1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 فيبروري 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ پهريون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ابن ابي الدنيا رح چون ٿي ته اُنهن کي احمد بن عبدالاعليٰ شيباني بيان ڪيو ته ” بخت نصر بابل ٻه شينهن پاليا هُئا جيڪي هُن هڪ کوه ۾ رکيا هُئا. هو بيت المقدس مان حضرت دانيال ع کي قيد ڪري آيو ۽ ع کي به ان کوه ۾ شينهن سان قيد ڪري رکيو، پر شينهن حضرت دانيال ع کي ڪُجه به نه ڪيو، پاڻ الله ج جي حڪمت سان، هڪ مُدت تائين شينهن سان گڏ ان کوه ۾ قيد رهيا، پاڻ جڏنهن بُک ۽ اُڃ محسوس ڪيائون جيئن انسانن کي محسوس ٿيندي آهي ته بيت المقدس ۾ حضرت ارمياءع کي مُلڪ شام ۾ الله ج وحي ڪئي ته حضرت دانيال ع لاءِ ڪو کائڻ پيئڻ جو بندو بست ڪن. پاڻ ع عرض ڪرڻا لڳا تي اي الله ج مان ارض مُقدس ۾ آهيان جڏنهن ته دانيال ع سر زمين عراق جي شهر بابل ۾. ” الله ج وحي ڪين ته” اسان جنهن شيءِ جي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي اُن کي تيار ڪر! اسان ج اُن کي تيار ڪنداسون جيڪو توهنجي تيار ڪيل شين کي کڻي بابل پُهچائيندو. حضرت ارمياء ع کاڌو تيار ڪيو، الله ج هڪ فرشتي کي حُڪم ڏنو ته انهن شين کي کڻي بابل پُهچائي ايستائين جو ارمياء ع ڏٺو ته ته پاڻ ع فرشتن سان گڏ کوه جي ڪناري تي شين جي ٿاله سان بيٺا هُئا“ کين محسود ڪندي دانيال ع پُڇين ته ڪير آهي؟ ته پاڻ فرمايائون ته مان ارمياء ع. حضر دانيال ع پُڇين ته خيريت آهي ڪيئن اچڻ ٿيو؟ ارمياءِ ع وراڻين ته مان ع الله ج جي حُڪم سان آيو آهيان الله ج توهان جياُ ڃ ۽ بُک جو بندوبست ڪيو آهي. حضرت دانيال ع هڪدم الله ج جون هن ريت تعريف ڪرڻ لڳا ” تمام تعريفون الله ج لاءِ آهن جيڪو اُميد رکڻ وارن کي جواب ڏي ٿو. تمام تعريفون الله ج لاءِ آهن جيڪو اُن تي ڀروسو ڪري ٿو هو ج اُن کي ٻي ڪنهن جي سُپرد نٿو ڪري. تمام تعريفون الله ج لاٰ آهن جيڪو نيڪين جو بهترين اجر ڏي ٿو. تمام تعريفون الله ج لاءِ آهن صبر کي جزا نجات جي صورت ۾ ڏي ٿو. تمام تعريفون الله ج لاءِ آهن جيڪو اُن وقت به اسانجي اُميدگاه آهي جڏنهن سڀ ڪوششون ناڪام بڻجي وڃن ٿيون“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو)

    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    يونس بن بڪير فرمائين ٿا ته اُنهن محمد بن اسحاق کان، اُنهن ابو خالد بن دينار کان روايت ڪيو آهي ته ” جڏنهن اسان ”تستر“ کي فتح ڪيو هو ته اسانکي ”هرمزان“ جي خزاني مان هڪ کٽ ملي هُئي جنهن تي هڪ لاش رکيل هو ۽ اُن لاش جي سرهاڻي کان هڪ مضمن به رکيل هو. اسان مصحف کنيو، اُن کي حضرت فاروق رضي الله عنه جي خدمت ۾ روانو ڪيو. حضرت عمر رضيه پوءِ حضرت ڪعب رح کي پاڻ وٽ سڏايو پاڻ آيا ۽ اُن مصحف جو عربي ترجمون ڪيائون.

    ابوالعاليه چون ٿا ته ” مان عرب جو اُهو پهرئون شخص هوس جنهن ان مصحف کي پڙهيو هو، مون ان جي تلاوت ائين ڪئي جيئن آئون قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو آهيان. ابو خالد فرمائي ٿو ته مون ابوالعاليه کان پُڇيو ته ان مصحف ۾ ڇا لکيل هو؟ انهن ٻُڌايو ته، اُن ۾ توهانجي هلڻ جو انداز (طريقو)، توهانجا روز مره جا اُمور، توهانجي گفتگو جا انداز ۽ اُن کان پوءِ جيڪو ٿيڻو هو اُهو لکيل هو“ مون پُڇمان ته لاش جو ڇا ٿيو؟“ اونهن ٻُڌايو ته” اسان ڏينهن جي وقت ڌار ڌار 13 قبرون کوٽيون ۽ جڏنهن رات ٿي ته ميت کي اُنهن مان هڪ ۾ دفن ڪري ڇڏيو، ۽ سڀني قبرن جي زمين کي ملائي هموار ڪري ڇڏيو ته جيئن ماڻهن کي خبر نه پئجي سگهي ته لاش کي ڪهڙي قبر ۾ دفنايو ويو آهي. هي احتياط ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن ان کي ڪو ٻاهر نه ڪڍي“ مون پُڇيومان ته ” ته توهانج ڪهڙو خيال آهي ته اُهو لاش ڪنهنجو هو“ اُنهن فرمايو ته ” دانيال نالي شخص جي هُئي“ مون وريپُڇيومان ته” ڇا ٿا سمجهو ته لاش ڪيتري عرصي جو هو؟“ فرمائڻ لڳا ته ڪافي عرضو گُذرڻ کي گُذري چُڪو هوندو شايد ٽي سئو سال“ مون وري سوال ڪيومان ته” ڀلا لاش ۾ ايتر عرصي گُذرڻ جي ڪري ڪا تبديلي ڏسڻ ۾ آئي؟ “ فرمائڻ لڳا ها کاڏيءَ جي ڪن وارن ۾ تبديل اچي چُڪي هُئي، ڇو جو نبين جي گوشت کي زمين نه خراب ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪي درندا اُنهن کي کائي ٿا سگهن” .

    (حضرت ابوالعاليه جي طرفان ڪيل نسبت صحيح آهي پر جي اُن نبي ع جي تاريخ وفات کي 300 سال پهرئين گُذرندي تسليم ڪيا وڃن ته پوءِ اُهي نبي ع . دانيال ع نٿا ٿي سگهن پر ڪي ٻيا نيڪ شخص هوندا جنهن جو نالو ممڪن آهي ته دانيال ئي هُجي، ڇو جو حضرت عيسيٰ ع ۽ حضور ڪريم صلعم جن جي وڄ ۾ ڪوبه نبي ع نه ٿي گذريو آهي هي منطق حديثن مان ثابت آهي جنهن کي بُخاريءَ ۾ روايت ڪيو ويو آهي ته فطرت جو اهو دئور 400 سالن تي مُحيط رهيو آهي. ها! مُمڪن آهي ته اُن جي تاريخ وفات 800 سال اڳ جي هُجي ۽ جي اها آهي ته پوءِ اها مُدت حضرت دانيال ع جي وقت جي قريب تر آهي. (والله اعلم).

    ۽ جي اُهو لاش حضرت دانيال ع طرف گُمان ٿو ڪجي ته پوءِ آخري مُدت سان مُطابقر رکي سگهجي ٿو ۽ جي ممڪن آهي ته اُهو ٻئي ڪنهن نيڪ شخص جو لاش هُجي ۽ اُهو شخص ڪو نبي ع به ٿي سگهي ٿو ۽ غير نبي به. پر لڳي ائين ٿو ته اهو دانيال ع جو لاش ئي هوندو ڇو جو فارس جو بادشاه بخت نصر کين ع کي ”پابه جولان“ فارس ئي قيد ڪري کڻي آيو هو جيئن پهرئين بيان ٿيو آهي. ابوالعاليه جي صحيح سند سان ثابت آهي ته هن جو نڪُ هڪ بالشت (هٿ) ڊگهو هو. حضرت انس رضيه کان بهتر سند ۾ روايت آهي ته سندُن ع نڪُ مُبارڪ هڪ هٿ کن ڊگهو هو ۽ ممڪن آهي ته اهو لاش قديم ترين ڪنهن به نبي ع جي هجي (والله اعلم)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون)

    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ابوبڪر بن ابي الدنيا پنهنجي ڪتاب ”احڪام القبور“ ۾ ابولاشعت احمري کان روايت ڪري لکي ٿو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” حضرت دانيال ع، الله ج کان دُعا گهُري هُئي ته اي الله ج! جي مان وفات ڪري وڃان ته مونکي اُمت مُحمديه صلعم جا ماڻهون دفن ڪن. جڏنهن حضرت ابو موسيٰ اشعري رضيه ”تستر“ فتح ڪيو ته اُنهن کي هڪ تابوت مليو جنهن ۾ حضرت دانيال ع جن جو لاش مُبارڪ هو. نبي صلعم جن فرمايو ته جيڪو حضرت دانيال ع جي باري ۾ ٻُڌائي اُن کي جنت جي بشارت ملندي. جنهن شخص ٻُڌايو ته هي لاش مُبارڪ حضرت دانيال ع جو آهي اُن جو نالو ”حرقوص“ هو.

    حضرت ابو موسيٰ رضيه حضرت عُمر ع کي لکيو ۽ دانيال ع جي متعلق خبر ڏني، حضرت عمر رضيه جواب ۾ لکيو ته لاش کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ حرقوص کي مون وٽ موڪليو ڇو جو نبي صلعم جن کيس رضيه جنت جي بشارت ڏني آهي ان سند جي اعتبار سان هي حديث مرسل آهي. ان جو محفوظ هُئڻ محل نظر آهي .(والله اعلم).

    ابن ابي الدنيا فرمائين ٿا ته انهن کان ابوبلال، اسان کان قاسم بن عبدالله بيان ڪيو، انهن عنبسه بن سعيد رح کان روايت ڪيو. (عنبسه هڪ عالم هو) فرمائين ٿا ته ” حضرت ابو موسيٰ اشعري رضيه جن کي حضرت دانيال ع جي لاش سان گڏ هڪ مضحف مليو هو. ان مصحف سان گڏ هڪ دِلو به هو، جنهن ۾ گوشت، ڪي درهم، ۽ حضرت دانيال ع جي مُنڊي به هُئي. حضرت ابو موسيٰ ر سڀئي تفصيل حضرت عمر ر کي لکي موڪليا هُئا، واپسي خط ۾ عمر رضيه لکين ته مصحف اسان کي ڏياري موڪل، گوشت مان به ڪُجه حصو اسان کي ڏياري موڪل ۽ پاڻ مان پهرين مُسلمانن کي حڪم ڏيو ته هو ان گوشت کي دوا جي طوراستعمال ڪن، درهمن کي ورهائي ڇڏيو باقي رهي مُنڊي ته اُها اسان توهنجي سُپرد ڪئي.

    ابن ابي الدنيا گهڻن ئي طريقن سان روايت ٿو ڪري ته ابو موسيٰ اشعري رضيه کي جڏنه اهو لاش مليو هو ۽ کيس ٻُڌايو ويوهو ته هي حضرت دانيال ع جو لاش آهي ته هو پُهچي ويو، لاش جو معنو ڪيائين، چُمي ڏئي سعادت ورتائين ۽ حضرت عمر رضيه کي خخ لکيائين جنهن ۾ دانيال ع جي متعلق تفصيل هو ۽ هي به ٻُڌايو ته لاش سان گڏ تقريبا” 10 هزار درهم ماليت جو سامان به رکيل هو ۽ ان مال جي خصوصيت اها آهي ته جيڪو ان کي کڻي وري ساڳي جڳه تي نٿو رکي ته هُو بيمار ٿو ٿي پوي. هي به خط ۾ لکيل هو ته لاش سان گڏ هڪ پيتي به آهي.

    حضرت عمر رضيه حڪم ڏئي موڪلين ته” ٻير جي پتن کي اُٻاري ميت کي غُسل ڏنو وڃي، ۽ ڪفن پارائي دفن ڪيو وڃي مگر فُفيه طريقي سان ته جيئن قبر بابت ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ۽ مال لاءِ حُھڪم ڏنائون ته اُن کي بيت المال ۾ جمع ڪرايو وڃي، جڏنهن ته صندوق پاڻ وٽ گهُرائي رکيائون ۽ مُنڊي حضرت ابو موسيٰ ع کي ”هبه“ ڪري ڏنائون.

    حضرت ابو موسيٰ رضيه کان روايت آهي ته ” پاڻ 4 قيدين کي آڻڻ جو حُڪم ڏنائون، قيدي آندا ويا، سند حُڪم سان اُنهن هڪ شاخ جو پاڻي روڪي وچ ۾ قبر کوٽي ۽ اُن قبر ۾ دانيال ع جي جسم اطهر کي دفن ڪري ڇڏيائون ان کان پوءِ انهن چئن قيدين کي گهُرائي انهن جو ڪنڌ ڪپيو ويو اهڙيءَ طرح حصرت ابو موسيٰ اشعري کان علاوه ٻيو ڪوبه شخص حضرت دانيال ع جي مزاراقدس کان واقف نه رهيو. (والله اعلم).
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون)

    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ابن ابي الدنيا فرمائين ٿا ته حضرت عبدالرحمان بن ابي الزناد پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا ته” مون حضرت ابن ابي برده بن ابو موسيٰ الاشعري رضيه جي هٿ ۾ هڪ مُنڊي ڏٺي جنهن جي نگيني تي ٻه شينهن ڇپيل هُئا جنهن جي وچ ۾ هڪ شخص جي تصوير هُئي ۽ ٻئي شينهن اُن شخص جا پير چٽي رهيا هُئا. ابو برده ر ٻُڌايو ته اها مُنڊي اُن لاش جي آهي جنهن متعلق هن شهر جي ماڻهن جو گومان آهي ته اُها دانيال ع جي آهي. هي مُنڊي مُهنجي والد موسيٰ اشعري دفن ڪرڻ وقت لاش جي چيچ مان دفن ڪرڻ وقت لاهي رکي هُئي. ابو برده ر جي بقول، ابو موسيٰ ر ان شهر جي عالمن سان ان مُنڊيءَ جي چٽيل نقش بابت معلومات ورتي ته اُنهن ٻُڌايو ته ته دانيال ع جنهن مُلڪ ۾ پئدا ٿيا هُئا اُتي جي بادشاه کي نجومين ٻُڌايو هو ته اڄ رات تُهنجي مملڪت ۾ هڪ ٻار پئدا ٿيندو جيڪو تُهنجي مُلڪ جو تخت و تاج تاراج ڪندو، بادشاه قسم کڻي ورتو ته ته هو اڄ رات جو پئدا ٿيدڙ ٻارن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو، هڪ گهر ۾ ٻار جڏنهن ڄئو ته ان گهر ۾ شينهن آيا ٻار کي ڏٺائون، سندس جسم کي چٽيائون ۽ شينهن جي ماده کيس پنهنجو کير پياريو ۽ شينهن ٻار کي ڪو نقصان نه پُهچايو. جڏنهن حضرت دانيال ع جي والده ماجده آيون ته ڇا ٿيون ڏسنن ته شينهن دانيال ع کي چٽين پيا ۽ الله ج کيس ان موصيبت کان محفوظ رکيو ايستائين جوپوءِ پاڻ ان جڳه تي پُهتا جيڪا سندن لاءِ مقرر ٿي هُئي. ابو موسي2 اشعري چوي ٿو ته شهر جا عالم ٻُڌائين ٿا ته سيدنا دانيال ع پوءِ انهن ٻنهين شينهن ۽ سند تصوير کي پنهنجي مُنڊيءَ ۾ نقش ڪرائي رکي ڇڏيو ته جيڪو ان وقت الله ج سندن مٿان انعام مقرر ڪيو هو اُن کي وساري نه سگهن.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ پنجون).

    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ پنجون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”اوڪالذي مر علي قريه و هي خاويه .... ان الله علي ڪل شيءِ قدير. (سوره البقره).“ يا (ڇا نه ڏٺوَ) اُن شخص کي جيڪو گُذريو هڪ وسنديءِ مان، اهڙي حال ۾ هئي ته اُها ڪريل هُئي پنهنجن ڇتن سميت، چوڻ لڳو ته ڪيئن زنده ڪندو الله انهن کي هلاک ٿيڻ کان پوءِ مُرده رکيو ان کي الله 100 سالن تائين پوءِ زنده ڪري ڇڏيائين، پڇيائين ڪيترو عرصو تون اتي رهئين، جواب ڏنائين رهيو هوندس هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪُجه حصو، الله فرمايو نه، بلڪه تون رهيو آهين 100 سال هاڻ (ٿورڙو) ڏس پنهنجي گڏه کي ۽ هي سڀ ان لاءِ ته اسان بڻائينداسون تو کي نشاني ماڻهن لاءِ ۽ ڏس هڏين کي اسان ڪيئن ٿا ڳنڍيون انهن کي ٻيهر (ڪيئن) اسان پارايون ٿا ان کي گوشت پوءِ جڏنهن حقيقت روشن ٿي اُن لاءِ (ته) هن چيو مان سمجهي ويو آهيان ته بيشڪ الله تعالي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو“

    هشام بن ڪلبي چوي ٿو ته ” پوءِ الله ج، حضرت ارمياء ع کي وحي ڪئي، جيئن ته هي ڳاله مون تائين پُهتي آهي، مان ع بيتالمقدس کي آباد ڪرڻ وارو آهيان، بس ته ان (شهر مُقدس) ۾ اچ ۽ هن ۾ رهائش اختيار ڪر. پاڻ تشريف کڻي آيا ۽ اچي ڏٺائون ته شهر ته هڪ ويرانو لڳو پيو آهي، پنهنجي دل ۾ سوچيئون ” سُبحان الله! مونکي الله ج هتي رهڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ مونکي ج چيو آهي ته مان ع ان کي آباد ڪرڻ وارو آهيان، خبر ناهي ڪڏنهن هي آباد ٿي سگهندو، ۽ ڪڏنهن هن شهر جي مڙدن رهواسين کي زندگي عطا ڪندو؟ انهي سوچ ۾ ننڊ اچي وين، مٿو رکي سُمهي پيا، گڏ ئي گڏه ٻڌل هو ۽ هڪ ڇٻي هُئي جنهن ۾ کائڻ پيئڻ جون ڪي شيون رکيون هُيو. پاڻ ع 100 سالن تائين ائين ئي سُتل رهيا ايستائين جو ”بخت نصر“ هن تي آيو،” فرمانر“ ۽ ”لهراسب“ به ۽ سڀئي مري ويا. لهراسب جي مُدت حڪومت ا20 سال آهي. ان کان پوءِ هن جو پُٽ ”بشتسب بن لهراسب“ تخت نشين ٿيو.

    بخت نصر جو موت بشتاسب جي دئور حڪومت ۾ ٿيو. ان بادشاه کي اهو اطلاع مليو ته شام جا شهر ويراني ۾ بلجي چُڪا آهن، ۽ هاڻ ارض فلسطين درندن جي آماجگاه آهي، اُتي ڪو به انسان نه پيو رهي، بادشاه اعلان ڪرائي ڇڏيو ته ارض بابل ۾ مُقيم بني اسرائيل مان جيڪو شام ۾ واپس وڃڻ چاهي وڃي سگهي ٿو. بادشاه اسرائيلين سان وعدو ڪيو ته آل دائود مان حڪمران ٿيندو. اُن حوڪم ڏنو ته بيت المقدس جي تعمير نو ڪئي وڃي.

    الله ج ايتري ۾ پوءِ ارمياء ع کي بيدار ڪيو، اُنهن شهر ڏي نظر وڌي(حيران ٿي ويا) ڏسندي ڏسندي شهر جي تعمير نو ٿي چُڪي هُئي ۽ شهر آباد ٿي ويو هو، هو ان ئي حالت ۾ 100 سالن تائين سُتا رهيا، پوءِ الله ج کين جاڳايو، حالنڪه انهن کي خبر نه هُئي ته ڪه هو 100 سالن تائين سُتا پيا هُئا سندن ع خيال ۾ هو ته شايد پاڻ ع ڪي چند گهڙيون مس سُتا هوندا، تڏنهن هي زمين هڪ ويرانو هو، پر جڏنهن بيدار ٿي ڏٺائون ته اُتي ته عمارتون تعمير ٿي چُڪيون هُيون، گهرن ۾ رونقون وري آيون هُيو، پوءِ جڏنهن خبر پين ع ته سندن ننڊ 100 سالن ته محيط هُئي ته پُڪارڻ لڳا” اعلم ان الله علي ڪل شيءِ قدير“

    راوي لچي ٿو ت بني اسرائيل شام ۾ قيام پذير رهيا، الله ج اُنهن کي وري ساڳيو شان و شوڪت عطا ڪري ڇڏيو، اُهي صاحب سولت و سطوط رهيا ايستائي جو طوائف الملوڪي جي دوران ، روم انهن تي غلبو حاصل ڪري ورتو.
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ ڇهون آخري).

    قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام(پارٽ ڇهون آخري).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    علامه ابن جرير به پنهنجي تاريخ ۾ ان واقعي متعلق اهو ئي لکي ٿو.
    لکي ٿو ته ”لهراسب“ هڪ عادم ۽ بهترين سياستدان هو، ڇا بادشاه يا قاعدين، سڀئي اُن جي سامهون هٿ جوڙي هُئا، مُختلف مُلڪن ۽ انهن ۾ رهڻ واران جا ڪنڌ لهراسب جي سامهون جهڪيل رهيا، شهرين جون آباديون، شاخن جو کوٽايون، قلعن جي تعميرون غرض هر شي ۾ هو بهترين راءِ رکندو هو. جڏنهن پوڙهو ٿيو ۽ تدبير مملڪت مان عاجز ٿي پيو ته سندُس پُٽ ”بشتاسب“ سربراه مملڪت ٿيو. اُن جي دئور ۾ مجوسيت جو ظهور عمل ۾ آيو.

    چون ٿا ته ”زرتشت“ نالي هڪ شخص حضرت ارمياء ع جي صُحبت پرائي پر ڪنهن سبب هو بارگاه نبوت ۾ معتوب ٿيو هو. حضرت ارمياء ع جي بد دُعا جي ڪري زرتش برص جي بيماريءَ ۾ مُبتلا ٿي ويو، اُتان ڀڄي وڃي آذربيئجان ۾ قيام ڪيائين. بشتاسب به هڪ عرصي تائين زرتشت جي صحبت ۾ رهيو ۽ اُن جي هٿ ٺوڪيل دين ۾ شامل ٿي ويو، بشتاسب نه صرف پاڻ مجوسيت کي قبول ڪيو بلڪه ان جي باقائده تبليغ شرو ع ڪري ڏنائين ۽ انڪار ڪرڻ وارن کي سخت سزائون ڏنائين.

    بشتاسب جي مرڻ کان پوءِ اُن جو پُٽ ”بهمن“ تخت نشين ٿيو، بهمن فارس جي اُنهن مشهور ترين بادشاهن ۽ مرد ميدانن مان هو جنهنجي بهادريءِ جا قصا هر زبان تي هُوا هن بدبخت به بخت نصر وانگر گهڻي عمر ورتي ۽ هميشه بخت نصر وانگر دُنيا مٿان ظُلم ڍائيندو رهيو.

    مقصد هي ته علامه ابن جرير مُطابق ويراب وسنديءَ مان گُذرندڙ شخص حضرت ارمياء ع هُئا. هي قول حضرت وهب بن منبه، عبد الله بن عمير ۽ ٻين گهڻن ئي مفسرين جو آهي ۽ سياق ڪلام جي اعتبار سان به قوي آهي.

    حضرت علي رضيه، حضرت عبد الله بن سلام، حضرت ابن عباس، حضرت حسن، حضرت قتاده، سدي، سُليمان بن برده رضي الله عنهما وغيره جي نزديڪ واران وسنديءَ مان گُذرڻ وارا حضرت عزيز عليه اصلات وسلام هُئا ۽ اڪثر اسلاف و اخلاف ۾ به اهو مشهور آهي. (والله اعلم).
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,306
    ورتل پسنديدگيون:
    26,736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام

    تمام تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو اُميد رکڻ وارن کي جواب ڏي ٿو. تمام تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو اُن تي ڀروسو ڪري ٿو هو اُن کي ٻي ڪنهن جي سُپرد نه ٿو ڪري. تمام تعريفون الله ج لاء آهن جيڪو نيڪين جو بهترين اجر ڏي ٿو. تمام تعريفون الله ج لاءِ آهن صبر کي جزا نجات جي صورت ۾ ڏي ٿو. تمام تعريفون الله ج لاءِ آهن جيڪو اُن وقت به اسانجي اُميدگاه آهي جڏنهن سڀ ڪوششون ناڪام بڻجي وڃن ٿيون“

    بيشڪ ان ۾ ڪو شق ناهي۔

    تمام سٺو ۽ ڄاڻ وارو مضمون آهي۔ اوهان جي اهڙي ڪاوشن جو قدر ڪجي ٿو ۽ اوهان جي محنت تي اوهان کي داد ڏجي ٿو۔ اميد ته اهڙي خوبصورت لکڻين سان اڳتي به واقف ڪندا رهندا،

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,660
    ورتل پسنديدگيون:
    3,897
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام

    سائين قبلا ميمڻ صاحب الله سائين اوهانجي علم ۾ اضافو فرمائي تمام بهترين مضمون وڻيو آهي ۽ ڏاڍو وڻيو آهي پر بجلي جي اکٻوٽ سبب اُڃايل رهجي ويو آهيان ۔ بحرحال حضرت دانيال عليه سلام تي اوهانجو مضمون پورو پڙهندس ۔ ايران جي شهر اهواز کان اندازن ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر تي شهر شُوش ( جنهن کي شهرِ دانيال ) به سڏين ٿا ۔ اُتي حضرت دانيال عليه سلام جو روضو مبارڪ آهي ۔ مان پاڻ اُتي حاضري ڏئي آيو آهيان ۔ سندس روضو مبارڪ خوبصورت آهي سندس پيرانڌي واري پاسي کان هڪ ٻئي ڪمري ۾ هِڪ آيت الله مراجع اعظم جي قبر پڻ آهي جنهن لاءِ لکيل هو ته هي حضرت دانيال عليه سلام جي اولاد مان آهي ۔ جڏهن اُتي اميرالمومنين علي عليه سلام جو قول پڙهيو ته دانيال اسانجو ڀاءُ آهي سندس زيارت پڙهڻ لازمي آهي ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: قصو حضرت دانيال عليه الصلات والسلام

    اسان انبياءِ ع جي سلسلي ۾ قرآن . حديث، روايت، قولن ، تهذيبن جي اڀياس ڪري ، توريت، زبور، انجيل ۽ اسرائيلي رواينتن ۾ آيل قصن کي حضرت آدم عليه الصلات وسلام کان وٺي، تمام نبين عليهما وسلام ۽ آخر ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه تائين لکيو آهي. ڪو مواد توهان کي مُهنجي فيسبوڪ جي نُوٽس ۾ ملندو. اُميد ته پنهنجي دُعا ۽ راءِ کان آگاه ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي نه ڪندا مُهنجي ڏينهن رات جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ريسرچ ۽ محنت سان تحرير ڪيل ڪاوش تي فيس بوڪ يا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي وڃي هر پيش ڪيل نوٽ يا ڦوٽو (منظر ڪشي) تي گهڻي ۾ گهڻا ڪامينٽس ڏيندا ته اڳتي هلي انهيءَ جوش جذبي سان ٻيو ڪو سنڌي ٽيڪٽ لکي سگهان.
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,721
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي نبين جي قصن کي پڙهي دُنيا سان گڏ دين پڙهو ۽ پڙهايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو