1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

قصو حضرت زڪرياء عليه الصلات والسلام

'اسلامي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء عليه الصلات والسلام(پارٽ پهريون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”وزڪرياء و يحيٰ و عيسيٰ و الياس ڪل من الصالحين (سوره الانعام)”
    ”زڪريا ۽ يحيٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس هي سڀ صالحين مان هُئا“.

    حافظ ابوالقاسم بن عساڪر پنهنجي جامع تاريخ جي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته” حضرت زڪريا ع جي والد جو نالو برخيا هو. لکي ٿو ته اُنهن ع کي زڪرياء بن دان به چيو وڃي ٿو. سندن ع شجرو نسب هيئن به آهي ”زڪريا بن لدن، بن مالم، بن صدوق، بن حشبان، بن دائود، بن سُليمان ، بن ملسم، بن صديقه، بن برخيا، بن بلعطه، بن ناحور، بن شلوم، بن بهفاشاط، بن اينامن، بن رحجام، بن سُليمان ع بن دائود ع”

    حضرت زڪريا ع بني اسرائيل جي معروف نبين ع جا والد محترم آهن. حضرت زڪرياء ع دمشق جي علائقي ۾ واقع ”البثنته“ ڳوٺ ۾ پنهنجي فرزند حضرت يحيٰ ع جي تلاش ۾ آيا هُئا. هڪ قول موجب حضرت يحيٰ ع شهيد ٿي ويا ته سندن والد مُحترم زڪرياءِ ع دمشق ۾ آيا هُئا. (والله اعلم). سندن ع جي نسب جي باري ۾ به گهڻي قول آهن، لفظ زڪرياء جي هجي ”ياءِ“ ،”يا“ ٻنهين طرح سان ڪبي آهي هڪ ٽيو لفظ ”زڪريٰ“ به آهي.

    مقصد ته ” الله ج پنهنجي پياري رسول حضرت مُحمد صلي الله ع وسلم جن کي حُڪم ڏنو ته حضرت زڪريا ع جي حالتن کان مواڻهن کي آگاهي ڏيو ته ڪيئن الله ج اُنهن کي پوڙهائپ ۾ اولاد سان نوازيو، حالنڪه سندن ع زال محترمه جواني ۾ ٻانجه هُيون ۽ هاڻ هو وڏي ع۾ر تي پُهچي چُڪيون هُيون. هي مُعجزه ان ڪري صاد عيو ته ڪو شخص الله ج فضل و ڪرم ۽ اُن جي رحمت کان مايوس ۽ نا اُميد نه رهي. ”ڪر رحمه ربڪ عبده زڪريا اذ نادي ربه نداء خفيا (سوره مريم). ” هي ذڪر آهي تُهنجي رب جي رحمت جو، جيڪي اُن پنهني ٻانهين زڪريا تي ڪيو“

    حضرت قتاده هن آيت جي تفسير بيان ڪندي فرمائين ٿا ته” بيشڪ الله ج صاف دلين کي ڄاڻي ٿو ۽ ڪمزور آوازن کي ٻُڌي ٿو“ ڪن سلف صالحين جو ارشاد آهي ته ”حضرت زڪريا ع رات جو اُٿندا هُئا ۽ پاڻ ساڻ ليٽيل ٻئي شخصکان ڊڄي آهستي آهستي الله ج جي بارگاه ۾ عرض ڪندا هُئا ته ” اي الله ج! الله تعاليٰ جواب ڏيندا هُين ته “ لبيڪ! لبيڪ! اي مُهنجا ٻانهان آئون ج حاظر آهيان” قال رب اني و هن العظيم مني“ چوندا هُئا اي مُهنجا رب! مُهنجي حالت هيءَ آهي جو ڪمزور ۽ بوسيده ٿي چُڪيون آهن مُهنجون هڏيون“ واشتعل الرآس شيبا“ ۽ بلڪُل اڇو ٿي ويو آهي (مُهنجو) مٿو پوڙهائپ جي ڪري“ چوندا هُئا ته ” اشتعل النار في الخطب” باه چُله ۾ ڀڙڪندڙ ٿي چُڪي آهي“. ولم اڪن بدعائڪ رب شقيا“ ۽ اڄ تائين ائين ٿيو ناهي جو مون توکي سڏيو هُجي ۽ مان نامُراد ٿيو هُجان“.

    حضرتزڪريا ع کي ان دُعا جو خيال ان ڪري آيو جو حضرت مريم بن عمران بن ماثان پاڻ ع جي ڪفالت ۾ هُيون. پاڻ ع جڏنهن به اُنهن جي حُجري ۾ ويندا هُئا ته بيبي مريم ع وٽ طرح طرح جا بي موسمي ميوا ڏسندا هُئا جيڪا حضرت مريم ع جي ڪرامت هُئي. ان ڪري اهو خيال ڪيائون ته جڏنهن ذات مُقدس ج هن ٻارڙئيءَ کي هڪ بند ڪمري ۾ بي موسم ميووا ڏئي سگهي ٿو ته ته مونکي پوڙهائپ ۾ مُهنجي زال جي ٻانجه ٿيڻ باوُجود اولاد ڇو نٿو ڏئي سگهي“. هُنالڪ دع زڪريا ربه قال رب هب لي من لدنڪ ذريته طيبه انڪ سمع الدعآ. (سوره آل عمران)” اُتي ئي دُعا گهُري زڪريا پنهنجي رب ج کان عرض ڪيائين ته اي مُهنجا رب! عطا ڪر مونکي پاڻ وٽان نيڪ اولاد. بيشڪ تون ئي ٻُڌڻ وارو آهين دُعا جو“
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ٻيو)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ٻيو).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ڪهٰيٰعص. ذڪر رحمت ربڪ عبده ..... و يوم يبعث حيا (سوره مريم).
    ”هي ذڪر آهي تُهنجي رب جي رحمت جو، جيڪا ان ڪئي پنهنجي ٻنهي زڪريا تي. جڏنهن هن سڏيو پنهنجي رب کي لڪي لڪي. عرض ڪيائين اي مُهنجا رب! مُهنجي حالت هيءَ آهي جو ڪمزور ۽ پاروٿيون ٿي ويون آهن مُهنجو هڏيون ۽ بلڪل اڇ ٿي ويو آهي (مُهنجو) مٿو پوڙهائپ ڪري، اڄ تائين ائين ناهي ٿيو جو مون توکي سڏيو هُجي ۽ مُهنجا رب! مان نامُراد ٿيو هُجان. ۽ مان ڊڄان ٿو(پنهنجي بي دين) مائٽن کان (ته هو) مونکان پوءِ (دين ضايع نه ڪن) ۽ مُهنجي زال ٻانجه آهي بس بّي ڏي مونکي پاڻ وٽان هڪ وارث. جيڪو وارث بڻجي مُهنجو ۽ وارث بڻجي يعقوب ع جي خاندان جو. ۽ بڻائي ڇڏ اي مُهنجا رب! پسند وارو(سيرت وارو) . اي زڪريا اسان خبر ڏيون ٿا توکي هڪ ٻار(جي پئدائش جي) جي. اُن جو نالو يحيٰ هوندو. اسان ناهي بڻايو ان جو ڪو همنام ان کان پهرئين. زڪريا عرض ڪيو اي مُهنجا رب! ڪيئن ممڪن آهي مون وٽ اولاد جو حالانڪه مُهنجي زال ٻانجه آهي ۽ مان پاڻ به پُهتو آهيان پورهائپ جي حد تي. فرمايو ائين ئي ٿيندو. تُهنجي رب چيو آهي ته هن پوڙهائپ ۾ ٻار ڏيڻ مون لاِ آسان ڳاله هوندي ۽ (ڏسو) مون توکي به ته پئدا ڪيو هو ان کان پهرئين حالنڪه تو ڪُجه به نه هُئين. زڪريا عرض ڪيو ته اي مُهنجا رب! موڪل ڪا مُهنجي لاءِ نشاني، جواب مليو ته نشاني اها آهي ته تون ڳالهائي نه سگهندي ماڻهن سان ٽن راتين تائين حالنڪه تو ن بلڪل صحتمند هوندين. پوءِ پاڻ نڪري آيا پنهنجي قوم وٽ (پنهنجي) عبادت گاه مان ته اشارن سان اُنهن کي سمجهايائون ته توهان پاڪي بيان ڪريو (پنهنجي رب جي) صبح ۽ شام. اي يحيٰ جهل هن ڪتاب کي مضبوطيءَ سان ۽ اسان عطا ڪئي ان کي دانائي جڏنهن ته هو ٻار هُئا. گڏوگڏ عطا ڪئي دل جي نرمائي ۽ نفس جي پاڪيزگي. هو گهڻا پرهيزگار هُئا. ۽ هو خدمت گُذار هُئا پنهنجي والدين جا ۽ هُو جابر (۽) سرڪش نه هُئا. ۽ سلامتي هُجي اُن تي جنهن ڏينهن پئدا ٿي ۽ جنهن ڏينهن وفات ڪندا ۽ جنهن ڏينهن الله ج اُٿاريندو اُن کي جيئرو ڪري.
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ٽيون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ٽيون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”ڪفلها زڪريا ڪلما دخل عليها زڪريا .... بلعشي والابڪار. (سوره آل عمران) ” نه نگران بڻايو سون ان جو زڪريا کي جڏنهن به ويندا هُئا مريم وٽ زڪريا (ان جي) عبادت گاه ۾ (ته) موجود ڏسندا هُئا ان وٽ کائڻ جون شيون (هڪ دفعي) چوڻ لڳا اي مريم! ڪٿان تو لاِءِ ٿو اچي هي (رزق) مريم چيو هي الله ج جي طرفان ٿو اچي. بيشڪ الله ج رزق ڏي ٿو جنهن کي چاهي بيحساب، اُتي ئي دُعا گهُري زڪريا پنهنجي رب کان اي مُهنجا رب! عطا ڪر مونکي پاڻ وٽان پاڪيزه (نيڪ) اولاد بيشڪ تو ئي ٻُڌڻ وارو آهين دُعا جو. پوءِ سڏ ڏنو اُن کي فرشتن جڏنهن هو بهي نماز پڙهي رهيا هُئا (پنهنجي) عبادت گاه ۾ ته بيشڪ الله ج خوشخبري ڏي ٿو اوهانکي يحيٰ جي جيڪو تصديق ڪرڻ وارو هوندو الله ج جي طرفان هڪ فرمان جي ۽ سردار هوندو ۽ هميشه عورتن کان بچڻ وارو هوندو ۽ نبي هوندو صالحين مان. زڪريا چوڻ لڳو اي رب ج! ڪيئن ممڪن آهي مونکي ڇوڪرو حالنڪه اچي پُهتي آهي مونتي پوڙهائپ ۽ مُهنجي زال ٻانجه آهي. فرمايو ڳاله ان ريت آهي (جيئن تو چئي) الله ج ڪري ٿو جيڪو چاهي ٿو عرض ڪيائين اي رب ج! مقرر ڪري ڇڏ مون لاءِ ڪا نشاني ، فرمايو، تُهنجي لاءِ نشاني اها آهي ته ته ڳلهائي نه سگهندي ماڻهن سان ٽن ڏينهن تائين مگر اشري سان ۽ ياد ڪر پنهنجي پروردگار کي گهڻي پاڪائي بيان ڪريو (ان جي) شام ۽ صبح“

    ”و زڪريا اذ نادي ربه ... و ڪانوا لنا خاشعين. (سوره الانبياءِ)“
    ”۽ ياد ڪريو زڪريا کي جڏنهن اُن سڏيو نهنجي رب کي اي مُهنجا پروردگار! مونکي اڪيلو نه ڪر ۽ تون سڀني وارثن کان بهتر آهين. ته اسان اُن جي دُعا قبول ڪئي ۽ اُن کي يحيٰ (جهڙو فرزند) عطا ڪيو. ۽ اسان صحتمند ڪري ڇڏيو ان خاطر سندس زال کي بيشڪ هُو تيز رو هُئا نيڪيون ڪرڻ ۾ ۽ سڏيندا رهندا هُئا اسانکي وڏين اُميدن ۽ خوف سان ۽ هُو اسنجي سامهون گهڻو عجز و نياز ڪندا هُئا“
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ چوٿون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ چوٿون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”و اني خفت الموالي من ورائي و ڪانت امراء تي عاقرا” مان ڊڄان ٿو (پنهنجي دين ۾) مائٽن کان( ته هو) مونکان پوءِ(دين وڃائي نه ويهن) ۽ مُهنجي زال ٻانجه آهي“

    هڪ قول مُطابق ”موالي“ مان مُراد آهي ”ويجها مائٽ“ (جيئن مٿين آيت جي ترجمي ۾ آهي) ائين لڳي ٿو ته زڪريا ع کي خطرو هو ته جڏنهن هي ماڻهون (مائٽ) بني اسرائيل جو زمام اقتدار سنڀاليندا ته الله ج جا مليل قانون ڦٽتي ڪري ڇڏيندا ۽ الله ج جي حقيقي قانون جي منڪري ڪري ڇڏيندا. ان ڪري پاڻ ع پنهنجي پُٺ مان هڪ نيڪ، مُتقي ٻار جي دُعا گهُري هُئائون جنهن سان الله ج راصي ٿيا. ان ڪري ئي عرض ڪيو هُئائون ته ” فهب لي من لدنڪ“ يعني مُنکي پنهنجي پاڻ مان پنهنجي قدرت ۽ طاقت جي باعث اولاد عطا ڪر، اڳتي چيائون ” وليا يرثني“ يعني هڪ اهڙو فرزند جيڪو نبوت ۽ حڪم جو وارث ٿئي“

    ”و يرث من آل يعقوب و اجله رب رضيا“ ۽ وارث بڻجي يعقوب ع جي خاندان جو ۽ بڻائي ڇڏ ج اُن کي اي رب! پسنديده“

    يعني جهڙيءَ طرح تو ج مُهنجي ابن ڏاڏن کي حضرت يعقوب ع جي نسل مان نبي ٺاهيو آهي مُهنجي (فرزند) ٻار کي به اهڙيءَ طرح نبوت ۽ وحي جو شرف عطا ڪر. هتي مال جي ورهاست مُراد ناهي جيئن ڪن جو گُمان آهي ۽ علامه ابن جرير به ان جي مُوافقت ڪئي آهي ۽ ابو صالح جي حوالي سان هن کي بيان ڪيو آهي. هن جا گهڻائي سبب آهن.
    (1) پهريون سبب ته اهوئي آهي جيڪو اسان آيت ”وورث سُليمان دائود“ (سوره النمل) ۾تحت بيان ڪري آيا آهيون. حضرت سُليمان ع نبوت ۽ مُلڪ ۾ پنهنجي والد جا وارث هُئا ۽ ان مفهوم جي ڪري، سبب بيان ڪندي اسان هڪ حديث بيان ڪئي هُئي جنهن ته عالم مُتفق آهن ۽ جيڪا صحيح سته، مسانيد ۽ سُنن وغيره جي حديث ڪتابن ۾ اصحاب سڳورن عليهم الرضوان سان مُختلف طريقن سان مُحدثين جي هڪ جماعت روايت ڪيون آهن.

    حضور اڪرم صلي الله ع وسلم جن فرمايو ته ” لا نورث ما ترڪنا فهو صدقه“ اسانجي وراثت جاري نٿي ٿئي، اسان جيڪي ڏڏيندا آهيون اُهو صدقو هوندو آهي“

    ۽ هيءَ حديث ان ڳاله جو ثبوت آهي ته نبي ڪريم صلعم جن جي وراثت جاري نه ٿي آهي، ان لاءِ حضرت ابوبڪر صديق رضيه اُن مال کي جيڪي پاڻ صلعم جن سان مختص هو اُن ماڻهونءَ تي صرف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جيڪي ان نص جي نه هُئڻ جي صورت ۾ ان مال جو واث قرار ٿيا هُئا. يعني پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جي نور نظر حضرت بيبي فاطمه الزهراءِ رضي الله عنها، سندن ص زالون مُطهرات، سندن ص چاچو حضرت عباس رضي الله عنهم.

    ۽ جڏنهن حصرت ابوبڪر صديق رضيه جن کان ان جو سبب پُڇيو ويو هو ته پاڻ دليل ۾ مٿين نص بيان ڪئي هُئاون. ان نص جي حضرت ۾ُحمد صلي الله عليه وسلم سان روايت هُئڻ جي تصديق حضرت عومر فاروق رصيه، حضرت عثمان ابن عفان، حضرت علي بن ابي طالب، حضرت عباس بن عبدالمطلب، حضرت عبدالرحمان بن عوف ، حضرت طلحه، حضرت زُبير، حضرت ابو هُريره ۽ گهڻن ئي ٻين اصحاب سڳورن رضي الله عنهم متفق آهن.

    (2) ٻيو سبب امام ترمذي رح کان اهڙن لفظن سان روايت ڪيل آهي جيڪو طريقو سڀني نبين ع ۾ عام آهي يعني ” نحن معاشر الانبياءِ لا نورث“ اسان گروه انبياءِ( جي مال ۾) وراثت جاري نه ٿي ٿئي“ ۽ امام ترمذي ان حديث کي صحيح قرار ڏنو آهي.

    (3) ٽيون سبب هي ته انبياءِ ڪرام عليهم السلام جي نظرن ۾ دُنيا حقير ترين شيءَ آهي. هُو اُنهن کي سنڀالي نٿا رکي سگهن ايستائن جو هو پنهنجي اولاد کي به اها نصيحت ڪندا رهيا ته دُنيائي شين تي دل نه ڏيو. جيڪي هستيون زهد ۽ ورع ۾ ان مقام تي فائز آهن انهن طرف انهن شين جي نسبت ڪرڻ ته هو ظاهري مال ۽ دولت ۾ وراثت لاءِ بارگاه الاهي خُداوندي ۾ التجا ڪئي هوندي تمام گهڻي الزام جي مُترادف آهي.

    (4) چوٿون سبب هي آهي حضرت زڪرياءِ ع ڪم جي اعتبار سان واڍا هُئا هو ع پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ سان گُذر سفر ڪندا هُئا. جيئن حضرت دائود ع به محنت ڪري گُذر سفر ڪندا هُئا 7 نبين عليهما واسلام کان اهو ممڪن ئي ناهي ته هو خوامخواه پاڻ کي غير ضروري مشقت ۽ محنت ۾ وجهي ايترو مال و دولت ڪمائين جيڪو اُنهن جي روزمره جي گُذر سفر کان وڌيڪ هُجي يان انهن کي بچائي پنهنجي ايندر نسل لاءِ بچائي يا ذخيرو ڪري رکي سگهندا هُجن.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ پنجون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ پنجون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    امام احمد چون ٿا ته، يزيد ابن هارون، حماد بن سلمه کان، اُنهن ثابت کان، اُهن ابو رافع کان ۽ اُنهن حضرت ابُو هُريره رضيه کان روايت ڪيو آهي ته ” حصرت مُحمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” ڪان زڪريا نجارا“ زڪريا ع واٺا هُئا“ اهڙيءَ طرح ان حديث کي امام مسلم ۽ ابن ماجه به ، ۽ هڪ ٻي سند سان حماد بن سلمه کان انهن ئي لفظن ۾ روايت ڪيو آهي.

    ”قال رب اني يڪون لي غلام و ڪانت امرآتي عاقرا وقد بلغت من الڪبر عتيا” زڪريا چيو ته اي مُهنجا رب1 ڪيئن ٿيسگهي ٿو مون کي ڇوڪرو حالانڪه آمُهنجي زال ٻانجه آهي ۽ مان پُهچي چُڪو آهيان پوڙهائپ جي انتها کي“

    چون ٿا ته حضرت زڪريا ع 99 سالن جا ٿي چڪا هُئا ۽ ممڪن آهي ته سندن ع عمر مُبارڪ اُن کان به وڌيڪ هُجي ” و ڪانت امرآتي عقرا“ يعني مُهنجي زال ته جوانيءَ ۾ به ٻانجه هُئي جيڪا ٻار ڄڻن جي صلاحيت نه رکندي هُئي هاڻ پوڙهائپ ۾ ان جي جهولي ڪيئن سائي ٿيندي. (وااله اعلم).

    ائين ئي حضرت ابراهيم ع عرض ڪو هو ” ابشر تموني علي ان مسني الڪبر فبم تبشرون. (سوره الحجر) ” پاڻ چيائون ڇا تون مونکي اُن وقت خوشخبري ٻُڌائڻ آيو آهئين جڏهن پوڙهائپ لاحق ٿي چُڪي آهي پوءِ اها ڪهڙي خوشخبري آهي“ ۽ حضرت ساره رضي الله عنها حيران ٿي چيو ته ” يا ويلتيءِ الدوانا عجوز و هذا بعلي شيخا. ان هذا لشيءِ عجيب. قالو اتعجبين من امرالله رحمه الله و برڪاته عليڪم اهل البيت انه حميد مجيد“ (سوره هود). هائي حيراني! ڇا مان ٻار ڄڻينديس حالنڪه آئون پوڙهي آهيان ۽ مهنجو مُڙس آهي هي به پوڙهو، بالشبه هي ته عجيب و غريب آهي. فرشته چوڻ لڳا ته ڇا تون تعجب ٿي ڪرين الله ج حُڪم تي؟ رحمت ۽ اُن جي برڪتون آهن توهان تي. اي ابراهيم جا گهر وارئو! بيشڪ هو طرح سان تعريف ڪيل وڏي شان وارو آهي“
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ڇهون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ڇهون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”و اني خفت الموالي من ورائي و ڪانت امراء تي عاقرا” مان ڊڄان ٿو (پنهنجي دين ۾) مائٽن کان( ته هو) مونکان پوءِ(دين وڃائي نه ويهن) ۽ مُهنجي زال ٻانجه آهي“

    ”ڪذالڪ قال ربڪ هو علي هين“ تُهنجي رب چيو آ ته هن جُهور عمر ۾ ٻار ڏيڻ مُهنجي لاءِ آسان ڳاله آهي“ و قد خلقتڪ من قبل و لم تڪ شياءُ“ ۽(ڏس) مون توکي به ته پئدا ڪيو هو ان کان اڳ، حالنڪه تون ڪُجه به نه هُئين“

    يعني جڏنهن مان توکي نيست کان هست ڪري سگهان ٿو ته ڇا هن پوڙهائپ ۾ تو مان ٻار ڄڻائي نٿو سگهان؟ اڳتي هلي الله جل شانه فرمائين ٿا ته

    ” فاستجبناله ووهبنا يحيي و اصلحناله زوجه انهم ڪانوا يسارعون في الخيرات ويدعو ننا رغبا و رهبنا و ڪانوا لنا خاشعين. (سوره الانبياء) ” ته اسان اُن جي دُعا قبول ڪئي ۽ اُ کي يحيي! (جهڙو فرزند) عطا ڪيو. ۽ اسان صحتمند ڪري ڇڏيو ان (حضرت زڪرياءِ ع جي) جي ڪري سندس زال کي بيشڪ هو تمام تيز هو نيڪيون ڪرڻ ۾ ۽ سڏيندو رهندو هو اسان کي وڏي اُميد ۽ خوف سان ۽ هُو اسانجي سامهون وڏو عجز ۽ نياز ڪندو رهندو هو“

    اصلاح زوجه مان مُراد هيءَ آهي ته سندن زال مُحترمه پوڙهائپ عمر ج حد تي پُهچي چُڪيون هُيون سندن ماه واري رُڪجي چُڪي هُئي. هاڻ الله ج فضل و ڪرم سان کين وري ماهواريءَ جو رت اچڻ لڳو. هڪ قول ٻيو به آهي ته سندن زبان ۾ ڪُجه سختي هُئي ۽ الله ج اُن جو اصلاح ڪري ڇڏيو.

    ”قال آيتڪ الا تڪلم الناس ثلث ليال سويا“ جواب مليو ته تُهنجي نشاني اها آهي ته تون ڳالهائي نه سگهندي ماڻهن سان ٽي راتين تائين حالنڪه تون تندرُست هوندين“

    مُجاهد، عڪرمه، وهب، سدي ۽ قتاده بيان ڪن ٿا ته ” حضرت زڪريا ع جي زبان ڪنهن بيماريءَ جي ڪري گنگ نه ٿي هُئي. ابن زيد چوي ٿو ته پاڻ ع تلاوت ڪري سگهندا هُئا ۽ تسبيح و تهليل به ڪندا هُئا مگر ڪنهن سان ڳالهائڻ لاي سندُن زبان ڪا نه کُلند هُئي.

    يا يحييٰ خذالڪتاب بقوه و آتيناه الحڪم صبيا“ اي يحييٰ پڪڙ هن ڪتاب کي مضبوطيءَ سان ۽ اسان عطا ڪري ڇڏي اُن کي دانائي جڏنهن ته هُو ٻار هو“

    هن آيت سڳوريءَ ۾ اُن ٻار جي وُجود جي خبر پئي ڏني وڃي جنهن جي بشارت حضرت زڪرياءِ ع کي ڏني وئي هُئي. الله ج فرمائين پيا ته ٻالڪپن جي حالت ۾ الله ج کين ع علم ۽ حڪمت سان نوازيو هو.

    عبدالله بن مُبارڪ رح چيو ته معمر چوندو هو ته ” ٻارن حضرت يحييٰ بن زڪرياء ع جن کي چيو ته ته توهان ع اسان سان گڏ اچو ته راند رهون! ته پاڻ ع جواب ڏنن ته اسان ع کي راند روند لاءِ پئدا ڪونه ڪيو ويو آهي. ابن مُبارڪ چوي ٿو ته ان ڪري ئي الله ج فرمايو ته ” وآتيناه الحڪم صبيا“. الله ج ٻي هنڌ چون ٿا ته ” و حنانا من لدنا“ پوءِ ڏنيسون دل جي نرمي پاڻ وٽان“
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ستون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰ عليهما الصلات والسلام(پارٽ ستون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ”و سلام عليه يوم ولد و يوم يموت و يوم يبعث حيا” ۽ سلامتي هُجي ان تي جنهن روز ڄاوا ۽ جنهن روز مرندا ۽ جنهن روز اُٿاري ويندا جيئرو ڪري“

    هر انسان لاِ پئدائش، موت ۽ حيات ۽ ميدان حشر ۾ اُٿارڻ جو وقت هي ٽئي موقعا تمام نازڪ ۽ اهم آهن. الله ج اهي ٽئي موڪيا حضرت يحييٰ ع جن لاءِ سلامتيءَ وارا بڻائي ڇڏيا آهن.

    سعيد بن ابي عروبه حضرت قتاده کان روايت ٿو ڪري ته حضرت حسن رضيه فرمايو ته ” حضرت يحييٰ ع ۽ حضرت عيسيٰ ع جن جي پاڻ ۾ مُلاقات ٿي، حضرت عيسيٰ ع فرمائين ته (اي يحييٰ ع) توهان مون لاءِ استغفار ڪريو! ڇو جو توهان مونکان بهتر آهيو. حضرت يحييٰ ع جن جواب ڏنُن ته ” توهان مون لاءِ دُعاءِ مغفرت ڪريو. توهان موکان بهتر آهيو. حضرت عيسيٰ ع فرماين ته توهان مونکان بهتر آهيو، ان ڪري جو مان پنهنجي نفس جو مُحافظ بڻايو ويو آهيان جڏنه ته توهان جو مُحافظ پاڻ الله ج آهي. بس الله ج ئي ٻنهين جي عظمت کان واقف آهي.

    امام احمد فرمائن ٿا ته حضرت ابن عباس رصيه روايت ڪن ٿا ته حُضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ” نسل آدم ۾ ڪو به شخص اهڙو ناهي جنهن خطا نه ڪئي هُجي يا خطا ڪرڻ جو ارادو نه ڪيو هُجي پر حضرت يحييٰ ع بن زڪرياء ع اهڙا ڪونه هُئا ۽ ڪنهن کي اها ڳاله زيب نٿي ڏي ته هو چوي ته مان ( مُحمد رسول الله صلي الله عليه وسلم) يونس بن متي ع کان بهتر آهيان. ( هن حديث جي سند ۾ هڪ راوي علي بن زيد بن جدعان تي مُفسرين (آئمه) ڪلام ڪيو آهي ۽ اُنهن جي ويجهو هي مُنڪر الحديث آهي) والله اعلم.

    حضرت ابن شهاب رضيه سان روايت آهي ته ”حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هڪ ڏينهن پنهنجي اصحاب سڳورن ڏي تشريف کڻي ويا، اُهي نبين عليهما سلاما جي باهمي فضيلت تي ذڪر ڪري رهيا هُئا. ڪنهن ر پئي چيو ته ” حضرت موسيٰ ع الله جا ڪليم آهن، ٻئي ڪنهن ر چيو پئي ته عيسيٰ ع رُوح الله ۽ ڪلمه الله آهن، ڪنهن ٻئي چيو پئي ته ابراهيم ع خليلُ الله آهن. هي انهيءَ طريقي سان بيان ڪري رهيا هُئا ته نبي ص جن آيا ۽ فرمايائون ته ” شهيد ابن شهيد ڪٿي آهي؟ ( يعني اُن جو به ته ذڪر خير هُئڻ گهُرجي). جيڪو ٽاٽ جو لباس پائيندو هو، وڻن جا پن کائيندو هو کو جو اُن کي گُناهن جو ڊڄ لڳندو رهندو هو“

    ابن وهب فرمائين ٿا ته حضور نبي ڪريم صلعم جي مُراد حضرت يحييٰ ع بن زڪريء ع بابت هُئي. محمد بن اسحاق، سعيد بن المسيب کان روايت ڪيو آهي ته، ابن مسيب فرمائي ٿو ته هُن سان ابن العاس رضيه بيان ڪيو ته حضور نبي ڪريم ص فرمايو ” هر شخص صيامت جي ڏينهن ايندو ته اُن جي ذمي ڪو نه ڪو گُناه هوندو، سواءِ يحييٰ ع بن زڪريء ع جي“ (يعني اُن ع جي ذمي ڪا خطه نه هوندي).
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ اٺون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ اٺون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    سعيد بن المسيب، حضرت عبدالله بن عمر رضيه کان روايت ڪري فرمائين ٿا ته نبي سائين جن فرمايو ”(روز محشر) هر هڪ الله ج سان مُلاقات ڪندو ته اُن جي اعمال نامي ۾ ڪونه ڪو گُناه هوندو سواءِ حضرت يحيٰي بن زڪريا ء ع جي. پوءِ پاڻ ص هي هيءَ آيت تلاوت ڪئي ” وسيدا و حصورا“ پوءِ زمين تان هڪ ڪکُ کنيائون ص ۽ فرمايو ” هن ڪک جيترو ڪجه ٿي ته سگهي ٿو مگر نه پوءِ پاڻ ص قرباني ڪئي. (هن سند جي اعتبار سان هي حديث موقوف آهي ۽ هن کي موقوف قرار _يڻ مرفوغ قرار ڏيڻ کان گهڻو بهتر آهي) والله اعلم.

    ابو دائود طيالسي وغيره حڪم بن عبدالرحمان بن ابي نعيم کان، اُنهن پنهنجي والد کان، اُنهن حضرت ابو سعيد خدري رضيه کان روايت ڪيو آهي ته حضور نبي ڪريم صلعم جن ارشاد فرمايو ” حسن و حسين (رضي الله عنهم) اهل جنت جا سردار آهن، سوا حضرت يحيٰي ۽ حضرت عيسيٰ عليهم السلام جي جيڪي پاڻ ۾ ماسات آهن.

    حافظ ابو نعيم اصفهاني چون ٿا ته اُنهن سان اسحاق بن احمد، ابراهيم بن يوسف، احمد بن ابي اطواري بيان ڪيو ته مون ابو سليمان کي چوندي ٻُڌ ته ” حضرت عيسيٰ ع ابن مريم ۽ حضرت يحيٰي ع بن زڪريا ع مٽر گشت لاءِ ٻاهر نڪتا، اتفاق سان حضرت يحيٰي ع هڪ عورت ٽڪرائجي پيا، حضرت عيسيٰ ع چين ته” اي ماسات! اڄ توهان کان خطا سرزد ٿي وئي! مان ع سمجهان ٿو ته اها ڪڏنهن معاف نه ٿيندي! ”حضرت يحيٰي ع پُڇين ته” اي ماسات! مون اهڙ ڪهڙو ڏوه ڪري وڌو؟ “ عيسيٰ ع چين ته ”توهان ع هڪ عورت سان ٽڪرائي چُڪا آهيو!” يحيٰي ع وراڻين،” پر مونکي ته عورت جو شعور تائين ڪونهين! ” عيسيٰ ع چين ته ”سُبحان الله! اوهان جو جسم ته مونسا گڏ آهي پر روح ڪٿي آهي” يحيٰي ع جواب ڏنن ته ”عرش سان پيو لٽڪي، جي مُهنجي دل جبرئيل ع سان به لڳي بهي ته مان سمجهندُس ته مون ع هڪ لمحي لاٰ به الله ج جي معرفت حاصل ڪونه ڪئي آهي. (هن حديث ۾ غرابت آهي ۽ هي اسرائيلات مان اخذ ڪيل آهي).

    اسرائيل ابي حصين، خثيمه کان روايت ٿو ڪري ته ” عيسٰي بن مريم ۽ يحيٰي بن زڪريا ع ٻئي پاڻ ۾ ماسات آهن. عيسٰي ع صوف جو لباس پائيندا هُئا ۽ يحيٰي ع پوستين جو، ٻنهين ع وٽ نه ته درهم و دينار هوندا هُئا ۽ نه غلام ۽ ٻانهيون. سر لڪائڻ لاِ گهر نه هُئڻ جي ڪري ٻئي ع جتي به رات پئندي هُين ته اُتي ئي سُمهين پوندا هُئا. جڏنهن ٻئي هڪ ٻئي کان جُدا ٿيڻ لڳا ته يحيٰي ع، فرمائين ته مونکي ڪا نصيحت ڪريو پاڻ ع چين ته ڪاوڙ نه ڪندو ڪج، يحيٰي ع چين ته اهو ته نٿ عي سگهي ته مان ع ڪاوڙ نه ڪريان! عيسٰي چين ته ڀلا ٺيڪ آ پوءِ دُنيا جي دولت کي دل نه ڏجو! پاڻ ع چين ته ها! اهو ٺيڪ آ!

    حضرت وهب بن منبه رضيه کان ورتل هڪ روايت ۾ اختلاف آهي ته ” ڇا زڪريا ع فوت ٿي ويا يا کين قتل ڪيو ويو هو. هڪ روايت موجب جنهن کي عبدالمنعم بن ادريس بن سنان، پنهنجي والد کان ۽ اُنهن وهب بن منبه رضيه سان حوالو ڪري ورتو آهي ته” زڪريا ع جڏنهن پنهنجي قوم کان ڀڄي ڪنهن وڻ (جي خال ۾) ۾ داخل ٿي ويا، ماڻهون اُتي پُهتا ۽ ٻنهين کي (وڻ ۽ زڪريا ع) کي ڪارائيءَ چيرڻ شروع ڪيائون، جڏنهن ڪارائي سندن ع پاسيرين تائين پُهتي ته پاڻ ع تڪليف سان ڪينجهي پيا. الله ج وحي ڪين ته اي زڪرياء ع! جي تو هي چيخ و پُڪار بندنه ڪئي ته مان ج زمين ۽ اُن ۾ جو ڪُجه آهي اُن کي اُبتو ڪري ڇڏيندُس، اهو ٻُڌي پاڻ ع جو رڙيون (ڪينجهڻ) رُڪجي ويو ايترو جو پاڻ ع به وڻ سان گڏ چيرجي ويا. (اهوئي قصو هڪ مرفوع حديث ۾ به ذڪر ٿيل آهي اڳتي هلي اُن جو به ذڪر ڪنداسون).

    اسحاق بن بشر، ادريس بن سنان کان ۽ هو وهب رضيه کان روايت ڪري ٿو ته ” جنهن شخص لاي وڻ چيرجي ويو اُهي حضرت شعيا ع هُوا ۽ حضرت زڪريا ع ته پاڻ ئي وفات ٿيا. والله اعلم.
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ نائون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ نائون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    امام احمد بيان ڪن ٿا ته حارث الاشعري کان روايت آهي ته حضور نبي اڪرم صلعم جن فرمايو ته ” الله ج حضرت يحيٰي بن زڪرياء ع کي 5 ڳالهين جو حُڪم ڏنو هو ۽ فرمايائون ته انهن تي پاڻ به عمل ڪن ۽ بني اسرائيل کي به تلقين ڪن ته هو به انهن تي عمل پيرا ٿين، سسُتي ڪرڻ تي حضرت عيسيٰ انهن کي ياد ڏياريو ته تونهان کي 5 ڳالهين جو حُڪم ڏنو ويو آهي ته پاڻ به انهن تي عمل ڪريو ۽ بني اسرائيل کي به عمل لاِ حڪم ڏيو ته هو به عمل پيرا ٿين. ته ڇا توهان تبليغ ڪندئو يا مان ع اهو فرض انجام ڏيان؟ يحيٰي ع فرماين ته اي مُهنجا ڀاءُ! مونکي انديشو آهي ته جي تون شروعات ڪندي ته مان عذاب ۾ مُبتلا ڪيو ويندُس يا زمين ۾ گهُسايو ويندُس. نبي ڪريم صلعم جن فرمائين ٿا ته ” پوءِ يحيٰي ع بيت المقدس ۾ ماڻهن کي جمع ڪيو، جڏنهن مسجد ڀرجي وئي ته پاڻ مٿين جڳه (منبر)تي ويٺا، پهرئين الله ج جي حمد و ثنا بيان ڪيائون، پوءِ فرمايائون ته الله ج مونکي هنن 5 اُمورن جوحڪم ڏنو ويو آهي ته مان ع پاڻ به انهن تي عمل ڪريان ۽ توهان کان به عمل ڪرايان.

    (1) الله ج جي عبادت ڪريو، ان سان گڏ ڪنهن به شيءِ کي شريڪ نه ڪريو، ان جو مثال اهو آهي ته هڪ شخص پنهنجي خالص سون يا چانديءَ سان هڪ غلام خريد ڪري ٿو ۽ غولام پنهنجي آقا کي ڇڏي ٻئي ڪنهن شخص لاءِ ڪم شروع ڪري ٿو ۽ اُن جي تقويت جو باعث بڻجي ٿو. ڪير اها ڳاله پسند ڪندو” ته ان جو غلام اهڙي قسم جو هُجي. الله ج توهان کي پئدا ڪيو آهي ۽ اوهان کي رزق ڏي ٿو، بس اُن جي ئي عبادت ڪريو ۽ اُن سان ڪنهن ٻئي کي به شريڪ نه ڪريو.

    (2) مان ع توهان کي نماز قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿو. الله ج پنهنجي ٻانهين تي نظر رکندو رهي ٿو، جيستائڻ ٻانهون هيڏانهن هوڏانهن مُتوجه نٿو ٿئي، بس جڏنهن نماز ادا ڪريو ته هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريندا ڪريو.

    (3) مان ع توهان کي روزن رکڻ جوحُڪم ٿو ڏيان، ان جو مثال هڪ اهڙي شخص جيا آهي جنهن وٽ مُشڪ (خوشبوءِ) جي ٿيلهي هُجي پوري محفل ان خوشبوءِ سان مهڪي اُٿي ٿي. بيشڪ روزادار جي وات جي بُوءِ الله ج ويجهو ۾وشڪ جي خوشبوءِ جيان آهي ۽ گهڻي پسنديده به.

    (4) مان ع توهانکي صدقو ڪرڻ جو حُڪم ٿو ڏيان ۽ صدقو ڪرڻ واري جو مثال هڪ اهڙي شخص جيان آهي، جنهن کي دُشمن قيد ڪري رکيو هُجي، اُن جا هٿ، ڪنڌ سان ٻڌي ڇڏيا هُجن، ۽ اُن جي سسي ڪُهڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هُجن ته هو چوي ته ڇا مان توهانکي پنهنجي جان جو فديو ڏئي سگهان ٿو؟ بس هُو پنهنجي رهائيءَ لاءِ فديو ٿو ڏي. ايترو گهڻو جو آخر هو رها ڪيو ٿو وڃي.

    (5) ۽ مان ع توهان کي حُڪم ٿو ڏيان ته الله ج جو ڪثرت سان ذڪر ڪندا رهو، ذڪر ڪرڻ واري شخص جو مثال ائين آهي، جيئن هُن جو دُشمن هُن کي جهلڻ لاءِ تيزيءَ ۾ اُن طرف وڌي ٿو، بس اُهو شخص هڪ قلعي ۾ پُهچي ۽ اُهو قلعو بند ٿي وڃي. ٻانهون جڏنهن ذڪر ڪري ٿو ته ان قلعي نسبت شيطان کان محفوظ رهي ٿو.

    راوي لکي ٿو ته نبي سائين ص جن (هي قصو بيان ڪرڻ کانپوءِ) فرميائون ص ته ” مان به توهان کي 5 ڳالهين جو حُڪم ٿو ڏيان جنهن جو الله ج مونکي به حڪم ڏنو آهي اھهي هي آهن

    (1) اتحاد
    (2) فرمانبرداري
    (3) اطاعت
    (4) هجرت ۽
    (5) جهاد في سبيل الله.

    بس جيڪي هڪ گره برابر به جماعت کان پري رهيو ته هُن اسلام جو طوق پنهنجي گلي مان لاهي ڦٽي ڪري ڇڏيو ها واپس وريو(ته خطائون معاف) جنهن جاهليت جي انداز ۾ قوم کي مدد لاٰ آواز ڏنو ته هو جهنم جو ٻارڻ بڻبو.

    حديث روايت ڪرڻ واري اصحابيءَ عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ص جي هو نماز ادا ڪري، روزه رکي ته به؟ پاڻ ص فرمين، ڀلي هو نماز پڙهندڙ ۽ روزه رکندڙ ڇو نه هُجي ۽ پاڻ کي مُسلمن سمجهندڙ هُجي پوءِ به مُسمانن کي اُنهن جي نالن سان سڏيندا ڪريو ڇو جو الله ج مُسمانن جا نالا الله جا ٻانها (عبد ال) رکيا آهن.

    هن قسم جي حديث کي ابويعلي، هدبه بن خالد کان، انهن ابان بن زيد کان، انهن يحيٰي بن ابي ڪثير کان انهن ئي لفظن ۾ روايت ڪيون آهن. انهن کي ترمذي به ابو دائود طيالسي ۽ موسيٰ ابن اسماعيل جي حولي سان روايت ڪيو آهي. انهن ٻنهين ابان بن يزيد العطار کان انهن ئي لفظن ۾ روايت ڪيو آهي ۽ ابن ماجه، هشام بن عمار کان، انهن محمد بن شعيب بن سابور کان، انهن معاويه بن سلام کان اُنهن پنهنجي ڀاءُ زيد بن سلام کان، اُنهن ابو سلام کان، اُنهن حارث اشعري سان انهي متن سان روايت ڪيو آهي. چو ٿا ته مروان طاطري معاويه بن سلام روايت ڪرڻ ۾ اڪيلو آهي.

    امام ابن ڪثير چوي ٿو ته ابن ماجه جو اهو چوڻ ته معاويه بن سلام کان ان مروان طاطري کان علاوه ٻئي ڪنهن روايت نه ڪيو آهي صحيح ڪونهين. هن حديث کي طبراني، محمد بن عبده کان، ان ابي توبه الربيع بننافع کان، انهن معاويه بن سلام کان، انهن ابي سلام کان انهن حارث اشعري کان روايت ڪيو آهي.
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ ڏهون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ ڏهون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    چون ٿا ته حضرت يحيٰي ع اڪيلا پسند هُئا، پاڻ ويرانن ۾ رهڻ پسند ڪندا هُئا، وڻن جا پن کائيندا هُئا، شاخن مان پاڻي پيئندا هُئا، ڪڏنهن ڪڏنهن مڪڙ کائي پيٽ ڀريندي چوڻ لڳندا هُئا ته اي يحيٰي ع توکان وڌ ڪير هوندو جنهن تي الله ج جا ايترا انعام و اڪرام ٿيا هُجن. ابن عساڪر لکي ٿو ته ” هڪ ڏينهن سندن والدين سندن ع تلاش ۾نڪتا، ڇا ٿا ڏسن ته پاڻ ع ”بحيره اُردن“ تي ويٺا هُئا. ساڻن مُلاقات ڪري ٻئي گهڻا رُنا، ڇو ته حصرت يحيٰي ع تمام گهڻا عبادت گُذار ۽ رب پاڪ ج کان ڊٺڻ وارا هُئا.

    ابن وهب، مالڪ کان، هو حميد بن قيس کان، هو مُجاهد کان روايت ڪن ٿا ته ”حضرت زڪريا ع جي فرزند حضرت يحيٰي ع جي خوراڪ گاهُ هُئي. پاڻ ع الله ج جي خشيت سان زارو زار روئندا رهندا هُئا ايترو جو جي سندن اکين تي ڏامر هُجي ها ته هي اکين لُڙڪ اُن کي به ڦاڙي ڇڏين ها.

    مُحمد بن يحيٰي ذهل ٻُڌائي ٿو ته اُن سان ليغ بيان ڪيو، هن سان عقيل بيان ڪيو، انهن ابن شهاب کان روايت ڪيو چون ٿا ته هڪڏينهن مان ادريس خولانيءَ وٽ ويٺو هوس ادريس قصه يان ڪندي چئي رهيو هو ته ڇا مان توهانکي اهڙي شخص (نبي ع) جي باري ۾ نه ٻُڌايان جنهن جي خوراڪ سڀني ماڻهن جي خوراڪ کان پاڪ هُئي؟ جڏنهن ادريس ڏٺو ته سڀ اُن ڏي مُتوجه آهن ته هن فرمايو” حضرت يحيٰي بن زڪريا ع جي خوراڪ ماڻهن جي خوراڪ کان پاڪ هُئي پاڻ جنگلي جانورن سان گڏ چارو کائيندا هُوا ته جيئن ماڻهن جي معيشت ۾ هو انهن سان ملي نه وڃن.

    ابن مُبارڪ، وهب بن الورد رح کان روايت ڪندي ٻُڌائين ٿا ته ” حضرت زڪريا ع کان حضرت يحيٰي ع ٽي ڏينهن وڃائجي ويا. حضرت زڪريا ع کين تلاش (ڳوليندي ڳلوليندي) ڪندي ڪندي هڪ ويراني ۾ نڪري آيا. کا ٿا ڏسن ته حضرت يحيٰي ع هڪ قبر کي کوٽي اُن ۾ ليٽي زاروقطار روئين پيا، پاڻ ع فرماين، پُٽ ع مان ع توکي ٽن ڏينهن کان پيو ڳوليان ۽ تون قبر کوٽي اُن ۾ پيو روئين، عرض ڪيائون ” بابا سائين ع توهان ئي ته ٻُڌايو هو ته ” جنت ۽ دوزخ جي وچ ۾ هڪ ريگستان (صحرا) آهي جنهن کي صرف روئڻ وارن جي لُڙڪن سان پار ڪري سگهجي ٿو” پاڻ فرمائين ته ”پُٽ ! گهڻو رُنين! پوءِ ٻئي پيءُ پُٽ پاڻ ۾ ڀاڪر پائي رُئڻ لڳا. (وهب بن منبه ۽ مُجاهد به هن حديث کي روايت ڪيو آهي).

    ابن عساڪر روايت ڪندي ٻُڌائين ٿا ته ” اهل جنت سُمهندا ڪونه ڇو جو هو جنت جي نعمتُن کان لُطف اندوز ٿي رهيا هوندا، صديقين کي به کپي ته هو نه سُمهن ڇو جو اُهن جي دلين ۾ به الله ج جي نعمت موجود آهي، پوءِ چيائون ” انهن ٻنهين نعمتن وچ ۾ ڪيترو فرق آهي ۽ انهن خوشبختن جي وچ ۾ ڪيترو تفاوت آهي. عالم حديث بيان ڪن ٿا ته حضرت يحيٰي ع تمام گهڻون آه زاري ڪندا هُئا ايستائن جو سندن اکين جي ڳوڙهن جي ڪثرت سان سندن ڳلن مُبارڪ تي روئڻ جا نشان پئجي ويا هُئا.
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ يارهون).

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ يارهون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    حديثن ۽ روايتن ۾ حضرت سيدنا يحيٰي ع جي شهادت جا گهڻائي سبب بيان ڪيا ويندا آهن. جيڪي هتي ڏجن ٿا (والله اعلم).

    (1) مشهور ترين واقعو هي آهي ته ” دمشق جو بادشاه وقت، پنهنجي ڪنهن مُحرم سان يا ڪنهن اهڙي عورت سان شادي پئي ڪرڻي چاهي جنهن سان شريعت موجب سندس نڪاح هرگز جائز نه هو. حضرت يحيٰي ع بادشاه وقت کي ان شادي ڪرڻکان روڪيو ته اُها عورت حضرت يحيٰي ع جن کان ناراض ٿي پئي. هڪ ڏينهن جڏنهن بادشاه ۽ عورت پاڻ ۾ گڏجي ويا ته ان عورت بادشاه کان حضرت يحيٰي ع کي قتل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو،بادشاه اُن عورت جي ڳاله مڃي ورتي ۽ ڪنهن شخص کي موڪلي حضرت يحيٰي ع کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪيائين. جنهن وڃي حڪم موجب يحيٰي ع جن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ عورت جي خواهش موجب جڏنهن هو حضرت يحيٰي ع جن جي سسي مُبارڪ ۽ رت مُبارڪ هڪ ٿاله ۾ آڻي عورت جي سامهون پيش ڪيو ته چون ٿا ته ان کي ڏسندئي اُها ٿورت به اُهيءَ مهلئي هلاک ٿي وئي.”

    (2) هڪ ٻيو قصو به بيان ڪيو وڃي ٿو ته ” بادشاه وقت جي زال حضرت يحيٰي تي هرکجي پئي ۽ پنهنجي خواهش جي تڪميل لاءِ هُن ڪنهن شخص کي يحيٰي ع ڏي روانو ڪري پاڻ وٽ گهُرائڻ چاهيو پر پاڻ وڃڻ کان انڪار ڪيائون، عورت گهڻا حيله بهانا ڪيا ۽ ساڳي ڪوشش ڪندي رهي، پوءِ جڏنهن مُڪمل مايوس ٿيڻ لڳي ته بادشاه وقت کي گهڻن ئي حيلن ۽ بهانن سان چئي حضرت يحيٰي ع جي قتل لاءِ آماده ڪندي رهي، شروع شروع ۾ ته بادشاه انڪار ڪندو رهيو پر بلآخر اُن جي مُسلسل اصرار ۽ بهانن مڃڻ سان هڪ ماڻهونءَ کي موڪلي کين شهيد ڪرائي ڇڏيو ۽ عورت جي خواهش موجب حضرت يحيٰي جن جي سسي ۽ رتُ هڪ ٿاله ۾ رکي سندن اڳيان پيش ڪيو ويو.

    (3) هن مفهوم جي هڪ ٻي حديث، اسحاق بن بشر پنهنجي ڪتاب ”المبتدا“ ۾ روايت ئي آهي چوي ٿو ته هُن کييعقوب ڪوفي ٻُڌايو، اُن عمرو بن ميمون کان ٻُڌو، اُن پنهنجي والد کان ۽ اُن حضرت ابن عباس رضيه جن کان روايت ڪيو ته ”حضور اڪرم صلعم جن شب معراج وقت آسمان تي حضرت زڪريا ع جن کي ڏٺو ته سلام ڪيائون ص ۽ چيائون ته اي يحيٰي جا والد! مونکي پنهنجي فرزند ع جي قتل ٿيڻ بابت ٻُڌايو؟ ۽ ٻُڌايو ته انهن ع کي قتل ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هُئا؟ حضرت زڪريا ع جن وراڻين ص ته اي مُحمد صلي الله عليه وسلم مان توهان ص کي ٻُڌايان ٿو ۽ پاڻ ع کين ٻُڌائڻ لڳا“
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ ٻارهون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ ٻارهون).
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    ” قصو هي آهي ته حضرت يحيٰي ع پنهنجي زماني جو بهترين انسان
    هُئا، پاڻ سڀني انسانن کان گهڻا حسين و خوبصورت هُئا. پاڻ واقعي الله ج جي قول ” سيدا و حصورا“ جي مُصداق هُئا. پاڻ ع کي الله ج جي منشا موجب عورت ذات سان ڪا به رغبت يا تعلق قائم ڪرڻ جو خيال نه ايندو هو. بني اسرائيل جي بادشاه جي ملڪه پاڻ جي حُسن تي فدا ٿي وئي. ملڪه فاحشه هُئي، حضرت يحيٰي ع جن کي پاڻ وٽ گهرايائين پر الله ج سندن ع عصمت جي حفاظت ڪئي، پاڻ جو انڪار ڪري سندس دل جي تمنا پوري نه ڪيائون ته هُن حضرت يحيٰي ع جن کي شهيد ڪرائڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو. اسرائيلين جي عيد جو ڏينهن هو، هن عيد ۾ سڀئي ماڻهو شريڪ ٿيا، بادشاه جو طريقو هو ته عيد جي ڏينهن هو جيڪو به وعدو ڪندو هو اُن کي ضرور پورو ڪندو هو ۽ ڪنهن به صورت ۾ اُن جي خلاف ورزي نه ڪندو هو.

    راوي ٻُڌائي ٿو ته بادشاه عيد جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نڪتو، ملڪه وڏي گرم جوشيءَ سان کيس الوداع ڪيو، بادشاه حيران ٿي ويو ڇو جو هُن ان کان پهرئين اهڙي گرم جوشيءَ جو اظهار ڪونه ڪيو هو. بادشاه خوش ٿي پُڇيس ته مونکان ڪُجه گهُر، وعدو ٿو ڪريان ته جو گهُرنديئن ضرور پورو ڪندس. ملڪه چيس ته مونکي يحيٰي ع بن زڪريا ع جو رتُ گهُرجي، بادشاه چيس ته ان کان سواءِ ٻيو ڪوجه گهُر! چوڻ لڳي نه! گهرجي ته يحيٰي ع جو خون گهُرجي، گهڻي اصرار کان پوءِ آخر بادشاه وعدو ڪيس ته ٺيڪ آ! يحيٰي ع جو خون تُهنجو ٿيو. ملڪه پنهنجي ڪارندا موڪلي حضرت يحيٰي ع جن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. جنهن وقت هوکينع شهيد ڪرڻ آيا هُئا ته پاڻ ع پنهنجي ڪمره عبادت ۾ بيٺي عبادت ڪيائون ۽ آئون ع به ساڻن گڏ عبادت ۾ مصروف هوس. حضرت زڪريا ع جن نبي صلعم جن کي ٻُڌايو ته هو کين ع ڪُهي سندن سسي مُبارڪ ڪٽي ۽ رتُ هڪ ڀاله ۾ وجهي ملڪه جي اڳيان پيش ڪيائون.

    راوي وڌيڪ لکي ٿو ته حضور نبي صلعم جن زڪريا ع جن کي چيو ص ته توهان جي صبر جي ڪهڙي ڳاله ڪجي؟ حضرت زڪريا ع وراڻين ته مان ع نماز کان ٻاهر نه آيس (يعني نماز مُڪمل ڪيائون) پاڻ ع ٻُڌايُن ص ته جڏنهن حضرت يحيٰي ع جي سسي مُبارڪ ملڪه جي سامهون آندي وئي ته بادشاه جا سڀئي گهر وارا ۽ سڀئي خُدام جيڪي موجود هُئا کين الله زمين ۾ ڌسيڙي ڇڏيو.“

    پاڻ صلي الله ع وسلم جن پُڇين ته هاڻ پنهنجي قتل ٿيڻ بابت به ٻُڌايو؟

    پاڻ فرمائڻ لڳا ته يحيٰي ع جي شهادت کان پوءِ هي واقعو رات جو پيش آيو، جڏنهن صبح ٿيو ته بني اسرائلي چوڻ لڳا ته هي سڀ حضرت زڪريا ع جن جي ڪري ٿيو آ، ڇو جو زڪريا ع جو الله ج ناراض ٿي ويو آ، ته اچو ته اسان به پنهنجي بادشاه جي هلاکت جي ڪري کائن ع ناراض ٿي وڃون ۽ کين ع قتل ڪري ڇڏيون. حضرت زڪريا ع نبي صلعم جن کي ٻُڌاين ع ته پوءِ هو مُهنجي به ڪڍ پئجي ويا ۽ مونکي ڳوليندا رهيا ته جيئن مونکي جهلي قتل ڪري ڇڏين.

    مونکي هڪ شخص آگاه ڪيو ته اسرائيلي هاڻ مُهنجي ع پويان نڪتل آهن ته مان کائن لڪي فرار ٿي ويس، ابليس ملعون انهن اسرائيلن جي قيادت پئي ڪئي ۽ اڳيا اڳيان هو جڏنهن مونکي پڪ ٿي ته مان هاڻ انهن جي پُهچ مان نڪري نه سگهندُس ته سامهون مون ع هڪ وڻ جو وڏو ٿُڙ ڏٺو جنهن مونکي ڏسندي آوازڏنو ته ڊوڙندا مون وٽ اچو ع، مان پيس ته هو وچان چيرجي ويو مان اُن جي خال ۾ اندر داخل ٿي ويس، ته مٿان ابليس ملعون به اچي پُهتو هن مُهنجي چادر جي هڪ ڪُنڊ پڪڙي ورتي ايتري ۾ وڻ جا ٻئي پاسا پاڻ ۾ مونکي اند وجهي ملي ويا پر مُهنجي چادر جي هڪ ڪنڊ ٻاهر رهجي وئي، اسرائيلي پُهتا ته ابليس چين ته هن وڻ ۾ ڦاٿل هي چادر جي ڪُنڊ ڏسو جيڪا زڪريا ع جي آهي جيڪو پنهنجي جادُوءَ جي زور سان وڻ ۾ اندر داخل ٿي ويو آهي.

    اسرائيلي چوڻ لڳا ته اسان ان وڻ کي باه ٿا لڳائي ڇڏيون ابليس صلاح ڏنن ته نه؟ هن کي ڪارائيءَ سان چيري ڇڏيو، حضرت زڪريا ع جن نبي سائين صلعم جن کي ٻُڌايو ته پوءِ هُنن وڻ کي ۽ مونکي چيري ڇڏيو. نبي سائين صلعم جن پُڇين ته ڇا پوءِ توهان ع کي ڪارائيءَ سان چيرجڻ جي ڪري ڪا تڪليف نه ٿي؟ پاڻ ع فرميائون هرگز نه، اها تڪليف ته اُن وڻ کي پُهتي جنهنجي اند الله ج مُهنجي رُوح کي وجهي ڇڏيو هو؟

    (هي عجيب و غريب واقعو آهي. هن جو مرفوع ٿيڻ صحيح ڪونهين، ان ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون چيل آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ٿيڻ جهڙيون ناهن ۽ ڪي اهڙيون شيون به هن ۾ زڪر ٿيل آهن جيڪي شب معراج جي ڪنهن به حديث ۾ هرگز ذڪر ٿيل ناهن) ها ڪي لفظ صحيح جي حديث اسراءِ جي مُطابق محفوظ مڃجي سگهجن ٿا)

    مثال طور ته ”ماساتن حضرت يحيٰي ع ۽ حضرت عيسيٰ وٽان گُذريس، هي ٻئي پاڻ ۾ ماسات آهن، جهمور جو به اهو ئي قول(رايو) آهي جيئن حديث شريفن مان به ثابت آهي ته حضرت يحيٰي ع جي والده ماجده ”اشياع بنت عمران“ مريم بنت عمران جو ڀيڻ هُيون. (والله اعلم)

    هڪ قول اهو به ملي ٿو ته ”اشياع عمران جي زال ” مريم جي والده ماجده هُيون اهڙيءَ طرح حضرت يحيٰي ع جن مريم رضيه جا ماسات هُئا (والله اعلم)
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ تيرهون)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ تيرهون)
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    حضرت يحيٰي ع بن زڪريا ع جي قتل ٿيڻ واري جڳه (مقتل) باري ۾ به اختلاف آهي. هڪ قول موجب پاڻ ع مسجد اقصيٰ ۾ شهيد ڪيا ويا، ۽ ٻئي قول موجب ڪٿي ٻي ڪنهن جڳه تي” ثوري اعمش کان، هو شمله بن عطيه کان روايت ڪري ٻُڌائي ٿو ته بيتُ المقدس جي ان جبل تي 70 نبي ع قتل (شهيد) ڪيا ويا هُئا جن مان هڪ نبي حضرت يحيٰي ع بن زڪريا ع جن جو به ذڪر ڪيل آهي.

    ابو عبيده قاسم بن سلام ٻُڌائين ٿا ته اُنهن سان عبدالله بن صالح بيان ڪيو، اُنهن ليث کان، اُنهن يحيٰي بن سعيد کان، اُنهن سعيد بن المسيب کان روايت ڪيو آهي ته ” بخت نصر جڏنهن دمشق آيو هو ته ڇا ڏٺائين ته حضرت يحيٰي بن زڪريا ع جن جو خون پئي ٽهڪيو، بخت نصر پُڇاڻو ڪيو ته هي ڇا آهي؟ ماڻهن کيس صورتحال کان آگاهي ڏني ته هُن حضرت يحيٰي ع جي خون جي بدلي ۾ 70 هزار اسرائيلن کي قتل ڪري سُک جو ساه ورتو.”
    ( هن حديث جي نسبت سعيد بن المسيب طرف صحيح آهي، ان روايت کان اها به خبر پوي ٿي ته پاڻ ع دمشق ۾ شهيد ڪيا ويا هُئا ۽ بخت نصر جو واقعو حضرت عيسيٰ کان پوءِ رونما ٿيو هو جيئن عطاءِ ۽ حسن بصري جو قول آهي (والله اعلم).

    حافظ ابن عساڪر، وليد بن مسلم جي طريقه سان، زيد بن واقد کان روايت ڪن ٿا ته انهن ٻُڌايو هو ته ” هُن حضرت يحيٰي ع بن زڪريا ع جن جي مٿي (سر) مُبارڪ جي زيارت ڪئي هُئي جڏنهن هن دمشق ۾ مسجد ٺاهڻ جو ارادو ڪيو هو، ته سندن ع سر مُبارڪ محراب سان گڏ وارن ٿنڀن مان مشرقي ٿنڀي جي هيٺان ڪڍيو ويو هو، سندن چهري مُبارڪ جي جلد ۽ مٿي جي وارن مُبارڪ ۾ ذري برابر تبديلي نه آئي هُئي“

    ۽ هڪ ٻي روايت موجب لفظ هي آهن ته ائي لڳي ٿو ته پاڻ ع هن وقت شهيد ڪيو ويو آهي. تعمير مسجد جي باري۾ بيان ڪيو وڃي ٿو ته هي مٿو مُبارڪ ” سڪا سڪه“ نالي عمود جي هيٺان دفن ڪيو ويو.
     
  14. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ14 آخري)

    قصو حضرت زڪرياء ۽ يحيٰي عليهما الصلات والسلام(پارٽ14 آخري)
    تحرير و تحقيق؛ انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ.

    حافظ ابن عساڪر ”المستقضي في فضال الاقصيٰ“ ۾ عباس بن صبح جي حوالي سان مروان کان، هو سعيد بن عبداعزيز کان، هو معاويه جي آزاد ڪندڙ غلام قاسم کان روايت ڪري ٿو ته”

    (4) اُن شهر يعني ”دمشق“ جو بادشاه ”هداد بن هدار“ هو. اُن پنهنجي پُٽ جي شادي پنهنجي ڀائٽيءَ سام ڪري ڇڏي جنهن جو نالو ”اريل“ هو ۽ جيڪا ”مسيرا“ جي ملڪه هُئي. دمشق جي بازار ”سوق الملوڪ“ اُني مڪمل ملڪيت هو، ان بازار ۾ صرف خالص سون جو ڪاروبار هلندو هو.” راوي چئي ٿو ته ” ڇوڪري پنهنجي زال کي گڏ ٽي طلاقون ڏئي ڇڏيون ۽ پوءِ وري اُن سان گهر وسائڻ جو ارادو ڪيو ۽ حضرت يحيٰي ع کان فتويٰ حاصل ڪئي. پاڻ ع چين ته جيستائن اها مائي ٻئي ڪنهن مرد سان شادي نٿي ڪري ان وقت تائين تُهنجي لاءِ حلال ڪونهين، ملڪه ان ڳاله تي سخت نارض ٿي پئي ۽ بادشاه کان حضرت يحيٰي بن زڪريا ع جي سر جي گهُر ڪئي ۽ در اصل اهو چوڪريءَ جي ماءُ جو اشارو هو. بادشاه انڪار ڪيو پر آخر ان جي اصرار تي راضي ٿي ويو، قاتل موڪليائين، پاڻ ع ان وقت ۾ ”جبرون“ جي مسجد ۾ نماز پئي ادا ڪيائون. قاتل سندن سر مُبارڪ ٿاله ۾ کڻي آيو، ته سر مُبارڪ مان به هي آواز پئي آيو ته ” تون ان لاِ جائز ڪانه آهين! جيستائين ٻئي ڪنهن مرد سان شادي نه ڪرين” ، ڇوڪريءَ ٿالهي کنئي ۽ اهو سر مُبارڪ پنهنجي ماءُ وٽ کڻي آئي، سر مُبارڪ مان اڃا تائن اهو ئي جملو ادا ٿي رهيو هو ته هوءَ اُن لاِ حلال ڪونهين، جڏنهن هو ماءُ جي سامهون پُهتي هُئي ته زمين جي اندر دهسجڻ لڳي،ايترو جو پهرين زمين پيرن کي ڳڙڪائي ورتو، پوءِ پسيرين تائين اهو ڏسي ماڻس دانهون ڪوڪون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون تيستائن هو ڪُلهن تائن دهسجي چُڪي هُئي، اُن جي ماءُ جلاد کي حڪم ڏنو ته جلدي ان جي سر کي ڪٽي وٺي ته جيئن ان جو سر محفوظ ڪري کيس ياد ڪري سگهي. جلاد سر تن کان جُدا ڪري ڇڏييس ته ان وقت زمين سندس باقي بچيل پورو جسم ڳڙڪائي ڇڏيو، گڏو گڏ ٻين کي به ڳڙڪائيندي رهي سڀئي نيست و نابوت ٿي ويا. حضرت يحيٰي ع جي سريءَ مان سندن خون ٽپڪندو رهيو ايستائن جو بخت نصر دمشق تي حملو ڪيو ۽ انهيءَ شهر ۾ 75 هزار ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيائين”

    (5) سعيد بن عبدالعزيز چوي ٿو ته ”اهو وهندڙ خون جو چشمون هر هڪ نبي ع جو خون هو جن کي شهيد ڪيو ويو هو، هي خون وهندو رهيو ايستائين جو حضرت ارمياءِ ع ان ڀرسان اچي بهي رهيا ۽ فرمايائون ” اي خون! تو بني اسرائيل کي فنا جي گهاٽ تي لاهي ڇڏيو هاڻ ته وهڻ بند ٿي! بس پوءِ خون جو وهڻ بند ٿي ويو.

    ۽ بخت نصر بادشاه به تلوارکنئي ۽ اهل دمشق ۾ جيڪو ڀڄي سگهندڙ هو بيت المقدس طرف ڀڄڻ لڳو، پر بادشاه انهن جو پيڇو ڪيو ۽ تمام گهئني فلقت کي توارن سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته ايترا ماڻهو ماريا ويا جو ان جو ڪاٿو به نٿو ملي، لاتعداد قيدي بڻايا ويا، بيشمار ماڻهن کي ذلت جي زندگيءَ سان دوچار ڪري بخت نصر بادشاه واپس وطن موٽي ويو. (والله اعلم)
     
  15. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: قصو حضرت زڪرياء عليه الصلات والسلام

    اسان انبياءِ ع جي سلسلي ۾ قرآن . حديث، روايت، قولن ، تهذيبن جي اڀياس ڪري ، توريت، زبور، انجيل ۽ اسرائيلي رواينتن ۾ آيل قصن کي حضرت آدم عليه الصلات وسلام کان وٺي، تمام نبين عليهما وسلام ۽ آخر ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه تائين لکيو آهي. ڪو مواد توهان کي مُهنجي فيسبوڪ جي نُوٽس ۾ ملندو. اُميد ته پنهنجي دُعا ۽ راءِ کان آگاه ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي نه ڪندا مُهنجي ڏينهن رات جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ريسرچ ۽ محنت سان تحرير ڪيل ڪاوش تي فيس بوڪ يا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي وڃي هر پيش ڪيل نوٽ يا ڦوٽو (منظر ڪشي) تي گهڻي ۾ گهڻا ڪامينٽس ڏيندا ته اڳتي هلي انهيءَ جوش جذبي سان ٻيو ڪو سنڌي ٽيڪٽ لکي سگهان.
     
  16. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    را ڏيڻ ۾ ايتري ڪنجوسپائي ڇو؟ تنقيدي را به ڏئي سگهو ٿا، ٻه ڪروڙ سنڌي ڪٿا آهن ادب جو ذوق رکندڙ منجهن ڪيترا؟
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,363
    ورتل پسنديدگيون:
    26,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاء ڪنجوسپائپ ناهي پر هي سلسلا قسطوار هلندڙ هئا تنهنڪري راء ڏيڻ کان رهجي ويا آهن۔

    الله جي نبي حضرت زڪريا عه بابت اوهان بهترين تحقيق گڏ ڪري پيش ڪئي آهي۔ ان لاء اوهان کي جس هجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,171
    ورتل پسنديدگيون:
    5,175
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم سنڌي ميڊيا کي ادب مان عرض آهي ۔ الله پاڪ جي اسم جي اڳيان ج جي بجائي جل جلاله اهڙي ريت انبيائن جي سامهون ع جي بجائي عليه السلام ۽ ص جي جا تي صلي الله عليه وسلم لکيو وڃي ته زياده بهتر رهندو وڌيڪ ٻانهي وس پرين جي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بيشڪ! جڏنهن مان لکندو آهيان ته گڏوگڏ ج سان جل جالهُ چوندو آهيان، ص سان صلي الله عليهوسلم پڙهندو آهيا ۽ ر سان رضيه الله تعالي عنهو، عنها، عنهُما به چوندو آهيون اسان سڀني کي گهُرجي ته جتي به اهي اشارا ڏنل آهن تن کي ان اکر نه پر لفظ يا لفظن سان پڙهن۔ الله جزا ڏيندو! دلين جو حال ڄاڻندڙ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن نبين جي قصن کي پڙهو، سکو ۽ سيکاريو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو