُهين جي دڙي بابت سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
    هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان 1995ع کان، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي سان 1998ع کان ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي سان 2007ع کان لاڳاپيل آهي. ان کان سواءِ هُو ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل، ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ٻه ڀيرا ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، ”شاهه لطيف ايوارڊ“، ”لاڙڪاڻو هسٽري شيلڊ“ ۽ ”شيخ اياز يادگار شيلڊ“ جي مڃتا سميت ڪيترائي تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن.


    تازو ئي هن پي ايڇ ڊي جي تحقيق مڪمل ڪئي آهي جنهن جو عنوان آهي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 فيبروري 2015
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محترم احسان دانش کي جنم ڏينهن تي واڌايون

    محترم احسان دانش کي اسان جي طرفان به کوڙساريون جنم ڏينهن جو واڌايون هجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پاڻ هڪ بهترين شاعر آهن
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محترم احسان دانش کي جنم ڏينهن تي واڌايون

    دعاء آهي ته ادي احسان صاحب کي ڌڻي هميشه خوش رکي، آمين
     
  4. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محترم احسان دانش کي جنم ڏينهن تي واڌايون

    احسان دانش کي سندس سالگرهه تي مبارڪون۔

    سنڌ جي نئين ٽهي جي پختي شاعرن مان هڪ احسان دانش به آهي۔ سندس لاء دعائون ۽ پيار۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 فيبروري 2015
  6. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    پياري شاعر احسان دانش کي جنم ڏينهن جون مبارڪون
    [​IMG]
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    خوبصورت شاعر، برجستي نثر نويس، افسانا نگار، محقق ۽ پياري دوست
    احسان دانش
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو