”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    فيس بوڪ جي سڏ تي پريس ڪلب ڪراچي فيس بوڪ سنڱت احتجاج ۽ بک ھڙتال ڪئي۔

    [​IMG]

    سنڌ جي مختلف علائقن مان سنڌي هندو نياڻين کي اغوا ڪري زوري مسلمان ڪرڻ، سنڌي هندن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ انهن کي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ خلاف ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌي سوشل ميڊيا فورم طرفان رنڪل ڪماري جي اغوا خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتالي ڪئمپ تي اغوا ڪري مسلمان ڪيل رنڪل ڪماري جي امڙ سلڇڻي، سندس ڀينرون صنم ۽ ورشا پڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتيون. بک هڙتال ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هيا، جن تي ر نڪل ڪماري کي آزاد ڪريو، سنڌي نياڻيون اغوا ڪرڻ بند ڪريو، سنڌي هندن کي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ بند ڪريو. ميان مٺو ۽ رنڪل ڪماري کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪريو. سنڌي هندن کي تحفظ ڏيو. فضلا سرڪي کي آزاد ڪريو جهڙا نعرا لکيل هئا. بک هڙتال تي ويٺل اهو به مطالبو ڪري رهيا هئا ته ڪنهن کي زبردستي مذهب مٽائڻ تي مجبور نه ڪريو، سنڌ مان اغوائون، ڦرون، ڌاڙا، ڪاروڪاري، قتل عام ۽ جرڳا سسٽم بند ڪريو. بک هڙتالي ڪئمپ تي فيس بڪ استعمال ڪندڙ سنڌي نوجوان سنڌي سوشل ميڊيا فورم جي سڏ تي گڏ ٿيا هيا. جنهن ۾ صحافي، وڪيل، استاد، انجنيئر، ڪلارڪ، ليکڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هيا. ليکڪ ۽ صحافي اسد چانڊيي ان موقعي تي چيو ته رنڪل ڪماري سميت اغوا ڪري زبردستي مسلمان ڪيل سنڌي نياڻيون موٽايون وڃن. ڪجهه ماڻهو جنت جي شوق ۾ زبردستي اهڙيون ڪارروايون ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته رنڪل ڪماري کي پنهنجي والدين سان ملڻ ڏنو وڃي ۽ ان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ان جو خوف ختم ڪري پوءِ ان جو بيان ورتو وڃي. صحافي ذوالفقار واهوچو چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان هڪ منظم رٿابندي تحت سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ لاءِ انهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي قانودان ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻ امر لعل چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم چيو هو ته هندو مسلمان، پارسي، سک، عيسائي، يهودي سڀ برابر برابر آهن. هن چيو ته قائداعظم پاڪستاني چوڪ تي خطاب ڪندي اهو به چيو ته مون جيڪو پاڪستان ٺاهيو هيو، اهو ناهي جيڪو اوهان پيش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته صدر وزيراعظم جيڪو سنڌي هندن سان واعدو ڪيو ان تان هو ڦري ويا آهن. هن چيو ته رنڪل ڪماري عدالت ۾ چيو ته هو پنهنجي والدين ڏانهن ويندي. هن چيو ته اسان مسلمان ۽ هندو ڇوڻ ڇڏي جڏهن سنڌي چوڻ شروع ڪيو ته پوءِ هي ڪوڙا سردار، مير، پير، وڏيرا سڀ ختم ٿي ويندا. هي رنڪل ڪماري جي اغوا جو مسئلو ناهي هر روز سنڌ ۾ نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون. ڪاروڪاري ۾ قتل ٿين ٿيون، انهن سڀن جو مسئلو آهي اسان کي نياڻيون ۽ سنڌ بچائڻي آهي سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو هيو جو سنڌي نوجوان مرد توڙي عورتون سياست کان مٿانهون ٿي وطن ۽ قوم لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿيا. فيس فڪ جي سڏ تي گڏ ٿيا.

    عوامي آواز
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    دوستن کي شاباسون هجن جيڪي ظلم ۽ ڏاٺ خلاف سراپا احتجاج آهن۔

    مونکي لڳي ٿو ته هاڻي رينڪل ڪماري جو ڪيس ڪمزور ٿيندو پيو وڃي ۽ هن جو بار بار ڪورٽن ۽ ميڊيا تي آيل بيان ته هن پسند جي شادي ڪئي آهي ۽ مسلمان ٿي آهي ، اها ڳالهه سندس ڪيس کي گهڻو ڪمزور ڪيو آهي۔ پر دوستن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪجي ٿو خاص ڪري اسد چانڊيو جي بهادري کي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    سنڌ ۾ ٿيندڙ سڀني ڏاڍين جي مذمت ڪريونٿا ۔۔۔ سنڌي واڻيا يا مسلمان سڀ سنڌي آهن ۽ سنڌين سا ڪيل سڀني زيادتن کي نندڻ ۽ انجي پاسداريءَ ۾ گڏ ٿيڻ جو فرض نڀايو آهي دوستن!

    غلامي هڪ موذي مرض آهي ۽ سنڌ هن وقت غلام آهي ۔۔۔ انڪري نه قانون آهي نه قانون جي پاسداري

    الله ڏاهي مَ ٿيان
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    اوهان سڀني سڄڻن جي مزمت سان آءَ به سهمت آهيان پر ( پر ) هندو نوجوانن جو به وڏو ڏوهه آهي جي ڏاج جي لالچ ۾ غريب مسڪين نياڻين جي رشتي وٺڻ ته ڇا سوچڻ به گوارا نه ٿا ڪن ۔ مون وٽ ثابتيون آهن ته جيڪو ڏاج نياڻين کي ملي ٿو اُهوئي ڏاج گهوٽيتا وري پنهنجي نياڻين کي ڏئي ساهوري روانو ڪن ٿا ۔ بهتر نه آهي ته اِن لعنت (ڏاج) کان گڏجي سڀيئي پنهنجي جند آزاد ڪرائين ۔ هندن جي پئنچائت ڏاڍي طاقتور آهي جي پئنچائت فيصلو ڪري ڏاج مقرر ڪري ته شايد هندو ايڏا ڏک نه ڏسن ۔ پر مصيبت اِها آهي هر هنڌ مذهب جا نام نهاد ٺڳ موجود آهن ۔ جي ائين ڪرڻ ڪڏهن به نه ڏيندا ۔ ڇو ته اُنهن کي به پيٽ ساڻ آهي ۔
     
  5. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    دوستو جي هو مسلمان ٿي آهي ته ان منجهه ڪهڙي برائي؟ ۽ ان جي خلاف ڇا ڪاڻ پيا وائي گهوڙا ڪريو؟ هن پاڻ ڪراچي پريس ڪلب اچي اهو بيان ڏنو آهي سندس کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو۔۔۔۔ توهان جي هن پوسٽ سان گهڻائي دوست متفق نه آهن،،،
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    ھر ھڪ جي پنھنجي را آھي ڪنھن جي متفق ھجڻ نه ھجڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي۔
    ھڪ سوال اوھان کان امر جليل ٿو پُڇي۔؟
    رڳو رينڪل مسلمان ڇو ٿيون ٿين رميش مسلمان ڇو نٿا ٿين، اوهان وٽ جواب هجي تـ ٻڌايو! ـ
    ٻڌايو؟
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    رنڪل پيار جي پرڻي کي سياسي اشو ڏنو ويو آهي پهرين به هندو ڇوڪريو مسلمان ٿيون آهن پر هاڻ هي سلسلو وڌندو پيو وڃِي ان ڪري هندو پنچائيت پئسا هلائي هن کي سياسي رنگ ڏئي هن سلسلي جي ختم ڪرڻ چاهن ٿا ٻيو اهڙو ڪو به وڏيو اشو ڪون آهي

    ۔
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    مذھبي جنونيت اسان جي قوم کي نقصان پھچائي اسان جي قوم کي زرا زرا ڪرڻ جو سبب بڻجندي
    پر جيڪڏھن نظر ڦيرائي ڏسنداسين ته اسان جي قوم زرا زرا ٿي چُڪي آھي.
    اسانکي اھڙا قدم کڻڻا پوندا جنھن سان اسان جي قوم ۾ ايڪو پيار محبت پيدا ٿئي
     
  9. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    ادا هر ڪنهن دوست پنهنجي راء ڏني آهي پر منهنجا خيال ڪجه ٻي طرح جا آهن زور زبردستي سان ڪو ڪنهنجو مذهب نه مٽائي ٿو سگهي ۽ اسان وٽ ڪيئي مٿال آهن ته هندو نياڻيون مسلمان ٿي وڃن ٿيون ۽ اڄ به هو مسلمان گهر ۾ رهن پيون
    باقي هي ڪو نئون انوکو واقعو نه ٿيو آهي دوست هن کي غلت رنگ پيا ڏين
    ها ڌاڙا اغوا هڪ برو عمل آهي پر اهو صرف هڪ طبقي جو نه ٿو ٿئي ها هندن جو به اغوا برو عمل آهي ،مذمت جوڳو آهي باقي مسلمان ٿيل نياڻي کي مرتد ٿيڻ نه ڏجي زور زبردستي سان ته پوء سوني بلڪ هزارين هندو مسلمان ڪجن اهو ته نه ٿو ٿئي ۔۔۔۔۔
    هندستان ۾ ڪيئي مسلم نياڻيون هند سان شادي ڪيو ويٺيون آهن ان جو وڏو مٿال
    سنجي دت جي ماءُ آهي جيڪا هڪ هندو سان شادي ڪري هي سنجي دت پيدا ڪيو ڪنهن مسلمان ته هن تي ڪو ريئڪٽ نه ڪيو۔۔۔۔مذهبن جي آزادي مطابق ڪو به زور زبردستي نه آهي هر هڪ آزاد آهي
    رينڪل هاڻي فريال آهي ۽ ان کي فريال رهن ڏنو وڃي۔۔۔
     
  10. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    عاشق سائين
    مان ته اڳ ئي رڙيون ڪري ٿڪو آهيان ته بي عمل هجڻ جي باوجود هر ڪنهن جي اندر اهڙي ته خطرناڪ ملائيت گهر ڪيو آهي جيڪا صرف تباهي ڏانهن ڌڪيندي، ڪفر، شرڪ ۽ بدعت جا سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ ته کاٻي هٿ جي راند آهي۔۔
    ڇا جي سنڌ، ڇا جي سنڌيت، ڪهڙي قوم۔ڪٿان جي قوم۔۔ هتي هر فرقو قوم لڳو پيو آ ۔ هرڪو اسلام جو ٺيڪيدار ۽ پنهنجي ليکي مفتي بڻيو ويٺو آهي۔۔۔ ڪالهه ئي منهنجي هندو دوست مونکي ٻڌايو ته هو سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، ايئن ئي آهسته آهسته رهيل سنڌي پنهنجي ديس کي خيرباد ڪندا رهندا۔۔ ملائيت جي سوچ رکندڙن جي عارضي خوشفهمي ان وقت ئي ختم ٿيندي جڏهن هنن جي لاء به زمين تنگ ٿيندي، ليڪن ان سان به ڪو فرق ڪو نه پوندو، قوم ته هونئن ئي تباهي ڏانهن تيزي سان گامزن آهي۔۔

    بس ڙي يار عاشق۔۔جيڪڏهن عشق نه ڪرين ها ته شايد خوش گذارين ها۔۔پر هاڻ ويٺو ڀوڳ
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    واھ ادا عاشق واھ !
    ڏٺو سين شريعت محمدي کي پٺي ڏيڻ جو انجام ، ڇا جي سنڌيت ، ڇا جي قومپرستي ، ڇا جا واويلا ۽ دنگل مڇائي ويٺا آهيو ۔
    پاڻ ئي هڪ ادارو ، پاڻ ئي هڪ يونيورسٽي پاڻ ئي مجتهد ۽ وقت جا امام لڳا ويٺا آهيو۔ ادا عاشق اوهان جهڙن دوستن کي ڇا معيار ڏيون اسان جي سنڌي عوام جڏهن کان وٺي )فرد واحد( يعني هڪ اهڙي شخص جي پوئلڳي ۾ اچي پنهنجو قبلو متعين ڪيو جنهن جو درس اسلام ۽ مذهب بيزاري ، حب الوطني جو غلط نصب العين ، نيشنل ازم ، ڪميونزم ، دهريت جو ٻڄ ڇٽڻ وغيره هو ته پو سوچ به ته اهڙي ئي جنم وٺندي
    رڳو عالمن جي نفي ، هنن مٿان بيهوده زبان درازي ڪٿي ائين نه ٿي وڃي جو اهڙين حرڪتن ڪري انسان دائري اسلام کان ٻاهر ٿي وڃي ۽ هن کي هن ڳالھ جو ادراڪ نه ٿئي ، خدارا صحيح ۽ مثبت سوچ ڌريو ۔ اهڙو ڪردار معاشري ۾ ادا ڪريو جنهن ۾ ٻنهي جهانن جو خير ٿئي ۔
    آئون فورم جي ذميدارن کي به التجا ڪريان ٿو ته فورم ۾ مثبت ڪردار کي فروغ ڏيو ، پنهنجي انا ۽ خاص ذهن تيار ڪرڻ لا فورم کي هرگز استعمال نه ڪريو ۔ وما علينا الاالبلاغ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    سائين چوهاڻ صاحب سلام

    جيتوڻيڪ مان گهڻو ڪري مذهبي بحث کان پاسو ڪندو آهيان ڇو ته ان ۾ اسان جهڙا ڪم عقل ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن گهٽ معلومات سبب ڪي اهڙا رمارڪس ڏيندا آهن جنهن سان دوستن جي دل آزاري ٿيندي آهي۔

    سنڌ سلامت ۽ ميمبرن جي ذاتي سوچ ٻه الڳ الڳ شيون آهن۔ تنهنڪري ڪنهن جي سوچ تي يا خيالن تي پهرا لڳائي نه ٿا سگهجن۔ تنهنڪري اوهان کي وري به عرض آهي ته سنڌ سلامت فورم ۽ ميمبر ۽ انهن جا ليک الڳ شيون آهن۔

    اسان اوهان جا ليک به شامل ڪندا رهيا آهيون ۽ اوهان پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي، توڻي جو اوهان ان ۾ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت خلاف سخت لفظ استعمال ڪيا آهن۔
     
  13. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: ”رنڪل جي اغوا هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش آهي“: ڪراچيءَ ۾ احتجاج ۽ بک هڙتال

    سڀني سڄڻن جي راءِ پنهنجي هنڌ تي وَزنائتي آهي ۔ هندو نياڻيون پنهنجي رضا خوشي سان جي مذهب مَٽائين ٿيون مَٽائڻ ڏيو ۔ پر جي ڪا مسلمان نياڻي مذهب مَٽائي ته اُن لاءِ اوهان جي ڪهڙي راءِ هوندي ؟ پر اِهو ڪٿي لکيل آهي ته ڪو مسلمان ٿئي ته پنهنجن مِٽن مائٽن سان لا تعلق ٿي وڃي ؟ ۽ ياد رکو نياڻي جي شادي ۾ سندس وارثن جي اجازت به ضروري آهي۔
     
  14. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    جن دوستن جو اهو سوال آهي ته هندو ڇوڪريون صرف ڇو پيون مسلمان ٿين ته انهن کي عرض رکجي ٿو ته ٿورڙو هندن جي ڪلچر ۾ شاديءَ جو سسٽم ۽ انهيءَ منجهه ڪيتري ڏکيائون آهن انهن متعلق تحقيق ڪن ته ِضرور سمجهي ويندا،،، ڏاج، پئسو. چال الڳ الڳ جاتيءَ يعني شودر، برهمڻ ، وغيره وغيره سڀ ملي جلي گهڻا ئي مسعلا پعده ڪن پيا سو انهن جون ڇوڪريون آسانيءَ واري حل طرف نڪرن ٿيون،، جيڪو پڻ درست ناهي،،،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    الائي ڇو اسان سنڌي مذهب ( اسلام) بيزار ڪجهه وڌيڪ آهيون، ۽ هو ڏانهن مذهب بيزاري به ڏيکاريندا آهيون هيڏانهن وري مذهب جي آڙ ۾ آيل غلط ريتن رسمن کي به اهميت ڏئي ڪري انهن جي پويان لڳي ڪري وهم ۽ وسوسن ۾ ڦاسندا آهيون، جنهن جو مذهب اسلام سان ڪو تعلق ڪونهي۔وري اسان اهيا دعوا به ڪندا آهيون ته اسان رسول خدا ۽ ان جي اهل جا سچا عاشق آهيون، ( جن اسلام ۽ الله جي وحدانيت جي ڪري پنهنجي جان کي اهميت نه ڏني ۽ انهن ڄاتو پئي ته اسلام ۽ الله جي وحدانيت جي اڳيان اسان جي ۽ اسان جي جان جي ڪا به اهميت نه آهي ) ۽ پنهنجي سچائي پيش ڪرڻ لاء ڪجهه اهڙيون رسمون ادا ڪري ويندا آهيون جن جو عشق محمد صلي الله وصلم ۽ آل محمد صلي الله وسلم سان ڪو تعلق ڪونهي۔يا وري اسان پاڻ کي صوفي سڏائي ڪري قرآن جي تعليم جا به مخالف بڻجي ويندا آهيون، صرف ڏيکاء خاطر ته اسان آزاد خيال آهيون۔جڏهن ته انسان کي حقيقي آزادي ته اسلام ڏني آهي، جو اسان کي انهن وهم وسوسن کان آزادي ڏياري آهي، جيڪي وهم ۽ وسوسه انسان جي ذهنن کي ڪمزور بڻائيندا آهن ۽ حقيقي زندگي ۾ ڪجهه ڪرڻ جي قابل به ناهن ڇڏيندا۔ اسلام ته انهن هزارن شين کي پوڄڻ کان آزادي ڏياري آهي، جيڪي پاڻ محتاج حيثيت رکن ٿا،اسلام ته انهن لکين آڪائن جي اڳيان جهڻ کان آزادي ڏياري آهي، جن جو ڪم هن غريب ۽ لاچار انسان جو رت پيئڻ آهي۔ اسلام تي اميرن جي مٿان زڪوات جو حڪم لاڳو ڪري انهن غريبن جو حق ڏياريو جن غريبن جو حق هن دنيا جا امير کايو ويٺا آهن، اسلام ته اهو مذهب آهي جنهن جنت جهڙو عظيم تحفوعورت (ماءُ ) جي قدمن ۾ رکيو آهي ،اسلام ته ان عورت کي پنهنجا حق ڏنا آهن، جن کي اسلام کان اڳ جيئري دفن ڪيو ويندو هو ۽ اهيو اسلام ئي آهي جنهن عورت کي اهيو حق ڏنو ته سندس مڙس جي وفات کان پوء هو اگر ٻئي شادي ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته اسان جي ڌرتي تي ڪي اهڙا به مذهب آهن جن وٽ اهيو طريقيڪار رهيو آهي ته عورت جي مڙس جي وفات بعد يا ته ان کي به گڏ ساڙيوويندو هو يا وري موجوده دور ۾ ان کي اهيا اجازت به نه آهي ته هو ٻئي شادي ڪري ۽ هن دنيا ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي عزت کي محفوظ ڪري سگهي۔هاڻي توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته آزادي اسلام ۾ آهي يا نه۔۔۔۔
    باقي سائين امر جليل صاحب جو سوال آهي ته ڪو رميش ڪمار مسلمان ڪو نه ٿو ٿئي، ان لاء عرض ته اهي به مسلمان ٿين ٿا، ۽ پوري سنڌ ته پري مان پنهنجي صرف دادو جو ٻڌايان ته اتي ڪافي اهڙا دوست آهن جيڪي مسلمان ٿيا آهن ۽ ان کان علاوه هت ڪراچي ۾ منهنجي ڪمپني ۾ ٻه ملازم آهن جيڪي مسلمان ٿيا آهن، مگر انهن جي مسلمان ٿيڻ کي ڪو اشو بڻايو نه ٿو وڃي، ۽ اهي مرد آهن سو انهن تي انهن هندو ڀائرن جو ڪو به زور ڪو نه ٿو هلي، بس هي ويچاريون عورتون جن کي اسان جي معاشري ۾ ڪمزور سمجهو ويندو آهي انهن جي مسلمان ٿيڻ تي اهيو اشو بڻجي ٿو، ڇو جو عورت کي مسلمان ٿيڻ کان پوء ڪو سهارو گهرجي، ۽ انهن کي اهو جڏهن سهارو ملي ٿو ته ، افسوس جو ان سهاري کي هڪ اشو بڻايو وڃي ٿو، ۽ ميڊيا کي کپي ميڊيا لاء مواد ۽ ميڊيا ان ڪم ۾ پنهنجو فائدو وٺي ٿو۔توهان جي اڳيان سنڌ جي تاريخ جا ڪجهه مثال پيش ڪيان ٿو، جڏهن سنڌ جو هڪ وڏو عالم مولانه عبيدالله سنڌي مسلمان ٿيو ته ڪو اشو بڻيو نه۔۔۔ ان کان پوء سنڌ جو هڪ ٻي هڪ وڏي شخصيت شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمان ٿيو ته ڪو اشو بڻيو نه، ان کان پوء سنڌ جو گورنر هدايت الله صاحب مسلمان ٿيو ۽ ڪو اشو بڻيو نه۔(جيڪو عبدالله هارون جو نياڻو هو،) باقي ادا اسان امر جليل صاحب جو احترام ڪيون ٿا، امر جليل صاحب اسان جي سنڌ جو هڪ وڏو نالو آهي، مگر سندس پروگرام ڪلاس روم مان به ڏسندو آهيان مگر سندس ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن تي اتفاق نه ٿو ڪري سگهجي، ۽ اهيو به ضروري نه آهي ته هڪ وڏي نالي واري ماڻهون جون سڀ ڳالهيون درست هجن۔
    باقي مان هن ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو ته هندن کان سنڌ ڇڏائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔ ۽ انهيء سازش ۾ اسان جا وڏيرا به شامل آهن جيڪي هندو سيٺن کان وياج تي قرض کڻڻ ٿا ۽ جڏهن قرض نه ڏيڻ جي نيت خراب ٿئي ٿي ته انهن کي سنڌ مان ڀڄائڻ جي سازش ڪري انهن کي تنگ ڪندا آهن، ۽ انهن کي بدنام ڪيو ٿو وڃي۔۽ وڏيرو هميشه سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻولي جو دشمن رهيو آهي۔ مٿي هڪ ٻئي دوست اهيو به سوال اٿاريو آهي ته ڇا اسان جي مسلمان ڇوڪري ڪا هندو ٿئي ته پوء۔۔۔۔ ان لاء فيالحال اهيو عرض آهي ته هندو مذهب ۾ اهيا لچڪ ئي ڪانهي ته هنن جي مذهب ۾ ڪو ٻيو داخل ٿئي سگهي، جيئن هت اسان جي ملڪ ۾ بوهري برادري ۾ ائين آهي ته بوهري صرف بوهري جو اولاد ئي ٿيندو باقي ٻيو بوهري فرقي ۾ شامل ٿئي نه ٿو سگهي، جڏهن ته اسان جي ٻين فرقن ۾ اهيا آزادي آهي بلڪ هرڪو ان ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو آهي ته فلاڻو اسان جي فرقي ۾ شامل ٿئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو