ناليواري شاعره رخسانه پريت جون بي تڪلف ڳالهيون

'انٽرويو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ناليواري شاعره رخسانه پريت جون بي تڪلف ڳالهيون
    ڳالهه ٻولهه ساجد سنڌي/رضوان گل

    [​IMG]

    • ادبي سڃاڻپ؟
    • هڪ شاعره ۽ ڪالم نويس جي حيثيت سان.
    • ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
    • في الحال هڪ ئي ڇپيل ڪتاب آهي (پياسي ساڀيان جل ٿل خواب).
    • اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
    • ٻن ڪتابن جيترو.
    • مڃتا ايوارڊ/سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهن جي طرفان مليا؟
    • پڙهندڙن طرفان ملندڙ موٽ ئي اسان لاءِ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ آهن.
    • لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
    • 89-1988 کان لکڻ جي شروعات ڪئي، پهرين تخليق عوامي آواز اخبار ۾ ڇپي هئي.
    • لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
    • عشق، درد ۽ استحصال.
    • مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
    • آئون مزاجن جذباتي آهيان پر ٻئي طرف هڪ سياسي ڪارڪن هجڻ ناتي پاڻ تي ڪافي ظابطو آهي.
    • پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
    • سچائي ۽ ان جي شعور جي سطح جو.
    • اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
    • ڪابه نه.
    • توهان جو قابل فخر ڪم؟
    • ڪوبه نه.
    • دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
    • مون هميشه پنهنجي زندگيءَ ۾ محبتن کي باقي ٻين شين تي اوليت ڏني آهي.
    • زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
    • پنهنجي تمام پياري ڊاڪٽر دوست جو 32 سالن ۾ موت.
    • مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
    • ڪوبه تخليقڪار مڪمل ٿي ئي نٿو سگهي.
    • ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟
    • بلڪل نه.
    • زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
    • مڪمل سچ لکي نه سگهي آهيان ۽ نه ڳالهائي سگهي آهيان.
    • گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟
    • آسپاس گهڻي رش ٿي وڃڻ ڪري (سياسي ۽ ادبي ميڙاڪن کانسواءِ).
    • ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
    • منهنجي نظر ۾ سماجي تبديلي آڻڻ.
    • لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
    • جيئن پنهنجو پاڻ سان جهيڙيندڙ ماڻهو جي هوندي آهي.
    • نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
    • سٺو ادب سرجي پيو صرف صحيح ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي.
    • زندگي توهان جي نظر ۾؟
    • هڪ وهه ڳڙي، مسلسل نڙيءَ اندر لاهڻ جي ڪوشش.
    • ڏک توهان جي نظر ۾؟
    • پيڙا جو پل، جلد ڀلائجي ته بهتر.
    • خوشي توهان جي نظر ۾؟
    • خوشي اسان کي ڀانءِ ئي ڪاٿي، درد آهن ڄڻ جاڙا سانڍيا.
    • پيار توهان جي نظر ۾؟
    • پيار کي پاپ سڀ چون، مون کي (پريت) آئي هن مان ثواب جي خوشبو.
    • دوستي توهان جي نظر ۾؟
    • وڏو آٿت وڏو دلاسو.
    • عورت اوهان جي نظر ۾؟
    • سماج جو مسلسل جهاڳيندڙ ڪردار.
    • ڪنهن کان نفرت آهي؟
    • ڪانئرن، غدارن ۽ عورت دشمن ڪردارن کان.
    • اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
    • چانهه پيئندي آهيان، ڪتاب پڙهندي آهيان ۽ سٺي موسيقي ٻڌندي آهيان.
    • زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
    • اهڙي ڪا حاصلات ٿي ته ٻڌائينديس.
    • ڪا رهجي ويل خواهش؟
    • ڀارت جو سفر.
    • ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
    • آئون ڪنهن کان به هاڻي متاثر ناهيان ٿيندي. سٺن ماڻهن جون ڪجهه ڳالهيون Adopt ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.
    • زندگيءَ جي سڀ کان پياري شيءَ؟
    • همير ۽ قيصر منهنجا ننڍڙا ٻار.
    • جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
    • جيون سڄو ئي کل جهڙو آ اگر سوچجي ته.
    • ڪنهن سفر جي تمنا؟
    • ڀارت جو سفر.
    • ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
    • شيخ اياز جي جدائي تي تمام گهڻي تڪليف پهتي هئي، آهي.
    • اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
    • اهڙو ڪوبه ناهي.
    • اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
    • خوبين جي ته خبر ناهي باقي خاميون الاهي آهن.
    • ٻيهر زندگي ملي ته؟
    • آئون هڪ تخليقڪار ٿيڻ ئي پسند ڪنديس.
    • شادي پنهنجي پسند يا مائٽن جي پسند سان هئڻ گهرجي؟
    • پنهنجي پسند جي.
    • ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
    • جدوجهد ڪرڻ تي دل چوندي آهي، جيڪا پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪندا رهيا آهيون.
    • مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
    • آئون مستقبل ۾ دنيا جو اهڙو نظام ڏسڻ چاهيان ٿي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي لٽي، اٽي ۽ اجهي جي ذميواري رياستن جي هجي، بک جو احساس ڪٿي به نظر نه اچي، منافعي خورن کان پاڪ سماج.
    • اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
    • هڪ آدرشي سماج جو خواب جنهن ۾ سڀني ماڻهن جون بنيادي گهرجون پوريون هجن.
    • سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟
    • جدوجهد سان (مسلسل ۽ منظم جدوجهد).
    • زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
    • ڪاش اهو ڪڙو سچ لکي سگهجي.
    • جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندئو؟
    • زندگي موت جي قريب آ پر،
    ڪوئي محبوب درميان آهي-شيخ اياز.
    • وڻندڙ موضوع؟
    • محبت.
    • اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
    • آخري شب ڪي همسفر، ليڊي چيٽريز لور.
    • موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
    • مهدي حسن، ڪشمور ڪمار، لتا، شفيع فقير، منظور سخيراڻي، سينگار علي سليم ۽ ٻيا الاهي فنڪار مون کي پسند آهن.
    • پسند جا نثر نگار؟
    • دوستو وسڪي، قرت العين حيدر، آغا سليم، امر جليل، ڪرشن چندر، موهن ڪلپنا، بانو قدسيه.
    • پسند جا شاعر؟
    • شاهه سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، عطيه دائود، اياز گل، ادل سومرو ۽ ٻيا ڪافي سارا.
    • وڻندڙ لباس؟
    • ساڙهي، جينس، شلوار قميص ۽ ٽائوزر شرٽ.
    • وڻندڙ خوشبو؟
    • ڪافي آهن.
    • آٽو گراف؟
    • جان جيئن تان جل ڪانهي جاءِ جلڻ ري

    • تتي ٿڌي هل ڪانهي ويل وهڻ جي (شاهه سائين).

    [​IMG]

    روزانه سُڪار جي ادبي صفحي ڏات تان ورتل

    رضوان گُل ۽ ساجد سنڌي جي ٿورن سان
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناليواري شاعره رخسانه پريت جون بي تڪلف ڳالهيون

    سائين بهترين انٽرويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو