خانصاحب عبدالڪريم پلي
ڀڳوانداس کتري
خانصاحب عبدالڪريم پلي جو تعلق ناري پٽ جي معزز راڄ ”پلي سان آهي. هي قبيلو درس پلي مرحوم جو اولاد آهي. درس پلي ذات جو ”سمون“ هو ۽ سندس اولاد درس پلي سڏجي ٿو. خانصاحب عطا محمد پلي جي حويلي ۾ جنم وٺندڙ خانصاحب عبدالڪريم پلي نه رڳو سياستدان پر اديب، شاعر ۽ هڪ وڏو سماج سڌارڪ پڻ هو. سندس وڏن جي سخاوت ۽ عطائيت جو ذڪر نڪرندو ته چوندا ته تون ڪهڙو عطائي آهين. عطائي مرحوم جي سخاوت بنا سوچ سمجهه جي هوندي هئي ته کيس بنا طلب جي ايترو ڪجهه ملي سگهي ٿو. خانصاحب مان حاصل ڪئي. ديني تعليم ڳوٺ ڳموري مان حاصل ڪئي ۽ بعد م عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. خانصاحب عبدالڪريم پلي کي علم ۽ ادب سان گهڻو شوق هوندو هو ۽ راڳ کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. خانصاحب عبدالڪريم پلي 70ع واري ڏهاڪي کان اڳ سياسي ميدان ۾ سياست جي شروعات مڪاني چونڊن کان ڪئي ۽ پهريون ڀيرو يونين ڪائونسل عطا محمد پلي جا چيئرمين چونڊيا ويا. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو واري صوبائي تڪ تان آزاد حيثيت ۾ چونڊ کٽي ايم پي اي منتخت ٿيو ۽ بعد ۾ باقائده پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. خانصاحب عبدالڪريم حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني جا مريد آهن. خانصاحب عبدالڪريم پلي 1976ع وارني عام چونڊن ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان ساڳئي تڪ تان ايم پي اي منتخب ٿيو. خانصاحب عبدالڪريم پلي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سڄي ناري توڙي ٿر جي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي پر ڪڏهن اهو به نه سوچيو ته هن ووٽ ڏنا آهن يا نه رڳو محبت سان ملندو هو پر سندس مسئلا حل ڪندو هو. خانصاحب عبداڪريم پلي ناري پٽ کي علم ۽ ادب سان روشناس ڪرائڻ ۾ هڪ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌ حڪومت کان عمر ڪوٽ ۾ بوائز ڪاليج منظور ڪرايو. ڪاليج جي بلڊنگ ٺهڻ کان پوءِ خانصاحب عبدالڪريم پنهنجي نالي وارو بورڊ نه هڻايو. هو جتي ڪابه سرڪاري رٿا ڏيندو هو ته ان تي پنهنجي نالي واور بوڊ لڳائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتي کي سخت منع هوندي هئي. عمرڪوٽ ڪاليج کي بلدنگ تيار ٿين کانپوءِ شاگرد يونين طرفان هڪ عاليشان ادبي پروگرام منعقد ڪرايو. جنهن پروگرام جي صدارت مولانا غلام محمد گرامي ڪئي هئي. خانصاحب عبدالڪريم پلي جي سخاوت جو مثال نه ملندو. علائقي جا ڪيترائي غريب خاندان سندن فصل لهڻ جي انتظار ۾ هوندا هئا ۽ انهي وقت نه فقط سوين مڻ ان (ڪڻڪ) انهن مستحق ۽ غريب خاندان جي گهرن تائين پهچائي ويندي هئي پر ان سان گڏ ڪپڙي جي تاڪين جي ڍڳن سان گڏ، ڪڻڪ، ساريون اسڪولن ۽ مدرسن ڏانهن شاگردن لاءِ پهچايو وينديون هيون. سنڌ جي هن سخي مرد جي سخاوتن جا داستان تمام گهڻا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جو ڪجهه حصو ۽ 90 هزار ماڻهو ڀارت جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ ڀارت موڪليل وفد ۾ خانصاحب عبدالڪريم شامل هو. وفد ۾ پهرين خانصاحب عبدالڪريم پلي جو نالو شامل نه هو جڏهن وفد لاهور پهتو ته راڻا چندر سنگهه چيوته خانصاحب عبدالڪريم پلي کان سواءِ لڇمڻ سنگهه سوڍو کي پرچائڻ ڏکيو آهي. جنهن بعد خادم علي شاهه جو نالو خارج ڪري خانصاحب عبدالڪريم پلي کي وفد ۾ شامل ڪيو ويو.
خانصاحب عبدالڪريم پلي 1991ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خانصاحب پاڻ سڄي زندگي پنهنجي جاگيردانه حيثيت هوندي به ڪنهن کي به نه ڏکايو. سندس وڏو فرزند خانصاحب عطا محمد پلي، اعجاز پلي، ڊاڪٽر رسول بخش، فيض محمد پلي آهن ۽ اڄ به سندس اولاد خانداني روايت کي برقرار رکيو اچي ۽ سخاوت اڄ به مشهور آهي.
روزانه عبرت جي ٿورن سان
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
عبدالڪريم پلي ”ڪريم“ (21، آگسٽ 1940ع - )
سنڌي غزل جي اوسر
اياز قادري
عبدالڪريم ولد عطا محمد پلي، ڳوٺ عطا محمد پلي تعلقه عمرڪوٽ جي زميندار گهراڻي مان آهي. سندس وڏا پنهنجي تر ۾ وڏي اثر رسوخ وارا آهن. عبدالڪريم پنهنجي شوق مان اديب فاضل ۽ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آهي، کيس ننڍپڻ کان شاعري جو شوق هو، جنهن کي هن پنهنجي محنت سان ڪافي ترقي وٺرائي آهي.
ڪريم جيتوڻيڪ ڪافي جو شاعر آهي مگر سندس غزلن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هو هڪ چڱو غزل گو شاعر به آهي. سندس غزلن ۾ جماليات جي ترجماني، جذبات جون نيرنگيون ۽ مشاهدي جي حقيقت آفريني آهي. جنهن ڪري سندس غزلن ۾ ڪشش ۽ اثر هوندو آهي.
ڪلام جو نمونو
خير هجي شل طوفانن جو،
عزم نه گهٽبو ديوانن جو.
پاڇي ناهه ڇڏي ڪا پنهنجن،
ذڪر ڪجي ڇا بيگانن جو.
رفته رفته بڻجي ويئي،
دلڙي مدفن ارمانن جو.
هن بستيءَ جي حال تي اڪثر،
گذري شبهه ٿو ويرانن جو.
جور جفا کان وڌ ڇا ٿيندو،
بدلو ڪوئي احسانن جو.
دار سدا نه ”ڪريم“ جهان ۾،
محرم آ ڪو ديوانن جو.
-
دير سان ئي سهي مگر ٿيندي،
جستجو نيٺ بارور ٿيندي.
بخت وارو ورائيندو،
زندگاني حسين تر ٿيندي.
زور آهي اڃا ته ظلمت جو،
ڪير ڄاڻي ڪڏهن سحر ٿيندي.
ڪنهن کي شڪ هو ته ايترو جلدي،
بدگمان ڪنهنجي هيئن نظر ٿيندي.
موت جيسين اچي اچي تيسين،
ياخدا عمر ڪيئن بسر ٿيندي.
ڪو سبب ئي ڪريم ڪونهي ڪو،
آهه ڇا لاءِ بي اثر ٿيندي
خير هجي شل طوفانن جو،
عزم نه گهٽبو ديوانن جو.
پاڇي ناهه ڇڏي ڪا پنهنجن،
ذڪر ڪجي ڇا بيگانن جو.
رفته رفته بڻجي ويئي،
دلڙي مدفن ارمانن جو.
هن بستيءَ جي حال تي اڪثر،
گذري شبهه ٿو ويرانن جو.
جور جفا کان وڌ ڇا ٿيندو،
بدلو ڪوئي احسانن جو.
دار سدا نه ”ڪريم“ جهان ۾،
محرم آ ڪو ديوانن جو.
-
دير سان ئي سهي مگر ٿيندي،
جستجو نيٺ بارور ٿيندي.
بخت وارو ورائيندو،
زندگاني حسين تر ٿيندي.
زور آهي اڃا ته ظلمت جو،
ڪير ڄاڻي ڪڏهن سحر ٿيندي.
ڪنهن کي شڪ هو ته ايترو جلدي،
بدگمان ڪنهنجي هيئن نظر ٿيندي.
موت جيسين اچي اچي تيسين،
ياخدا عمر ڪيئن بسر ٿيندي.
ڪو سبب ئي ڪريم ڪونهي ڪو،
آهه ڇا لاءِ بي اثر ٿيندي