ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون

'انٽرويو' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2012۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi

    ننڍي کنڊ جي ڏاهي

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون


    ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي ۔۔ رضوان گل

    [JUSTIFY]جنم جو هنڌ ۽ ڏينهن؟
    تاريخ 3 مئي 1920 ڳوٺ ٻنڊي تعلقو ڏوڪري
    مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
    انتهائي سادو ۽ دوستن تي اعتبار ڪندڙ
    پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
    ته هو ڪيترو سچو آهي
    اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
    ٻار
    توهانجو قابل فخر ڪم؟
    مون ڪڏهن سگريٽ نه ڇڪيو، شراب نه پيتو ۽ عورتن جو پيڇو نه ڪيو.
    دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
    ڪجه به نه ، منهنجي وفاداري سنڌ جي ڏتڙيل عوام سان آهي ۽ منهنجو مذهب انسانيت آهي،ڪتاب سڀني مذهبن جا پڙهيا اٿم، سڀني مذهبن جي تعظيم ڪيان ٿو پر پاڻ مذهبي ناهيان، پيدائشي طرح گرو نانڪ جو پوئلڳ آهيان پر رامائڻ، مهاڀارت ۽ گيتا ننڍي هوندي کان پڙهيااٿم، آءُ گرو گرنش جو پاٺي به رهيو آهيان ۽ ٻولين ۾ سنڌي،اردو،انگريزي،گرمکي،هندي،بنگالي،فارسي ۽ ٿوري گهڻي عربي به اينديون آهن.

    توهنجي زندگيءَ جو بهترين سال، ڇو؟
    اهڙا سال 1939 کان1941 تائين آهن، ڇو ته اهي ٻه سال مون بحيثيت شاگرد شانتي نڪيتين ۾ گذاريا.
    توهان جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ پسنديده ڏينهن ، ڇو؟
    جو خاص نه پر بهار جي شروعات ۽ گرمين جا آخري ڏينهن وڻندا آهن.
    زندگي توهان جي نظر ۾؟
    زندگي هڪ دفعو ملي ٿي جنهن کي وئرٿ اڃائڻ نه کپي.
    ڏک توهان جي نظر ۾؟
    تڏهن محسوس ڪندو آهيان جڏهن دوست misunderstanding ڪندا آهن.
    خوشي توهان جي نظر ۾؟
    منهنجي وڏي خوشي قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي آهي
    پيار توهان جي نظر ۾؟
    منهنجي پيار جو دائرو دنيا ڀر جا محنت ڪش،مزدور ۽ ڏکويل انسان آهن
    ڪنهن کان نفرت آهي؟
    ظالمن ۽ ڊڪٽيٽرس کان
    خوشيءَ ۾ ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
    مان پنهنجون خوشيون سڀني سان ورهائي خوش ٿيندو آهيان.
    اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
    ڪتاب پڙهندو آهيان يا ننڍڙن پوٽن سان کيڏندو آهيان.
    زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
    پنهنجي ضمير جي شانتي.
    ڪا رهجي ويل خواهش؟
    ڪا به نه.
    ڪا هستي جنهن اوهانجي زندگي مٽائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو؟
    مون سڀني عظيم ماڻهن جو مطالعو ۽ قرب ذاتي طرح حاصل ڪيو آهي، ٽئگور، گانڌي، جواهر لعل نهرو،سڀاش ڀوس ۽ ڪامريڊ بخاري جي ڪردارن کان متاثر ٿيو آهيان،باقي منهنجي زندگي مٽائڻ ۾ منهنجي استاد ديوان ڪرم چند هنگوراڻي جو وڏو هٿ آهي جيڪو مونکي NJV هاءِ اسڪول ۾ وڳي هليو.
    توهانجي زندگيءَ جا حسين ترين ڏينهن ؟
    شانتي نڪيتن وارا ڏينهن
    زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
    ماڻهن جو قرب
    جيون جي ڪا کل جهڙي ڳاله؟
    جڏهن ماڻهن کي اپار دولت هوندي به ان جي پويان ڊوڙندو ڏسندو آهيان ته ڏاڍو کلندو آهيان.
    ڪنهن سفر جي تمنا؟
    دل چيوم ٿي ته شانتي نڪيتن، ممبئي ۽ بنگلور گهمي اچان.
    ڪا پراڻي ياد؟
    ياد اٿم ته هڪ دفعي ڊي جي سنڌ ڪاليج جي ليڪچر هال ۾ شامل ڇوڪرن جيون ڪلپلاڻي جيڪو بعد ۾ ڪانگريس جو پريزيڊيٽ ٿيو تنهن تي ٺٺول ڪئي هئي، جنهن تي هن پنهنجي ڪميونٽي جي ڇوڪرن کي دٻ پٽي هئي سا اڄ به ياد اٿم.
    ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي.
    سڀني دوستن محبتين جي جدائي جو ڏک ٿيندو آهي.
    اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
    مون وٽ عزت نفس آهي ڪنهن سان به ريس نه ڪندو آهيان.
    ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
    وري ساڳي طريقي سان عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس
    ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
    ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن ڪنهن مظلوم جي مدد نه ڪري سگهندو آهيان.
    مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
    جيڪڏهن قومون امن امن ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ته ان کان بهتر ٻيو ڪو دنيا جو تصور نه رهندو.
    اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
    مون سوچيو هو ته هن ملڪ ۾ به سوشلسٽ انقلاب ايندو پر افسوس اهو آهي ته جتي انقلاب آيو اتي به همراه پوئتي پئجي ويا.
    سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي ؟
    افسوس اهو آهي ته اسان وٽ هر سماجي برائي وڌندڙ آهي، ڪڏهن به گهٽجي نه ٿي.
    زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
    مان چاهيان ٿو ته هرڪو نيڪ ۽ پاڙي اوڙي وارن لاءِرحمت وارو پاڙيسري ٿئي.
    جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
    اڪبر اله آبادي جو شعر آهي؛
    سوچا ٿا قوم ڪي ليئي بڙا سا ڪام
    ليڪن خيال موٽر بنگلي اور بيگم ۾ ره گيا.
    وڻندڙ موضوع؟
    ادب.
    اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
    روميو رولان جو Jean Chirstofis
    ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
    پينٽر نند لعل بوس
    موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
    ڀڳت ڪنور
    پسند جا نثر نگار؟
    ٽئگور، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، اوهينري ۽ سرويان
    پسند جا شاعر؟
    شاه لطيف ، اياز، اولٽ وٽ مين ۽ ٽئگور
    وڻندڙ لباس؟
    سنڌي خلاصي سلوار ۽ قميص.
    وڻندڙ خوشبو؟
    گلاب۽ رابيل، وس پڄي ته سڄي ملڪ ۾ گلاب پوکي ڇڏيان.
    آٽو گراف؟
    Do Good to all be good to
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون

    سنڌ جي سڄڻ، کليل دماغ ۽ عظيم انسان جون سڀ هيئن سان هنڊائڻ جهڙيون ڳالهيون پڙهي، نه فقط سڪون مليو پر پنهنجي اندر جي انسان کي به انسان جي سهڻين ڳالهين سان ڀيٽ ڪندي پاڻ ۾ سڌار جا ڏيئا ٽمڪڻ لڳا ۔۔۔

    لک ٿورا دوست رضوان گل ۔۔۔ هميشه گلن ۾ رهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون

    ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
    وري ساڳي طريقي سان عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس


    ڪامريڊ سنڌ جي کاهوڙي ڪردارن مان هڪ آهي۔ جن پنهنجي سموري عمر عملي جدوجهد ۾ گذاري آهي۔ 14 فيبروري تي ڪامريڊ سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ پاڻ گهڻيون ڳالهيون ڪيون هين ۽ يادگيريون ورجايون هين۔

    مهرباني رضوان سائين، اوهان ۽ ساجد جو ڪم تعريف لائق آهي۔

    [​IMG]
    ويلنٽائينس ڊي 14 فيبروري 2012 تي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون بي تڪلف ڳالهيون

    سائين گل صاحب مهرباني سائين سوڀي صاحب جن جون ڳالهيون ونڊڻ لاءِ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو