1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]

    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ پهريون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”واتينا موسي الڪتب و جعنه .. وجعلنا جهنم للڪفرين حصيرا. (سوره بني اسرائيل).

    حضرت ارميان بن حلقيا ع لاويٰ بن حضرت يعقوب ع جي اولاد مان هُئا. هڪ قول موجب سندن ئي نالو ”خضر ع“ آهي. هي قول ضحاڪ جو آهي جيڪو اُنهن حضرت عبدالله بن عباس رضيه کان روايت ڪيو آهي پر هي قول غريب آهي ۽ صحيح ڪونهين. (والله اعلم)

    ابن عساڪر چئي ٿو ته ڪن حدثن ۾ آهي ته ” حضرت يحيٰ ع جو خون دمشق ۾ هڪ جڳه تان پئي نڪتو(وهيو) پاڻ ع خون (رت) سان مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته اي رت(خون)! مانهون فتني ۾ پيا مُبتلا ٿي، رُجي وڃ! ته رت وهڻ بند ٿي ويو ايتري قدر جو پوءِ ظاهر ئي نه ٿيو.

    ابوبڪر بن ابي الدنيا چون ٿا ته، ان سان علي ابن ابو مريم بيان ڪيو، اُنهن احمد بن حباب کان، اُنهن عبدالله بن عبدالرحمان کا روايت ڪيو آهي، چون ٿا ته” حضرت ارمياء ع الله ج جي بارگاه ۾ عرض ڪيو ته” اي الله ج! ڪهڙو ٻانهون توهنجي ج بارگاه ۾سڀ کان وڌيڪ محبوب آهي؟“ الله ج وراڻين ته” جيڪو سڀ کان وڌيڪ مونکي ياد ٿو ڪري، جنهن کي مُهنجي ياد دُنيا جي ياد کان غافل ٿي ڪري ڇڏي جنهن کي نه فنا ٿيڻ جا وسوسا ستائين ٿا نه بقا جا خيال مُضطرب ڪن ٿا، جڏنهن عيش دينوي اُنهن جي سامهون پيش ٿئي ٿي ته هو بيقيار ٿي وڃي ٿو، جڏنهن عيش و عشرت کي مٿائنس هٽايو وڃي ٿو ته هو خوش ٿي وڃي ٿو، اهڙن ئي ماڻهن کي مان ج پنهنجي مُحبت عطا ڪريان ٿو ۽ اُنهن کي هر نعمت سان نوازيان ٿو“

    حضرت وهب بن منبه رضيه فرمائين ٿا ته ” الله ج بني اسرائيل طرف مبعوث هڪ نبي ع کي وحي ڪئي تنهن نبي ع جو نالو ”حضرت ارميان ع“ ٻُڌايو وڃي ٿو. جڏنه انهن ماڻهن ۾ گناه ۽ شرارتون ڦهلجي ويون ته ارمياء ع کي حُڪم ٿيو ته ماڻهن جي سامهون بهي وعظ ڪن، اُنهن کي ٻُڌائين ته توهنجي پاسن ۾ دليون ته آهن پر سمجهو ڪجه به نٿا، اکيون به آهن پر اُهي ڏسن ڪُجه به نٿيون، ڪن به آهن پر اُهي ٻُڌن نٿا، مونکي انهن جي ابن ڏاڏن جون نيڪيون ياد ڪري انهن تي رحم پيو اچي. انهن کان پُڇو ته مُهنجي اطاعت جو نتيجو ڪيئن آهي، ڇا ڪڏنهن ڪو مُهنجي نافرماني ڪري سعادت مند ٿيو به آهي ڀلا. ۽ ڇا ڪو مُهنجي اطاعت ڪري بدبخت ٿيو آهي ڀلا، چوپايا به پنهنجي وطن کي ياد ڪن ٿا، ۽ اُن طرف ڇڪجندا وڃن ٿا، پر هن قوم اها راه ڇڏي ڏني آهي، جن تي هلي هنن جا ابا ڏاڏن عزت حاصل ڪئي. انهن ان راه کان هٽي عزت حصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عالم آهن ته مُهنجي حق جو انڪار ڪن ٿا، قاري آهن ته غير جي عبادتن ۾ مشغول آهن، فقير آهن ته علم مان فائدو نٿا حاصل ڪن، انهن جي بادشاهن مُهنجي ۽ مُهنجي رسولن جي تڪذيب ڪرڻ جي روش اختيار ڪري ورتي آهي، هنن سڀني جي دلين ۾ مکر و فريب آهي، ۽ هنن جي زبانن تي ڪوڙيون آکاڻيون آهن، مونکي پنهنجي عزت و جلال جو قسم آهي! مان انهن مٿان اهڙا لشڪر مُسلط ڪري ڇڏيندُس جن جي هي زبان ئي نه سمجهندا، نه اُنهن جي چهرن کي سُڃاڻي سگهندا، نه ئي اُهي هنن جي آه و زاري تي رحم ڪندا، مان انهن مٿان ظالم و جابر بادشاه موڪليندُس جنهن جي سائي ۾ اوناهين مانند لشڪر هوندو، ۽ ڪُشاده درن جيان سپاهي هوندا، اُنهن جي جهنڊن کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو ڄڻ شاهين پيا اُڏن، ان جا شهسوار، عقابن وانگر ڦري ڦري حملا ڪرڻ وارا هوندا، هو جڏنهن به ڪنهن آباديءَ ۾ قدم رکندا اُن کي تباه و برباد ڪري ڇڏيندا ۽ ان کي ويرانو بڻائي آرام وٺندا.

    ”واتينا موسي الڪتب و جعنه .. وجعلنا جهنم للڪفرين حصيرا. (سوره بني اسرائيل). ” ۽ ڏنو اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ بڻايو اسان اُن ڪتاب کي باعث هدايت بني اسرائيلن لاءِ، نه ٺهجو مونکان سوا ڪنهن کي(پنهنجو) ڪارساز، اي اُنهن ماڻهن جي اولاد! جن کي اسان (ٻيڙيءَ ۾) سور ڪرايو نوح سان. بيشڪ نوح هڪ شڪر گُذار ٻانهون هو، ۽ اسان آگاه ڪري ڇڏيو هو بني اسرائيل کي ڪتاب ۾، توهان ضرور فساد پئدا ڪندئو زمين تي ٻه دفعا ۽ توهان (احڪام الاهي کان) وڏي سرڪشي ڪندئو. بس جڏنهن اچي پُهتو پهريون وعدو انهن ٻنهين وعدن مان ته اسان موڪلي ڇڏيا پنهنجا ڪي ٻانهان جيڪي وڏا ڪرخت (۽) سخت هُئا بس اُهي گهُسي پيا توهانجي آبادين ۾ ۽ جيڪو وعدو الله ج ڪيو هو اهو پورو ٿيڻو هو. پوءَ اسان اُٿلائي ڇڏيو توهانجي حق ۾زماني جي گردش کي جيڪو دشمن جي خلاف هو ۽ اسان طاقت ڏني توهان کي مال سان، پُٽن سان ۽ بڻائي ڇڏيوسون توهانکي ڪثير التعداد. جي توهان سُهڻا ڪم ڪندئو ته اُن جو فائدو توهانکي ئي پُهچندو ۽ جي بُرائي ڪندئو ته اُن جي سزا به توهانجي نفسن کي ملندي، بس جڏنهن اچي پُهتو ٻيو وعدو ته جيئن غمناڪ بڻائي چڏيون توهانجي چهرن کي ۽ ته جيئن (جبرا”) داخل ٿي وڃو مسجد ۾ جيئن داخل ٿيا هُئا اُن ۾ پهرئين دفعي ته جيئن فنا و برباد ڪري خڏيون جن تي قابو ڪرڻو آ. ويجهو آهي ته توهانجو رب توهان تي رحم ڪندو ۽ جي توهان فسق و فجور ڀرف ٻيهر ويا ته اسان به ڦرنداسون ۽ اسان ـاهيو آهي جهنم کي ڪافرن جي لاءِ قيد خانون“
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو)

    [​IMG]

    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”واتينا موسي الڪتب و جعنه .. وجعلنا جهنم للڪفرين حصيرا. (سوره بني اسرائيل).

    حضرت وهب بن منبه رضيه فرمائين ٿا ته ” الله ج بني اسرائيل طرف مبعوث هڪ نبي ع کي وحي ڪئي تنهن نبي ع جو نالو ”حضرت ارميان ع“ ٻُڌايو وڃي ٿو. جڏنه انهن ماڻهن ۾ گناه ۽ شرارتون ڦهلجي ويون ته ..... (پارٽ هڪ ۾) باقي هي.

    ”۽ ان کي ويرانو بڻائي آرام وٺندا....... (الله ج فرمايو) افسوس ايليا ۽ اُن جي باسين لاءِ ته هو ڪيئن ذلت سان قتل ٿي ويا، دُشمن ڪيئن اُنهن تي مُسلط ٿي ويو، ۽ خوشيون گوڙ گهمسان ۽ آهُن ۾ بدلجي ويون، گهوڙن جي هڻهڻاهٺ تي گدڙن، بگهڙن جي غرائڻ ۾ تبديل ٿي وئي، وڏيون وڏيون اوچيون عمارتون، محل رهڻ بجاءِ درندن جون کُڏڙيون بڻجي ويون، جتي سج جي روشنيءَ سان زمين روشن رهندي هُئي اُتي گرد وغُبار مٽي ۽ جهڪ جا واچوڙا ڦرڻ لڳ، عزت جي جڳه تي ذلت ڇائنجي وئي، نعمت ۽ دولت جي جڳه تي ذلت ۽ غُلامي اچي وئي، اُنهن جي عورتُن خوشبوئن جي بجاءِ پنهنجي مٿن ۾ مٽي وجي ڇڏي، ريشم ۽ مخمل تي قدم رکي هلڻ واريون ڪنڊن تي هلڻ لڳيون. ياد رکو مان ج انهن ماڻهن جي جسمن کي به زمين جو کاڄ بڻائي ڇڏيندُس، اُنهن جي هڏين کي سج جي روشنيءَ سان پگهاري ڇڏيندُس، مان ج انهن کي طرح طرح جي عذاب ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيندُس، پوءِ مان ج آسمان کي حُڪم ڏيندُس ته ته هو لوه جو طبق بڻي وڃي، زمين کي ج حُڪم ڏيندُس ته ته هوءَ پگهريل چانديءَ جون ڍليو بڻجي وڃي جو جي باش ٿي به پوي ته ڪُجه پوک نه ٿي سگهي، جي ڪٿي ڪُجه پوکجي به وڃي ته صرف چوپاين لاءِ مُهنجي رحمت جي ڪري پوءِ پوک جي موسم ۾ سڀ ڪُجه راک ڪري ڇڏيندُس ج. ۽ لابرا لهڻ مهل ڪُجه به ڇڏيندُس، جي هو ٻنين ۾ ڪُجه پوکيندا به ته آفتون ڪڙڪائي ڇڏيندُس ۽ ڪابه شيءِ ڪانه بچندي جي بچي ته اُن مان برڪت کي ختم ڪري ڇڏيندُس، مونکان دُٿا پنندا پر ان جو جواب به نه ڏيندُس، مونکان گهُرندا به ته عطا نه ڪندُس، دانهون ڪوڪون ڪندا ته رحم به نه ڪندُس، آه زاري ڪندا ته مان ج اُن کان مُنه ڦيرائي ويهندُس.“ (ابن عساڪر، ارمياء ع کي الله ج طرفان وحي ڪيل ۽ ڏيندڙ ان وعظ کي انهيءَ طرح سان ئي روايت ڪيو آهي.

    اسحاق بن بشر چون ٿا ته اُنهن کي ادريس ٻُڌايو، اُنهن حضرت وهب بن منبه رضيه کان روايت ڪيو ته ” الله ج ارمياء ع کي بني اسرائيل طرف موڪليو، اُنهن ڏينه ۾ وڏا وڏا حادثا رونما ٿي چُڪا هُئا، اُهي گُناهن جي راه اختيار ڪري چُڪا هُئا ۽ نبين علاهما کي قتل پئي ڪيائون. بخت نصر ارادو ڪيو ته انهن تي فتح حاصل ڪري، الله ج اُن جي دل ۾ اها ڳاله وهاري ڇڏي ۽ اُن جي دل ۾ اهو خيال پئدا ٿيو ته اها ڳاله آسان آهي ڇو جو الله ج جي مشيت ۾ بني اسرائيل کان انتقام وٺڻو هو. الله ج حضرت ارمياء ع طرف وحي ڪئي ته مان ج بني اسرائيل کي هلاک ڪرڻ وارو آهيان انهن کان بدلو وٺڻ وارو آهيان. اي ارمياء ع! تون ع بيت المُقدس جي پٿر تي وڃي بيهُ مُنهنجو ج حُڪم توکي ملي ويندو ۽ مان ج توسان وحيءَ جي زبان ۾ ڳالهائيندُس.

    حضرت ارمياء ع وڃي پٿر تي بهي رهيا، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيائون، وارن ۾ مٽي وجهي سجدي ۾ ڪري پيا گڙ گڙائي عرض ڪرڻ لڳا” اي الله ج! مان ع چاهيان ٿو ته جي مونکي بني اسرائيل جو آخري نبي بڻڻو هو ته ڪاش مُهنجي ماءُ مونکي نه ڄڻي ها! جو بيت المقدس جي تباهي، ۽ بني اسرائيل جي هلاکت مُهنجي ڪري تڪميل پئي ٿئي ها“ الله ج وراڻيس” اي ارمياء ع! سجدي مان چهرو مٿي کڻ!“ ارمياء ٿ سجدي مان چهرو مٿي کنيو، پوءِ به خوب آه زاري ڪيائون ۽ التجا ڪئي ” اي الله ج! تون ج ڪهڙي قوم کي انهن تي مُسلط ڪندي؟“ الله ج فرماين ته” باه جي پُڄارين کي، جيڪي نه مُهنجي عذاب کان ٿا ڊڄن نه مُهنجي بخشش جي اُميد ٿا رکن. اي ارمياء ع! هاڻ اُٿي بيهُ ع، ۽ مُهنجي وحيءَ تي ڌيان ڏي ع! مان ج توکي خبردار ٿو ڪريان، تون ع به بني اسرائيل کي خبردار ڪر! ته مون ج تُهنجي ع پئدائش کان اڳُ ئي توکي چونڊي ڇڏيو هو. ماءُ جي اور ۾ شڪل و صورت ڏيڻ کان پهرئين توکي مُقدس ٺهرائي چُڪو هوس ج! نه کان پهرئين جو تون ع پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر نڪرين اچين، مون توکي پاڪ ڪري ڇڏيو. بلوغت کان پهرئين مون ج توکي خبردار ڪيو، عقل و شعور جي عُمر ۾ پُهچڻ کان پهرئين توکي ع چُونڊي ورت، ۽ هڪ عظيم ڪم لاءِ توکي منتخب ڪيم ج، ع اُٿي بيه! بادشاه جي رهنمائي ڪر ع!، اُن کي راه مُسقيم تي هلڻ جي تلقين ڪر ع!، “ بس پاڻ ع بادشاه کي تلقين ڪندا رهيا، وحي تي وحي ايندي رهي، ايستائين جو ٻه و_يون تبديليون رونما ٿي ويون ۽ اسرائيلي وساري ويٺا ته الله ج کين سخاراب کان، اُن جي لشڪر کان نجات ڏني. بس الله ج ارمياء ع طرف وحي ڪئي ته اُٿ ع! بيهُ ع! انهن کي ٻُڌاءِ ته مون ج توکي ع ڇا هُڪم ڏنو آهي؟ انهن کي مُهنجون نعمتون ياد ڏيار، ۽ سندن نافرماننين جو ذڪر ڪرين ع.“
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون)

    [​IMG]

    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”واتينا موسي الڪتب و جعنه .. وجعلنا جهنم للڪفرين حصيرا. (سوره بني اسرائيل).

    حضرت ارمياءِ ع عرض ڪيو ته ” اي الله ج! جي تون ج مونکي تقويت نه ڏين ته مان ع هڪ درمانده انسان آهيان، تُهنجي ج مهربانيءَ جي بعير منزل تائن پُهچڻ کان عاجز آهيان، جو تو مُهنجو ج هٿ نه جهلين ته مان گُمراه ٿي وڃان، تُهنجي مدد شامل نه هوندي ته خائب و خاسر ٿي ويندُس“. الله ج فرماين ته ڇا تون نٿو سمجهين ته سڀئي اُمور مُهنجي مشيت سان طه پائجن ٿا، تمام مخلوق ۽ تمام ڪم مُهنجي دست قدرت ۾ آهن، دل ۽ زبان تي مُهنجي گرفت آهي، مان ج انهن کي جنهن طرف موڙڻ ڇاهيان موڙي ٿو ڇڏيان، بس تون مُهنجي فمانبرداريءَ تي ڪمر بسته ره ع. مان ج اُهو الله ج آهيان جنهن جو ڪو ثاني ناهي، زمين و آسمان ۽ جو ڪُجه اُن ۾ آهي سڀ مُهنجي ڪلمه (ڪُن) سان معرض وجود ۾ آيا آهن. وحدانيت ۽ قُدرت ڪامله جو مالڪ صرف مان ج آهيان، جو ڪُجه مون وٽ آهي ڪنهن غير کي اُن تي رسائي ناهي، مان اُهو الله ج آهيان جيڪو سمنڊن سان گُفتگو ٿو ڪريان، هي مُهنجي گُفتگو سمجهن ٿا، مان ج اُنهن کي حُڪم ٿو ڏيان ته هُ مُهنجو ج چيو ٿا مڃين، مون ج اُنهن لاءِ به حدون مُقرر ڪري ڇڏيون آهن هو مُهنجي مقرر ٿيل حدن کان پا نٿا ٿين، جبلن جيان موجون ٿيون اُٿلن ۽ جڏنهن هو مُهنجي مقرر ڪيل حدن تي ٿيون رسن ته پوءِ مُهنجي حُڪم ، اطاعت جي جذبي سان سُمٽجي ٿيون وڃن، مُهنجو خوف ۽ ۽ حُڪم فرمانبرداري جو جذبو اُنهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ٿو ڇڏي. مان ج توسان گڏ آهيان! مُهنجي معيت ۾ توکي ڪابه شي نقصان هن رسائيندي، مون ج توکي خلق عظيم طرف مبعوث ڪيو آهي، ته جيئن تون ع مُهنجي مخلوق کي مُهنجو پيغام پُچائين، بس پوءِ جنهن تُهنجي اطاعت ڪئي اُهو اجُر جو مُستحق ٿيو ۽ اُن جي اجر ۾ ڪمي ڪرڻ بغير، تون به ع مُهنجي اجر جو مستحق قرار ٿيندي. پنهنجي قوم طرف وڃ، اُنهن کي نصيحت ڪر ۽ مُهنجو پيغام ٻُڌائين ته الله ج توهانجي ابن ڏاڏن جي ڪمن کي ياد ڪندي توهان کي انهن جي نيڪ ڪمن ڪري باقي ٿو رکي. اي نبين ع جي اولادئو! ٻُڌايو توهان جي ابن ڏاڏن اطاعت جو ڇا صلو ورتو ۽ توهانجي نافرمانيءَ جو نتيجو ڇا رهيو، ڇا توهان اهڙي شخص کي ڏٺو، جنهن مُهنجي نافرماني ڪئي هُجي ۽ پوءِ سعدتمندي ملي هُجيس؟ ڇا توهانجي علم ۾ آهي ڪو اهڙو جنهن مُهنجي اطاعت ڪئي هُجي ۽ پوءِ مُهنجي اطاعت هوندي بد بختي اُن جو مُقدر بڻي هوجي؟ چوپايا به جڏنهن پنهنجا بهتر گهر ياد ڪندا آهن ته ان ڏانهن مائل ٿي ويندا آهن، هي مڻهون ته هلاکتن جي چراگاهن ۾ پيا چرن! انهن اُهو رستو ڇڏي ڏنو آهي جنهن تي هلندي انهن جي ابن ڏاڏن عزت ورتي، هي عزت ته چاهين ٿا پر ڪنهن ٻئي رستي تي هلي! انهن جي عالمن، عبادت گُذارن مُهنجن ٻانهن کي غُلام بڻائي رکيو آهي ۽ اُنهن سان اُهو سلوڪ ٿا ڪن، جنهنجو مُهنجا ڪتان اجازت نٿا ڏين، انهن ظالم جي دلين مان ميسرجي چُڪو آهي ۽ انهن کي مونکان ج بيگانو بڻائي ڇڏيو آهي، مُهنجي ٻانهن کان پنهنجي اطاعت جي تقاضا ٿا ڪن؟ حالنڪه انهن کي صرف مُهنجي اطاعت جو حڪم هو.

    بس هي ماڻهون پنهنجي عالمن جي پٺيان هلي مُهنجي نافرمانيءَ جي راه تي پيا هلن، رهيا اُنهن جا بادشاه، امير ته اُهي تڪبر ۾ مُبتلا ٿي ويا ۽ مُهنجي عذاب کان بيخوف ٿي ويا، دُنيا انهن کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو، ايستائن جو هُنن مُهنجي ڪتابن کي وڪڻي ڇڏيو، مُهنجو عهد وساري ويٺا، اُنهن مُهنجي ڪتابن ۾ تبديليون ڪيون ۽ مُهنجن روسلن لي جهُٺلايو انهن وڏي جسارت ڪئي ۽ مون سان تعلق ٽوڙي ڇڏيائون، مُهنجي جلالت هر عجز کان پاڪ آهي.
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون. آخري)

    [​IMG]

    قصو حضرت ارمياء بن حلقيا عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون. آخري).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    حضرت ڪعب رح فرمائين ٿا ته جڏنهن ارمياءِ ع پيغام خُداوندي ٻُڌايو عذاب ۽ وعيد جي ڌمڪي انهن جي گوش گُذار ڪئي ته هو آڪڙ ۾ پئجي ويا، الله ج نبي ع جي تڪذيب ڪيائون، اُنهن کي ڪوڙ جا طعنه ڏنائون ته پاڻ ع ڪوڙ پيا ڳالهائين ۽ الله ج تي بُهتان پيا هڻن. چوڻ لڳا ته جي الله ج پنهنجي سرزمين، پنهنجي عبادت گاهُن، پنهنجي ڪتانب ۽ توحيد جي آواز کي خاموش ڪري ڇڏيندو ته پوءِ الله ج عبادت لاءِ ڪير بچندو؟ پوءِ ارمياءَ ع پڪڙي، پيرن ۾ زنجيرون وجهي هڪ ڪُوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائون.

    ان ظلم ۽ معصيت جي پاداش ۾ الله ج انهن مٿان ”بخت نصر“ کي مُسلط ڪري ڇڏيو هو پنهنجو لشڪر ئڻي آيو، انهن جي علائقي ۾ لٿو ” فجا سو خلال الديار“ بس اُهي گهُڙي ويا توهانجي آبادين ۾“ جڏنهن محاصره گهڻو هليو ته اسرائلي گهٻرائجي ويا، دروازا کولي ڇڏيائون، ۽ ذلت، رُسوائي لاءِ پاڻ کي ”بخت نصر“ ۽ اُن جي لشڪر سپرد ڪري ڇڏيائون. پوءِ بخت نصر، جاهليت جي فاتحن جهڙا حُڪم جاري ڪيا، ظالم بادشاهن جيان بني اسرائيل کي پنهنجي چنبي ۾ جڪڙي ٽي ڏهائي ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيائين. هڪ ڏهائي قيد ، جڏنهن ته پوڙهن مردن ۽ عورتن کي ڇڏي ڏنائين، پوءِ ڪلاشن کي گهوڙن جي سُمن سان چيچرايائين، بيت المقدس کي ڍائي ڇڏيائين، ٻارن کي گهلي کڻي ويا، عورتن کي حسرت وياس جي عالم ۾ بازارُن ۾ بهاري ڇڏيائون، عبادت گاهن جو سرون اُکڙي، تورات کي ساڙي ڇڏيائون.

    بخت نصرت ، دانيال جي باري ۾ پُڇيو، جيڪو اُن ڏي خط لکندو هو، ماڻهن ٻُڌيس ته دانيال فوت ٿي چُڪو آهي ، سندس گهر وارن دانيال جا خط اُنهن جي حوالي ڪيا، جڏنهن ته ٻيو دانيال (ننڍو دانيال) موجود هو يعني دانيال بن حزقيل، ميشائل، عزرائيل ۽ ميخائيل ان ۾ موجود هُئا. دانيال بن حزقيل وڏي دانيال جو خليفو هو، بخت نصر جو لشڪر بيت المقدس ۾ داخل ٿيو، پوري شام جو تخت و تاج تاراج ڪري بني اسرائيل کي قتل ڪري نيست و نابود ڪيو، هلاکت ۽ تباهيءَکان پوءِ انهن جو مال لٽيو ۽ واپس پنهنجي مُلڪ پُهچي ويو.

    احبار ۽ ملوڪ جي پُٽن جو تعداد 70 هزار هو، مسجدن ۾ باه ٻاري انهن کي ڪنيسن ۾ تبديل ڪيو ويو، خنزيرن (سوئرن) کي ذبح ڪري انهن جي رت سان انهن جو تقدس پامال ڪيو ويو، 7 هزار غلام حصرت دائود ع جي گهر سان تعلق رکندا هُئا، 11 هزارن جو تعلق حضرت يوسف بن يعقوب ع ۽ انهن جي ڀاءُ بنيمين جي اولاد سان تعلق رکندو هو، 8 هزارن جو روبيل ۽ لاويٰ جي نسل سان ۽ 12 هزارن جو اسرائيل جي ٻين شاخن سان، بخت نصر انهن سڀني کي قيدي بڻائي پاڻ سان ”ارض بابل“ کڻي ويو.

    اسحاق بن بشر چوي ٿو ته حصرت وهب بن منبه رضيه جو قول آهي ته” بخت نصر کي ٻُڌايو ويو ته ” هن جيڪو ڪُجه ڪيو، اُن جي باري ۾ اسرائيلن مان هڪ شخص کين ٻُڌائيندو پئي آيو، اُنهن حضرت ارمياءَ جي باري ۾ کين آگاه ڪيو ته هُن کين ع هڪدم پاڻ وٽ حاضر ڪرڻ جا احڪام جاري ڪري ڇڏيا، جڏنهن کين ع کي بخت نصر پُڇيو ته ڇا جيڪو ڪُجه هُنن سان مون ڪيو آهي تون انهن اسرائيين کي ان بابت خبردا ڪندو رهيو آهين؟ پاڻ ع چين ها! پُڇيائين ع ته توکي اها سڀ خبر ڪيئن پُهتي، پاڻ ع چوڻ لڳا ته الله ج مونکي وحي ڪندو هو. پُڇيائين ته ڇا ان بدلي ۾ هُنن تُهنجي تڪذيب ڪئي، توکي ماريو، تڪليفون ڏنيون؟ چيائون ها! اُن تي بخت نصر وراڻيو ته اُها قوم ڏاڍي خراب آهي جن پنهنجي نبين ع جهٺلايو، اُن جي پيغام کي ڪوڙ سمجهيو، ته ڇا تون ع مون سان هلڻ چاهيندي، مان تُهنجي ع عزت ۽ تڪريم جو خيال رکندُس. حضرت ارمياءِ ع چيس ته مان ع هميشه الله ج جي امان ۾ هوندو آهيان، سندن ج رحمت هڪ ڏينهن به مونکان جُدا ناهي ٿي، جي بني اسرائيل به الله جي پناه ۾ رهن ها ته ڪڏنه ائين خوار نه ٿين ها، ڪو به بادشاه انهن تي حاوي نه ٿي سگهي ها. جڏنهن بخت نصر حضرت ارميا ع جون اهي ڳاليون ٻُڌيون ته کين اُتي ارض مُقدس ۾ ئي ڇڏي پاڻ بابل اچي ويو. حصرت ارميا ع ”ايليا” ۾ ئي رهيا.

    هشام بن محمد بن سائب ڪلبي چوي ٿو ته بخت نصر فارس جي بادشاه طرفان ”اهواز“ ۽ روم“ جي وچ واري علائقن جو حڪمران هو. اُن وقت روم جو بادشاه ”لهراسب“ نالي هو. هُن بلخ جي هن شهر جو بُنياد رکيو هو جيڪو ”خنساءِ“ جي لقب سان مشهور ٿيو. ان تُرڪن کي قتل ڪيو ۽ کين تبگ جاين ۾ ڌڪيلي ڇڏيو. ان کي بخت نصر شام ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاِ موڪليو هو پر جڏنهن هو شام پوهتو ته هُن اهل دمشق سان صلح ڪري ورتو. اهو به چيو وڃي ٿو ته بخت نصر ”بهمن“ کي موڪليو هو جيڪو ” بشتاسب بن لهراسب“ کان پوءِ فارس جو حڪمران ٿيو هو. اهو سڀ ان ڪري پئي ٿيو جو بني اسرائيل مبعوث ٿيڻ وارن الله ج جي نبين تي ظلم ڪندا هُئا.

    علامه ابن جرير، سعيد بن المسيب رح کان روايت ڪري ٿو ته” بخت نصر جڏنهن دمشق آيو هو ته هُن هڪ جبل مان رتُ وهندي ڏٺو، پُڇڻلڳو ته هي ڇا آهي؟ ٻُڌايو ويس ته ابن ڏاڏن کان ائين پيو ڏسجي، بادشاه 70 هزار مُسلمانن کي تلوار سان ڪٽڻ شروع ڪيو ته هي رتُ رُڪجي ويو. حافظ بن عساڪر چوي ٿو ته اهو رتُ حضرت يحيٰ بن زڪريا ع جو هو پر اهو قول صحيح ڪونهين ڇو ته حصقرت يحيٰ بن زڪريا ع بخت نصر جي وقت کان پوءِ پئدا ٿيا هُئا ۽ قتل ڪيا ويا. قياس آهي ته اهو خون ان کان پهرئين ڪنهن معصوم نبي ع جو هوندو يا ڪنهن صالح انسان جو. والله اعلم.

    هشام بن ڪلبي چوي ٿو ته بخت نصر بيت المقدس آيو ته هُن اُتي جي حڪمران ساڻس صلح ڪري ڇڏيو هو، اُنحڪمران جو تعلق آل دائود مان هو، ان بني اسرائيل جي باري ۾ بخت نصر سان ساز باز ڪئي. بخت نصر ان کان ڪي ماڻهون بطور رهن ورتا ۽ واپس اچي ويو، جڏنهن هو ”طبريه“ پُهتو ته اُن کي اطلاع ٿيو ته بني اسرائيل بادشاه کي قتل ڪري ان جي خلاف مُلڪ ۾ بغاوت ڪري ڇڏي آهي ڇو جو هن بخت نصر سان صلح ڪيو هو، ته بخت نصر واپس وريو ۽ حملو ڪيائن (باقي اهڙي قسم جو تفصيل مٿي چيل آهي)

    چون ٿا ته بخت نصر جڏنهن ارمياءَ ع کي اُتي ڇڏي واپس ٿي ويا ته ارمياءِ ع کان پنهنجي توبهن ۽ حق ۾ دُعا جو چيائين ارمياءَ ع دُعا ڪئي پر الله ج وحي ڪئي ته هن جي توبه قبول نه ڪندس. ها هڪ صورت آهي جي هي سچو آهي ته هن شهر ۾ ارمياءِ ع سان گڏ رهي، چوڻ لڳو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي، شهر ته برباد ٿي چُڪو آهي، الله ج ان جي هٿان ان جي باسين کي هلاک ڪري چُڪو آهي ۽ هُن ان ويراني ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو.

    ابن مڪي چوي ٿو ته تڏنهن کان اڄ تائين بني اسرائيل ٺوڪرون پيا کائين، ڪو حجاز ۾ آهي ته ڪو مدينه طيبه ۾، هڪ گروه ”وادي القري“ ٻيو ”طائفه“ مصر ۾ انهن جون جماعتون پاره پاره ٿي چُڪيون آهن . بخت نصر بيت المقدس جي بادشاه کي پيغام موڪليو ته جيڪي ماڻهو سرڪشي ۽ بغاوت پيا ڪن ته انهن کي اُن ڏي موڪليو وڃي. پراُن بادشاه انڪار ڪري ڇڏيو تڏنهن ئي پوءِ بخت نصر حملا آور ٿيو هو.

    ابن ڪلبي چوي ٿو ته هو ارض مغرب، مصر، بيت المقدس، فلسطين ۽ اردن مان بيتهاشا مال ۽ قيدي لُٽي ويو هو، اُنهن قيدين ۾ حضرت دانيال ع پڻ هُئا. (مُهنجي خيال ۾ هي وڏو دانيال نه پر ننڍو دانيال بن حزقيل هوندا) جيئن وهب بن منبه رصيه روايت ڪيو آهي. والله اعلم.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,406
    ورتل پسنديدگيون:
    26,880
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام بهترين تحقيقي لکڻي آهي، جيڪا گهڻي ڄاڻ واري پڻ آهي۔

    هر دور ۾ نبين يا الله جي پيغمبرن جڏهن نيڪي طرف دعوت ڏني ۽ بدي کان روڪيو ته به ماڻهن اعتبار نه ڪيو، ايستائين جو اهو سلالو رسول ڪريم صه تائين هليو۔ حضرت ارمياء سان به ماڻهن جي ساڳي روش رهي سواء چند ماڻهن جي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,194
    ورتل پسنديدگيون:
    5,196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ پنهنجي پيارن کي ئي تڪليفن ۽ آزمائشن ۾ مبتلا ڪيو ۽ کين صبر جي توفيق به عطا فرمائي۔ بهترين ڪاوش آهي ادا سلسلو جاري رکو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. shahid khan

    shahid khan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين توهان هي ترجمو ڪيو آهي تاريخ ابن ڪسير تان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪوشش هوندي آهي ته دُنيا جي بهترين لکتن ۽ تواريخن کي سنڌيڪاري ڪري، پنهنجين سان ڀيٽ ڪري پيش ڪجي، (ڇو جو پنهنجي درباري ليکڪن ته هر شي شاه کي خوش ڪرڻ لا من گهڙت ڪري پيش ڪئي آهي،جنهن سان سنڌي قوم به مونجهاري ۾ آهي ته ڇا صحيح ڇا غلط) ته سنڌي ماڻهون به فائدو وٺي سگهن ۽ پنهنجي زبان ۾ سمجهي سگهن ۽ غور و فڪر ڪرڻ جو رُجهان پئدا ٿئي ته اسان سنڌ ۾ وڌل ڏڦير فلٽر ڪري واپس باب الاسلام واري سنڌ ڏي موٽون ۽ نبي سائين (صلي الله عليه وسلم)، اُن جي چئن خليفن رضوان الله عليها ، تابعين ۽ تبع تابعين (رحمت الله عليها) جي سيکاريل دين تي واپس اچون جنهنجو تعليمي مرڪز واحد ۽ صرف مڪو ۽ مدينو هو ۽ پو سنڌ. اڄ به مڪي ۽ مديني ۽ ان علائقن ۾ رهندڙ ۽ عربي سڏجندڙ سنڌي ئي آهن جيڪي توحيدي دين اسلام کي لبيڪ چئي مڪي مديني ۾ نبي سائين جن وٽ ويا ۽ فيضياب ٿيا ۽ اُتي جارهائشي ۽ بيت المال جا محافظ به بڻيا ۽ پو نبي جي حڪم ۽ دين جي ڦهلا لا ولي بُرگ بڻجي نبي سائين جن جي حڪم سان سنڌ ۾ آيا ۽ هتان پوري دُنيا فيضاب ٿي ۽ باب الاسلام سنڌ مان فيضياب ٿي ۽ پو بدقسمتي ته شرڪ ڪندڙن ۽ بدعتين سنڌ طرف لاڙو ڪيو ۽ ،عباسي دئور ۾ سنڌ ۾ نبي سائين جن جو توحيدي دين اسلام ڦهلائڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون ،ڪوششن ۾ گڙٻڙ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، سنڌ جي ماڻهن ۾ نشو ورهايو ويو ۽ سوچڻ سمجهڻ جو شعور کسيو ويو، اُهي جيڪي علم پرائي ولي ۽ علام ۽ بُزرگ بڻجن ها، ميرن جي دئور ۾ موالي ڪلچر رائج ٿيو ۽ آخر ۾ نادرشاه جي ڪاه کان پو سنڌي ماڻهن مٿا ظلم ڪري ،گهُوڙن سان چچڙي کين (پيري مُريدي ۽ موالي ڪلچر جو بُنياد وجهي) راغب ڪري غلام بڻايو ويو ۽ اهو ظلم اڄ به قائم آهي ۽ سنڌين کي توحيدي دين اسلام طرف موٽڻ نٿو ڏي ۽ اڄ به پيڙهن ۾ سنڌي قوم جي رت ۾ ظلم ڪري رچايل (گهوڙا ڙي ! گهوڙا ڙي) ٻُڌڻ ۾ ٿي اچي. (نادر شاه جا گهوڙا ڏسي سنڌي ڊپ ۾ گهُڙا ڙي گهوڙا ڙي ڪري جان بچائيندا هُئا)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2015
  10. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تمام بهترين لکڻي آهي، اگر ڪجھ ڪتابن جا حوالا به ڏنا وڃن ها ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي ها ۽ تحقيق کي وڌيڪ قوت ملي ها.
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪتابن جا حوالا هلندڙ مضمونن سان جُڙيل آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو