1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    25000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ پهريون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    حافظ ابوالقاسم ابن عساڪر رح چون ٿا ته هي عزيز بن جروه ع هُئا. هڪ قول موجب ”ابن سوريق بن عديا،بن ايوب، بن درزنا، بن عري، بن تقي ابن اسبوع، بن فخاص، بن العزربن هارون بن عمران هُئا. (يعني حضرت عزيز ع جي والد جو نالو جروه نه پر سوريق هو).

    هڪ قول موجب، حضرت عزيز بن سروخا، ڪن آثارن مان اهو به ملي ٿو ته اُنهن ع جي قبر دمشق ۾ آهي. حضرت ابن عباس رضيه کان مرفوعا” روايت آهي ته مونکي خبر ناهي ته حضرت عزيز ع کي وڪيو ويو هو يا نه؟ ۽ مان اهو به نٿو ڄاڻان ته عزيز ع بني هُئا يا نه؟

    اسحاق بن بشر، جويبر * مقاتل کان، هو ضحاڪ کان ۽ هو حضرت ابن عباس رضيه کان روايت ڪن ٿا ته ” حضرت عزيز ع انهن ماڻهن ۾ شامل هُئا جن کي بخت نصر قيد ڪري بابل کڻي ويو هو. حضرت عزيز ع اُنهن ڏينهن ۾ هڪ ننڍو ٻار هُئا. جڏنهن پاڻ ع جي عمر 40 سال ٿي ته الله ج کين حڪمت سان نوازيو. چون ٿا ته حضرت عزيز کان وڌيڪ تورات کي ياد ڪرڻ ۽ سمجهڻ وارو ٻيو ڪو نه هو، سندن ذڪر نبين ع سان ٿئي ٿو، پر جڏنهن اُنهن تقدير جي علم لاءِ الله ج کان سوال ڪيو ته الله ج انهن جو نالو نبين جي فهرست مان محو ڪري ڇڏيو. (هي روايت ضعيف، منقطع ۽ منڪر آهي) والله اعلم.

    اسحاق بن بشر، سعيد کان، هو ابو عروبه کان، هو قتاده کان، هو حسن کان هو حصرت عبدالله بن سلام رضي الله عنهم کان روايت ڪن ٿا ته حضرت عزيز ع ئي اُهي شخص هُئا جن کي الله ج 100 سالن تائين مُڙدو رکڻ کان پوءِ زنده ڪيو.

    اسحاق بن بشر حضرت ابن عباس رضيه کان روايت ڪيو ، چون ٿا ته” انهن سڀني راوين مونسان حضرت عزيز ع جي باري ۾ روايت ڪيو، ڪن روايتن ۾ ڪي لفظ وڌيڪ آهن جيڪي انهن پنهنجي سندن سان روايت ڪيون آهن، انهن روايت جي وهڪ سان ” عزيز هڪ صالح ۽ داناءُ شخص هُئا، هڪ ڏينهن پيشه واانا (ڌنڌي جي غرض سان) مصروفيتن جي ڪري ڳوٺ مان ٻاهر نڪري آيا، واپسيءَ تي سندن گُذر هڪ وسنديءَ (علائقي) مان ٿيو جيڪو ويران لڳو پيو هو. ظهر جو وقت هو، سخت گرمي پئي پئي، گرميءَ کان بچڻ لاءِ کنڊرن ۾ داخل ٿي ويا، پنهنجي گڏه تان لهي آيا، پاڻ وٽ ٻه ڇٻيون هُين، هڪ ۾ انجير جو ميوو ته ٻي ڇٻيءَ ۾ انگور هُين. پاڻ انهن کنڊرن جي پاسي پاڇي ۾ ويهي هڪ پيالي ۾ انگورن جو رس نچوڙڻ لڳا، رس نچورڻ کان پوءِ خشڪ ماني ڪڍيائون، اُن ۾ پُسايائون، پوءِ پنهنجون ٽنگون ڦهلائي، مٿو ديوار سان لڳائي آرام ڪرڻ لڳ ته تيستائين سُڪل ماني رس ۾ ٻُڏي نرم ٿي وڃي، اوچتو ڇت تي نظر پين ته ڇا ٿا ڏسن ته اُها پنهنجن ٿڀن تي پئي آهي پر انسانن جو هڏيون هر طرف پکيڙيون پيون آهن، فورن ذهن ۾ هڪ خيال آين ۽ دل ۾ سوچڻ لڳا

    ” اني يحي هذا لله بعد موتها“ (سوره البقره) ڪيئن زنده ڪندو الله ج انهن کي سندن هلاک ٿيڻ کان پوءِ“

    پاڻ هي ڪلمه ڪنهن شڪ جي ڪري ادا ڪونه ڪيا هُئا بلڪه ازراه تعجب چيو هو ته هن بوسيده هڏين ۾ وري زندگي جي وهڪ ڪيئن ٿيندي؟ الله ج موت جي فرشتي کي موڪليو ته حضرت عزيز ع جي روح کي قبض ڪري اچ ۽ پوءِ پاڻ به هڪ بيجان جسم جيان انهن کنڊرن ۾ 100 سالن تائين پيا رهيا. جڏنهن 100 سال پورا ٿيا ته ان عرصي ۾ بني اسرائيل ۾ گهڻا واقعا رونما ٿيا، الله ج حضرت عزيز ع ڏي هڪ فرشتي کي موڪليو، ان سندن دل کي نئين زندگي ڏني ته جيئن اُن ۾ قوت پئدا ٿئي، فرشتي سندن اکين جي به نئين تخليق ڪئي ته اُنهن سان ڏسي سگهن، قلب ۽ نظر جي زندگي ان ڪري ڏني وئي ته ته هو سمجهي سگهن ته الله ج ڪيئن ٿو مُڙدن کي ٻيهر زنده ڪري، ڏسندي ڏسندي سندن جلد تي وار اچڻ لڳا، هو سڀ ڪجه اکين سان ڏسندا رهيا ۽ سمجهندا رهيا ۽ پوءِ سندن پوري ڍانچي ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو هو پنهنجا منتشر جُزن جي گڏ ٿيڻ ۽ روح ڦوڪڻ تائين سط ڪُجه پنهنجي اکين سان ڏسندا رهيا ۽ پوءِ اهو زنده ڍانچو اُٿي ويهي رهيو. هي حضرت عزيز ع هُئا.

    فرشتي پُڇين ” ها عزيز ع هتي ڪيترو عرصو رهئين؟ پاڻ ع جواب ڏنائون ” اهوئي ڪو هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪو حضو!“ ڇو جو اُنهن جي خيال ۾ ته هو ته هو ظهر کان پهرئين ڪجه دير سُتا هُئا ۽ ڏينهن جي آخري پهر ۾ جاڳي اُٿيا هُئا ۽ اڃان پهرئين ڏينهن جو سج به غروب نه ٿيو هو. بس پنهنجي خيال مُطابق هُنن ع اهو جواب ڏنو هو ته ڏينهن يا شايد ڏينهن جو ڪو حصو، پوءِ فرشتي کين اصل صورت حال کان آگاه ڪيو (ڳاله ائين ڪانهين! جيئن توهان سوچي رهيا آهيو!) بلڪه توهان ته 100 سالن تائين هن ويراني کنڊر ۾ موت جي ننڊ سُتا پيا هُئائو! ڏسو ٿوڙو پنهنجي کائڻ پيئڻ جي شين کي، يعني خشڪ مانيءَ ۽ انگورن جي رس کي جنهن کي نچوڙي پيالي ۾ رڪيو هُئاوَ.

    حضرت عزيز ع ڏسن ٿا ته هي سڀئي شيون پنهنجي اصلي حالت ۾ پيون هُيون، انهن ۾ به ڪابه تبديلي نه آئي هُئي، نه ته انگور جو رس خراب ٿيو هو ۽ نه ئي خُشڪ (سُڪل) مانيءَ ۾ ڪو تغير، ان ڪري چيائين ج
    ”لم يتسنه” ڪو تغير رونما نه ٿيو“

    اهڙيءَ طرح انجير ۽ باقي ڇٻيءَ ۾ پيل انگور به تو تازه پيا هُئا، جن ۾ گردش زماني ڪري ڪا تبديل واقع نه ٿي هُئي.

    لڳي ٿو ته حضرت عزيز عدل ۾ اڏڏي مُدت گُذري وڃڻ تي شق(انڪار) ڪيو هوندو، ان ڪري فرشتي پين ” مان جيڪو ڪُجه پيو چوان، ڇا انهن جو توهان انڪار ٿي ڪريو” ٿورڙ پنهنجي گڏه طرف به ته نظ ڦيرائي ڏسو!“ حضرت عزيز ع جو گڏهن ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺو ته هُن جو ته هڏيون ئي وکريون پيون هُيون، فرشتي گڏه جي هڏين کي آواز ڏنو، انهن منتشر گڏه جي هڏين آواز جو جواب ڏنو ۽ هتان هُتان پاڻ ۾ پنهنجي جاين تي گڏ ٿيڻ لڳيون، ٿورڙي دير ئي مس گُذري ته فرشتي انهن منتشر جُزن کي هڪ جڳه گڏ ڪري رکيو.

    حضرت عزيز ع هي سڀ ڪوجه پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هُئا، پوءِ انهن هڏين کي رَڳُن ۽ پٺن جو لباس پارايو ويو، هڏين کي گوشت ويڙي ويو، گوشت تي جلد پئدا ٿي ويو، جلد تي وار اُڀري آيا، ۽ پوءِ ان ڍنچي ۾ فرشتي روح وجهي ڇڏيو،گڏه به ڪنڍ مٿي کنيو، ٽنگو پير اُڀا ڪري، قيام ۽ قيام جو سوچي بُلن آواز سان ڍينچن ڍينچون ڪرڻ لڳو. ان لاِ الله ج فرمايو

    ”وانظر الي حمارڪ و لتجعلڪ آيه للناس و انظر الي العظام ڪيف ننشر ها ثم نڪسو ها لحما. (سوره البقره) ” ۽ ڏس پنهنجي گڏه کي ۽ هي سڀ ان لاءِ ته اسان توهانکي نشاني ماڻهن لاءِ ۽ ڏس انه هڏين کي ته ڪيئن ٿا جوڙيون انهن کي پوءِ (ڪيئن) اسان پارايون ٿا انهن تي گوشت“
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو)

    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ ٻيو).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”وانظر الي حمارڪ و لتجعلڪ آيه للناس و انظر الي العظام ڪيف ننشر ها ثم نڪسو ها لحما. (سوره البقره) ” ۽ ڏس پنهنجي گڏه کي ۽ هي سڀ ان لاءِ ته اسان توهانکي نشاني ماڻهن لاءِ ۽ ڏس انه هڏين کي ته ڪيئن ٿا جوڙيون انهن کي پوءِ (ڪيئن) اسان پارايون ٿا انهن تي گوشت“

    يعني پنهنجي گڏه جي هڏين کي ڏس، ته اسان ڪيئن ٿا هڪ هڪ جوڙ ملائي گڏ ڪريون ۽ ڪيئن انهن مان گوشت بغير هڪ ڍانچو ٿا تيار ڪريون ۽ انهن تي گوشت چاڙهيون.

    ”فلما تبيب له قال اعلم ان الله علي ڪل شيءِ قدير” پوءِ جڏنهن حقيقر روشن ٿي وئي انهن تي(ته) ان چيو ته مانسمجهي ويس ته بيشڪ الله ج هر شي تي قادر آهي ۽ هو مُردن کي هڪ لمحي ۾ زنده ڪري سگهي ٿو“

    راوي پيان ٿو ڪري ته پوءِ حضرت عزيز ع پنهنجي گڏه تي سوار ٿيا ۽ گهر جي راه ورتائون، جڏنهن گهر پُهتا ته نقشو ئي بدليل هو، ماڻهن به سُڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هائُن، گهر جي در و ديوار به اجني پئي لڳن، هڪ پوڙهي هوئي جيڪا گهر جي هڪ ڪنُڊ ۾ پئي هُئي، اکين کان محروم هي پوڙهي زندگيءَ جون 120 بهارون ڏسي چُڪي هُئي.

    هوءَ پوري خاندان جي ماءُ هُئي. هوءَ فقط هُئي جيڪا حضرت عزيز ع کي سُڃاڻندي هُئي. گهر ۾ داخل ٿي حضرت عزيز ع سڏ ڏنو! اي فلاڻي ڇا هي عزيز ع جو گهر آهي؟ پوڙهيءَ ڪنڌ لوڏي ها! ڪئي ۽ مرڻهاڪ آواز ۾ اکيون جهور ڪري چوڻ لڳي” هڪ عرصو گُذريو آهي ڪنهن جي زبان تي عزيز ع جو نالو نه پيو آ، ماڻهون ان جو نالو به وسري ويا آهن“ حضرت عزيز ع وراڻين ته مان عزيز ع آهيان، الله ج مونتي 100 سال موت طاري ڪريرکيو هو، پوءِ مونکي نئين زندگي ڏني اٿي“ پوڙهيءَ جي زبان مان نڪتو ”سُبحان الله !“ تعجب سان چوڻ لڳي ته 100 سالن تائين کان اسان عزيز ع جي صورت ڏسڻ لاءِ ترسون پيا ۽ اڄ تائين ڪنهن واتان ان جو ذڪر به ناهي ٻُڌو“ حضرت عزيز ع فرماين ته ”مان ع ئي اُهو گُشُده عزيز ع آهيان، پوڙهيءَ کي يقين ڪيئن چي ها، پر پوءِ به هُوءَ سوچ ۾ پئجي وئي چوڻ لڳي ته ” عزيز ع ته ”مستجاب الدعوات“ هو مريضن ۽ مُصيبت مارن لاءِ هٿ مٿي ڪري الله ج کان دُعا ڪندو هو ته الله ج خير ۽ آفيت سان هون جي جهولي ڀري ڇڏيندو هو، جي تون ع واقعي عزيز ع آهين ته موهنجي نظر موٽائي اچڻ جي دُعا ڪر ته مان ڏسي سگهان ته تون ئي عزيز ع آهين؟

    راوي لکي ٿو ته حضرت عزيز ع دُعا ڪئي ۽ پنهنجا هع مُبارڪ پوڙهي مائيءَ جي اکين تي رکيا ته سندس نظر مو آئي، سموريون جسماني ڪمزوريو دوُر ٿي ويس، پاڻ ع پوڙهيءَ جو هٿ جهليائون ۽ چيائون ته هاڻ الله ج جي حوڪم سان اُٿي بيه! ٽبگن جا جوڙ ڄڻ کولي پيس، هوءَ هڪدم صحتمند ۽ توانون ٿي اُٿي بهي رهي، حصرت عزيز ع کي ڏسي سُڃاڻي ورتائين، ۽ چوڻ لڳي ته” ساک ٿي ڏيان ته تون ع ئي عزيز ع آهين“ ۽ دروازو کولي بني اسرائيل جي گهٽين ۾ ڊوڙندي پُهتي، ماڻهون مجلسن ۾ ڪچهري ڪري رهيا هُئا،

    حضرت عزيز ع جو پُٽ جيڪو 180 سالن ۾ هو ۽ قوم کين پنهنجو سردار مقرر ڪري چُڪي هُئي اُهو به ان مجلس (ڪچهريءَ) ۾ موجود هو، کيس ڏسي پوڙهي رڙيو ته ڏسو ته عزيز ع موٽي آيو آهي، ماڻهن پوڙهيءَ جي رڙڻ تي توجه ئي نه ڏنو، سڀني سُڻي اڻ سڻي ڪري ڇڏي پر پوڙهيءَ جيآواز ۾ يقينيت سان شدت اچي چُڪي هُئي، زورزور سان وري رڙڻلڳي ته عزيز ع موٽي آيو آهي، ماڻهن وري به ڌيان نه ڏنو! ويتر وڌيڪ رڙڻ لڳيٰ! هڪ هڪ جو گربان پڪڙي رڙڻ لڳي ته ٻُڌو چو نٿا” چوان پئي ته عزيز ع موٽي آيو آهي! اڙي مان توهانجي ماءُ! فلاڻي پوڙهي مائي آهيان. ڏسو!.. ڏسو! عزيز ع جي دُعا سان مُهنجي نظر موٽي آئي آهي، ڏسو! ڏسو! مُهنجي قمر سڌي ٿي وئي آهي! مان تيز هلڻ ۽ ڊوڙڻ جي قابل ٿي وئي آهيان، پوڙهي مائي ٻُڌائڻ لڳن ته” عزيز ع چوي ٿو ته هو 100 سال تائين موت ۾ جي ننڊ سُتوپيو هو ۽ پوءِ هڪ نئين زندگي وٺي بيدار ٿيو آهي!
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون)

    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ ٽيون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”وانظر الي حمارڪ و لتجعلڪ آيه للناس و انظر الي العظام ڪيف ننشر ها ثم نڪسو ها لحما. (سوره البقره) ” ۽ ڏس پنهنجي گڏه کي ۽ هي سڀ ان لاءِ ته اسان توهانکي نشاني ماڻهن لاءِ ۽ ڏس انه هڏين کي ته ڪيئن ٿا جوڙيون انهن کي پوءِ (ڪيئن) اسان پارايون ٿا انهن تي گوشت“

    راوي بيان ٿو ڪري ته پوڙهي مائيءِ جي ايتري راڄ روڙي جي شدت کانپوءِ ماڻهون ڪچهريءَ مان اُٿيا، ڊوڙندا ، ڊوڙندا حضرت عزيز ع جي گهر پُهتا، ڇا ته ڏسن ته هڪ خوبصورت نوجوان عمر گهر ۾ موجود آهي ۽ هڪ هڪ کي ڏسي سُڃاڻڻ جي ڪوشش پيو ڪري، پوڙهو سردار جيڪو عزيز ع جو پُٽ هو، پوڻ لڳا ته مُهنجي بابي سائين جي جي ٻنهين ڪنچن جي وچ ۾ هڪ ڪارو ترُ هو، حضرت عزيز ع ڪنڌ کولي ڏيکارين ته اُن تي ڪارو تر موجود هو، بني اسرائل کي پوءِ به يقين نه پئي آيو ته هو ع حضرت عزيز ع آهن، چوڻ لڳا” عزيز ع سڀني علمن کان وڌ تورات جو حافظ ۽ عالم هو ، بخت نصر تورات ساڙئي ڇڏي هُئي، هاڻ صرف اُن جا اُهي حصه باقي بچيا آهن جيڪي ماڻهن جي سينن ۾ محفوظ آهن جي تون ع عزيز ع آهين ته تورات کي مصحف جي صورت ۾ لکي ڏي.“

    چوڻ لڳا” حضرت عزيز ع جي والد ”سروخ“ تورات جا نُسخه ڪٿي دفن ڪري رکيا هوئا ۽ انهن مدفون نسخن جو علم عزيز ع کان سواءِ ڪنهن کي به نه هو، جي تون پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين ته اُهي مدفون نسخا ڪڍي اچ.“ حضرت عزيز ع اُٿيا، اُنهن سڀني کي پاڻ سان گڏ رکيائون ۽ ان مدفون جڳه جي نشاندهي ڪيائون، جتي تورات جا هي نسخه محفوظ ڪري رکيا ويا هُئا. کڏ کوٽي وئي ته واقعي ان مان تورات جا بوسيده نسخا نڪتا. پوءِ حضرت عزيز ع تورات جي ڪتابت جو ڪم به پايه تڪميل تي پُهچائي ڇڏيو.

    جن ڏينهن ۾ حضرت عزيز ع تورات جي تدوين ڪري رهيا هُئا، اُنهيءَ وڻ جي پاڇي ۾ ويٺل ماڻهن جي ڏسندي هڪ معجزه رونما ٿي ويو. آسمان مان ”شهاب ثاقب“ تارو ٽُٽو ۽ انهن مان هڪ روشني خارج ٿي جيڪا حضرت عزيز ع ۾ داخل ٿي وئي، ۽ پهرئين اُهي جيڪي حضرت عزيز ع عزيز خيال (مڃڻ) ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا، ان نشانن کي ڏسي ؛عزيز الله جو پُٽ“ آهي جا نعره هڻڻ لڳا، پاڻ ع ”حزقيل نبيءَ جي عبادت گاه“ ۾ ويهي” ارض سواد“ ۾ تورات جو ڪم مُڪمل ڪيو ۽ جنهن ڳوٺ ۾ سندن وفات ٿي اون کي ”سايراباذ“ چئجي ٿو.

    حضرت ابن عباس رضيه فرمائين ٿا ته” پاڻ ع الله ج جي فرمان مُطابق بني اسرائيل لاءِ دليل راه بڻجي ويا، ڇو جو پاڻ ع پنهنجي پُٽن، پوٽن ۾ ويهي اُنهن جي تربيت ڪندا هُئا، جيڪي هاڻ پوڙهائپ جي چانٺ تي پُهچي چُڪا هُئا، جڏنهن ته حضرت عزيز ع الله ج جي اذن سان نوجوان ۽ گهبرو بڻجي چُڪا هُوا، سندن عُمر اُن لحاظ کان 40 سال هُئي ڇو جو پاڻ عارضي موت جي ننڊ ۾ 100 سال پيا هُئا ۽ اُنهيءَ حالت ۽ عُمر ۾ ٻيهر اوٿاريا (بيدار) ويا هُئا.

    حضرت ابن عباس رضيه چون ٿا ته” حضرت عزيز ع جي ٻيهر زندگيءَ جو واقعو ”بخت نصر“ کان پوءِپيش آيو هو. حضرت حسن رضيه جي به اها راِ آهي، ابو حاتم سجستاني ، حضرت عباس رضيه جي روايت هن عربي شهر جي معنيٰ ۾ پيش ڪن ٿا

    يعني” هن جا وار ڪارا آهن، حالنڪه هو وڏو آهي، هُن جو پُٽ ۽ پوٽا ان کي پهرئي پوڙها ٿي ويا. هن جو هڪ پُٽ ڏسو ته لٺ سهاري ٿو هلي حالنڪه هن (عزيز ع) جي ڏاڙهيءَ جا وار ڪارا آهن، هن جي پُٽ ۾ هاڻ جوڀن جوش ناهي، اُٿي ٿو ته ڄڻ ٻار پيو اُٿي ۽ اجهو ڪريو، ان جي پُٽ جي عمر 110 سال سڏجي ٿي هو نه هلي ٿو سگهي ته چهل قدمي ٿو ڪري سگهي، پيءُ جي عمر 40 سال آهي، ڏُهٽن کي ماڻهن ۾ رهندي 90 سال ٿي ويا آهن جي توهان سمجهو ته هي ڳاله قرين عقلمندي ناهي، جي تو نه سمجهين ته ته جهالت جي ڪري معذور آهي“
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون. آخري)

    قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام(پارٽ چوٿون. آخري).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    مشهور اهوئي آهي ته حصرت عزيز ع بني اسرائيل جي نبين مان ئي هڪ نبي ع هُئا، انهن ع جو دئور حضرت دائود ع ۽ حضرت سُليمان ع جي وچ جو يا حضرت زڪريا ع ۽ حضرت يحيٰ ع جي وچ جو ٿي گُذريو آهي. ان دئور ۾ ڪوبه شخص نه هو جنهن کي تورات ياد هُئي. الله ج پاڻ ع بذريعه الهام تورات جو علم عطا ڪيو ۽ پاڻ ع بني اسرائيل ۾ ان جي تبليغ ڪيائون.

    جيئن ته حضرت وهب بن منبه رضيه جي جي راِ آهي ته ” الله ج جي حڪم سان معرفت جو نور کڻي هڪ فرشتو زمين تي لهي آيو ۽ معرفت جي ان نور کي حضرت دانيال ع جي دل ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. پاڻ حرف به حرف تورات کي لکيائون ايستائن جو ان جي تدوين مُڪمل ٿي وئي.

    ابن عساڪر حضرت ابن عباس رضيه کان روايت ڪن ٿا ته اونهن حضرت عبد الله بن سلام رصيه کان آيت ”و قالت اليهود عزيز ابن الله“ جي مُتعلق پُڇيو ته يهودي ائين ڇو ٿا چون ته اُنهن جواب ڏنو ته بني اسرائيل ۾ ڪوبه اهڙو شخص نه هو جيڪو تورات کي پنهنجي ياد جي سهاري لکي سگهي. ني اسرائيل چوندا هُئا ته حضرت موسيٰ ع اها طاقت ئي نه هُئي ته هو تورات کي بغير ڪتابي شڪل ۾ آڻين ها. اهو عزيز ع ئي آهي جنهن ڪلام خداونديءَ کي بغير ڪتاب جي اسان وٽ آندو، بس پوءءِ ڪن ماڻهن(يهودين) انهيءَڳاله کي بُنياد بڻائي هي چوڻ شروٿ ڪيو ته عزيز ع الله ج جا پُٽ هُئا. (نعوذ بالله).

    ان ڪري اڪثر وڏا مفسرين به فرمائين ٿا ته ” حصرت عزيز ع جي دئور ۾ تورات منقطع ٿي چُڪي هُئي ۽ اها راءِ تمام مناسب به معلوم ٿئي ٿي، جي حضرت عزيز ع کي غير نبي سمجهيو وڃي جيئن عطا بن ابي رباح ۽ حسن بصريءَ جو قول آهي ۽ جيئن اسحاق بن بشر، مقاتل بن سليمان کا، هو عطا کان ، هو عثمان بن عطا خراسانيءَ کا، هو پنهنجي والد کان ۽ مقاتل عطاء بن ابي رباح کان روايت ڪن ٿا، انهن جو قول آهي ته 9 شيون اُن دئور فطرت ۾ واقع ٿيون. بخت نصر، صفاء ۽ سبا جا باغ، اصحاب الاخدود، حاصوراء جو واقعو، اصحاب ڪهف ۽ اصحاب فيل جا واقعه ۽ انطاڪيه جي شهر تبع جو واقعو“.

    اسحاق بن بشر چئي ٿو ته اسن کي سعيد ٻُڌايو، ان قتاده کان، اُنحسن کان روايت ڪيو چون ٿا ته ” حضرت عزيز ع ۽ بخت نصر جا واقعه دئور فطرت ۾ پيش آيا. صحيح مُسلم جي حديث مان به اهو ئي مستفاد ٿيو آهي ته حضور صلعم جن فرمايو ته ” ابن مريم جو سڀ کان ويجهو آئون ص آهيان، چو جو هُن جي ۽ مُهنجي وچ ۾ ڪوبه نبي نه آيو.

    حضرت وهب بن منبه رضيه فرمائين ٿا ته ” حضرت عزيز ع ،حضرت سُليمان ع ۽ حضرت ع عيسيٰ جي وچ واري دئور ۾ تشريف آور ٿيا هوئا.

    ابن عساڪر، حضرت انس بن مالڪ ۽ عطاء بن سائب رضي الله عنهم سان روايت ڪري ٿو ته ” حضرت عزيز ع حضرت موسيٰ ع بن عمران جي دئور ۾ هُئا. اُنهن ع حاضريءَ جي اجازت طلب ڪئي پر موسيٰ ع اجازت نه ڏني، يعني جڏنهن عزيز ع ”تقدير جي علم“ لاِ الله ج کان سوال ڪيو ۽ الله ج پنهنجي قدرت جو چهرو کائن ڦيرائي ورتو ته اُن وقت اُنهن چيو هو ته ” 100 موتون آسان آهن هڪ لمحي جي ذلت کا“

    ابن عساڪر وغيره ، حضرت عباس رصيه، نوف البڪالي، سفيان ثوري ۽ ان کان علاوه ٻين کان روايت ڪيو ته ” حصرت عزيز ع، تقدير جي باري ۾ سووال ڪري ويٺا ۽ اُن جي ڪري نبين جي فهرست مان خارج ٿي ويا ته هيءَ روايت مُنڪر آهي، هن جو صحيح هُئڻ محل نظر آهي، ائين لڳي ٿو ته هي اسرائيليات مان ماخوذ هڪ روايت آهي.

    عبدالرزاق ۽ قنيبه بن سعيد، جعفر بن سُليمان کان، اُنهن ابي عمران جونيءَ کان، اُنهن نوف بڪالي کان روايت ڪيو آهي ته” حضرت عزيز ع بارگاه خداونديءَ ۾ مناجات ڪندي عرض ڪرڻ لڳا ته ” پروردگار! تون مخلوق کي پئدا ٿو ڪرين! جنهن کي چاهين ٿو هدايت ٿو ڏين! جنهن کي چاهين ٿو گمراه ٿو ڪرين! (آخر ان جو سبب ڇا آهي؟) اُنهن ع کي چيو ويو ته ان سول کي ڇڏي ڏي. پاڻ ع وري ساڳيو سولا ورجائڻ لڳا پوءِ به جواب ملين ته ان سوال کي ڇڏي ڏي! آخر ۾ جواب ملين ته نه ته مان توکي ع نبين جي فهرست مان خارج ڪري ڇڏيندُس، مان ج جيڪو ڪوجه ه ڪريان ٿو اُن تي جوابده ناهيان جڏنهن ته ماڻهون جوابده آهن. هي واقعو تقاضا (ٻُڌائي) ڪري ٿو ته ” حضرت عزيز ع جن کي وارنگ ڏني وئي ته جي هُن ع ٽيو ڀيرو اهو سوال ورجايو ته نالو مٽجي ويندو، پر نالو مٽيو ڪونه“

    ترمذيءِ ابو هريره رصيه کان روايت ڪيو آهي ته حصور صلعم جن فرمايو ته” هڪ نبي ڪنهن وڻ تان لٿا ته ماڪوڙي (ڪيوڙيءَ) کين چڪ پائي ڇڏيو، اُنهن هڪم ڏنو ته هن جي رهائش گاه معلوم ڪئي وڃي، اُنهيءَ وڻ جي هيٺان ماڻهن ان جي رهائش لڌي، اُنهن ان کي ساڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، بس ماڪوڙي جي پوري گهر کي باه ڏني وئي. بس الله ج انهن طرف وحي ڪئي ته سزا هڪ ئي موڪاڙي کي ڇو نه ڏني؟

    اسحاق بن بشر ابن جريئح کان، هو عبدالوهاب بن مُجاهد کان ، هو پنهنجي والد کان روايت ٿو ڪري ته” اُهي حضرت عزيز ع هُئا. اهڙيءِ طرح حصرت ابن عباس، حصرت حسن بصري کان به روايت آهي ته ” جنهن نبي ع ڪيڙين کي ساڻڻ جو حڪم ڏنو هو اُهي حصرت عزيز ع ئي هُئا. والله اعلم.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,345
    ورتل پسنديدگيون:
    26,790
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قصو حضرت عزيز عليه الصلات والسلام

    جزاڪ الله

    تمام سٺي تحقيق ۽ ڄاڻ وارا ليک آهن۔ اسان جهڙن لاء ڄاڻ جو سبب آهن۔

    مهربانيون اهڙي خوبصورت ليک لاء
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجي نبين جي قصن کي پڙهي دُنيا سان گڏ دين پڙهو ۽ پڙهايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو