1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت شعيا بن امصيا عليه الصلات والسلام.

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت شعيا بن امصيا عليه الصلات والسلام.
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    مُحمد بن اسحاق رح فرمائين ٿا ته” حضرت شعيا بن امصيا ع، حضرت زڪريا ع ۽ حضرت يحيٰ ع کان پهرئين مبعوث ٿيا. سند شُمار اُنهن نبين سلام عليهما ۾ ٿئي ٿو جن حضرت عيسيٰ ع ۽ نبي ڪريم صلعم جن جي اچڻ جي بشارت ڏني هُئي. سندن زمانه نبوت ۾ ”حزقيا“ بادشاه حُڪومت ڪندو هو. حزقيا حضرت شعيا بن امصيا ع جو مطيع ۽ فرمانبردار هوندو هو، پاڻ ع کيس جيڪو به حُڪم ڏيندا هُوا ان جي تڪميل ڪندو هو ۽ جنهن ڪم کان روڪيندا هُين ع، ان کان رُڪجي ويندا هُئا.

    اُنهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل ۾ گهڻائي حادٿا ٿي پيا هُئا، بادشاه ٿيا جنهن جي پير ۾ گهڻو گهرو زخم لڳو، اُن دئور ۾ بابل جي بادشاه، بيت المُقدس تي ڪاه ڪئي. اُن بادشاه جو نالو ”سخاريب“ هو.

    ابن اسحاق ٻُڌائي ٿو ته اُن جي لشڪر ۾ 60 لک جهنڊا هُئا، بني اسرائيل جي ماڻهن تي سخت وحشت طاري ٿي وئي. بادشاه ”حزقيا“ الله ج جي نبي شعيا ع کي عرض ڪري پُڇيو ته الله ج ”سخاريب بادشاه“ جي باري ۾ ڪهڙي وحي ڪئي آهي؟ شعيا ع ٻُڌايس ته اڃان تائين ته ان باري ۾ ڪوبه حڪم ناهي لٿو، ڪابه وحي ناهي لٿي ۽ پوءِ جڏنهن وحي آئي ۽ ٻُڌايو ويو ته” حزقيا کي چئو ته وصيت ڪري ۽ پاڻ کان پوءِ لاءِ ڪنهن کي بادشاه مُقرر ڪري ڇو ته سندس موت جو وقت قريب اچي چُڪو آهي“ جڏنهن شعيا ع کيس وحي بابت آگاهي ڏني ته حزقيا قبله (بيت المقدس) جي طرف مُنهن ڪري نمز ادا ڪئي، الله ج جي اڳيان آه زاري توبه تائب ڪيو، حمد و ثنا بيان ڪئي، دُعا گهُريائين جنهن ۾ هُو خوب رُنو ۽ التجا ڪئي ته ” اي الله ج! اي رب الارباب! اي تمام معبودن جا معبود! ، اي رحمان و رحيم ذات! اي اُها ذات جنهن کي ڪڏنهن به ننڊ نٿي اچي! مُهنجي عمل ۽ حسن قضا جو بني اسرائيل ۾ تذڪرو جاري رکجان. هي سڀ نعمتون توهنجون ئي ج عطا ڪيل آهن! تون ج مُهنجي دلي جي ڪيفيت ۽ ڳالهين کي خوب ڄاڻندڙ آهين! مُهنجي ظاهر ۽ باطن کان خُوب واقف آهين!، ته مان ڇا ٿو سوچيان ، ته مان ڇا ٿو ڪرڻ جو ارادو ڪيان“

    چون ٿا ته الله ج حزقيا جي دُعا کي قبول ڪري ورتو، جل جلاله کيس پنهنجي رحمت سان نوازيو ۽ شعيا ع ڏي وحي ڪئي ته حزقيا کي ع بشارت ڏين ته الله ج سندس آه زاريءَ تي نظر رحمت ڪئي آهي ۽ سندس موت کي 15 سالن لاءِ مئوخر ڪري ڇڏيو آهي ۽ تُهنجي دشمن ”سخاريب“ کان نجات ڏني.

    جڏنهن شعيا ع اله ج هي پيغام حزقيا کي گوش گُزار ڪيو ته هُو خوش ٿي ويو. غم ۽ پريشانيءَ جا ڪڪر ڇٽجي ويس، پاڻ الله ج حضور سجده ريز ٿي ويو ۽ التجا ڪئي ”اي الله ج! تون جنهنکي چاهين ٿو حاڪميت ڏين ٿو، جنهن کان چاهين ڇنين ٿو، جنهن کي چاهين عزت ڏين ٿو، جنهن کي چاهين ذلت ۾ خوار ڪرين ٿو، تون عالم الغيب و الشهاده آهين ج ، تون ئي ڳ و اول و آخر آهين! تون ئي ڳ ظاهر و باطن آهين، تون ئي ج پنهنجن ٻانهن تي رحم ٿو ڪرين، غمن ۾ تڙپندڙن جون التجائون ٿو ٻُڌين ۽ دُعائن کي قبول ٿو ڪرين“

    سجدي مان ڪنڌ مٿي ڪيائين ته خبر پيس ته شعيا ع کي وحي وسيلي هي حڪم مليو ته حزقيا کي چئو ع ته ڪدُوءَ جو پاڻي کڻي پنهنجي زخمن تي هڻي ته شفا ٿينديس ۽ صبح تائن زخم ٺيڪ ٿي ويندو. پاڻ ائين ئي ڪيائين ۽ شفا ورتائين.

    الله ج سخاريب جي پوري لشڪر کي موت جي گهاٽ لاهيڇڏيو، صبح ٿيو ته فقط سخاريب ۽ اُن جا 5 ساٿي جن ۾ بخت نصر به هو جيئرا هُئا باقي پورو لشڪر هلاک ٿي چُڪو هون. بني اسرائيل کين قيد ڪيو، ٻيڙيون (زنجيرون) پارايون، ۽ 70 ڏينهن تائين کين ذلت ۽ رُسوائيءَ جي عالم ۾ مُختف شهرن ۾ گشت ڪرائيندا رهيا. اُنهن مان هر هڪ کي روزانون جون جون ٻه مانيون کائڻ لاِ ملنديون هُيون ۽ پوءِ اُنهن کي قيد خاني ۾ وڌو ويو.

    الله ج پوءِ شعيا ع طرف وحي ڪئي ته حزقيا کي چون ع ته هاڻ کين آزاد ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي مُلڪ هليا وڃن ۽ اُتي وڃي ٻُڌائين ته انهن مٿان ڪهڙو عذاب الاهي آيو. جڏنهن هي قيدي پنهنجي مُلڪ پُهتا ۽ سخاريب، پنهنجي قوم کي ٻُڌايو ته هُن مٿان ڪهڙي آفت ڪڙڪي هُئي ته سندس ڪاهنن ۽ جادوگرن کيس چيو ته هُنن کيس اڳئي آگاه ڪري ڇڏيو هو ته اُنهن جي الله ج جو ڇا شان آهي؟ ۽ اُنهن جا نبي ڪيترا مضبوط آهن پر بادشاه سلامت اوهن اسانجي ڳاله تي ڪن نه ڌريو؟ بني اسرائيل هڪ اهڙي قوم آهن جن جي الله ج کي شڪست سان دوچار نٿو ڪري سگهجي، چون ٿا ته سخاريب ڊڄندو رهيو ۽ ان خوف ۾ 7 سالن کان پوءِ مري ويو.

    ابن اسحاق چوي ٿو ته بني اسرائيل جي بادشاه حزقيا جي وفات کانپوءِ بني اسرائيل ۾ فساد برپا ٿي ويا، اُنهن ۾ طرح طرح جون بدعتون پوڻ شروع ٿي ويون، سندن ڏنگائي ۽ شرارتون وڌي وڃڻ لڳيون ته الله ج شعيا ع تي وحي ڪئي. پاڻ بني اسرائيل کي گڏ ڪري وعظ ڪري کين ٻُڌائڻ لڳا ته” الله ج جو ڇا حُڪم آهي کين ڊيڄاريندا رهيا ته جي هو باز نه آيا ته کين سخت عذاب ملندو، جڏنهن پاڻ وعظ ختم ڪري چُڪا، الله ج جو پيغام پُهچائي چُڪا ته ماڻهون کين ع قتل ڪرڻ لاءِ اڳيا وڌيا، پاٻ اُتان فرار ٿي ويا، جڏنهن هڪ وڻ جي ڀرسان پُهتا، ته وڻ اندان چيرجي ويو ۽ پاڻ ع اُن وڻ جي خال ۾ هليا ويا پر سندن پاتل ڪپڙن جي هڪ ڪُنڊ ٻاهر ظآهر ٿي پئي ۽ وڻ وري اوهڙي حالت ۾ اچي ويو. اهو سڄو منظر اُتي بيٺل شيطان مردود ڏسي رهيو هو ۽ ماڻهن کي وڻ ڪٽڻ تي راغب ڪيو، ماڻهون ڪارائي کڻي آيا ۽ وڻ کي وچان چيري ورتائون، اهڙيءَ طرح سندن جسم مُبارڪ ۾ اُن ڪارائيءَ سان وڻ جي چيرجندي چيرجي ويو (انا لله و انا اليه راجعون) تفصيل اڳين مضمونن ۾ ڏئي چُڪا آهيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,275
    ورتل پسنديدگيون:
    26,703
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين بلڪل سچ لکيو اٿو ،،،،،،،، اسان کان واقعي هنن ليکن تي رايا لکڻ رهجي ويا آهن ۽ سچ پڇو ته اڄ مان ٻيهر هي قصا غور سان پڙهي رهيو آهيا۔

    ۽ الله هميشه پيغمبرن کي معجز عطا ڪيا آهن۔ هي به انهن مان هڪ آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,150
    ورتل پسنديدگيون:
    5,156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    عمر نيڪين سان به وڌندي آ ۽ دعا سان بيشڪ الله پاڪ تقديرن کي بدلائڻ وارو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سُبحان الله ڇو نه ڪي گهڙيون ئي سهي دُنيا جي ڳالهين سان گڏوگڏ مذهبي ڳالهيون به پڙهون، سمجهون بحث ڪريون گهرائي ۾ وڃون متان الله جي مرضي شامل ٿي وڃي حق سچ ملي پوي
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,699
    ورتل پسنديدگيون:
    4,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو