ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فيس بوڪ پنهنجي استعمال ڪندڙن کي مسلسل ۽ بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ مسلسل تبديليون آڻي رهيو آهي ۔۔ ان سلسلي ۾ ڪجهه وقت اڳ ئي فيس بوڪ طرفان ٽائيم لائين پروفائيل متعارف ڪرايو ويو هو۔۔جنهن کي فيس بوڪ جي ايڊوانس استعمال ڪندڙ تمام بهترين عمل سمجهيو هو۔۔۔
    پر ان ٽائيم لائين کي تيزي سان آڻيندي اڃان فيس بوڪ پيج تائين به نه پهتو ٿيو ته عام استعمال ڪندڙن ۽ خاص طور مختصر وقت لاءِ فيس بوڪ تي ايندڙن طرفان ٽائيم لائين کي پسند نه ڪرڻ جا اعلان ٿيڻ لڳا۔۔ ان جو اهم سبب ٽائيم لائين پروفائيل کي درست طريقي سان نه سمجهڻ به ٿي سگهي ٿو۔۔۔
    بحرحال مختلف دوستن طرفان ٽائيم لائين تي اچڻ کان پوءِ الجهندي واپس ورڻ جا مشورا گهرڻ شروع ڪيا۔۔ پر بدقسمتي سان فيس بوڪ طرفان واپس ڪلاسڪ پروفائيل ورائڻ جو ڪو به آپشن موجود نه مليو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي ته مختلف اسڪرپٽس تي ڪم ڪندڙن ڏانهن مسلسل پيغام وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مختلف اسڪرپٽ ڪم ڪندڙ سائيٽس تي ٽائيم لائين پروفائيل کان واپس ورڻ جا اسڪرپٽ متعارف ٿيڻ شروع ٿيا۔۔ پر انهن اڪثر ٺڳي جا ٺاهه يا وري وائرسز تي مشتمل هيا۔۔
    ان ڪري مون فيصلو ڪيو ته سنڌ سلامت تي ايندڙ ساٿين لاءِ ڪو بهتر ۽ وائرس کان پاڪ حل پيش ڪجي۔۔۔ ان سلسلي ۾ پهريان دوستن اڳيان فيس بوڪ ٽائيم لائين جي ٻه ڪالمي ڏيکاء کي هڪ ڪالمي بنائڻ سيکاريو ويو۔۔ پر ڪافي دوستن جو اسرار رهيو ته هو مڪمل طور فيس بوڪ پروفائيل پراڻي لي آئوٽ تي آڻڻ گهرن ٿا۔۔۔ اهڙن دوستن جي درخواستن تي غور ڪندي هڪ آزمايل اسڪرپٽ پيش ڪجي ٿو۔۔۔ جيڪو وائرس کان پاڪ ۽ بهترين حل آهي۔۔

    اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ کان اڳ فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل جو نظارو۔۔۔

    [​IMG]

    اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ فيس بوڪ ڪلاسڪ پروفائيل جو نظارو۔۔۔

    [​IMG]

    اسڪرپٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقي ڪار۔۔۔

    [​IMG]

    گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري ڪروم ايڪسٽينشن انسٽال ڪري فيس بوڪ پروفائيل کي پراڻي لي آئوٽ تي منتقل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    [​IMG]


    فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري ايڊون انسٽال ڪري فيس بوڪ پروفائيل کي پراڻي لي آئوٽ تي منتقل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    [​IMG]


    انٽرنيٽ ايڪسپلورر برائوزر استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ ڪري ايڪسٽينشن انسٽال ڪري فيس بوڪ پروفائيل کي پراڻي لي آئوٽ تي منتقل ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    [​IMG]
     
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

    مان به اهو ئي چاهيان پيو ته پراڻو ڪيئن ڪيان۔مهرباني سائين توهان جي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

    مهربانيون سائين رشيد

    ڪڏهن ڪڏهن تبديلي سولائي سان قبول ڪانه ٿيندي آهي۔ تنهنڪري فيسبوڪ جي استعمال ڪندڙن سان به ساڳيو مسئلو آهي۔ اڃان هڪ شيء کي سمجهن به مس ٿا ته نئين تبديلي اچيو وڃي۔ فيسبوڪ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس کي پٺيان ڇڏيندو وڃي۔

    پر يار پاڻ ته فيسبوڪ ئي ڇڏي چڪا آهيون۔ تنهنڪري ان نئين ۽ پراڻي جي چڪرن ۽ ٽائيم لائين مان به جند ڇٽي پئي آهي۔
     
  4. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

    محترم رشيد سمون صاحب
    اوهان جي مهرباني جو اوهان ٽائيم لائين مان جان ڇڏائي ،
    شال سدا خوشيون ماڻيو ۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

    لڳي ٿو فيس بڪ وارن کي مهنجي ڳاله پهنچي وئي ته مون کي ٽايم لاين بلڪل پسند نه آهي
     
  6. محمد ابراهيم

    محمد ابراهيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

    سائين آئون فيس بوڪ ٽائم لائن مان تنگ ٿي چڪو آهيان مهرباني ڪري اها رموو ڪري ڏيندا ته مهرباني!
    اوهان جو دعاگو محمد ابراهيم
    دعا جو طلبگار
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا توهان فيس بوڪ ٽائيم لائين مان تنگ ٿي چڪا آهيو۔۔۔؟ ته ان کي ريموو ڪريو

    مٿيان ايڪسٽينشن برائوزر مطابق انسٽال ڪريو۔۔۔ ۽ فائدو حاصل ڪريو۔۔
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    مون ائين ڪيو پر ٽائيم لائين ختم ڪون ٿي۔
     
  9. منصور علي مڱريو

    منصور علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2012
    تحريرون:
    189
    ورتل پسنديدگيون:
    333
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻارهين ڪلاس جو شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو ڪالوني
    ادا رشيد صاٍحب ٽائيم لائين کي ختم ڪرڻ کان پو ڪو دوست جڏهن اسان جي پروفائيل کي چيڪ​
    ڪري ٿو ته ان وٽ ته اسان جي پروفائيل ٽائيم لائين هي پيو ڏيکاري۔۔۔۔!​
     
  10. نادر عباسي

    نادر عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    224
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سيلزمين ڪمپيوٽر ڪمپني
    ماڳ:
    دبئي
    اسلام عليڪم
    ادا رشيد جيئن ته توهان ٽائيم لائين کان نڪرڻ لا بهترين حل ٻڌايو آهي۔ هن سافٽويئر انسٽال ڪرڻ سان ٽائيم لائين ختم ٿي وڃي ٿي۔
    پر اگر اسين پنهنجو اڪائونٽ ڪنهن ٻئي سسٽم تي کوليون ٿا ته ساڳي ٽائيم لائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ ان جو ڪو مڪمل حل آهي ته ضرور ونڊ ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔
     
  11. سعيد احمد سومرو

    سعيد احمد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سمجهه ۾ ڪون آيو سر تمام مشقل آ ٽائيم لائن ختم ڪرڻ
     
  12. ڪليم کهڙو

    ڪليم کهڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جنوري 2013
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    247
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا اسان جو ته ڪم ئي سولو ڪري ڇڏيئي صفا
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو