ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٽنڊو محمد خان ۾ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ پاران عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ هزارين نارين شريڪ ٿي عورتن جي آواز سان آواز ملايو۔

    رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز


    [JUSTIFY]گُذريل 8 مارچ 2012ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ پاران هڪ عظيم الشان عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن جو مهمان خاص سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي هو، ٽنڊو محمدخان جي نارين ۽ معصوم نياڻين پاران عورتن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ واريون تقريرون ٽيبلوز وغيره پيش ڪيا ويا۔ انهي موقعي تي ڳالهائيندي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته مارچ 1911ع ۾ عورتن جو عالمي ڏيهاڙي جو خيال ڪلارا زيٽڪن پيش ڪيو، 8 مارچ عورتن جي سياسي سماجي ۽ معاشي حيثيت جي مڃتا جو ڏينهن آهي، 1911ع کان اڳ ۾ عورت کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان وٺي پنهنجي حق حلال جي روزگار ڪرڻ جو به حق ڪونه هوندو هوندو هو، اڄ جيڪو عورت پنهنجي حق وٺڻ جي معاملي ۾ سُجاڳ آهي اهو ا91ع ۾ ڪڍيل آسٽريا، جرمني ، آمريڪا ۾ لکين ماڻهن جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ٻي هنڌ ڪيتري به سُجاڳي اچي پر سنڌ جي عورت اڃا به ڪسمپرسي جي حالت ۾ آهي، ننڍي ننڍي ڳالهين تي سنڌي عورت تي ظلم جو پهاڙ ٽوڙيو وڃي ٿو، ڪڏهن کيس ڪارو ڪري ماريو وڃي ٿو ته وري ڪڏهن مرد جي ڪيل جرم جي پاداش ۾ عورت کي سڱ چٽي طور ڀريو وڃي ٿو، اهو ڪٿي جو انصاف آهي غلطي مرد ڪري ۽ ان جو ازالو عورت يا نياڻي ڀري۔ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر منگسي چيو ته ٽنڊو محمدخان جي هزارين عورتن جو هن عالمي ڏينهن ۾ شريڪ ٿيڻ انهي ڳالهه جي نويد آهي ته فضائون تبديل ٿي ويو آهن ، آزادي ۽ آجپو اسان سنڌين جو نصيب ٿيڻ وارو آهي، صرف ٿوري همت ۽ محنت جي ضرورت آهي ڊاڪٽر قادر منگسي ٽنڊو محمد خان جي نارين کي لک شاباسون ڏنيون ته هو پنهنجي حقن جي حاصلات لا ايڏي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي وڏن طوفانن جا رُخ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون۔ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته توهان ڪافي ڀيرا ڀوتارن کي ، مسلم ليگين ۽ پيپلز پارٽي وارن کي آزمايو آهي پر هڪ ڀيرو توهان قوم پرستن کي به آزمائي ڏسو، ۽ قوم پرست ڪڏهن سنڌ ما جو سودو ڪونه ڪندا، پنهنجي جان جي قرباني ڏئي به سنڌ ۽ سنڌيت جي لاڄ رکندا، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳوان ڊاڪٽر احمد نوناري ٽنڊو محمد خان جي نارين کي شاباسون ڏيندي چيو ته هزارن نارين جو اڄوڪي ڏينهن تي هتي گڏ ٿيڻ انهي ڳالهه جو سنديسو آهي ته توهان مفاد پرست ٽولي کان بيزار آهيو، جيڪڏهن توهان سنڌ امڙ جي سينڌ سائي ڏسڻ ٿيون چاهيون ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پليٽ فارم تان متحد ٿي سنڌ جي ازلي دشمنن سان ويڙهه ڪريو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما نصرت چنا چيو ته ناري تحريڪ ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خاصخيلي جي محنت کي سلام آهي جو عورتن جي هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽنڊو محمدخان جي ڀينرن کي سئو فيصد انهي عظيم ڏينهن ۾ شموليت جو موقعو ڏنو آهي، جنهن مان ثابت پيو ٿئي ته ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان انتهائي فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پٿر دنيا ڊرامي ۾ وڏيري جو ڪردار ادا ڪندڙ وڏيري سڪينه (نوشين شيخ) چيو ته ٽنڊو محمد خان جي ڀيڻن کي سلام آهي جو هُو پنهنجي حقن جي حاصلات لا ايڏي وڏي تعداد ۾ هتي گڏ ٿيون آهن انهي جو سهرو محترما ثمينه خاصخيلي جي سر تي آهي جو ظلم جي خلاف هن شهر جي نارين کي سُجاڳ ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي۔ آخر ۾ حيدرآباد ڊويزن ناري تحريڪ جي ثمينه سومرو چيو ته اڄ ٽنڊو محمد خان ۾ هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي ۾ شرڪت ڪري تمام گهڻي خوش ٿي آهي۔ ٽنڊو محمد خان جي ڀينرن جي جوش ۽ جذبي کي ڏسي انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هاڻي تبديلي اچڻ واري آهي، عورتن جي هن عالمي ڏينهن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي مٿي ڄاڻايل ماڻهن کان علاوه معظم خاصخيلي، ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمدخان جي صدر رضا خاصخيلي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته هن سموري تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض محترما فرزانه شاهه سرانجام ڏنا۔[/JUSTIFY]

    هاڻ پيش آهي هن ڏهاڙي جون تصويري احوال​

    [​IMG]
    عورتن جي ڏينهن جي حوالي سان بنايل پينا فليڪس جو بينر

    [​IMG]
    محترما فرزانه شاهه هن ڏينهن جي تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري هُئي

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خليل خاصخيلي سڀني آيل مهمان عورتن ۽ خاص مهمانن کي ڀليڪار چئي رهي آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي عورت ڏينهن جي حوالي سان مخاطب آهي جڏهن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو لوگو نروار آهي

    [​IMG]
    ٽنڊومحمد خان جي سماجي شخصيت ڊاڪٽر جي ايم گُل عورت ڏينهن جي مناسبت سان تقرير ڪري رهيو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    ٽنڊو محمدخان جون ٻه نياڻيون عورت ڏينهن جي حوالي سان تقريرڪري رهيون آهن

    [​IMG]

    [​IMG]
    ٽنڊومحمدخان جون معصوم نياڻيون عورت ڏينهن جي مناسبت سان آيل سڀني مهمانن لا هڪ آجياڻي وارو ٽيبلو پيش ڪري رهيون آهن​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

    ڪُجهه وڌيڪ تصويرون عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي واريون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    8 مارچ تي 2012ع تي ٽنڊو محمد خان م ملهايل عورتن جي عالمي ڏينهن واري تقريب ۾ شامل ناريون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ ٽنڊو محمدخان پاران ملهايل عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي نياڻيون مختلف قسم جا ٽيبلوز پيش ڪري رهيون آهن​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان ٽنڊو محمد خان ۾ اڄڪلهه ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ گهڻو مصروف نظر اچي رهيا آهيو۔ اهڙي صحتمند سرگرمين جي ضرورت به آهي۔ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ٽنڊو محمد خان ۾ هي هڪ اهم تقريب ٿي آهي۔ ناري تحريڪ جي ڀينرن کي جس هجي۔

    اوهان جا به ٿورا جو اوهان تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪئي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو