1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت طالوت عليه الصلات والسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت طالوت عليه الصلات والسلام (پارٽ پهريون).
    ”اني يڪون له الملڪ علينا و نحن احق بالملڪ منه ولم يئت سعه من المال.” ڪيئن ٿي سگهي ٿو اُن کي حُڪومت جو حق حالانڪه اسان وڌيڪ حقدار آهيون حڪومت(ڪرڻ) جا اُن کان ۽ ناهي ڏني وئي هُن کي فراخي مال ۽ دولت ۾“
    مُفسرين لکن ٿا ته سلسله نبوت ته ”لائوي“ نسل مان پئي ٿيندي آئي ۽ جڏنهن ته بادشاهت يهودا جي نسل مان ٿيندي هُئي. جڏنهن حضرت طالوت عليه الصلات وسلام کي بادشاه مُقرر پئي ڪيو ويو ته جنهن جو نسل ”بنيامين“ جي نسلن مان هو ته بني اسرائيل بگڙجي پيا ۽ سندس بادشه ٿيڻ تي طعن ڪرڻ لڳ ۽ چوڻ لڳا ته ان بادشاه جا اصلي حقدار هو هُوا جيئن قرآن پاڪ ۾ به ذڪر ڪيل آهي. اسحاق بن ابراهيم ع، عڪرمه ۽ سدي ٻُڌائين ٿا ته طالوت پيشي جي اعتبار سان ”پخالي“ هو(يعني پاڻي پيارڻ وارا). حضرت وهب بن منبه رح ٻُڌائي ٿو ته هو چمڙا رنگيدڙ (رنگ ساز) هو ۽ ان کان علاوه به ٻيا گهڻا قول ملن ٿا. ”وقال لهم نبيهم ان الله قد بعث لڪم طالوت ملڪا“ ۽ اُنهن سان اُنهن جي نبيءَ فرمايو ته بيشڪ الله ج طالوت کي توهانجو بادشاه بڻائي موڪليو آهي“. ثعلبي حضرت طالوت ع جو نسب نامون هن ريت بيان ٿو ڪري” طالوت بن قيش، بن افيل، بن صارو، بن تحورت، بن افيح، بن انيس، بن بنيامين، بن يعقوب ع، بن اسحاق ع، بن ابراهيم ع.“
    ”قال ان الله اصطفاه عليڪم و زاده بسطه في العلم و الجسم.” نبيءَ فرمائين ته بيشڪ الله ج چونڊيو آهي اُن کي توهانجي مُقابلي ۾ ۽ گهڻي ڏني اٿائين اُن کي علم جي ڪُشادگي ۽ جسم ۾.“
    بني اسرائيل جو طالوت ع کي الله ج طرفان بادشاه مقرر ڪرڻ تي اهو اعتراض هو ته هو غريب هُئا ۽ اُنهن وٽ مال ۽ دولت جي فراواني (واڌ) ڪانه هُئي ۽ هو چوڻ لڳا ته هڪ فقير وڏن وڏن اميرن مٿان بادشاه ڪيئن ٿو مُقرر ٿي سگهي؟“.
    چيو وڃي ٿو ته الله ج شموئيل ع ڏانهن وحي ڪئي هُئي ته بني اسرائيل جو جيڪو شخص هن عصا جيترو قد رکندو هُجي ۽ جڏنهن هو توهان ع وٽ اچي ته اُن کي بادشاه مُقرر ڪري ڇڏجو. اهُو پڙهو ٻُڌي بني اسرائيل جا مرد شموئل ع وٽ آيا ۽ اُن عصا سان پنهنجو قد ماپڻ لڳا پر طالوت ع کان سواءِ ڪنهنجو قد به عصا جيترو ڪونه بيٺو. طالوت ع جڏنهن شموئيل ع وٽ ويا ته اُنهن اُن جي تصديق ڪئي ۽ بني اسرائل تي کين بادشاه مقرر ڪري ڇڏيائون ماڻهن کي ٻُڌايائون ته الله ج توهان تي طالوت ع کي بادشاه مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين ع علم ۾ به توهان کان وڌيڪ ڪشادگي ڏني اٿس ج. هڪ قول موجب علمي ڪُشادگيءَ جو مطلب جنگي اُمورن ۾ ڪشادگي آهي. هڪ قول اهو به آهي ته حضرت طالوت ع کي هر ميدان ۾ بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ علمي برتري حاضل هُئي. اهڙيءَ طرح قرآن جي لفظ”الجسم“ مان مُراد به ڪن ويجهو قد ۾ ڊيگه، ڪن جي ويجهو حُسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ برتري آهي. ظاهري لفظن مان به خبر پئي ٿي ته طالوت ع بني اسرائيل جي ٻين مردن جي مُقابلي ۾ وڌيڪ عالم ۽ گهڻا خوبصورت هُئا. حضرت طالوت ع کان جي ڪو علم ۽ جسم ۾ برتر هو ته اُهي حضرت شُموئل ع ئي هُئا” والله يئتي ملڪه من يشاءُ“ ۽ الله ج عطا ڪري ٿو پنهنجو ملڪ (بادشاه) جنهن کي چاهي ٿو.“ اُهو ج ئي حقيقي بادشاه آهي اُهو ج ئي خالق ۽ آمر آهي. ”والله واسع عليم“ الله ج وُسعت وارو ۽ سڀ ڪُجه ڄاڻڻ وارو آهي.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت طالوت عليه الصلات والسلام (پارٽ ٻيو).

    قصو حضرت طالوت عليه الصلات والسلام (پارٽ ٻيو).
    ”وقال لهم نبيهم ان آيه ملڪه ان يآتيڪم التابوت فيه سڪينه من ربڪم و بقيه مما ترڪ آل موسي و آلهارون تحمله الملائڪه ان في ذالڪ لآيه لڪم ان ڪنتم مئومنين.“ ۽ چَيُن اُنهن جي نبيءءَ ته بادشاهيءَ جي نشاني هي آهي ته ايندي توهان وٽ هڪ پيتي (صندوق) اُن ۾ تسلي (جو سامان) هوندي توهانجي رب طرفان ۽ (اُن ۾) بچيل شيون هونديون جنهن کي ڇڏي ويا هُئا اولاد موسيٰ ۽ اولاد هارون. کڻي ايندا اُن صندوق کي فرشته بيشڪ اُن ۾ وڏيون نشانيون آهن توهان لاِ جي توهان ايماندار آهيو“
    هي سڀ ڪُجه الله ج بزرگ و برتر جي برڪت ۽ احسان جي ڪري پئي ٿيو جنهن اها بابرڪت صندوق کين موٽائي ڏياري جنهن کي اسرائيل جا دُشمن کائُن کسي ويا هُئا، هيءَ ئي اُها پيتي هُئي جنهن جي ڪري هو پنهنجي دُشمنن تي فتح ماڻيندا هُئا”فيه سڪينه من ربڪم“.
    چيو وڃي ٿو ته هڪ ٿالُهه(وڏي پليٽ)”طشت“ هو جنهن ۾ نبي عليهما وسلاما جن جي سينن کي ڌويو ويندو هو. هڪ قول مطابق ”سڪينه“ مان مُراد جهڪ (يا تيز هوا) آهي. هڪ ٽيو قول به ملي ٿو ته ”سڪينه“ ٻليءَ جي شڪل جو ڪو جانور هو جيڪو جنگ جي دوران جڏنهن رڙيون ڪندو هو ته اسرائل کي يقين ٿي ويندو هو ته هاڻ انهن جي فتح قريب آهي” وبقيه مما ترڪ آل موسيٰ و آل هارون تحمله الملائڪه“ چون ٿا ته اُن پيتيءَ ۾ اُنه پٽين (تختين) جا ٽُڪرا هُئا جن تي تورات لکيل هُئي ۽ من و سلويٰ جو ڪُجه حصو به هو جيڪو ميدان تيه ۾ الله ج جي فضل و ڪرم سان ُنهن تي نازل ٿيندو رهندو هو.” تحمله الملائڪه“ يعني ان صندوق کي فرشتي کڻي ايندا ۽ توهان پنهنجي اکين سان ڏسندئو ۽ هي ڪرامت توهان تي الله ج جي نشاني ۽ مُهنجي (شموئيل ع) سچائيءَ جي واضح دليل هوندي ۽ ان شق کي دور ڪرندي ته طالوت ع کي بي سبب اُنه تي حاڪم بڻايو پئي ويو. اُن لاءِ قرآن ۾ چيو ويو ته”ان في ذالڪ لايه لڪم ان ڪنتم مئومنين.“
    چون ٿا ته جڏنهن عمالقه هن صندوق کي اسرائيلين کان ڇنڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن ۾ تسليءَ جو سامان ۽ حضرت موسيٰ ع ۽ حضرت هارون ع جي اولاد جو پويان ڇڏيل سامان هو ۽ هڪ ٻي روايت موجب صندوق ۾ تورات جي لکيل پٽيون (الواح) هُيون ته عمالقه ان صندوق کي هڪ بُت جي هيٺان رکي ڇڏيو جنهن جي هو پنهنجي سرزمين تي پوڄا ڪندا هُئا. جڏنهن صب؟ح ٿيو ته صندوق بُت جي مٿي تي پيل هُئي. هُنن صندوق کي لاهي وري هيٺ رکي ڇڏيو ۽ بُت کي وري صندوق جي مٿان رکي ڇڏيو. ٻئي ڏينه وري ڇا ٿا ڏسن ته صندوق وري بُت جي مٿي تي چرهي پئي آهي. جڏنهن گهڻن ڏينهن تائين اهو سلسلو هلڻ لڳو ته هو سمجهي ويا ته الله ج کي اهو ڪرڻ منظور هو هُنن پوءِ اها صندوق کئي ۽ اچي ٻئي ڳوٺ ۾ رکي. انهي دوران کين اچي گردن ٽوڙ بيماريءَ گهيرو ڪيو. جڏنهن ڪُجه عرصو گُذري ويو ۽ هيءَ وبا وڌڻ لڳي ته هُنن صندوق کي هڪ ڍھي گاڏيءَ ۾ رکي، اُن جي اڳيان ڍڳا ٻڌي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو ته جيئن اُهي ڍڳا اُن کي گهلي ڪنهن پري پري مُلڪ ڏانهن کڻي وڃن.
    چيو وڃي ٿو ته اُهي ڍڳا دراصل فرشته هُئا ۽ مٿئين قرآني آيت موجب هي فرشته ان صندوق کي واپس اسرائيلن وٽ کڻي آيا ۽ شموئيل ع جي خدمت ۾ حاضر ڪيائون. اسرائلي ان صندوق کي پاڻ طرف ايندو اکين سان پاڻ ڏسي رهيا هُئا جنهن جي باري ۾ کين شموئيل ع آگاهي ڏني هُئي.(والله اعلم“.
    ”فلما فصل طالوت بالجنود قال ان الله مبتليڪم بنهر فمن شرب منه فليس مني ومن لم يطعمه فانه مني الا من اغترف غرفه بيده. (سوره البقره). ۽ پوءِ جڏنهن عُبور ڪيو(شاخ کي) اُن کي طالوت ۽ انهن ماڻهن جن ايمان آندو هو ان سان گڏ. چوڻ لڳا ڪا به سگه ناهي اسانکي اڄ جالوت ۽ ان جي لشڪر سان مُقابلي ڪرڻ جي“ يعني جالوت جي لشڪر نسبت پاڻ کي ڪمزور خيال ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته جالوت جي لشڪر جو تعداد به انهن کان گهڻو آهي ۽ هو طاقت ۾ به هنن کان وڌ آهن. ”قال الذين يظنون انهم ملقوا الله ڪم من فئه قليله غلبت فعئ ڪثيره باذن الله و الله مع الصابرين“ مگر چيو اُنهن ماڻُهن جيڪي يقين رکندا هُئا ته هو صرور مُلاقات ڪرڻ وارا آهن الله ج سان ته الاهي دفعا ننڍيون جماعتون غالب آيون آهن وڏين جماعتن تي الله ج جي اذن (مرضي) سان ۽ الله ج صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي“.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت طالوت عليه الصلات والسلام (پارٽ ٽيون. آخري).

    قصو حضرت طالوت عليه الصلات والسلام (پارٽ ٽيون. آخري).
    ”ولما برزوا لجالوت و جنوده قالوا ربنا افرغ علينا صبروا وثبت اقدامنا و انصرنا علي القوم الڪافرين.“ ۽ جڏنهن .سامهون آيا جالوت ۽ اُنهن جي فوج جي ته بارگاه الهيءَ ۾ عرض ڪرڻ لڳا (ته) اي اسانجا رب! لاه اسان مٿان صبر ۽ ڄمائي ڇڏ اسان جي قدمن کي ۽ فتح ڏي اسانکي قوم ڪُفار تي“.
    ”فهز موهم. باذن الله“.بس اُنهن شڪست ڏني جالوت جي لشڪر کي، الله ج جي مهرباني ۽ نصرت سان“ نه ڪه پنهنجي طاقت ۽ قوت بازن سان حالانڪه دُشمنن جو تعداد گهڻو هو.
    ”و قتل داود جالوت و آتاه الله الملڪ و الحڪمه و علمه مما يشاءُ” ۽ قتل ڪري ڇڏيو دائود جالوت کي۽ عطا ڪئي الله ج دائود کي حڪومت ۽ دانائي ۽ سيکاريائينس ع هُن ج جيڪو چاهيو.“
    سدي رح چوي ٿو ته حضرت دائود ع پنهنجي ڀائُرن مان سڀ کان ننڍو هو. حضرت دائود ع جا 13 ڀائُر هُئا. حضرت طالوت ع اعلان ڪيو ته جيڪو شخص جالوت کي قتل ڪندو ته مان ع اُن سان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائيندس ۽ پنهنجي بادشاهت ۾ به اُن کي ڀائيوار ڪندس. در اصل طالوت ع پنهنجي لشڪر کي ترغيب ڏئي رهيا هُئا ۽ جالوت کي قتل ڪرڻ لاءِ کين اُڀاري رهيا هُئا. مٿين آيت حصرت دائود ع جي بهادريءَ جو دليل ڏي ٿي ۽ دليل ڏي ٿي ته دائود ع جالوت کي قتل ڪري سندس لشڪر جي چيله ڀڃي ڇڏي.
    چون ٿا ته حضرت دائود ع جن وٽ هڪ غُليل هُئي پاڻ ع ان غليل سان پٿر اُڇلائي هڻڻ ۾ مهارت رکندا هُئا جڏنهن پاڻ بني اسرائيل سان گڏ پئي هليا ته هڪ پٿر ڳالهايو ۽ کين ع چيائون ته مونکي به پاڻ سان کڻي هلو ڇو جو جالوت مونسان ئي قتل ٿيڻ وارو آهي. حضرت دائود ع ان پٿر کي کنيو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هڪ ٻن ٻين پٿرن به ڳالهايو ۽ ائين چيائون پاڻ ع ٽنهين پٿرن کي پاڻ ع سان کنيو ۽ پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو.
    جڏنهن ٻنهين طرفان جنگ ڪرڻ لاِ صفون ترتيب ڏنيون ويون ته پهرئين جالوت اڳيان آيو ۽ دعپت مبازت (مقابلي جي) ڏني ته حصرت دائود ع مُقابلي لاءِ ٻاهر نڪري آيا. جيئن ته دائود ع اڃا ڪمسن ٻار هُئا ته جالوت جي جڏنهن دائود ع جي نظر پئي ته چوڻ لڳو ته تون ع واپس هلي وڃ مان نٿو ڇاهيان ته هڪ ننڍو ٻار مُهنجي هٿان قتل ٿئي. حصرت دائود ع واراڻيس ته ٺيڪ آهي توکي مُنکي ع قتل ڪرڻ پسند ڪونهين پر مان ع ته توکي قتل ڪرڻ پسند ٿو ڪريان نه!. پاڻ ع پوٰ اُهي ٽئي پٿر کيسي مان ڪڍيا، پنهنجي غوليل ۾ ٽنهين کي گڏ وجهي زور سان ڇڪي اُن کي جالوت جي مٿي ۾ هڻي ڪڍيا جنهن سان جالوت جو مٿو ڦاٽي پيو، اُ جي لشڪر جو اهو منظر ڏٺو ته ڀاڄ کاڌائون ۽ اهڙيءَ طرح الله ج طالوت ع سان پنهنجو وعدو پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ع به وعدي جي پوياري ڪندي دائود ع سان پنهنجي ڌيءَ کي نڪاح ۾ ڏنائون ۽ گڏوگڏ اُن ع جي حڪُم کي قبول ڪرڻ لاءِ مُلڪ ۾ نافذ ڪري ڇڏيائون. دائود ع جي ان بهادريءَ شجاعت اسرائيلن کي ايترو ته مائل ڪيو جو هو کيس ع طالوت ع کان وڌ مُحبت ڪرڻ لڳا.
    چون ٿا ته دائود ع جي اُن مقبوليت تي طالوت ع حسد ۾ مُبتلا ٿي ويا ۽ حضرت دائود ع کي قتل ڪرڻ پويان پئجي ويا پاڻ ع ان ڪرڻ لاءِ گهڻن حيلن بنهانن کي تلاش ڪرڻ لڳا پر ڪامياب نه ٿيا. عالمن طالوت ع کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ته هو دائود ع جي خون سان پنهنجا هٿ نه رنگي پر هنن ع نه مڃيو ۽ برابر سازشون ڪندا رهيا. جڏنهن عالمن جو زور وڌڻ لڳو ته اُنهن ع اُنهن سڀني عالم کي به قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ اُنهن مان هڪ کي به جيئرو نه ڇڏيو.
    پوءِ هڪ اهڙو مور به آيو ته پاڻ ع پنهنجي سازشن تي نادم ٿي پيا گهڻي عرصي تائين الله ج جي حصور آه زاري ڪندا رهيا ۽ الله ج کان پنهنجي خطائن جي معفي گهرڻ لڳا ۽ ايترو رُنا ايترو رُنا جو زمين سندن ڳوڙهن سان تر ٿي وئي.
    چون ٿا ته صحرا ۾ ڀٽڪندي هُنن هڪ آواز ٻُڌو، ڪو کين چئي رهيو هو ته طالوت ع! تو اسانکي قتل ته ڪري ڇڏيو پر اسان زنده آهيون ۽ تو اسانکي اذيتون ڏنيو حالنڪه اسان ته مري چُڪا هُئاسون. هن آوازن ۽ راڃ روڙي کين ع ويتر سندن آه وزار ۽ خوف ۾ اصافو ڪري ڇڏيو. پوءِ پاڻ ع پُڇڻ لڳا ته ڇا ڪٿي ڪو عالم آهي؟ ته مان کائنس تونه ڪرڻ جي بابت پُڇي سگهان؟ ڇا ممڪن آهي ته مُهنجي توبه قبول ٿي وڃي ته ماڻهن فرماين ع ته ته ڇا توهان هن مملڪت ۾ ڪنهن عالم کي ڇڏيو به آهي؟ جنهن کي قتل نه ڪيو هجيوَ؟ ايستائين جو پوءِ کين ع هڪ نيڪ ڪردار عورت جي خبر پئجي وئي اُن عابده عورت طالوت جو هٿ جهليو ۽ حضرت يوشع بن نون ع جي قبر تي وٺي وئي. ان عورت الله ج جا بارگاه ۾ دُعا گهُري ته يوشع بن نون ع زنده قبر مان نڪري آيا ۽ پُڇڻ لڳا ته ڇا قيامت اچي وئي؟ عورت عرض ڪيو ته قيامت جو ڏينهن نه پر طالوت ع توهان کان پُڇڻ ٿو چاهي ته ته ڇا سندس توبه قبولڪرڻ جي ڪا صورت هوندي؟ يوشع بن نون ع وراڻين ها! سندن توبه قبول ٿي سگهي ٿي. هو مُلڪ ڇڏي وڃي ۽ الله ج راه ۾ جهاد ڪند ڪندي شهيد ٿي وڃي. پوءِ طالوت ع جهاد في سبيل الله جي راه اختيار ڪئي ايستائين جو پوءِ شادت نصيب ٿين. مُلڪ ۾ سند لاش کي آندو ويو ته اُن وقت مُلڪ جو بادشاه دائود ع هُئا ان لاءِ قرآن فرمايو” واتاه الله الملڪ و الحڪمع و علمه مما يشاع.“
    هن قصي کي علامه ابن جرير سديءَ جي حوالي سان پنهنجي تاريخ ۾ نقل ڪيو آهي. هن قصه جا ڪي ٻيا پاسا محل نظر آهن ۽ هي روايت منڪر آهي (والله اعلم)
    محمد اسحاق جي بقول ڀالوت کي توبه جي باري ۾ ٻُڌائڻ وارو نبي ايسع ابن اخطوب ع هُئا ان کي علامه ابن جرير به روايت ڪيو آهي.
    ثعلبي جو چوڻ آهي ته عورت ڀالوت ع کي حضرت شموئيل جي قبر تي وڃي آئي هُئي باقي قصو ساڳيو آهي. ممڪن آهي ته هي سمورو معاملو خواب جو هُجي ۽ جاڳندي هن شخص شموئيل ع کي زنده قبر مان نڪرني محسوس ڪيو هُجي. هي نبيءَ ع جو معجزو آهي جڏنهن ته عورت نبي نٿي ٿي سگهي (والله اعلم) ابن جرير چوي ٿو ته طالوت ع ڪُل مُدت بادساهت کان پنهنجي اولاد جي قتل ٿيڻ تائين 40 سال هُئي. الله اعلم.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو