1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ پهريون)تحريروتحقيق،انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    ”وقتل داود جالوت و اته الله الملڪ و الحڪمه و علمه مما يشآءُ و لولا دفع الله الناس بعضهم ببعض لفسدت الارض و لڪن الله ذو فضل علي العلمين. (سوره البقره)” ۽ قتل ڪري ڇڏيو دائود جالوت کي ۽ عطا ڪئي الله ج دائود کي حُڪومت ۽ دانائي ۽ سيکاري ڇڏيائين اُن کي جيڪو چاهيو ۽ جي نه بچاءُ ڪري ها الله ج ڪن ماڻهن جو ڪن جي ذريعي ته برباد ٿي وڃي ها زمين ليڪن الله ج فضل ۽ ڪرم ڪرڻ وارو آهي سموري جهانن تي“
    جيئن ته طالوت ع جي قصي ۾ پاڻ ڪُجه تفصيل ٻُڌائي آيا آهيون ته دائود ع ڪمسن هُئا ته جنگ ۾ جالوت کي غُليل هڻي مٿو ڦاڙي ماري وڌائون، محمد اسحاق ۽ ٻيا ڪي اهل علم حضرت وهب بن منبه رضيه کان روايت ڪري ٻُڌائين ٿا ته” دائود ع قد جا ننڍرا هُئا، سندن اکيون نيليون، مٿي تي وار ٿورڙا ته دل ۽ تن پاڪ صاف هو. پاڻ الله ج جا نبي ۽ بيت المقدس ۾ الله ج جا خليفه هُئا سندن شجرو ۽ نسب هيئن آهي ” حضرت دائود بن ايشا، بن عويد، بن عامر، بن سلمون، بن نحشو، بن عوينادب، بن ارم ، بن حضرون، بن يهودا، بن يعقوب ع، بن اسحاق ع، بن ابراهيم ع“.
    ذڪر ڪري آيا آهيون ته دائود ع جالوت کي قتل ڪيو، ابن عساڪر جي قول مُطابق هي قتل ام حڪيم جي محل جي جڳه تي ”مرج الصفر“ جي ويجهو واقع ٿيو. ان بهادُري ۽ مُعجزانا قُوت جي ڪري بني اسرائيل سندن عاشق ۽ شيدائي ٿي پيا هُئا ۽ تنهنڪري سڀني جو لاڙو سندن طرف ٿي پيو هو کين ع پنهنجو بادشاه بڻائڻ چاهيندا هُئا. پوءِ حضرت طالوت ع جيڪو وقعو پيش آيو اُهو توهان پڙهي چُڪا. المختصر طالوت ع کان پوءِ ان مملڪت جي اڳواڻي حضرت دائود ع جي هٿ ۾ اچي وئي. کين الله ج گهڻن ٻين نعمتن سان گڏ ٻن خاص نيمتن دُنياوي ۽ اخروي سان پڻ نوازيو هو. پاڻ ع نبي هُئا ته بني اسرائيل جا بادشا به، جڏنهن ته ان کان پهرئين ائين ٿيندو پئي آيو ته بادشاه هڪ نسل مان هوندو هو ته نبي ٻين نسلن مان ۽ هاڻ بادشاهت ۽ نبوت سندن صورت ۾ هڪ جڳه تي گڏ ٿي ويون.
    امير الموئمنين حصرت عثمان غني رضي الله عنه فرمائين ٿا ته الله ج قرآن جي ذريعي ايترو (فساد) نٿو روڪي جيترو بادشاهت جي ذريعي روڪي ٿو. علامه ابن جرير پنهنجي لکيل تاريخ ۾ بيان ٿو ڪري ته ” جڏنهن جالوتَ، طالُوت ع کي دعوت مُبارزت ڏئي چيو هو ته مُهنجي مُقابلي لاءِ صف کان ٻاهر نڪري اچو ع ته مان تُهنجي ع مُقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاهر ميدان ۾ نڪري آيو آهيا ته حضرت طالوت ع الله جي اذن سان ماڻهن کي مُقابلي ڪرڻ جي ترغيب ڏياريته حضرت دائود ع ان دعوت کي قبول ڪيو ۽ جالوت کي مُقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيائون ع.
    وهب بن منبه رح لچي ٿو ته پوءِ ماڻهون حضر دائود ع طرف اهڙيءَ طرح مائل ٿي ويا جو طالوت ع جو ذڪر تائين نه رهيو، اُنهن طالوت ع جي بادشاهت جو تاج ڪنڌ مان لاهي حضرت دائود ع کي پنهنجو حاڪم بڻائي ڇڏيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته حضرت دائود ع جي امارت جو حُڪم حضرت شموئيل ع جاري ڪيو هو ڪي ماڻهو ته ايستائين به ٿا چون ته حضرت دائود ع هن جنگ کان پهرئين بادشاه بني اسرائيل مققر ٿي چُڪا هُئا. علامه ابن جرير لکي ٿو ته عوام (جهمور) جي راءِ موجب حضرت دائود ع جالوت کي قتل ڪرڻ کان پوءِ بني اسرائيل جا بادشاه بڻيا هُئا (والله اعلم). ابن عساڪر سعيد بن عبدالعزيز سان روايت ڪري چون ٿا ته جالوت جو قتل ”قصرام حڪيم“ جي جڳه تي واقع ٿيو ۽ هاڻ جيڪا اُتان شاخ ٿي وهي، هيءَ اُهائي شاخ آهي جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ ڪيل آهي. (والله اعلم)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    ”ولقد آتينا دائود منا فضلا يا جبال. اوبي معه و الطير و الناله الحديد انن اعمل سابغات و قدرفي السردو اعملوا صالحا اني بما تعلمون بصير. (سوره السباءِ). بيشڪ اسان پاڻ وٽان دائود کي گهڻي فضيلت بخشي(اسان حڪم ڏنو) اي جبلئو! تسبيح چئو(پڙهو) ان سان ملي ڪري ۽ پکين کي به اهو حڪم ڏنو. ان کان سوا اسان لوه کي ان لاِ نرم ڪري ڇڏيو(۽ حڪم ڏنو) ته ڪشاده زرهون ٺاهيو ۽ (انهن لاءِ) حلقه وجهڻ ۾ اندزي جو خيال رکو ۽( اي آل دائود) نيڪ ڪم ڪندا ڪريو ڪو شڪ ئي ناهي ته جيڪو ڪُجه توهان ڪريو ٿا. اسان اُن کي خوب ڄاڻون ٿا“
    قآن شريف ۾ ٻئي هنڌ الله ج فرمائين ٿا ته” وسخرنا مع دئود الجبال يسبحن و الطير و ڪنا فاعلين و علمناه صنعه لبوس لڪم لتحصنڪم م بآسڪم فهل انتم شاڪرون. (سوره الانبياءِ) ۽ اسان فرمانبردار بڻائي ڇڏيو جبلن کي ۽ پکين کي دائود جو ۽ سڀئي اُن سان گڏجي تسبي ڪندا هُئا ۽ (هي شان) اسان (ئي) ڏيڻ وارا هُئاسون ۽ اسان سيکاريو انهن کي ذره ٺاه جو هُنر توهانجي فائدي لاءِ ته اُها ذره بچائي توهانکي توهان جي حملي کان. ته ڇا توهان (ان جو احسان) شُڪر ادا ڪرڻ وارا آهيو“.
    الله ج حضرت دائود ع کي ذره (لوه جي پوشاڪ جيڪا جنگ ۾ ڌڪ کان بچاءَ لاءَ پاتي وڃي ٿي) ٺاهڻ جي ڪم جي توفيق بخشي ته جيئن هو ع دُشمن جي مُقابلي ۾ محفوّظ رهن. کين ع ان صنعت جو طريقو سيکاريو ۽ ان جي ڪيفيت جي تعليم ڏني. چيو ته” وقد رفي السرد“ ڪوڪن کي نه ته ايترو سنهون ڪيو جو هو ٽُٽي پون ۽ نه ئي ايترو ٿُلهو جو جسم ۾ چُبهي وڃي“ هي قول مُجاهد، قتاده، حڪم ۽ عڪرمه رضي الله عنهم جو آهي.
    حضرت حسن بصري، قتاده ۽ اعمش رحم چون ٿا ته الله ج حضرت دائود ع لاءِ لوه کي ايترو ته نرم ڪري ڇڏيو هُئائون ج جو لوه اُن کي ڀٽيءَ ۾ گرم ڪرڻ ۽ ڪُٽڻ جي ضرورت ڪا نه هُئي. قتاده جي قول مُطابق سڀني کان پهرئين دائود ع ئي ڄاريدار زره ٺاهي هئي، ان کان پهرئين زرهون پترين نما هونديو هُيون. ابن شورف جو چوڻ آهي ته پاڻ ع روزانو هڪ زره ٺاهيندا هُئا ۽ اُن کي 6000 درهمن ۾ وڪڻندا هُئا. حديث پاڪ ۾ ثابت ٿي اچي ٿو ته” پاڪيزه ترين رزق اُهو آهي جنهن کي هڪ شخص پنهنجي هٿن سان ڪمائي ٿو“ الله ج جو نبي حضرت دائود ع به بادشاه ۽ نبي ته هُئا پر پنهنجي هٿن سان ڪمائي کائيندا هُئا.
    حصرت دائود ع کي عبادت جي قُوت ۽ اسلام جي سوچ سمجه سان نوازيو ويو هو قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته” و اذڪر عبدنا دائود ذالايد انه اواب سخرنا الجبال معه يسبحن بالعشي والاشراق والطير محشوره ڪل له اواب. و شددنا ملڪه و آتيناه الحڪمه و فصل الخطاب. (سوره ص). ياد ڪريو اسان جي بندي دائود کي جيڪو وڏو طاقتور هو هو (اسان طرف) گهڻو رُجوع ڪندڙ هو. اسان فرمانبردار ٺاهي ڇڏيو هو جبلن کي هو اُن سان گڏ تسبيح پڙهندا هُئا عشا ۽ اشراق جي وقت. ۽ پکين کي به، هو تسبيح پڙهڻ وقت گڏ ٿي ويندا هُئا سڀئي اُن جا فرمانبردار هُئا. ۽ اسان مضبوط ڪري ڇڏيو اُن جي حُڪومت کي ۽ اساب بخشي اُن کي دانائي ۽ فيصلو ڪرڻ جي سگه.“
    ڪي علما چون ٿا ته پاڻ پوري رات عبادت ڪندا هُئا ۽ پنهنجي اڌ زندگي روزي سان رهي گُذاري هُئي (يعني هڪ ڏينهن روزو ته ٻيو ڏينهن افطار). صحيحين ۾ آهي ته حضرت مُحمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم فرمائيندا هُئا ته الله ج جي ويجهو محبوب ترين نماز حضرت دائود ع جي نماز آهي ۽ محبوب ترين روزه به سندن ئي آهن. پاڻ اڌ رات جو پهر آرام ڪندا هُئا، ٽيو حصو عبادت ڪندا هُئا ۽ پوءِ (آخري) ڇهون حصو آرام ڪندا هُئا، هڪ ڏينهن روزو رکندا هُئا ته هڪ ڏينهن افطار ۽ جڏنهن دُشمنن سان مُهن مُقابلي ٿيندا هُئا ته پُٺ ڦيري ڀڄندا نه هُوا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    امام اوازعي رح چون ٿا ته موسان عبدالله بن عامر رضيه حديث بيان ڪئي ته ”الله ج حضرت دائود ع کي ”حسن صوت“ جي دولت سان ايتري قدر ته نوازيو هو جو ڪنهن ٻئي شخص کي ڪونه نوازيائون ج. آواز ايترو ته سُريلو هون ع جو پکي ۽ جانور جڏنهن کين ع ٻُڌندا هُئا ته ته سند گرد ٿي بهندا هُئا ۽ بُک اُڃ کان مري ويندا هُئا پر اُتان هٽڻ جو نالو نه وٺندا هُئا ۽ ائين پورو ڏينهن ”لحن دائودي“ ۾ مست ۽ دم بخود ٿي گُذاري ڇڏيندا هُئا.
    وهب بن منبه رح چون ٿا ته جڏنهن ڪنهن انسان جي ڪن ۾ سندن آواز (سُر) پوندو هو ته هو رقص جي انداز ۾ اُڇل جمپ شروع ڪري ڇڏيندا هُئا. پاڻ ع زبور جي آيتن کي اهڙي خوبصورت آواز سان تلاوت ڪندا هُئا جو ان تلاوت ڪرڻ جو ڪو مثال نه ملندو هو. جن، انس، پکي پکڻ، چرند، پرند سڀ سندن آواز تي گڏ ٿي ويندا هُئا ايستائن جو انهن مان ڪي ته بُک جي ڪري مري پوندا هُئا .(پر سندن محل کان پري ٿيڻ نه چاهيندا هُئا). ابوعوانه اسفرائيني بيان ٿو ڪري ته هن سان ابوبڪر بن ابي الدنا، محمد بن منصور الطوسي ۽ حضرت امام مالڪ رح بيان ڪيو ته ” حضرت دائود ع جڏنهن زبور جي تلاوت شروع ڪندا هوئا ته ته جوان ڇوڪريون پردي کان ٻاهر نڪري ايندون هُيون (مگر هيءَ حديث غريب آهي).
    عبدالرزاق، علامه ابن جريح کان روايت ٿو ڪري ته مون عطا کان پُڇيو ته” ڳائڻ جي انداز ۾ قرآن جي تلاوت ڪيئن هوند؟ ته اُنهن فرمايو ته” ان ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي؟ مون عبيد بن عمر کي چوندي ٻُڌو آهي ته” حصرت دائود ع وٽ هڪ ”آله موسيقي“ هو جنهن تي هو ع زبور جي آيتن کي ڳائي تلاوت ڪندا هُئا . هن آلي جو آواز سندن ڪن تي پوندو هو ۽ هن آله موسيقي استعمال ڪرڻ جو مقصد به اُهو هو ته پاڻ ع پاڻ به روئين ۽ ٻين کي به رُئاڙين. امام احمد، حضرت عاشه صديقه رصي الله عنها کان روات ڪن ٿا ته نبي سائين صلعم، ابو موسيٰ اشعري جو جڏنهن آواز ٻُڌو هو، جڏنهن هو قرآن جي تلاوت ڪري رهيا هُوا ته فرميائون ص” ابو موسيٰ کي آل دائود جي مزامير سان نوازيو ويو آهي“ (هي حديثون شيخين جي شرطن تي پوريون ٿيون لهن حالانڪه انهن ٻنهين هن کي سند سان روايت ڪون ڪيو آهي)
    امام احمد، حضرت ابو هريره رضيه کان روايت ڪن ٿا ته نبي صلعم جن فرمايو ته” ابو موسيٰ کي ”لحن دائودي“ عطا ڪئي وئي آهي“ اسان ابو عثمان نهديءَ کي روايت ڪيو ته هُنن به فرمايو ته” مون رباط ۽ مزامير جو آواز(سُر) به ٻُڌو آهي مگر حضرت ابو موسيٰ جي آواز کان خوبصورت آواز ڪو به ناهي ٻُڌو“.
    دائود ع کي حسن صوت سان الله ج کين اها قوت به عطا ڪئي جو زبور جي آيتن جي تلاوت ۾ به پاڻ سُريلا هُئا جيئن امام احمد ٻُڌايو، اسان سان عبدالرزاق،اسان سان معمر بيان ڪيو انهن همام سان ۽ اُنهن حضرت ابو هُريره رضيه سان، چون ٿا ته نبي ص جن فرمايو ته” حضرت دائود ع لاءِ قرآت آسان ڪئي وئي هُئي، پاڻ گهوڙي تي زين ٻڌڻ جو حُڪم ڏيندا هُئا ۽ جڏنهن زين ٻڌجي ويند هُئي ته پاڻ چڙهڻ کان پهرئين زبور جي قرآن کي مُڪمل ڪندا هُئا پاڻ پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ کانسواِءِ ڪا به شي ڪونه کائيندا هُئا.
    اهڙيءَ طرح امام بخاري، ٻئي انداز ۾ ان حديث کي عبدالله بن محمد کان هو عبدالرزاق کان روايت ڪن ٿي ات حديث جا لفظ هي آهن ته” حضرت دائود ع جي لاءِ قرآن آسان ڪئي وئي هُئي، پاڻ ع گهوڙن تي زين ٻڌڻ جو حڪم ڏيندا هُئا ۽ زين ٻڌڻ کان پهرئين ئي پوري زبور پڙهي وٺندا هُئا ۽ هٿ جي ڪمائيءَ کان سواءِ ڪُجه به ڪون کائينا هُئا“. حديث پاڪ ۾ لفظ قرآن مان مُراد زبور آهي جيڪو حضرت دائود ع تي نازل ٿيو ۽ وحيءَ جي معرفت لٿو.
    هڪ روايت ذڪر ڪئي وڃي ٿي ۽ لڳي ٿو ته اها روايت محفوظ آهي ته کين ع الله ج هڪ اهڙو مُلڪ عطا ڪيو جنهن ۾ رهڻ وارا ماڻهون سندن ع اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندا هُئا، هو گهوڙي تي زين ٻڌڻ جي دير ۾ زبور جي تلاوت ڪندا هووا ۽ ڪمال تيزيءَ سان حالنڪه پاڻ آيتن بيان ڪرڻ ۾ تدبر سان ڪم وٺندا هُئا. تلاوت خوشالحاني سان ڪندا هُئا، آواز ۾ اهڙي لَي اختيار ڪندا هُئا جو ان مان خشوع ٽمندو هو”صلوات الله و سلامه عليه“.
    الله ج فرمئي ٿو ته ”وآتينا دائود زبورا“ اسان عطا ڪئي دائود کي زبور“ زبور هڪ مشهور الهامي ڪتاب آهي، هي ڪتاب رمضان جي مهني ۾ نازل ٿيو هو هن ڪتاب ۾ وعظ ۽ حوڪم هُئا .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    ”وشددنا ملڪه وآتيناه الحڪمه و فصل لخطاب“ اسان هُن کي هڪ عظيم مملڪت سان نوازيو ۽ اُن جي حُڪم کي نافذ ڪرايو“
    علامه ابن جريه ۽ ابن حاتم حصرت ابن عباس رضيه کان روايت ڪن ٿا ته” ٻه ماڻهون حضرت دائود ع جي خدمت ۾ ڍڳيءَ جو هڪ مقدمون کڻي آيا، هڪ جي دعوايٰ هوئي ته مدمقابل اها ڍھي ان کان کسي آهي، مدعي عليه انڪار ڪندو رهيو. پاڻ ع پوءِ اهو فيصلو رات جو ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. رات جو الله ج کين ع وحي ذريعي آگاه ڪيو ته مدعي کي قتڪ ڪري ڇڏيو. صبح ٿيو ته دائود ع مُدعيءَ کي سڏائي ٻُڌايو ته کين ع الله ج وحيءَ جي ذريعي حڪم ڏنو آهي ته توکي (مدعي) قتل ڪري ڇڏيان. هاڻ مونکي لازمي توکي قتل ڪرڻون پوندو، ته تون جيڪا ڍڳيءَ جي دعويٰ پيو ڪرين ته اُن جي حقيقت به ٻُڌائيندو وڃ ته ڇا آهي؟ هو (مدعي) چوڻ لڳو ته اي الله ج نبي ع مان ان دعوي ۾ سچو آهيان. پر ها! ان کان پهرئين مون هن جي پيءُ کان ٻنيءَ مان اناج خريد ڪري ورتو هو. حضرت دائود ع حڪم صادر ڪيو ۽ اُهو شخص قتڪ ڪيو ويو. بني اسرائيل جي دلين تي دائود ع جي عظمت جي غالبت اچي وئي ۽ هو سندن الاهي گهڻا فرمانبردار بڻجي ويا. حضرت ابن عباس رضيه چوي ٿو ته ”و شددنا ملڪه“ ان ڪري چيو ويو آهي” و آتيناه الحڪمه“ جو مطلب آهي اسان کيس ع دولت سان نوازيو . ”و فصل الخطاب“ ويجهو شريح، شعبي، قتاده، ابو عبدالرحمان سلمي ۽ ٻين گهڻن مُفسرن جي مُراد آهي” گواهي ۽ قسم“ ”البنيه علي المدعي و اليمين علي من انڪر“ مدعيءَ جي ذمي آهي ته هو گوهي پيش ڪري ۽ انڪار ڪرڻ واري تي قسم لازمي آهي“
    مُجاهد ۽ سدي جي بقول ان مان مُراد صحيح فيصلي جي طاقت ۽ عدالتي فهم ۽ فراست آهي. مُجاهد چوي ٿو ته ان مان مُراد ڳاله ۾ سڌي سئين ڳاله ڪرڻ ۽ حُڪم ۾ صحيح فيصلو ڏيڻ آهي ان کان علاوه علامه ابن جرير به ائين بيان ڪيو آهي.
    وهب بن منبه رح ٻُڌائي ٿو ته ”جڏنهن شر جي واڌ آئي ۽ بني اسرائيل ۾ ڪوڙين شهادتن زور ورتو ته الله ج داود ع کي سڌو سئون حتمي ۽ ٻٽوڪ فيصلي ڪرڻلاِ ”زنجير مرحمت“ عطا ڪئي جيڪا آسمان کان بيت المقدستائين ڊگهي هُئي، سون جي ٺهيل هُئي ۽ اُن ۾ اها خوبي هُئي ته جيڪو پنهنجي دعويٰ ۾ سچو هوندو هو ته اُن کي ڇُهي سگهندو هو ۽ ڪوڙي جو هٿ اُن زنجير تائين رسندو ئي ڪونه هو. هي سلسلو هلندو رهيو ايستائين جو هڪ ماڻهونءَ ڪنهن وٽ موتي رکيا، اُن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ موتين کي هڪ تيرَ (نيزي ۾) اندر لڪائي ڇڏيو. جڏنهن ٻئي حاضر ٿيا ۽ پٿر جي مٿان لٽڪندڙ زنجير کي مُدعي پڪڙڻ چاهيو ته هُو ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ ٻئي کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو ويو هُن اهو موتين سان ڀريل (لڪيل) نيزو مُدعيءَ جي هٿ ۾ جهلايو ۽ پوءِ دل ۾ دُعا گهُري ته اي الله ج تون ج سڀ ڄاڻين ٿو ته مون موتي مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهو چوڻ کان پوءِ هن زنجير طرف هٿ وڌايو ته اُن کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، بنياسرائيل لاءِ هاڻ فيصلو ڪرڻ مُسڪل ٿي پيو ۽ پوءِ اُن وقت اُها سون جي زنجير اُتا هٽرائي وئي“ هن معنيٰ جي روايت ۾ ٻين گهڻن مفسرين به روايت ڪئي آهي ۽ هڪ اهڙي روايت اسحاق بن بشر، ادريس بن سنان ۽ ان وهب بن منبه کان روايت ڪئي آهي.
    ”و هل اتڪ نبئوا الخصم .. و حسن ماب. (سوره ص) ۽ ڇا آيو آهي توهان ڏي اطلاع مقدمي جي فريقن جو جڏنهن اُنهن ڀت اورنگهي عبادت گاه جي ۽ جڏنهن اوچتو داخل ٿيا دائود تي. بس پاڻ ڪجه گهٻرائجي ويا ان سان. انهن چيو ڊڄو نه اسان ته مُقدمي جا ٻه فريق آهيون. زيادتي ڪئي آهي اسان مان هڪ ٻئي سان. توهان اسانجي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪريو ۽ بي انصافي نه ڪجو ۽ ڏيکاريو اسانکي سڌو رستو” صورت نزاع هي آهي ته) هي مُهنجو ڀاءُ آهي، هن جون 99 رڍون آهن ۽ مون وٽ صرف هڪ رڍ. هاڻ هي چوي ٿو ته اها به مُهنجي حوالي ڪري ڇڏ ۽ سختي پيو ڪري مون سان ڳالهائڻ ۾. پاڻ چيائون بيشڪ ان ظلم ڪيو آهي توتي اهو مطالبو ڪري ته تُهنجي رڍ کي پنهنجي رڍُن سان ملائي ڇڏي ۽ اڪثر حصيدار زيدتي ڪن ٿا هڪ ٻئي سان پر سوا اُن حصيدار جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪندا رهيا ۽ اهڙا ماڻهون تمام ٿورڙا آهن. ۽ فورا” خيال آيو دائود کي ته اسان اُن کي آزمايو آهي سو هو معفي گهرڻ لڳي ويا پنهنجي رب کان ۽ ڪري پيا رُڪوع ۾ ۽ (دل و جان سان) اُن جي طرف متوجه ٿي ويا. بس اسان بخشي ڇڏي انهن جي اها تقصير ۽ بيشڪ انهن لاِ اسان وٽ وڏو قرب آهي ۽ خوبصورت انجام به“

    متقدين ۽ متاخرين ۾ گهڻن ئي آئمه مُفسرين هن آيت جي تفسير ۾ ڪي واقعه بيان ڪيا آهن جيڪي سڀ جا سڀ اسرائيلي روايتن سان تعلق رکن ٿا، هنن واقعن ۾ ڪي ته گهڻا ڪوڙ گهڙيل آهن جن کي هتي لکڻ لاءِ ڄاڻي واڻي اعراض ڪيو ويو آهي ۽ صرف قرآن جي آيت ۾ ذڪر ٿيل واقعي تي اڪتفا ڪيو ويو آهي. الله ج جنهن کي چاهي راه مُستقيم جي طرف هدات ڏي. سوره”ص“ ۾ واقع آيت سجده جي باري ۾ آئمه ڪرام ۾ اختلاف آهي، ڪن جو خيال آهي ته هي سجده شڪر آهي ته ڪن جي ويجهو هي ٻين سجدن وانگ هتي به سجدو وجب آهي. امام بخاري رح حضرت عوام رضيه سان روايت ڪيو آهي ته عوام فرمايو ته مون حضرت مُجاهد کان سجده ”ص“ جي باري ۾ پُڇيو ته اُنهن فرمايو ته مون حضرت ابن عباس رضيه کان سوال ڪيو ته توهان ر هتي سجدو ڇو ٿا ڪريو ته اُنهن فرمايو ته ڇا تون اها آيت ناهي پڙهي ته”اولائڪ الذين هدي الله فبهداهم اقتده. (سوره الانعام) جنهن کي الله ج هدايت ڏي ته توهان ان جي راه تي هلو“ بس دائود ع به انهن مان آهن جن ج رستي تي هلڻ جو نبي صلعم جن حڪم ڏنو آهي ۽ هن آيت ۾ دائود ع سجدو ڪيو ۽ (انهن جي اقتدا ۾) نبي صلعم جن ب هن آيت جي تلاوت تي سجده ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ پنجون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ پنجون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    ”فغفرنا له ذالڪ. و ان له عندنا لزلفي و حسن مآب. (سوره ص). بس اسان بخشي ڇي اُن کي هيءَ تقصير ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو قرب ۽ خوبصورت انجام آهي“
    امام احمد رح کان اُنهن حضرت ابن عباس رضيه کان روايت ڪيو آهي ته اُنهن ٻُڌايو ته سوره ”ص“ جو سجده واجب سجدن مان ڪونهين پر هُنن نبي صلعم جن کي هتي سجدو ڪندو ڏٺو آهي. سعيد بن جبير، ابن عباس کان ورايت ڪري ٻُڌائي ٿو ته محمد صلي الله عليه وسلم جن سوره ”ص“ تي سجدو ڪيو ۽ فرمايو ته ”حضرت دائود ع هتي ”توبهن جو سجدو“ ڪيو هو ۽ اسان هتي ”شُڪر جو سجدو“ ڪريون ٿا. (بخاري، ترمذي، ابودائود، نسائي ۽ هن کي روايت ڪرڻ ۾ امام احمد اڪيلا آهن ها ان جا راوي ثقه آهن).
    ابو دائود حضرت ابو سعيد الخدريص کان روايت ڪن ٿا ته ” حضور صلعم جن منبر تي ويهي سوره”ص“ جي تلاوت ڪئي. جڏنهن پاڻ ص ”آيت سجده“ تي پُهتا ته منبر تان هيٺ لهي آيا ۽ سجدو ڪيائون، ماڻهن ۾ پاڻ ص جي پيروي ڪندي سجدو ڪيو. ٻئي ڏينهن به پاڻ ص ان ساڳي سوره ”ص“ جي تلاوت ڪيائون ص. جڏنهن پاڻ ”سجده جي آيت“ تي پُهتا ته ماڻهون سجدو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا. پاڻ ص جن فرمايو ته ”هي سجدو حضرت دائود ع جي توبهن آهي پر مان ڏسان پيو ته توهان سجدو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهيو پوءِ پاڻ ص منبر تان لهي آيا ۽ سجدو ڪيائون ص. (هن کي روايت ڪرڻ ۾ ابودائود اڪيلا آهن ۽ سندن سندون صحيح بُخاريءَ جي شرطن تي پوريون ٿيون بيهن).
    امام احمد کان روايت آهي ته حضرت ابوسعيد الخدريءَ رضيه خواب ۾ ڏٺو ته هو سوره”ص“ پيا لکن. جڏنهن آيت سجده تي پُهتا ته خواب ۾ ڇا ٿا ڏسن ته، قلم، مَسُ ۽ اُتي جي هر شيءِ سجدي ۾ ڪري پئي آهي. چون ٿا ته مون جڏنهن ان خواب جو ذڪر حضور ص جن سان ڪيو ته اُن ذڪر ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ص جن جڏنهن به هي آيتءِ سجده تلاوت ڪندا آهن ته سجدو ادا ڪندا آهن. (هن کي روايت ڪرڻ ۾ امام احمد اڪيلو آهن).
    ترمذي ۽ ابن ماجه، ابن عباس رضيه کان روايت ڪن ٿا ته سند رضيه فرمان آهي ته” هڪ شخص بارگاه نبوي ص ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته يا رسولُ الله! ص مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته هڪ وڻ جي پُٺيان نماز پيو پڙهان. جڏنهن مون آيت سجسه تلاوت ڪئي ته وڻ به مونسان گڏ سجدو ڪيو ۽ مون سجدي ڪرڻ وقت وڻ کان هيءَ دُعا ڪندي ٻُڌي ” يا الله ج! هن جي برڪت سان مون لاءِ پاڻ ج وٽ اجر لک ۽ ان کي پاڻ ج وٽ ذخيرو بڻائي ڇڏ ج. ۽ ان جي طُفيل مون مان (گناه جا) وزن هٽائي ڇڏ ج. ان کي مُهنجي طرفان قبول ڪر ج! جهڙيءَ طرح پنهنجي ٻانهين دائود ع طرفان قبول ڪيو“ ابن عباس چون ٿا ته مون ڏٺو ته نبي سائين ص جن اُٿيا ، آيت سجده پڙهيائون ص ۽ پوءِ سجدي ۾ هلي ويا. مون ر ٻُڌو ته حالت سجدي ۾ پاڻ ص اُهائي وڻ واري دُعا گهُري رهيا هُئا جيڪان اُن سخص بيان ڪئي. (ترمذي چوي ٿو ته هي حديث غريب آهي . ۽ابن ڪثير ٻُڌائي ٿو مان ان کان سواءِ ٻي ڪنهن به سند کان واقف ڪونه آهيان).
    گهڻائي وڏا مُفسرين ٻُڌائين ٿا ته” حضرت دائود ع 40 ڏينهن تائي برابر سجدي ۾ رهيا.( هي قول مجاهد، حسن ۽ ٻين گهڻن ئي مفسرين جو آهي. هن سلسلي ۾ هڪ حديث به پيش ڪئي وئي آهي پر اُن جي سند ۾ يزيد رقاشي آهي جيڪو ضعيف ۽ مرروڪ الروايت آهي).
    ابن ابي حاتم ر، رعه ۽ عبدالله بن ابي زياد کان روات ڪن ٿا ته جعفر بن سليمان فرمايو ته مون مالڪ بن دينار ر کان ” و ان له عندنا لزلفي و حسن مآب“ جي باري ۾ چوندي ٻُڌو ته جڏنهن ”قيامت جي ڏينهن دائود ع ”بخشش جي ٿنڀ ڀرسان بيٺا هوندا. الله ج چوندن ته ”اي دائود ع! اڄ انهيءَ طريقي سان ان خوبصورت مُترنم آواز سان مُهنجو حمد ۽ ثنا بيان ڪر! جيئن دُنيا ۾ ڪندا هُئائو“ ته حضرت دائود ع عرض ڪندن ج ته “ اي الله ج هاڻ اهو ڪيئن ممڪن آهي توهان ج ته اُهو مُترنم آواز مونکان واپس وٺي ڇڏيو آهي“ ته الله ج فرمائيندن“ اڄ اُهو آواز آئون ج توکي ع وري واپس ٿو ڪريان“ راوي لکي ٿو ته جڏنهن دائود ع بُلند و مُترنم آواز سان الله ج جو حمد ۽ ثنا پڙهندا ته اهلءِ جن جون سڀئي نعمتون ان آواز جي ڀيٽ ۾ ڪُمائجي ويندون“
    ”يداود ان جعلنڪ خليفه في الارض فاحڪم بين الناس بالحق ولا تتبع الهوي فيضلڪ عن سبيل الله ان الذين يضلون عن سبيل الله لهم عذاب شديد بما نسوا يوم الحساب. (سوره ص). اي دائود! اسان مقرر ڪيوآهي توکي(پنهنجو) نائب زمين تي بس فيصلا ڪندو ڪر ماڻهن جي وچ ۾ انصاف سان ۽ نه پيروي ڪندو ڪر پنهنجي نفس جي اُها هٽائي ڇڏيندي توکي راه الله ج کان. بيشڪ جيڪي ماڻهون ڀٽڪي وڃن ٿا الله ج جي راه کان اُنهن لاءِ سخت عذاب آهي. ان لاءِ ته اُهي وساري چُڪا حساب جي ڏينهن کي“ اعملوا آل دائود شڪرا و قليل من عبادي الشڪور. (سوره سبا). اي دائود ع جي خاندان وارئو! (انهن نعمتن تي) شڪر ادا ڪريو ۽ گهڻا ئي گهٽ آهن مُهنجن ٻانهن مان جيڪي شُڪر گُذار آهن“
    ابوبڪر بن ابي الدنيا، ابو جلد کان روايت ٿو ڪري، چوي ٿو ته” مون دائود ع جي سلسلي ۾ پڙهيو آهي ته اُهن ع الله ج جي بارگاه ۾ عرض ڪيو ته” اي مُهنجا رب ج! مان ع تُهنجو شُڪر ڪيئن ادا ڪري سگهان ٿو ته تُهنجو ج شُڪر به ته تُهنجي ج ڪنهن نعمت جي بغير نٿو ڪري سگهان؟ “ راوي لکي ٿو ته الله ج جي طرفان وحي آئي” اي دائود ع! ڇا تون نٿو ڄاڻي ته توکي جيڪي نعمتون مُيسر آهن، سڀئي مُهنجو ئي عطا ڪيل آهن؟ عرض ڪيائون ع اي مُنهنجا رب ج ڇو نه ! چيائون ج ته مان عج تُهنجي ع طرفان شڪر تي راضي آهيان“
    بيهقي، ابن شهاب سان روايت ٿو ڪري ته” دائود ع چيو ته ”سڀئي تعريفون الله ج لاءِ آهن جيئن اُن جي ذات جي ڪرم * جلالِ عظمت جي لائق آهن“ الله ج وحي ڪئي ته” اي دائود ع! تو ته ڪراما” ڪاتبين کي به ٿڪائي ڇڏيو“ (هن حديث کي اهڙي طريقي سان ابوبڪر بن ابي الدنيا، علي ابن الجعد کان ۽ انهن امام سفيان ثوري کان روايت ڪيو آهي.)
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ڇهون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ڇهون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    حضرت عبدالله بن مبارڪ رح ڪتاب ”الزهد“ م فرمائين ٿا ته مونکي سفيان ثوري هيءَ خبر ڏني، اُنهن ڪنهن شخص کان روايت ڪيو. ان شخص حضرت وهب بن منبه رضيه سان روايت ڪيو آهي فرمايائون ته ”آل دائود ع جي حڪمت وارين ڳالهين ۾ هڪ ڳاله اها به آهي ته عقلمندن لاءِ لزمي آهي ته ته هو چئن گهڙين ۾ غفلت جو شڪار نه ٿين.
    (1) اُن وقت جڏنهن هو پنهنجي رب ج سان مناجات ڪري رهيا هُجن.
    (2) جڏنهن هُو پنهنجي ذات جو مُحاسبو ڪري رهيا هُجن.
    (3) ان گهڙيءَ جڏنهن اهڙن دوستن سان ويٺل هُجن جيڪي کين سندن عيڀ ٻُڌائر رهيا هُجن ۽ سندس نفس جي باري ۾ سچيون سچيو ڳالهون چئي رهيا هُجن.
    (4) ۽ جڏنهن هو خُلت ۾ هُجي ته اُتي نفس ۽ اُن جي رب ج کان سواءِ ڪير به نه هُجي.اُتي ڏسي ته ڇا حلال پيو ڪري ۽ ڪهڙي شي زيبا آهي.
    هي هڪ گهڙي ٻين ٽنهين گهڙين جي معاون آهي ۽ دلين لاءِ تسڪين آهي.
    ۽ عقلمند لاءِ لازم آهي ته هو وقت کي سُڃاڻي، پنهنجي زبان جي حفاظت ڪري، پنهنجي علم طرف مُتوجه رهي، عاقل لاءِ اهو به ضروري آهي ته هنن ٽنهين مان ڪنهن هڪ جي صورت ۾ سفر ڪري،
    (1) آخرت جي توشي لاءِ،
    (2) پنهنجي گذر ۽ سفر جي فرهاميءَ لاءِ،
    (3) ۽ غير محرم ۾ لذت (نڪاح) لاءِ.
    حافظ ابن عساڪر، حضرت دائودع جي سونح حيات ۾ عجيب و غريب ڳالهيون بيان ڪيون آهن جن ۾ هڪ هي4 به آهي ته ” يتيم لاءِ رحيم پيءُ وانگر بڻجي وڃو، جي سمجهي وڃي ته اهو هڪ پوک جيان آهي جيڪي پهرئين پوکي وڃي ٿي ۽ پوءِ لُڻجي ٿي.“ سند غريب” سان هي به مرفوعا” روايت ڪيو آهي ته” حضرت دائود ع فرمايو ته” هي گُناه جا فصل! پوکڻ وارا ته ان ٻنيءَ مان ڪنڊا ۽ چُڀڻ وارا گھاه ئي ئي حاصل ڪندا. حضرت دائود ع جي متعلق ٻُڌايو وڃي ٿو ته پاڻ ع چيائون ته” احمق خطيب جو مثال، پنهنجي ئي قوم ۾ اهڙي ڳائڻ واري وانگر آهيبجيڪو ميت تي بهي ڳائيندو هُجي“ سندن ع ئي فرمان آهي ته ” غني ٿيڻ کان پوءِ فقر ڪيترو به کڻي قبيح هُجي، مگر اُن ۾ گهڻي ۾ گهڻي قبيح، هدايت کان پوءِ گُمراه ٿيڻ آهي“ فرمايائون” ڏسو پنهنجي قوم ۾! جنهن شي کي توهان ناپسند ٿا ڪريو ته توهان سان منسوب نه ٿئي، ان کي تنهائيءَ ۾ هرگز نه ڪريو“ هڪ ٻيو فرمان آهي ته” پنهنجي ڀاءُ سان وعدو نه ڪر! جيڪو توهان پورو نه ڪري سگهو! هي شي توهانجي ۽ هُن جي وڄ ۾ عداوت جو سبب بڻجي ويندي!“.

    ”ام يحسدون الناس علي ما اتهم الله من فصله. (سوره النساءِ). ڇا حسد ٿا ڪن ماڻهون ان نعمت کان جيڪا عطا ڪئي آهي کين الله پنهنجي فضل سان“
    يعني الله ج پنهنجي نبي حضرت سُليمان ع بن حضرت دائود ع کي(1000) هزار زالون عطا ڪيون هُيون ۽ حضرت دائود ع کي (100) سئو زالون، سليمن ع جي 1000 زالن مان 700 زالون مهر واريون ۽ 300 ”زنان مدخوله“ (ڇڏيل يا طلاق ورتل) هُيون.اُنهن ۾ حضرت دائود ع جي والده پڻ هُيون جيڪي پهرين ”اوريا“ جي زال هُيون جنهن سان حضرت دائود ع آزمائش کن پوءِ شادي ڪئي هُئي.
    محمد بن سعيد چوي ٿو ته مونکي محمد بن عمرواقدي اطلاع ڏنو ته، هُن سان هشام بن سعيد بيان ڪيو، اُن عمر مولي عفره کان روايت ڪيو ته” جڏنهن يهودين حضور صلي الله عليه وسلم جن کي شاديون ڪندي ڏٺو ته ملعون چوڻ لڳا ته ” ڏسو ته هي شخص ص نه کائڻ سان سير ٿو ٿئي ۽ نه ئي عورتن سان هن ص جي دل ٿي ڀرجي“ حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جن جي عقد نڪاح ۾ جيئن ته گهڻيون عورتون هُيون اُن لاءِ يهودي کائن ص حسد ڪندا هُئا ۽ گهڻن زالن جي هُئڻ تي ٽوڪون ۽ تنقيد ڪندا هُئا، نبي سائين ص جن کي چوندا هُئا ته جي توهان (نعوذ بالله من ذالڪ) نبي هُجو ها ته عورتن طرف راغب نه ٿيو ها. چون ٿا ته ملعون ”حي بن اخطب يهودي“ انهن ڳالهين ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳيان هو. پوءِ الله ج انهن يهودين جي تڪذيب مٿين (سوره النساءِ) جي آيت سان ڪئي ۽ اُنهن کي خبردار ڪيو ته نبين ۽ نبيءَ ص جون گهڻيون شاديون ڪرڻ عيب نه آهي پر منهنجو ج (الله) پنهنجي نبين تي فضل ۽ احسان آهي.
    حضرت دائود ع تمام گهڻا روزه رکڻ وارا نبي ع هُئا، گهڻو قيام ڪندڙ ۽ بهادر هُئا ع، هڪ ڏينه روزو رکندا هُئا ته ٻئي ڏينهن افطار. نبي سائين ص جن فرمائيندا هُئا ته بهترين روزا دائود ع جا آهن. ۽ حضرت دائود ع 70 زبانن ۾ زبور پڙهندا هُئا ۽ خوب الحانيءَ جو مُظاهرو ڪندا هُئا. رات جي وقت پاڻ اهڙي نماز ادا ڪندا هُئا جو پاڻ به خوب روئندا هُئا ۽ ارد گرد جي شين تي به اها گريه طاري ڪري ڇڏيندا هُئا، سند آه وارو سُريلو دردناڪ آواز ٻُڌي غم ۾ تڙپيل سڀ چرند پرند غرض هر شي سندن گرد اچي بهندي هُئي. حضرت سُليمان ع هر مهني جا پهريان ٽي، وچ جا ٽي ۽ آخري ٽن ڏينهن ۾ روزه رکندا هُئا، مهني جي شروعات به روزن سان، وچ ۾ به روزا ۽ آخر ۾ به روزا، جي چئو ته مرم عزراءِ بتول جي پُٽ عيسيٰ ع جي روزن ڳاله ڪريان هُنن زندگي ڀر روزه رکيا، جو جي ماني کائيندا هُئا، صوف جو لباس پائيندا هُئا، جيڪو ملين کائيندا هُئا، نه ملين ته ڪڏنهن سوال نه ڪندا هُئا، نه ڪو ٻار ٻچو هُئن، (جو جنهن جي لاءِ غمگين ٿيندا هُجن ) نه ڪو گهر هُئن جو خراب ٿئي، تي رات پوندي هُين ته مُصلو وڇائي بهي نماز ادا ڪندا هُئا پوندا هُئا. پاڻ بهترين تير انداز هُئا سندن نشانو ڪڏنهن به خطا نه ويو، جڏنهن به شڪار جو ارادو ٿين ته جيڪو چاهيائون حاصل ڪري ورتائون، پاڻ ع بني اسرائيل جي مجلسن مان گُذرندا هُئا ته اُنهن جي ضرورت پوريون ڪندا ويندا هُئا، جي ان جي ماءُ مريم بنت عمران جي روزن سان آگاه ڪريان ته ته هو هڪ ڏينهن روزو رکنديون هُيو ته ٻه ڏينهن افطار ڪنديون هُيون. جي توهان کي مُحمد صلعم جي روزن بابت ٻُڌايان ته هو ص مهني ۾ 3 روزا رکندا هُئا ۽ چوندا هوئا ص ته هي پوري زندگيءَ جي روزن برابر آهن.
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ستون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ ستون)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    تخليق آدم ع جي سلسلي ۾ جيڪي حديثون روايت ڪري چُڪا آهيون اُنهن ۾ ٻُڌيو هوسون ته ” جڏنهن آدم ع جي پُٺ مان سندن ع سموري نسل کي کين ڏيکارڻ لاِ الله ج جي طرفن ظاهر ڪيو ويو هو ته حضرت آدم ع پنهنجي نسل جي سطڀني نبين سلاما عيهما کي به ڏٺو هو. اُنهن سڀني نبين ۾ هڪ شخص ع اهڙو به هُئا جيڪو نظر آيو ته پاڻ ع سندن حسن ڪمال ڏسي الله ج جي بارگاه ۾ عرض ڪيو ته اي الله ج هي ايڏو حسين ۽ رعنايه نوجوان شخص ڪير آهي؟ الله ج فرماين تياي آدم ع هي تُهنجو پُٽ دائود ع آهي. آدم ع سوال ڪين ته اي الله ج هن جي دُنيا ۾ عمر ڪيتري رکي اٿوَ؟ الله ج فرمايو ته 60 سال، پاڻ ع عرض ڪيائون ته الله ج هن جي عُمر ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. الله ج فرماين ته ائين ڪونه ٿيندو ها هڪ صورت آهي ته تُهنجي ع عمر گهٽ ڪري هن جي عمر وڌائي ڇڏيان. حضرت آدم ع جي عمر 1000(ان وقت جو سن ۽ ڪلينڊر) سال هُئي. پاڻ هائو ڪيائون ته الله ج دائود ع جي عُمر 40 سال وڌائي ڇڏي. جڏنهن آدم ع جي عمر 960 سال (ان وقت جو سن) تي پُهتي ته عزريل ع اچي وين، پاڻ چيائون ته ايترو جلدي؟ مُهنجي عُمر ۾ اڃا 40 سال پيا آهن. (هُن ع جيڪا 40 سال عُمر دائود ع کي هبه ڪري ڏني هُئي اُها ڳاله وسري وئي هُين) بس الله ج به درگُذر ڪري آدم ع جي عمر 1000 سال اصلي ئي مُقرر ڪئي ۽ عزرائيل ع واپس اچي ويا، گڏوگڏ دائود ع جي وڌيل 40 سال عُمر سان سندن عُمر به 100 سال رهي.
    هن حديثن کي امام احمد، حضرت ابن عباس رضيه کان، ۽ ترمذيءَ حضرت ابو هُريره رصيه کان روايت ڪيو آهي ۽ اهي صحيح قرار ٿيون آهن. ابن حزيمه ۽ ابه حبان به انهن حديثن کي نقل ڪيو آهي. حاڪم چوي ٿو ته اها حديٿ مسلم جي شرطن تي به پوري ٿي لهي ۽ اساب نه ان حديثن کي قصه آدم ع ۾ مُختلف طريقن سان تذڪرو ڪري آيا آهيون.
    پر علامه ابن حرير چوي ٿو ته اهل ڪتاب وارن جي خيال ۾ دائود ع جي عُمر 77 سال هُئي جيڪا غلط ڳاله (روايت) آهي جڏنهن ته اهل ڪتاب جي بقول حضرت دائود ع 40 سال حڪومت ڪئي ، ان مُدت کي تسليم ڪجي ٿو ان ڪري جو ان کي رد ڪرڻ لا3 اسان وٽ ڪابه روايت ڪانهين. رهيو دائود ع جو وصال ته امام احمد پنهنجي مسند ۾ حضرت ابو هريره کان روايت ڪريٿو ته نبيص جن فرمايو ته دائود ع تمام گهڻا غيرتمند انسان هُئا، جڏنهن پاڻ گهر کان ٻاهر ويندا هُئا ته پويان دروازو بند ڪري ويندا هُئا سندن غير موجودگيءَ ۾ ڪير به سندن گهر ۾ نه ايندو ويندو هو جيسين ڪه پاڻ واپس نه اچي وڃن. نبي سائين جن ٻُڌائين ٿا ته هڪ ڏينهن جڏنهن پاڻ گهر کان ٻاهر ويا ته پويان دروازو به بند ڪري ويا جڏنهن سندن ع زال گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳي ته هُن گهر جي اکڻ ۾ هڪ شخص کي بيٺل ڏٺو گهر ۾ موجود جيڪي به ماڻهونه هُوا اونهن ان ّخص کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳيو ته گهر جي اندر هي ڪير شخص بيٺو آهي، هي اند ڪيئن اچي ويو” حالانڪه دروازو ته بند آهي، الله جو قسم! اسان ته دائود ع جي اڳيان شرمسار ٿي وينديوسون. پوءِ حضرت دائود ع آيا ڏٺئون ته گهر ۾ هڪ شخص بيٺو آهي پاڻ پُڇيائون ع ڪير؟ شخص چوڻ لڳو ته مان اُهو آهيان جيڪو بادشاهن کان مرعوب نٿو ٿيان، نه پڙدي ۾ ڪير مُهنجر راه ٿو روڪي سگهي، ته حضرت دائود ع وراڻين ته پوءِ تو عزرائيل ع آهين ، الله جو حُڪم اکين تي پوءِ دائود ع اُتي ئي سجدي ۾ بهي رهيا ته عزرائيل ع سند روح قبض ڪري ورتو. چون ٿا ته پاڻ ڏاڪڻ تان لهي رهيا هُئا ملڪ الموت کي چيائون ته يا مان هيٺ لهي اچان يا مان مٿي وڃي حوجيري ۾ وهان ته فرشتي چيو ته اي الله ج جا نبي سال، مهنو ، آثار ۽ رزق سط توهانج اختتام تي پُهتو، راوي چئي ٿو ته پوءَ پاڻ اُتي ئي هڪ ڏاڪي تي سجدي ۾ ويهي رهيا ۽ ملڪ الموت سندن روح قبض ڪري ورتو (اوچتو موت)
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ اٺون آخري)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميم

    [​IMG]

    قصو حضرت دائود عليه الصلات والسلام(پارٽ اٺون آخري)تحريروتحقيق، انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.
    ”غلبت عليه يومئذ المضرحيه“ مضرحيه نالي پکي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ غالب (ڇائجي ويا) اچي ويا“ سدي ابو مالڪ کان هو ابن مالڪ کان هو حضرت عباس رضيه کان روايت ڪري ٿو ته فرمايائون” حضرت دائود ع جو وصال اوچتو ٿيو ۽ اُهو ڇنڇر جو ڏينهن هو. (انا لله و انا اله راجعون). سعيد بن جبير به اها روايت ٿو ڪري. ٻي هنڌ اسحاق بن بشر، سعيد بن ابي عروبه کا هو قتاده کان هو الحسن کان روايت ڪري چون ٿا ته جنهن وقت دائود ع جو وصال ٿيو ته اُن وقت سندن عمر 100 سال هُئي ۽ اُهو ڏينهن اربع جو هو. ابو سڪن هجري جي بقول حضرت ابراهيم ع، حضرت دائود ع ۽ انهن جي فرزند حضرت سُليمان ع جن جي وفات اوچتو ٿي( هن کي ابن عساڪر روايت ڪيو آهي).
    جڏنهن سندن ڪفن ، دفن جو وقت آيو ۽ ته سج چڙهي آيو، حضرت سليمان ع پکين کي حُڪم ڏنو ته دائود ع جي مٿان پنهنجو پاڇو ڪن، پکين پنهنجا پر ڦهلايا ايستائن جو اونده ڇائنجي وئي، ايستائن جو سُليمان ع پکين کي پرن کي سُڪيڙڻ جو حُڪم ڏنو. حضرت ابو هُريره چون ٿا ته نبي صلعم جن اهو ڏيکارڻ لڳا ته پکين ڪيئن پر کولي پاڇو ڪيو هو؟
    هڪ حديث آهي ته حضرت مُحمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جون جو وصال به اهڙي طريقي سان ٿيو ۽ اُن ڏينهن عقابن سندن مٿان پاڇو ڪيو هو. ( هن حديث کي صرف امام احمد نقل ڪيو آهي، هن جي سند بهتر آهي ۽ هن جو راوي ثقه آهي). (انا لله و انا اله راجعون).
    اسحاق بن بشر فرمائي ٿو ته اسان کي صافر بن سُليمان ٻُڌايو ۽ اُنهن ابي سُليمان فلسطيني کان ٻُڌو ۽ اُنهن حضرت وهب بن منبه رضيه کان روايت ڪيو، پاڻ فرمائين ٿا ته” الاهي ماڻهون حضرت دائود ع جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا هُئا اهو ڏينهن سج جي تپش ڪري گرم ترين ڏينهن هو، ٻين ماڻهن کان علاوه سندن ع جنازي ۾ 40،000 راهبن به شرڪت ڪئي جن کي راهبن واريو ٽوپيون پاتل هيون (۽ ان ڪري سُڃاتا پئي ويا) ان ڏينهن حضرت موسيٰ ع کان وڌ ماتم ڪيو ويو. حضرت وهب بن منبه رضيه چون ٿا ته” گرميءَ ماڻهن کي پريشان ڪريڇڏيو ته هُو چوڻ لڳا ته اي سُليمان ع! هن گرميءَ کان بچائڻ جو ڪو بندوبست ڪر. حضرت سوليمان ع ٻاهر نڪتا، پکين کي سڏ ڪيو، پکي حاضر ٿي ويا ته پاڻ حُڪم ڏنائون ته پنهنجي پن سان پاڇو ڪريو، حُڪم ملنديئي هر طرف پکين پنهنجا پر ملائي پاڇو ڪيو ايستائن جو هوا رُڪجي وئي ۽ اها نوبت اچي ها جو ماڻهون گهُٽجي مري وڃن ها، ماڻهُن حضرت سُليمان ع کي عرض ڪيو ته اسان پريشانيءَ ۾ هلاک پيا ٿيون ته پاڻ ع وري ٻاهر نڪري ويا ۽ پاڇو ڪرڻ وارن پکين کي چوڻ لڳا ته سج جي طرف ٿي وڃو، جيئن پکي سُڪڙجي سج طرف ٿيا ته هوا هلڻ لڳي. ماڻهن اهو پهرئين ڀيرو حضرت سوليمان ع جي حڪومت (جي وسعت) جو اکين سان مُشاهدو ڪري ڏسي رهيا هُئا.
    حافظ ابو يعلي، حضرت ابوالدرداءِ رضيه سان روايت ٿو ڪري ته حضور صلعم جن فرمايو ته” حضرت دائود ع الله ج ماڻهن جي وچان ئي مٿي کڻجي ويا ۽ هي ماڻهون نه ته فتني ۾ مُبتلا ٿيا ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا به تبديلي آئي. حضرت عيسيٰ ع جا حواري صرف ٻن سال تائين انهن جي تعليم ۽ سُنت تي ڪاربند رهيا. (هي حديث غريب آهي هر جو واقع هُئڻ محل نظر ٿو اچي. وصنين بن عطاء حديث روايت ڪرڻ ۾ ضعيف آهي). والله اعلم.
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو