فتوى نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه چئو،
سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿي، ايمان سلامت آهي اڃان
سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿي، ايمان سلامت آهي اڃان

سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اهڙا ڪيئي شاعر ملندا جن پنهنجي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو آهي۔ اهڙي ئي عظيم شاعرن مان هڪ سنڌ جي ساهتي پرھڻي جي موري شهر سان تعلق رکندڙ راشد مورائي پڻ آهي۔
سنڌ جي هن سريلي شاعر راشد مورائي 5 مارچ 1944ع تي مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. راشد مورائي سونهن، عشق، مذاهمت ۽ انقلاب جو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين نقاد ۽ اديب پڻ آهي۔ راشد جا گيت ۽ غزل سنڌ جي سڀني فنڪارن ڳائي داد حاصل ڪيو آهي۔ راشد پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي۔
سندس شاعري ۽ لکيل مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن ۽ خاص ڪري نوجوان ، تبديلي پسند ۽ شاگرد کيس پنهنجو شاعر سمجهندا آهن۔ سندس شاعريء جا ڪتاب ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”مينديءَ سندا کيت“، ۽ ”دل جو شهر“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا ۽ گهڻو مقبول ٿيا آهن۔ جڏهن ته راشد مورائي جو سهيڙيل خطن جو ڪتاب - خط خوشيءَ مان کول پڻ ڇپجي چڪو آهي۔ جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل تخليقي مواد تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، ڇپائي جا منتظر آهن۔
راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.

جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهنجي سونهن،
منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي
منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

راشد مورائي جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾
راشد مورائي جي شاعري سندس ئي آواز ۾