توهين عدالت ڇا آهي۔

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    توهين عدالت ڇا آهي۔

    محترم ميمبرس اڄڪله اسان جي ملڪ ۾ وزير اعظم تي توهين عدالت جو ڪيس هلي رهيو آهي۔ميڊيا ۽ انيڪرن توهين عدالت تي گهڻا ٽاڪ شو ڪيا آهي۔پر توهين عدالت جو مطلب قانون جي روشني ۾ نه سمجهايو آهي۔انهن ڳالهن کي ڌيان ۾ رکندي اسان توهين عدالت جو مختصر تعرف پيش ٿا ڪيون۔

    مقدمي جي ڪاروائي جي دوران اگر جج صاحب اهو محسوس ڪري ته ڪو فرد واحد يا اداره انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿي رهيو آهي يا منصف جو مذاق آڏيو ويو آهي،يا قابل اعتراض مواد ڪورٽ پروسيڊنگ جي حوالي سان شائع ڪيو ويو آهي،يا ڪورٽ جي فيصلن جي تعميل ڪرڻ جي بجاء انهن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي يا ڄاڻي وڻي ڪورٽن جي قانوني فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ تاخير ڪئي ويئي آهي ته ڪورٽ ان ماڻهو يا اداره جيڪو مٿين ڪوتاهين جو مرتڪب ٿيو هوندو جي خلاف توهين عدالت "Contempt Of Court " جو نوٽيس جاري ڪندي ۽ ان ماڻهون کي قانون جي زبان ۾ ڪنٽيمنر ڇوندا آهن ،کي ڪورٽ ۾ گهرائيندي آهي ته اچي پنهنجي صفائي ۾ ڪجه چوي،جيڪڏهن ڪنٽمينر جا ٻڌايل سببن ۾ ڪو وزن نه هوندو آهي ته ڪورٽ ان تي فرد جرم جنهن کي ڪورٽ جي زبان ۾ چارج چئبو آهي فريم ڪندا آهي ۔ان چارج ۾ ڪٽمينر جي خلاف جيڪي به الزامات هوندا آهن اهئي ان کي جج صاحب پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ پو ڪٽمينر کان پڇندو آهي ته ان کي ڏوه قبول آهي يانه ۔جيڪڏهن ڪٽمينر ڏوه قبول نه ڪندو آهي ته ان جي خلاف اهو مٽريل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندي جنهن جي ڪري هو توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو هوندو آهي ۽ پوء هن کي سزا ٻڌائي ويندي آهي۔

    پاڪستان قانون جي مطابق توهين عدالت ڪرڻ واري کي ڇھ مهينا قيد،هڪ لک تائين جرمانو يا ٻنهي سزائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي۔

    توهين عدالت ڪرڻ وارو ماڻهو يا اداره ڪنهن به مرحلي تي ڪورٽ ۾ معافي نامو ڏئي سگهي ٿو۔جيڪڏهن عدالت اهو سمجهي ٿي ته معافي نامو صدق دل سان پيش ڪيو ويو آهي،ته هو مقدمو خارج ڪري ڇڏيندي آهي۔

    سڄي دنيا ۾ عدالتون توهين عدالت جي سلسلي ۾ اصول ۽ ضابطا ٺاهيا آهن۔مثلان ڀارت ۾ آئين جي آرٽيڪل 129 ۽ 142 جي تحت سپريم ڪورٽ صدر کان وٺي عام ماڻهو کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيڻ جي طاقت رکي ٿي۔ ان جرم جي سزا زياده کان زياده ڇھ مهينا قيد،ٻه هزار رپيا جرمانه يا ٻئي آهي۔۔
    12 مئي 2006 تي ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي ان اختيار کي استعمال ڪندي مهاراشٽر جي وزير سروپ سنگھ کي توهين عدالت ڪرڻ تي هڪ مهينو قيد جي سزا ٻڌائي هئي۔اهو پهريون موقعو هو جو ڪنهن حاضر وزير کي جيل جي هوا کائڻي پئي۔
    حتاڪئي آمريڪي صدر به توهين عدالت جي سزا کان بچي نه سگهيو۔ان مان عدالت عاليه جي قوت جو اندازو ٿيندو آهي۔ٿيو ايئن ته مونيڪا ليونسڪي مقدمي جي دوران صدر بل ڪلنٽين سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته هو مونيڪا نالي ڇوڪري کي نه ٿو سڃاڻي۔پر بعد ۾ اها ڳاله ثابت ٿئي ويئي ته صدر بل ڪلنٽين ۽ مونيڪا جي وچم تعلقات هئا۔ان انڪشاف تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سوزين رائٽ۔ڪوڙ ڳالهائڻ۔انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿيڻ ۽ عدالت کي ڌوکو ڏيڻ جي الزامات ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽِن کي مجرم قرار ڏيندي 1999 ۾ صدر بل ڪلنٽين تي نوي هزار ڇھ سو ڇهاسي ڊالر جرمانو لڳايو۔،هي پهريون موقعو هو جو ڪو حاضر آمريڪي صدر توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو۔

    پاڪستان ۾ جرنيلن،وزير ،وزير اعظم کان وٺي سرڪاري آفيسر توهين عدالت ڪري چڪا آهن۔4 فيبروري 1993 تي سابق چيف آرمي اسٽاف جنرل اسلم بيگ هڪ اخباري انٽرويو جي دوران انڪشاف ڪيو ته 1988 ۾ هن چيف جسٽس محمد افضل ظله کي پيغام موڪليو هو ته هو جوڻيجو حڪومت کي بحال نه ڪري ۽ ايئين ئي ٿيو۔ان تي ان وقت جو چيف جسٽس نسيم حسين شاه،جنرل (ر) اسلم بيگ کي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو۔بعد ۾ جنرل (ر) اسلم بيگ توهين عدالت جو مرتڪب به قرار ڏنو ويو پر ان کي ڪا سزا نه ڏني ويئي۔1994 ۾ اهو ڪيس خارج ڪيو ويو۔

    اميد ته اوهان هن ليک مان توهين عدالت ۽ ان جي سزا کي چڳي طرح سمجهي سگهندا۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: توهين عدالت ڇا آهي۔

    جي سائين بلڪل

    بهترين نموني سان سمجهائڻ تي توهان جا قرب سائين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: توهين عدالت ڇا آهي۔

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب مهرباني جو اوهان اها قيمتي ڄاڻ مهيا ڪئي۔

    ڪڏهن ڪڏهن اسان به آپي کان ٻاهر نڪري خبر ناهي ڇا لکي ويندا آهيون۔ ايئن نه ٿئي جو ڪڏهن اسان تي به ڪا مصيبت ڪڙڪي۔ تنهنڪري اوهان کي عرض آهي ته وقت بوقت اسان جي اهڙي ڪنهن عمل تي اسان کي ضرور ياد ڏيارجو جيئن توهين عدالت کان بچي سگهون۔

    اوهان جي اهڙي قيمتي ۽ ڄاڻ وارن لکڻين جو انتظار رهندو آهي۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: توهين عدالت ڇا آهي۔

    محترم سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

    جئين ته اڄ ڪل توهين عدالت بابت روز خبرن ۾ پڙهندا رهون ٿا ۽ خاص ڪري وزير اعظم جناب يوسف رضا گيلاني جو ڪيس خبرن ۾ هاءِ لائٽ طور پڙهون پيا ، هڪ سوال هو ذهن ۾ ته آخر اهو توهين عدالت آهي ڇا ۽ ڪئين انسان هن جو مرڪب ٿي ٿو وڃي . ڀلو ٿئي سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جو، جو هن اهم اشو کي وقتائتي مناسبت سان اسان جي اڏو پيش ڪيو . اوهان جي وضاحتي ونڊ کان پوءِ مڪمل طور تي اسان جي تشفي ٿي ۽ هن نازڪ اشو کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي .
    اوهان جا اهڙا قيمتي مضمون سنڌ سلامت لاءِ اسپرٽ جي مثل آهي جنهن جي ڪري سنڌ سلامت ۾ حلچل مچيل آهي ۽ پڻ رونق بڻيل آهي . آئون اميد ٿو ڪريان ته اهڙيون قيمتي شئير اوهان وقت سر ونڊ ڪندا رهندا تان ته اسان جهڙن اڻ واقفن کي قانون بابت ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو رهي ، مهرباني هڪ دفعو ٻيهر .....
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: توهين عدالت ڇا آهي۔

    ڀلو ڪيوَ ڀلا پرين

    اسانکي ته لفظ توهين کان ئي نفرت آهي ۔۔۔ انڪري نه پاڻ ڪنهنجي توهين ڪنداسون نه ڪريون، ها جي ڪا سزا ملي ته اها هن ملڪ جي نظام جي توهين ۾ ممڪن ملندي ۔۔۔

    توهين عدالت جي مد ۾ هڪ سٺو پيرائتو ونڊ ۔۔۔ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ليک تمام گهٽ ملندا آهن

    لک ٿورا
     
  6. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    سائين ميمڻ صاحب تمام بهترين طريقي سان سمجهائڻ لا توهان جا قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو