سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو ڏينهون ڏينهن سنڌين جو انٽرنيٽ طرف لاڙو وڌي رهيو آهي۔۔ اهوئي سبب آهي جو ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ لاءِ روز روز نت نيون ويب سائيٽس، فورم ۽ بلاگ ٺاهي رهيا آهن۔۔ اهڙي طرح سنڌي مواد تيزي سان انٽرنيٽ جي پنن تي پکڙجي رهيو آهي۔۔
    ڪجهه وقت اڳ جي ئي ڳالهه آهي جو هر سنڌي نوجوان ان ڳالهه جي شڪايت ڪندي نظر ٿي آيو ته کين مختلف سائيٽس تي معلومات ته ملي رهي آهي پر ڪافي سارو مواد ۽ معلومات سندن وٽ پڻ موجود آهي جيڪو هو دنيا ۾ موجود سڀني سنڌين سان ونڊ ڪرڻ گهرن ٿا۔۔ پر کين ڪو اهڙو پليٽ فارم نه ٿو نظر اچي جنهن تي اهو مواد دنيا اڳيان آڻي سگهن۔۔
    سندن اهڙي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت نالي خوبصورت پليٽ فارم پيش ڪيو ويو۔۔ جنهن تي اچي سندن خواهش جي پورائي جو دڳ نظر آيو۔۔ پر جيئن ته سنڌ سلامت هڪ يونيڪوڊ بيسڊ سنڌي فورم آهي ان ڪري ڪافي دوستن کي سمجهڻ ۾ پريشاني ٿي۔۔ انتظاميه طرفان سنڌ سلامت کي روز بروز وڌيڪ آسان ۽ سهل بنائڻ جي جستجو جاري آهي ان باوجود اهڙن دوستن کي سنڌ سلامت کانسواءِ فيس بوڪ استعمال ڪرڻ جو پڻ مشورو ملندو رهيو ۔۔ جنهن تي تڪڙو ريسپانس ملڻ کان پوءِ کين هڪ قدم اڳتي وڌڻ جو خيال ذهن ۾ آيو۔۔۔
    ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌي بلاگز ٺاهڻ جو رجحان وڌڻ لڳو۔۔۔ ۽ اهي نوجوان سنڌي جيڪي ٿورو گهڻو اسڪرپٽ تي ڪم ڪرڻ ڄاڻڻ لڳا انهن نت نيون ۽ مختلف موضوعن تي بلاگز نما ويب سائيٽس تخليق ڪري ورتيون۔۔۔ سنڌي ٻولي لاءِ اهو ڪافي سٺو سنوڻ ثابت ٿيو ۽ ان ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿئي ها جيڪڏهن هڪ دفعو بلاگ ٺاهڻ کان پوءِ ان کي اپڊيٽ ڪندو رهجي۔۔ پر وقت جي گهٽتائي سان گڏو گڏ سنڌي ٻولي جي اسڪرپٽ کي پي ايڇ پي يا جاوا جي سڌي سپورٽ نه هجڻ ڪري ڪافي نوجوان جيڪي پنهنجي سائيٽس يا بلاگز ۾ سنڌي کي درست طريقي سان پبلش ڪرڻ ۾ ڏکيائون محسوس ڪرڻ لڳا ۔۔ جنهن ڪري اهو ڪم هڪ دفعو وري سستي جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي۔۔۔
    اهڙن مسئلن ۽ پريشانين کي ڏسندي سنڌ سلامت سندن لاءِ سهائتا ڪرڻ جو پروگرام رٿيو آهي۔۔ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت طرفان هڪ وڌيڪ ٽيڪنيڪل وک کڻندي ۽ هڪ اضافي پني جو اضافو آڻيندي ”آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر“ لانچ ڪيو آهي۔۔۔ جتي آن لائين رهي ڪري سنڌي اکرن، لفظن يا جملن کي يونيڪوڊڊ اسڪرپٽ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔

    [​IMG]

    هن پني جو لنڪ سنڌ سلامت جي پروجيڪٽ مينو ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي جتي ڪلڪ ڪري ان پني تي اچي سگهجي ٿو۔۔ جتي مٿئين خاني ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪليٽ استعمال ڪندي ڪنهن به سنڌي اکر، لفظ يا جملي کي يونيڪوڊ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو۔۔ ۽ حاصل ٿيندڙ يونيڪوڊ کي پنهنجي سائيٽس يا بلاگز جي ايڇ ٽي ايم ايل يا جاوا فائيلز ۾ لڳائي پنهنجي مطلب جي قابل بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔

    اميد ته سنڌ سلامت جو هي قدم اهڙن سڀني سنڌين لاءِ لاڀائتو ٿيندو جيڪي مختلف سنڌي سائيٽس يا بلاگز تي ڪم ڪرڻ جي بنيادي اسٽيجز تي آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    سائين جادوگر صاحب اوهان کي سلام آهي، بلڪِ مان ته چوندس ته اهو پروجيڪٽ اوهان ٿوري وقت ۽ ڪافي محنت سان ڪري ساري سنڌ سلامت جي ٽيم ۽ سنڌي ٻوليءَ تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو آهي۔
    يقينن هاڻ اهي نوجوان جيڪي واقعي ڪجھ وقت اڳ بلاگز ٺاهي ماٺ ڪري ويهي رهندا هئا، يا جن کي ٽيڪنيڪل پرابلمس درپيش ٿيندا هئا انهن لا هي وِک انتهائي سٺو سوڻ ۽ وڌيڪ اڳتي اچڻ لا مڪمل رهنمائي ثابت ٿيندو۔۔۔
    اجازت ڏيو ته مان هي الفاظ چوان:
    ته هن پروجيڪٽ جو ڪريڊٽ صرف اوهان کي کڻڻ ڪونه ڏيندا سين،،،
    هن پروجيڪٽ جو ڪريڊٽ اوهان سڄڻن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن سنڌ سلامت جي ساري انتظاميه ٽيم کي وڃي ٿو۔۔۔
    سلام سنڌ سلامت ٽيم اوهان کي سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    سنڌي قوم جي خوشنصيبي آهي جو اوهان جهڙا ڏاها دماغ اسان ۾ آهن، اڃان به سنڌي قوم سائين رشيد سمون صاحب جن جو قدر نه ڪيو ۽ انهن جي هن پليٽ فارم ۾ مڪمل سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھ لا سهڪار نه ڪيو ته اها هن صدي جي سنڌي قوم لا وڏي بدبختي چئبي۔۔۔

    سلام سائين رشيد سمون صاحب سلام
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    پروگرامر دوستن کي گذارش آهي ته هن انقلابي پروجيڪٽ تي پنهنجا رايا ڏئي وڌ ۾ وڌ ٻوليءَ جي ترقي ۾ حصو وٺن۔۔۔۔
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    ادا طاهر جي ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي صحيح آهي ته ڪريڊٽ رڳو رشيد کي نه وڃڻ کپي ڇو ته ضرورت ئي ايجاد جي ماءُ آهي۔ اسان جا سنڌي ڀائر ايترو ڪم ڪن پيا انٽرنيٽ تي جو سنڌي ٻولي لاءِ اهي ائڊوانس ڪم ڪرڻا پون ٿا۔ پر اهو به نه وسارجي ته نفسا نفسي ۽ وٺ وٺان جي هن دؤر ۾ شابس آهي رشيد کي جيڪو ايترو جاکوڙي پيو ٿو!

    پر ايئن به آهي ته اسان اڃان جاوا جو ج به ناهيون سکيا۔ مون ته ڪوشش پئي ڪئي ته آنلائين مدد وٺندي جاوا جي ڪنهن ڪم کي ايڊٽ ڪجي۔ مثال طور منهنجي هر ليک هيٺ هڪ پين بيسٽ رگارڊ لکندي نظر اچي ٿي انهي ۾ بيسٽ رگارڊ کي ڪيئن تنديل ڪجي؟ ڇا هتي سنڌي ۾ به ڪجهه لکي سهججي ٿو؟ يا اهو ڪم جاوا جو آهي يا ڪنهن ٻي سافٽ ويئر جو؟ ڪنهن دوست کي خبر هجي ته ٻُڌائجو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    سلام سائين جادوگر کي جو اهڙو پروجيڪٽ متعارف ڪرايو۔تواهن کي جس هجي سائين۔تنهنجي محنت کي سلام۔جادوگر کي سلام۔
    مهرباني
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    اڄڪلهه سنڌي ۾ کوڙ دوستن بلاگ شروع ڪيا آهن جيڪي سنڌي فونٽس کي بهتر نموني ڪونه پيا ڏيکارين۔ سنڌ سلامت ۽ رشيد سمون جي هن نئين پروجيڪٽ تي کيس جس هجي۔ اميد ته سنڌ سلامت اهڙي قسم جي ننڍن پروجيڪٽس ذريعي ٻولي جي خدمت ۾ پيش پيش رهندي۔

    دوستن جي موٽ لاء سندن ٿورا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    ادا رشيد جي هن قدم سان سنڌي ۾ بلاگنگ ڪندڙ تمام سنڌين کي سولائي ٿيندي۔۔۔​
     
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    ادا رشيد اوهان کي لک شاباسون۔۔۔ اصل ڪم ئي سولو ڪري ڇڏيو اوهان۔۔ اڪثر سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ويب سائيٽ تي جڏهن سورس ڏسندو هئس ته سوچيندو هئس ته ڪاش مان به سنڌي کي يونيڪوڊ ۾ مٽائي سگهان۔ اوهان ته منهجي دل وٽان ڪم ڪيو آهي۔
    الله وڌائيندو اوهان کي۔
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر۔۔

    ادا توهان جي ڪاوشن ۽ ڪوششن جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔ اسان جون دُعائون، نيڪ تمنائون اوهان سان هر وقت گڏ آهن۔۔۔۔ اڙي او ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ساٿ به اوهان سان آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو