ها ڙي سونهاري سنڌ۔۔۔!!!

'راءِ شماري' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2012۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ صدين کان هڪ الڳ مذھب توڙي پنهنجي سونهن ۽ پاڻ مڃائيندڙ قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتي آھي جنهن سونهن، کان وٺي هر شي تائين ڪنهن جي به ڪمي ناهي پر ڪجھ مخلص ماڻهن جي نا اهلين ڪري اڄ اھا سونهاري ڌرتي رت جا ڳوڙھا روئي ويٺي۔
    ڪجھ ڏينهن اڳ فيسبوڪ تي ادبي دوستن ۾ ڪنهن هڪ بيڪار فرد جي ڪري اختلاف فهلا جنهن م مخالف ماڻهن موقعي جو فاعدو وٺي مسعلي کي سلجهائڻ بجا ان جو غلط فاعدو ورتو جنهن جي ڪري سُٺا ليکڪ سهڻا ناميارا دوست اسان کان جدا ٿي ويا،
    اڃا اهو مسعلو ل ئي نه ٿي سگهيو هو ته اچانڪ قومپرست تنظيمن جي دوستن ۾ وري ڪجھ ڳالهين اچي ويڇا وڌرايا، انڪري قومي دوست هڪ ٻئي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا ان سبب به ڪيترائي قومي ۽ سُٺي سوچ رکندڙ آزادي پسند سنڌي دوست اسان کان جدا ٿي ويا۔
    اهي ٻئي مسعلا اڃا جاري ئي آهن ته اچانڪ فيسبوڪ تي مذهبي مُلن جو اچي ميڙاڪو لَٿو آھي جن جي غلط روين ۽ پاڻ مڃائڻ واري چڪر اسان کي سُٺا قومي دوست مذهب واري پاسي ڇڪي ورتا آهن، اڙي بابا اسان صوفي ماڻهون اسان جو مذهب سان وڃي ڇا۔۔۔؟؟؟ ڀلا ڪڏهن آزادي پسند به مُلا ٿيا۔۔۔؟؟ اڃا ملو آزادي پسند ٿئي ته ڳالھ کي مڃجي ته ها واقعي ئي دَم آھي ڳالھ ۾، جنهن سبب ڪجھ دوستن ته اهڙا رويا اختيار ڪيا جو منهنجي رهبر سنڌڙي جي سونهاري سيد سائين جي ايم سيد کي به مذهبن جي وچ ۾ آڻي ڪجھ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ان سبب به ڪجھ دوستن فيسبوڪ تان الوداع ڪئي هاڻي مسعلو ان جڳھ تي پهتو آھي ته جو وات ڳاڙھا واهيات ماڻهون اچي فيسبوڪ تي سُٺن دوستن کي پري ڪري رهيا آهن آخر سهڻي سنڌڙي سان ايڏو اتساھ ڇو۔۔۔؟؟؟ ان جي پيارن گلن جهڙا ماڻهن سان ايڏو ساڙ ڇو۔۔۔؟؟؟ خبر ته پوي نٿي الهائي ڇا ٿيندو منهنجي سونهاري سنڌ جو
    يا خدا ! منهنجي سهڻي سنڌڙي کي مُلن جي ڄار مان بچا
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ها ڙي سونهاري سنڌ۔۔۔!!!

    محترم دوست عرفان ديشي شال خوش رهين ۔۔۔۔۔۔۔۔

    [JUSTIFY]منهنجا ڀاء فيسبوڪ تان منهنجي پري وڃڻ جو سبب اهو ناهي جيڪو اوهان لکيو آهي پر مان ته ان ڊپ کان فيسبوڪ کان پري آهيان ته ڪٿي پنهنجن پيارن دوستن جون محبتون وڃائي نه ويهان۔ يار عرفان پاڻ سادا سودا ۽ سنوان سڌا ماڻهو آهيون جن کي نفرت ڪرڻ ڪانه اچي۔ تنهنڪري هن کٽڻ ۽ هارائڻ واري جنگ کان پاسو ڪري وياسون۔ ڪنهن کي هارائڻ يا پاڻ هارائڻ، اسان انهن ڳالهين ۾ پوڻ وارا ناهيون۔ هر سنڌي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي پرچارڪ ڪندو رهي ٿو پاڻ ان جا خادم آهيون۔

    اسان ته هر ان شخص جي عزت ڪندا آهيون جيڪو سڀني ڳالهين کان مٿي انسانيت جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ حقن جي ڳالهه ڪري ٿو۔ پاڻ مولوي يا موالي، قومپرست يا مفادپرست يا وفاق پرست کان پري رهي امن ، ڀائيچاري ۽ سنڌيت جي ڳالهه ڪئي آهي۔ مذهب کان انڪاري ناهيون مذهب انسانيت لاء آهي جيڪو پنهنجي خدا جي فرضن ۽ انسانيت جي حقن جي پرچارڪ ڪندو رهي ٿو، مذهب خاص ڪري اسلام ته آهي ئي سلامتي وارو ۽ امن وارو مذهب۔ پر جڏهن سوچ غاصبانه، انا پرست ۽ ڪٽر پڻي تي پهچي ٿي ته پوء نفرتون وڌن ٿيون۔ ۽ اسان اهڙي جنگ کان پري رهڻ پسند ڪندا آهيون۔

    ياد رکو جڏهن ڳالهيون ، بحث ۽ مڪالما اخلاقي حدن جي دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ته پوء اهڙي سنگت ۾ ويهڻ وقت ۽ سوچ جي بربادي آهي۔[/JUSTIFY]

    ايندي چون آء ويندي چون ويهه
    ڇڏي سارو ڏيهه اڱڻ اچجي انهن جي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ها ڙي سونهاري سنڌ۔۔۔!!!

    مان ته ايترو ئي چوندس ته سنڌي قوم ۾ نظم و ذبت رھيو ئي نه آھي۔ ھڪ ٻئي کي پوئتي لت ھڻي اڳتي اچڻ جي عادت سان گڏوگڏ پنھنجو نالو روشن ڪرڻ به ڪو ھنن وٽان سکي۔۔۔۔۔۔۔۔جتي چار سنڌي گڏ ھوندا اُتي پنھنجو سنڌي اچي سڀني کي منتشر ڪري ڇڏيندو آھي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو