اسلامي شخصيتن جي ٽيب ۾ وڃي تمام نبين ع جي قصن تي راءِ ڏيو

'راءِ شماري' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسلامي شخصيتن جي ٽيب ۾ وڃي تمام نبين ع جي قصن تي راءِ ڏيو

    دوستئو ! (ساليووُڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر تعلقو نيو سعيد آباد ضلع مٽياري ۽ اُن جي ٿنڪ ٽينڪ (ٽيم) اڄ پنهنجي تحرير ۽ تحقيق کي مُڪمل ڪندي ۽ پنهنجو قومي مذهبي، اخلاقي، اسلامي فرض سمجهندي، سنڌي قوم جي هر سنڌي پڙهيل فرد لاءَ سنڌي زبان ۾ تحقيق لکي فرض پوري ڪرڻ جي ادنيٰ ڪوشش ڪئي آهي.

    تحرير ۽ تحقيق مُڪمل ڪندي قرآن پاڪ توڙي حديث مُبارڪ ۾ ذڪر ٿيل مڙني نبين ع ۽ اُنهن جي نالن سان پيش ايندڙ قصن کي، بيان ڪيو آهي هي مواد روايتن، حديثن، قولن، الهامي ڪتابن، اهل ڪتاب جي خيالن ۽ تصويري منظر ڪشي سان مُڪمل بيان ڪيو ويو آهي اهي صحيح آهن يا غلط انهن جو علم الله ج کي آهي.

    ڪن قصن جو تفصيل عالمن ۽ مُحدثن سان به ثابت ڪرڻ جي ڪوششون ڪئي اٿئون، هي اسانجي طرفان صدقه جاريه آهي، پاڻ به پڙهو ٻين کي به پڙهايو ۽ ٻُڌايو ۽ ثواب دارين سان گڏ پنهنجي مذهب اسلام بابت به تعليم حاصل ڪريو جيئن ته هن جو ذڪر ڪرڻ، ڇپائڻ صديقه جاريه ۾ اچي ٿو توهان کي به دعوت آهي حصي دار بڻجو ۽ جي ڪو ادارو، پبلشر ڪا تنّطيم ان کي ڇپائڻ چاهي ٿي ته مُهنجي طرفان في سبيل الله اجازت آهي بشرطيڪه هو ان کي في سبيل الله شايع ڪندا، يا ڪو خرچ ڪڍڻ ٿو چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ هديو مقرر ڪندا ۽ اسان لاءِ به دُعاگو رهندا. جي آگاه ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

    اسان حضرت آدم عليه الصلات وسلام کان وٺي، تمام نبين عليهما وسلام ۽ آخر ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه تائين لکيو آهي. ڪو مواد توهان کي مُهنجي فيسبوڪ جي نُوٽس ۾ ملندو.

    اُميد ته پنهنجي راءِ کان آگاه ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي نه ڪندا مُهنجي ڏينهن رات جي محنت تي فيس بوڪ يا سنڌ سلامت داٽ ڪام تي وڃي هر نوٽ يا ڦوٽو تي گهڻي ۾ گهڻا ڪامينٽس ڏيندا ته اڳتي هلي انهيءَ جوش جذبي سان ٻيو ڪو سنڌي ٽيڪٽ لکي سگهان.

    توهانجو پنهنجو
    الحاج انجنيئر عبدالرازق ميمڻ
    0300 جو 2895691
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اسلامي شخصيتن جي ٽيب ۾ وڃي تمام نبين ع جي قصن تي راءِ ڏيو

    انتهائي محنت طلب ۽ شاندار ڪم آهي۔۔۔
    جيتوڻيڪ ڪافي قصا پڙهڻ کان رهجي ويا آهن۔۔۔ پر توهان طرفان لفظن جي چونڊ ۽ ترجمي جو انداز ڀلو لڳو۔۔۔ مختلف جاين تي ڪجهه صورتخطي جي غلطي به ملي ۽ فيس بوڪ تي آندل تصويرون پڻ سنڌ سلامت تي نه مليون پر انهن کي لڳائي ۽ غلطين کي ڪنهن حد تائين هٽائي ليکن کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو ويو آهي۔۔
    يقينن انهن قصن کي پڙهي خدا پاڪ جي نبين سان آيل مشڪلاتن، ڏکن، دردن ۽ آزمائشن جي ڄاڻ ملي ٿي۔۔۔ جنهن سان خبر پوي ٿي ته هر دور جا انسان ڪيڏا نه مغرور ۽ بي ايمان رهيا آهن۔۔۔ جو رب پاڪ جو واضح پيغام به سمجهڻ کان قاصر رهيا۔۔۔ انهن مان چند ئي هيا جيڪي پنهنجي آخرت سنوارڻ ۾ ڪامياب ويا۔۔۔
    حضرت يوسف عليه اسلام جي قصي کي پڙهڻ وقت اتفاق سان يوٽيوب وڊيوز تي ايران طرفان هڪ مووي پڻ نظر مان گذري ان ڪري توهان طرفان آندل قصي کي سمجهڻ ۾ تمام سولائي ٿي۔۔ اهڙيون وڊيوز جيئن ته سنڌي زبان ۾ ناهن ان ڪري انهن کي هتي ڏيکارڻ بجاءِ انهن جو لنڪ ڏئي سگهجي ٿو۔۔
    خير مجموعي طور توهان جي محنت ڀلي لڳي۔۔ اميد ته پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي اهڙا بهترين پروجيڪٽ لکندا رهندا۔۔۔ جو سنڌي ادب ۾ اهڙن ڪمن جي انتهائي کوٽ ڏٺي پئي وڃي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسلامي شخصيتن جي ٽيب ۾ وڃي تمام نبين ع جي قصن تي راءِ ڏيو

    ادا عبدالرزاق صاحب اسلام عليڪم اوهان جا نبين سڳورن جي قصن تي مشتمل مضمونن تي ڪجه سرسري نظر وڌم ، مونکي ڪافي ڪمزور ڳالھيون پڻ نظر آيون جنهن مضمون پورو پڙهڻ جو شوق ختم ڪري ڇڏيو هو ، ويتر تصويرن دل کڻائي ڇڏيو ، محقق علماء نبين جو تصويرون ۽ ويڊيوز جا مخالف آهن ۽ هن کي نبين سڳورن جي توهين ڪرڻ جي مترادف سمجهن ٿا ، قصن ۾ بني اسرائيلي رواتن جي پڻ ڀرمار آهي جيڪي نهايت ڪمزور روايتون آهن ،
    آئون انشاء الله ٻيهر ڪوشش ڪري اوهان جا مضمون مطالعو ڪندم ، جيڪر اوهان کي اعتراض نه هجي ته غلطين ۽ ڪمزور روايتن جي نشاندگي ڪريان ، اوهان جي جواب جو انتظار رهندو ، والسلام عليڪم
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو